سنڌ حڪومت صحت کاتي تي ڌيان ڏئي (اعجاز ممنائي)



تازو وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي خاص هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين ٻن شفٽن ۾ بنا ساهيءَ جي ٻارن جي تڪڙي علاج لاءِ او پي ڊيون شروع ڪيون وڃن ۽ ٻارن ۾ وڌندڙ بيمارين خاص طور تي ساھہ جي بيمارين ۾ ورتل ٻارڙن جي علاج معالج تي خصوصي توجہ ڏيئي نئين نسل جي واڌ ويجھہ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ھن سيڪريٽري صحت کي خاص هدايت ڪئي ته جيڪي ڇهه هزار نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهن مان ڊاڪٽرن تي ٻڌل او پي ڊيز  ٺاهي هر هڪ ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ تعلقي اسپتالن ۾ ٻارن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ جديد ترين نظام قائم ڪيو وڃي تہ جيئن ٻارڙن جي نشوونما بھتر نموني سان ٿي سگھي پر جيڪڏھن ھتي نون ڊاڪٽرن سان گڏ سينئر ڊاڪٽرن کان بہ ان سلسلي ۾ ڪم ورتو وڃي ھان تہ ڏاڍو بھتر ٿئي ھان ڇوتہ ڪوبہ جونيئر ڊاڪٽر  اسپيشل ڪيڊر ۾ نہ آيو آھي جنھن کي ٻارڙن جھڙي حساس وارڊن ۾ ڊيوٽين جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن اسپيشل ڪيڊر وارن سينئر ڊاڪٽرن وٽ ايترو وقت بہ نہ آھي جو انھن جي ٽريننگ ڪري سگھن اھو ڪم بہ جيڪڏھن حڪومت پنھنجي ذمي کڻي ھان تہ ھوند بھتر نتيجا ملي سگھن ھان وزير اعليٰ جو چوڻ ھو ته ان واسطي نجي شعبي کي پڻ اوليت جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي ته جيئن معياري خدمت، انتظام ۽ او پي ڊي جي سروس کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو سندس اھا سوچ بہ ڪافي بھتر آھي پر ان بابت ڪيترائي خدشا سامھون آھن تہ ڪٿي نجي شعبي مان مراد اين جي اوز تہ نہ آھي جيڪڏھن سڀ ڪم اين جي اوز جي حوالي ڪرڻا آھن تہ پوءِ حڪومت جو ڪھڙو ڪم آھي ڇوتہ انھن اين جي اوز اسپتالن جو اڳواٽ ئي ستياس ناس ڪري ڇڏيو آھي جيڪڏھن پي پي ايڇ آئي جي ڪارڪردگيءَ تي ٿوري نظر وجھجي تہ نھايت ڏکوئيندڙ صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي جتي ماضيءَ وانگي نہ دوائون موجود آھن ۽ نہ ئي ڊاڪٽر موجود آھي جو مريضن جو چيڪ اپ ڪري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھہ واري پاليسي رائج آھي بھرحال سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي اها به هدايت ڪئي ته تاريخ، وقت ۽ نالي جي حساب سان او پي ڊي رڪارڊ رکڻ لاءِ هڪ سافٽ ويئر قائم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ايمرجنسي ۽ داخل مريضن ۽ انهن کي ملندڙ دوائون، لئب چڪاسون ۽ ٻين سهولتن جو رڪارڊ پڻ هئڻ گهرجي. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ اسپتال اندر جڏھن توھان ڪوبہ وارڊ تشڪيل ڏيو ٿا تہ سڀ کان اڳ بجليءَ جو مڪمل انتظام ڪرڻ حڪومت جي ذميواريءَ ۾ شامل آھي وڏي وزير جي اٿلان تي سڄو صحت کاتو ميدان عمل ۾ آيو ھوندو ۽ ٻارڙن لاءِ وارڊ بہ ٺھي ويا ھوندا پر بجلي نہ ھئڻ ڪري لئب ڪيئن ڪم ڪندي دم جي بيماريءَ ۾ ورتل ٻارڙن لاءِ نبولائيز مشين ڇا تي ھلندي جڏھن جنريٽر جي سھولت اڳ ئي اسپتال کي موجود نہ آھي تہ ھن حڪم صادر ٿيڻ کان پوءِ ڪم ڪيئن ھلندو وزير اعليٰ اھو بہ چيو ته سنڌ ۾ صحت جي مسئلن سمجهڻ ۽ ان آهر خدمتون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ لئبارٽرين ۽ دوائن جي غلط استعمال تي به ضابطو آندو ويندو. وڏي وزير چيو ته هُو ذاتي طور تي ٻارن جي صحت وارين خدمتن کي توجهه ڏيندو ۽ وقت بوقت ان بابت جائزي جا اجلاس گهرائيندو رهندو ھن وقت تائين سنڌ جي مڙني ضلعن جي ڊي ايڇ اوز جو اجلاس نہ گهرائي سگھيو آھي تہ کيس ڄاڻ ڪيئن ملندي ۽ ڪھڙن چيلنجن سان ايم ايس يا ڊي ايڇ اوز منھن ڏيئي رھيا آھن انھن جو جائزو وٺڻ بہ سندس زميواريءَ ۾ شامل آھي باقي چائيلڊ لائيف فائونڊيشن جي اجلاس ۾ ويھي اھو چوڻ ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته هر ٻار صحتمند هجي، هُو ٻارن جي صحت جي حوالي سان گهڻو فڪرمند رهندو آهي، ٻار امير جا هجن يا غريب جا؛ انهن جي صحت اسانجي پهرين ذميواري آهي وغيرہ تي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ٻئي تي ڀاڙڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي پوک پوکجي ۽ ان جي سار سنڀال ڪجي چائلڊ لائف فائونڊيشن موٽ ۾ وڏي وزير کي اھو بہ ٻُڌايو ته اپريل 2018 جي آخر تائين ڪراچي ۾ سمورين ٽيچنگ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ الڳ سان چائلڊ هيلٿ سروس جون سهولتون دستياب ٿي وينديون، اهڙي طرح جون سهولتون لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون پر سڄي سنڌ ۾ اھي سھولتون مھيا ٿيڻ ۾ ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگھي ٿو ھن وقت حڪومت جا پويان پساھہ آھن ۽ ڪجھہ مھينن کان پوءِ عام چونڊون ٿيڻيون آھن ائين نہ ٿئي تہ حڪومت وڃڻ کان پوءِ سڄو نظام ڊانواڊول ٿي وڃي ۽ چند اسپتالون قائم ڪري پنھنجي مٿي جو سور ختم سمجھيو وڃي ھن وقت بہ روزانو ٿر ۾ ڪيترن ئي ٻارڙن جي موت جون خبرون ميڊيا تي اچي رھيون آھن ماضيءَ ۾ تہ ان کي غذائي کوٽ جو چئي خاموشي اختيار ڪئي ويئي ھئي پر ھاڻي جڏھن ان طرف حڪومت جو خيال ويو آھي تہ اھڙن ضلعن ۾ ھنگامي طور ٻارن جي بچاءَ لاءِ حڪمت عملي ٺاھي وڃي ھڪ تحقيقي جائزي موجب ھن وقت بہ سنڌ ۾ روزانو 5 ورهين کان گهٽ ڄمار جا 250 ٻار حياتي تان هٿ ڌوئن ٿا. سروي ۾ اھا بہ ڳالھہ سامھون آئي آھي تہ سڄي سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ هر روز 21 هزار ٻار داخل ٿين ٿا جن مان 43 سيڪڙو ٻار غريب نه پر غربت جي لائين کان به هيٺ سان واسطو رکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ سرڪار تڪڙا اپاءَ ورتا ته انگن اکرن موجب انهن مرندڙ ٻارن مان 150 ٻار بچائي سگهجن ٿا. ان حساب سان هر سال مرندڙ 91250 ٻارن مان رڳو 36500 ٻار ئي زندگي وڃائي سگهندا. سنڌ سرڪار کي ان حوالي سان ڪيل ڪمن جي باري ۾ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ٿيندڙ ڪم جي جاچ کي پڻ مسلسل بنيادن تي جاري رکڻو پوندو جيڪڏھن رڳو ڳالھين جو ڳوٺ بڻجي ڦوٽو سيڪشن ۽ پريس رليز جاري ڪرڻ تائين رھجي وياسين تہ اسان جو ايندڙ نسل تباھہ ٿي ويندو ۽ جيڪي بچيا سي بيمار معاشري جو حصو بڻجي ويندا ۽ ان جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي

No comments:

Post a Comment