پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميدوارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، هن جو چوڻ هو ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس ، چوڌري سرور جو چوڻ هو ته هاڻ اسان پنجاب ۾ ۽ مرڪز ۾ به وفاقي حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين ۽ آئندا پنجاب سان گڏوگڏ مرڪز ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، هن جو چوڻ هو ته عمران خان اسان جو وزيراعظم هوندو ۽ اسان پاڪستان کي نئون پاڪستان بڻائينداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيتري ڪرپشن سنڌ ۾ آهي اُتري ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ناهي، هر شيءَ تي ڪميشن وٺي پئسو دبئي منتقل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي هر سال 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ ڪڏانهن وڃي ٿي.؟ نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي ملڪ کي لٽيو آهي، پاڪستان کي هن صورتحال ۾ پهچائڻ جا ذميوار به نواز شريف ۽ آصف زرداري آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حيدرآباد وارو جلسو ڪامياب رهيو، هُو ڀرپور شرڪت تي عوام جو شڪريو ادا ڪري ٿو، هُو هاڻي سمورو ڌيان سنڌ تي ڏيندو، محرم الحرام کانپوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ جلسا ڪيا ويندا، ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته جيتري ڪرپشن سنڌ ۾ آهي اُتري ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ناهي، لاڙڪاڻي لاءِ 90 ارب روپيا جاري ڪيا ويا، پر ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ويو، سنڌ ۾ هر شيءَ تي ڪميشن وٺي پئسو دبئي منتقل ڪيو پيو وڃي، هُو پڇي ٿو ته سنڌ جي هر سال 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ ڪڏانهن وڃي ٿي؟ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي ملڪ کي لُٽيو آهي، قوم قرضي ٿي وئي آهي، پر هي ڪرپٽ ٽولو ارب پتي ٿي ويو آهي، پاڪستان کي هن صورتحال تائين پهچائڻ جا ذميوار به نواز شريف ۽ آصف زرداري آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ خورشيد شاهه ساڳئي ڳالهه آهن، چوڌري نثار چيو هو ته حڪومت خورشيد شاهه کي اربين روپين جا فنڊ ڏنا آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته هيءَ اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي نه پر نواز شريف ۽ آصف زرداري جي اليڪشن ڪميشن آهي، ن ليگ ۽ پ پ پاڻ ۾ مليل آهن. پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته عمران خان حيدرآباد جي ناڪام جلسي کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، عمران خان جلسي جي ناڪامي جي ڪاوڙ پ پ قيادت مٿان لاٿي. قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاھ تي پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻن پارٽين جي خواهش آهي ته هو سنڌ کي فتح ڪن پر انهن کي صرف ناڪامي نصيب ۾ ملي ٿي. مولا بخش چانڊيو چيو ته خان صاحب سياست ۾ تجربي جي ڳالھ ڪري ٿو، خان صاحب توهان کي وزيراعظم ٿيڻ جو وڏو شوق آهي توهان ٻڌايو ته توهان کي پهريان وزير اعظم جو تجربو آهي. مولا بخش چانديو ته خان صاحب توهان سياست ۾ تلخي وارو لهجو پيدا نه ڪيو، ڪالھ توهان واري تقرير تي جيالين وڏو غصو آهي، توهان ٽوپي نه پائي سنڌ جي ثقافت جي به توهين ڪئي آهي. مولا بخش چانڊيو ته سنڌ جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سڄي سنڌ مان 4 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگھيا آهيو. هن چوي ته لياقت جتوئي پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دبئي ياترا به ڪئي هئي پر آصف زرداري هن کي چيو ته توهان جي ساک سٺي نه آهي ان ڪري توهان کي پارٽي ۾ شامل نه ڪبو. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ نصرت واحد چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ صحافين جو وڏو ڪرادر آهي. صحافت کانسواءِ سياست اڻپوري آهي. هن اهڙو اظهار حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي هار پارائڻ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه هڪ سچو اڳواڻ آهي، جنهن خيبرپختون خواهه صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جنهن کان پوءِ ۳۰ سالن ۽ ۳ سالن جي ڪارڪردگي جو فرق صاف نظر اچي ٿو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نزهت پٺاڻ چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ٻين صوبن جيان سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪرپشن خلاف شعور پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو به ڪرپشن خلاف پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ کان خوفزده نظر اچي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ روڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان لاءِ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار جا دروازا بند ڪري بوکلاهٽ جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نه فقط پي ٽي آءِ سربراهه لاءِ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار جا درواز بند ڪيا پر هر ان ماڻهن لاءِ درگاهه جا دروازا بند ڪيا ويا جن جي گاڏين تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا لڳل هئا. ان موقعي تي صدر پريس ڪلب خالد چانڊيو، جنرل سيڪريٽري امجد اسلام، لالارحمان سمون، اعجاز لغاري، ارشد جبار، الياس وارثي، سردار احمد، شيرازڀٽي ۽ ٻيا موجود هئا. تحريڪ انصاف جي اليڪشني حڪمت عملي جي ڪمزورين ۽ ناڪامين کي به ظاهر ڪيو آهي، سڀ کان وڏي ڳالھ ته لوڌران ۽ ان کان اڳ ۾ لاھور ۾ ٿيل ضمني چونڊن جي نتيجن پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي ڪمزور پوزيشن کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ھڪ انگريزي اخبار پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ناڪامي پٺيان سڀ کان اهم محرڪ ان تي ڪرپشن جا لڳندڙ الزام آهن، جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ پارٽي جو روايتي جيالو به متحرڪ نظر نه آيو، جنهن جو سبب پارٽي ۾ ٻاھرين ماڻھن کي داخل ڪرڻ ۽ اھم حيثيت ڏيڻ ڄاڻايو ويو آهي، پارٽي جي صوبائي قيادت جي اھا ڳالھ به سامھون آئي آهي ته چونڊن ۾ ڪارڪنن جي حمايت کان سواءِ ڪاميابي ممڪن نه آهي ۽ پنجاب ۾ پارٽي جا ڪارڪن پاسيرا آهن، ھوڏانھن تحريڪ انصاف به لوڌران واري شڪست کان پوءِ وضاحتون پيش ڪري رھي آھي ۽ عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي مايوسي گھٽائڻ لاءِ مختلف سبب ڄاڻائي رهيو آهي، پر ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سياسي جلسن جي واري سياست الڳ پر چونڊن واري ڏينهن تي پولنگ اسٽيشنن تي ڪاميابي واري سياست الڳ ھوندي آھي، يقيني طور تي چونڊون کٽڻ ھڪ ھنر به آهي ۽ اھڙو تجربو به آهي جيڪو گھر ويٺي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، تحريڪ انصاف جي ناڪامي ۾ سڀ کان وڏو محرڪ اھو ئي رھيو آھي، نواز ليگ جي لوڌران ۾ ڪاميابي کانپوءِ اخلاقي برتري واري صورتحال بھتر ٿي رهي آهي ۽ انھن جي قيادت جي گفتگو مان به اعتماد جي جھلڪ نظر اچي رھي آھي، سياسي مبصرن به پنھنجي تبصرن جو رخ موڙي ڇڏيو آهي، جيڪي ھاڻي ان راءِ جا آهن ته ايندڙ عام چونڊن جي نتيجن ۾ ڪنهن به پارٽي کي مڪمل طور تي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي، ۽ نتيجن مان ڪا به توقع ڪري سگهجي ٿي، جھڙي ريت پاناما ليڪس واري معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ اھو تاثر ڏنو پئي ويو ته نواز ليگ ھاڻي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي واري ڊوڙ مان ٻاهر نڪري وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف کي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، پر لوڌران واري نتيجي ان تاثر کي به غلط ثابت ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي جي پنجاب ۾ سرگرمي کان پوءِ جيڪي دعوائون ٿي رھيون ھيون ته اھا پنجاب ۾ ٻيھر مقبول ٿي رھي آھي ان تاثر کي به بري طرح سان رد ملي آهي، يقيني طور تي ضمني چونڊن جي ڪجهه نتيجن جي بنياد تي ايندڙ چونڊن جي باري ۾ ڪا به راءِ قائم نه ٿي ڪري سگھجي، پر گھٽ ۾ گھٽ اھو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجن جي باري ۾ سمورا وقتي تجزيا في الحال پنھنجو وزن گھٽائي چڪا آهن
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment