دهشتگردي ٽوڙ واري منتظم عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي خلاف چالان جمع ڪرائڻ لاءِ پوليس کي پهرين مارچ تائين مهلت ڏئي ڇڏي


دهشتگردي ٽوڙ جي منتظم عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن خلاف چالان پيش ڪرڻ لاءِ پوليس کي پهرين مارچ تائين مهلت ڏئي ڇڏي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت کي جاچ آفيسر آگاهه ڪيو ته ڪيس ۾ رائو انوار جي ساٿي ڊي ايس پي قمر احمد سميت 10 جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته ڪيس جو مک جوابدار رائو انوار سميت ٻيا 11 جوابدار اڃاتائين روپوش آهن جنهن لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جاچ آفيسر گرفتار جوابدارن خلاف چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪئي، عدالت جاچ آفيسر کي پهرين مارچ تائين مهلت ڏيندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

No comments:

Post a Comment