دل جي دوري جو پهريان کان اندازو لڳائڻ وارو گوگل اسڪينر
ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل جي ڪمپني ايلفابيٽ جي ماهرن هڪ رپورٽ شائع ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي هڪ اسڪينر ۽ مصنوعي ذهانت(آرٽيفشل انٽيلي جنس يا اي آئي) جي مدد سان ڪنهن به شخص ۾ دل جي دور جي خطري جو اندازو لڳائي سگجهي ٿو. مارهن جو چوڻ آهي ته اک جي هڪ حصي ۾ رت جي باريگ رڳن کي ريٽينل فنڊس چيو ويندو آهي جنهن جو تجزيو ڪري دل جي ڪيفيت معلوم ڪري سگجهي ٿي . گوگل هي هڪ شعبي گوگل لائف سائنس جي ماهرن هڪ الگورٿم تيار ڪيو آهي جيڪو فوري طور تي ڪنهن به ماڻهو جي دل جي ڪيفيت ۽ صحت کي ڪنهن به بنا ڄاڻي سگهي ٿو . اسڪيننگ کان پوءِ الگورٿم جي اي آئي نطام اڍائي لک مريضن جي ڊيٽا بيس کي چيڪ ڪري ٻڌايو آهي ته ڪير مريض آهي ڪير نه اهڙي طرح پهريون ڀيرو اکين سان دل جي ڪيفيت معلوم ڪري سگجهي ٿي. اهڙي طرح دل جي مرض کان خبردار ڪرڻ وارو ڪيلڪيوليٽرز ڪنهن ماڻهو جي عمر، جنس، غذائي عادت، سگريٽ نوشي يا طرز زندگي جي نوٽ ڪندي ايندڙ 10 سالن يا 5 ساکم ۾ ان مرض جي لاحق ٿيڻ جي امڪانن کان خبردار ڪري رهيو آهي. گوگل ماهرن جو چوڻ آهي ته اکين جي ۾ ريٽينل فنڊس عين اها ڄاڻ فراهم ڪري فوري. گهٽ خرچ ۽ درست نتيجا فراهم ڪري سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment