خانه بدوش عورتون ! وقــار عباسي خيرپور ناٿن شاهه


عورت جيڪا قدرت جي شهڪار تخليق آهي، اها عورت جيڪا ماءُ روپ ۾ انسان جو پهريو درسگاهه آهي، جنهن وٽان ٻار سکي پرائي ۽ پوءِ پنڌ ڪرڻ سکندو آهي، دنيا ۾ ايندي ئي انسان جي تربيت جو پهريو رستو اها ئي عورت آهي، پر.
 افسوس جو اڄ ڪلهه جي هن جديد ٽيڪنالائجي واري دور ۾ گهڻو ڪجهه ڏسڻ وٽان ملي ٿو، هڪ طرف غربت سمجهجي يا بيحسي سنڌ اندر غريبن لاءِ ڏڪار آهي ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ ته بي زبان جانورن جو به خيال ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ وقت جا بادشاهه جانور ته ڇا پر ماڻهن جي به سار نٿا لهن، غريبن کي انهن جا حق نه ملي رهيا آهن غربت گهٽجڻ بجاءَ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي نظر اچي، امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن غريب پيا ٿيندا وڃن معاشرو الائي ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي! جنهن جو مثال اسان جي سامهون آهي جو اڳ ۾ پينو فقير گهٽ هئا اڪثر رمضان جي مهيني ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر موجوده سنڌ جي صورتحال کي ڏٺو وڃي ته فقيرن جو تعداد تمام گهڻو ٿي چڪو آهي هاڻي رمضان يا جمعي جي ڏينهن نه پر هر روز انهن کي وڌندي ڏٺو وڃي ٿو، اصل ۾ جيڪي معذور هجن يا بي سهارا جنهن جي جسم جو عُضو معذور هجي جو هن کي معاشري ۾ ڪو ڪم ڪار نه ملي ته اهو اصل حقدار آهي ته ان کي ڏنو وڃي يان وري رن زال جنهن جو ڪير نه هجي يا اهي ماڻهون جنهن جو ڪو سهارو نه هجي ۽ انهن جو گذارو پنڻ خيريات وٺڻ تي هجي حيدرآباد جهڙي روشينن جي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سٽيزن ڪالوني وٽ هڪ پڙهيل لکيل فيملي شام جي ٽائيم ٻار کڻي اچي ويهڻ لڳي ماڻهون انهن کي گهڻو ڏنو ڇو ته سڀ سمجهن پيا ته انهن جي ڪا مجبوري آهي جڏهن پڇو ويو ته يقينن اهي پنهنجي مجبوري ۾ مفلوج هيون، انهن جو جڏهن مسئلو حل ٿي ويو اهي اتان هٽي ويا پر انهن جو فائدو وٺندي هن وقت مختلف چونڪن تي اهڙيون فيمليون پنهنجو  ڌنڌو روزگار سمجهي چوڪن تي ويهي پنڻ شروع ڪيو آهي، جن مان ڪجهه لطيف آباد 2 نمبر وٽ، ڊفينس وٽ، ۽ ڪجهه سٽيزن ڪالوني وٽ اهڙيون فيمليون ويهن ٿيون معاشرو سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پاڻ کي غربت سان گڏ غريب سوچ ڏي پڻ ڌڪي رهيو آهي، ڏٺو وڃي ته هي اها ساڳئي ئي سنڌ آهي جتي نياڻين کي پنڻ ڏوهه سمجهو ويندو هو پر اڄ سنڌ جي هر شهر جي چوڪ تي سنڌ ڄايون حوا جون نياڻيون انگ اگهاڙن سان پندي نظر اچن ٿيون، اهي سڀ ته الڳ ڳالهيون آهن پر هاڻي اچون ٿا اڄڪلهه جي تازي رواج تي جيڪو  حيدرآباد ۾ عام ٿي ويو آهي جنهن کي ڏسندي ڪئين خيال پڻ اندر ۾ جنم وٺن ٿا رات جي وقت قاسم آباد جي هوٽلن تي نوجوان نياڻيون نقاب لڳائي پنڻ اچن ٿيون ۽ اڪثر اهي اردو اسپيڪنگ آهن انهن مان ڪجه سنڌي اسپيڪنگ پڻ آهن جيڪي رات جي وقت هوٽل تي ويٺل ماڻهن کان خيرات وٺڻ اچن ٿيون پڇڻ تي ٻڌايو وڃي ٿو ته بيسهارا آهيون ڪو ناهي پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اچانڪ سان ايتريون ڇوڪريون ڪيئن بيسهارا بڻجي ويون
حڪومت طرفان ڪو به رليف ناهي غريبن لاءِ جنهن جي ڪري عورتون اڄ روڊن تي آهن انهن مان اهو به ٿي سگهي ٿو ته نوجوان نسل جا جيڪي ڇوڪرا آهن اهي انهن سان ڇيڙ ڇاڙ پڻ ڪندا هوندا ۽ ڏوهن ۾ وڌيڪ اضافو پڻ ٿئي ٿو، ان جي روڪ ٿام هڪ ئي طرح جي ٿي سگهي ٿي ته رات جي ٽائيم انهن عورتن کي ڪنهن به قسم جي ڪا خيريات نه ڏجي خيريات ڏيڻ وقت انسان جي ذهن ۾ اهو سوال هجي ته ڇا هي انهي خيريات جي حقدار آهي يا نه ؟ انهي عمل سان يقينن ڪجهه نه ڪجهه بهتري اچي سگهي ٿي، ۽ سندس سنڌ حڪومت کي به ڪي انهي عمل تي عملي جوڳيا اپاءُ وٺڻ گهرجن، جنهن سان سنڌ مان غربت جو خاتمو اچي سگهي ۽ معاشرو به غلط رستي تي هلڻ کان بچي پوي ! اهڙي عمل سان ذهنن ۾ اهي هزارين خيال جنم وٺن ٿا ته ڇا هي اسان جي سنڌ جي اها روايت آهي ته اسان جون نياڻيون رات جو مٿا اگهڙا ڪري پندي نظر اچن ؟ اهڙي عمل کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي جڏهن ڪو پرڏيهي ماڻهون سنڌ اچي ته انهي کي ان ڳالهه جي سڌ هجي ته ها هي اها خوشحال سنڌ آهي،انساني حقن لاء جاکوڙيندڙ مخلف ادارن جهڙوڪ اين جي اوز يا هيومن رائيٽس کي گهرجي ته آرٽيفيشل پينو فقير يا اهڙين عورتن خلاف قدم کڻن جيڪي پنڻ کي روزگار بنائي سماج ۾ گندگي ڦهلائي رهيا آهن گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي معاشرو سڌري سگهي ٿو.
 حڪومت کي سوچڻ کپي ته اهي غريب به ووٽ رکڻ وارا آهن گهڻو نه ته ڪجهه هي صحيح پر  انهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن، ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي سنڌ پينو فقيرن ۾ پهرين نمبر تي اچي وڃي.

اڄ جو حاڪم ۽ مستحق مزدور/ محمد امين سولنگي


پرهه ڦٽي پرڀات کي پار ڪري جڏهن لالاڻ گلابي رنگ آڪاش کان ڪنهن چورس چادر مثل زمين جي تهه مٿان پکڙا ڦيري سج ڪني کان ظاهر ٿيندو آهي تڏهن منهنجي ديس جا مسڪين ماروئڙا مزدور هاري ناري ڪڏهن پيٽ ڀريل ته ڪڏهن پيٽ بکايل سان گهر جو سهن ڇڏي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لاء شهرن ۽ جهنگن طرف رخ ڪندا آهن، ٻچڙن جي پيٽ گذر خاطر ان آس ۽ اميد سان ته رب ڪريم شل جهجهو رزق روزي عطا ڪري!! ڇو جو اڄ به اسان جي ملڪ جا حاڪم بااثرن، وڏيرن، ميرن، رئيسن ۽ چمچن کي نوازڻ ۾ پورا آهن جنهن کان پوء انهن کي اهو ٽائيم به نٿو ملي جو ڪنهن غريب جي دل جو حال معلوم ڪن يا ڪنهن محتاج بي وس کي ڪا ڪوڙي آٿت ڏين، وري اليڪشن ويجهي ايندي ئي جڏهن ووٽ جو ٽائيم ٿيندو پوء حڪمران ڌرين کي مرڻن ۽ پرڻن جون لسٽون تيار ٿي ملنديون ۽ هر اهو شخص بااثرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن جو ووٽ داخل هوندو تنهن کانپوءِ اقتدار لالچ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ان مسڪين جي در تي مجبورن ڪهي ايندا پنهنجي لاءِ ووٽ پنڻ !! جڏهن ته ان وقت حڪمرانن سياستدان کي اقتدار جو نشو دماغ جي ڌن تي سمايل هوندو آهي جنهن جي ڪاڻ در در ڀٽڪندي اهڙا کوڙ حڪمران ڏسڻ وٽان ايندا آهن جن کي شايد پنج سال پهرئين گهڻن ووٽرن نه ڏٺو هجي.!! اليڪشن کانپوءِ اقتدرا مليو نشو لٿو هاڻي ڳول ته توکان لڀان.....؟وري پنج سال حڪمران چونڊيل تڪ جا نمائنده غريب ووٽر لاءِ ناياب ٿيو وڃن پوء اهي مسڪين ماڻهو مايوسي جي ماسي ۾ پنهنجو متن پنهنجي پاڇي کان ورجائيندا ويٺا.!! ڇا حاصل رهيو آهي اڄ تائين مزدور مسڪين غريب ۽ بي وس لاچار کي حڪومت جي طرف کان.؟ صحت جي سهولت.؟ مٺي ۽ صاف پاڻي جي سهولت.؟ تعليم جي سهولت.؟ ڪنهن بي گهر کي گهر.؟ يا وري ڪا مزدور کي مزدوري ۾ سرڪار طرفان رقم جيڪا انهن کي اضافي ملي ان جي سهولت.؟ مان سمجهان ٿو اگر ان مسڪين بي پهچ کان ڪو ظلم ٿيل هوندو تڏهن قانون به انجي لاءِ انڌو ٿي ويندو ۽ انصاف ان مسڪين لاء اڻ لڀ ٿي ويندو.!! پوء آخر ووٽ وٺڻ مهل انهن مسڪينن جا در کٽکٽايا ڇو ٿا وڃن جڏهن ته انهن جي لاء ڪا سرڪار پاران سهولت ئي ناهي يا ڪو سرڪاري پيڪيئج ناهي.!! در در ڀٽڪندڙ مسڪين ماڻهو اڄ به توهان کي رستن روڊن بازارن ۽ شهر جي مک چوراهن تي ملندو جيڪو جهولي هٿ ۾ ڪري آواز بلند ڪري صدائون هڻندو هوندو ته اي انسانو اي مسلمانو منهنجي مدد ڪيو منهنجو ٻچڙو بيمار لاعلاج آهي؟ منهنجو ٻچڙو بک تي آهي؟ منهنجو ٻچڙو تعليم جهڙي زيور کان محروم آهي؟ منهنجو ٻچڙو کليل آسمان تلي سڙندو ٿو رهي انکي ڇانوء ڪرڻ لاء ڇت ناهي؟ مونسان ظلم ٿيل آ مون لاء ڇو انصاف ناهي؟ اهڙيون اڀ ڏاريندڙ صدائون يقينن اهو انسان جنهن ۾ انسانيت موجود آهي ان جو جيء جهوري وجهنديون ۽ حسب حال ان مسڪين جي مدد به ڪندو پر اهڙي دردناڪ موقعي تي حڪمرانن سان گڏ گهڻي ڀانڱي وس وارن جو آواز به گم ته ڦوٽو به گم!! هر بنيادي سهولت کان محروم منهنجا مسڪين ماروئڙا دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن پوء ڇا اها غلطي ان حاڪم جي ناهي جيڪو ووٽ وٺي وري سار نٿو لهي نٿو ڏسي ان مسڪين اٻوجهه جي حالت کي؟ ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جنهن رياست ۾ اگر چور چوري ڪري ته ان چور جا هٿ ڪٽڻ بجاء ان رياست جي بادشاهه جا هٿ ڪٽيا وڃن.!! اڄ جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا اهڙن واقعن کي وقتن به وقتن وائکو ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي پوء به حڪمران ڌريون اگهور ننڊ ۾.؟ هن دجالي دور ۾ مسڪين ماڻهو مسڪين ئي رهجي ويو ڇو جو هو هڪ مخلص سچو ايماندار رهيو وري حڪمران ڌريون امير تر ٿينديون ويون ڇو جو اهي غريبن جون حق تلفيون ڪندا رهيا.!! اڄ هر شيء جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي پر منهنجي وطن جي غريب مسڪين مزدور هاري ماڻهو جي محنت عيوض ادا ٿيندڙ معاوضو ڄڻ نه جي برابر آهي. !! وري مٿس رب ڪريم جي ٻاجهه جو سندس گهر ۾ بيماري به گهر ڪيو ويٺي هوندي پر ان مسڪين غريب جي دل منجهان شڪراني جا لفظ زبان تي جاري هوندا ڇو جو هو رب ڪريم جي رضا تي راضي رهڻ وارو ايمان افروز انسان آهي.!! مسڪين ماڻهو جي اهڙي حال مٿان ته اڄ جي حڪمران جي اک به نٿي پوي بس مزدور ڊي جي نالي سان ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا پر مزدور جي حاجت پوري ڪرڻ لاء حڪومت ڪي به اپاء وٺڻ لاء تيار ناهي ان ويلي حڪمران اکين تي ڄڻ ڪاريون پٽيون ٻڌي نابين جو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.!! بس ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ هن ڌرتي تي اهڙي رياست اندر محب وطني مسڪين مزدور جو هجڻ ڪو جرم پيو لڳي.!! اهڙي حالت ڏسي حڪمرانن جي لاء ته ان مسڪينن جي دل مان جيڪا دعا نڪرندي هوندي سو ته رب ڪريم بهتر علم رکڻ وارو آهي!!سوال ته هزارين اٿن ٿا منهنجي دل مان به پر جواب طلب ڪرڻ ڄڻ انڌن جي شهر ۾ آئينا کپائڻ جي برابر ٿو سمجهان.!! ڪجي ته ڇا ڪجي نٿو ڏسي سگهان اهڙي حالت ۾ پنهنجي وطن جا مسڪين مالهي ڪي ڪڇي ڪولهي ڪي حاسد هاري.!! امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيڻ جي سپنن ۾ مشغول آ جنهن کي آس پاس ڪا وسايل چلهه نظر ئي نٿي اچي.!! ڪو پيٽ بکايل ڪو پياسو اڃايل رڙندو هر روز مرندو ٿو رهي ڪنهن تي ڪو فرق نٿو پوي.!! خودڪشيون عام ٿي ويون اولاد جو وڪرو ڪرڻ جام ٿي ويو اها حڪومت جي بي وسي، مجبوري يا ناڪامي آهي.؟ پوء ڇاجي لاء هي مزدور ڊي جي نالي تي ڏهاڙا ملهايا ٿا وڃن.؟ هر بنيادي سهولت کان وانجهايل وانگهي منهنجي ديس جي ڌرتي جا مزدور مسڪين ماڻهو آهن جنهن جو ذميوار اهو حاڪم آهي جيڪو انهن ئي مسڪينن جي ووٽ عيوض ڪرسي تي قاضي بڻيو!! پوء وساري ويٺو حاڪم به ان مسڪين کي جنهن سندس کي عزت بخشي اعليٰ مقام عطا ڪيو!! وري سهولتون ان کي مهيا ڪيون پيون وڃن جنهن کي ڪا گنجائش به ناهي جيڪو پهرئين ئي لٿ پٿ هر آسائش کان لڳو پيو آهي وري به اعلان انهن جي لاء.؟ واهه منهنجي ملڪ جا حاڪم تنهنجي حڪومت تو درد مندن ڪا داد رسي به نه ڪئي!!نه ڏک لاٿئي نه ڏک سڻيئي نه ڪو سڀاڻ جي لاء ڪو آسرو ڏنئي!! اڄ به ان مزدور کان پڇي ڏس جيڪو سڄو ڏينهن لوڙي جان گهايل ڪري هٿن ۾ ڦلا وجهي پتنگ ٿي پنهنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاء هر طرح جي محنت ڪشي ۾ رڌل آهي جنهن کي عيوض ۾ ادائگي اها نصيب ٿي ٿئي جو هو ڪڏهن ڪڏهن رات ويلي پيٽ سان پٿر به ٻڌي ٿو سمهي جڏهن ته انجي محنت جي عيوض ادا ٿيندڙ قيمت 500 يا 800 ان سان ان جو پورائو ڪڏهن ڪڏهن ناهي به ٿيندو انڪري جو سندس گهر ۾ ڪو ضعيف مريض به ساڻ ان ڇت تلي موجود هوندو آهي يا وري ڪڏهن مهمان مثل ڪهي آيل انسان جي به ميزباني سندس آجيان ڪرڻي پوندي آهي جنهن ڪاڻ مجبورن پاڻ پيٽ سان پٿر ٻڌڻ جو رستو اختيار ڪندو آهي.!! جڏهن ٻه واٽي زندگي ٿي پوندي آهي تڏهن اهو معصوم مسڪين مظلوميت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل پنهنجي وجود سان فرياد ڪري داد طلب ڪندو آهي ۽ آهه عرش عظيم تي پڄائڻ لاء آواز لڳائيندو آهي ته هن دردن جي هن سورن جي ڪنهن کي دانهن ڏيان ڪنهن سان ڳالهه ڪيان.

گمبٽ جي عورت نسيم خاتون سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺو/درياءُ خان جهتيال / دادو


سنڌ ۾ درد ڀرين ڪهاڻين جي داستان ڀري پئي آهي، ڪي درد سنڌ جي غريب ماڻهن کي ٿيندڙ وڏين بيمارين جا آهن تہ ڪن کي وري هن گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾ نِڙي تي لت ڏئي ان مٿان ظُلم ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙا وڃن ٿا، هتي اهڙو ڪو، ڪو ماڻهو هوندو جيڪو دردن جي دانهن نہ ڪندو هوندو، باقي تقريبن سنڌ جو هر غريب ماڻهو، مرد توڙي عورت عذابن واري زندگي گذارن ٿا، انهن جو نہ داد آهي نہ فرياد آهي، پر انهن جو اکيون آهن جن مان هر وقت ڳوڙها وهندا رهن ٿا ۽ انصاف کي سڏڪن سان سڏ ڪندا رهن ٿا، انهن ماڻهن کي دردن، تڪليفن، ظُلمن جيئڻ جا حق کسي ڇڏيا آهن، انهن کي رڳو ٽرپايو پيو وڃي، پيڙهيو پيو وڃي، اهڙن ئي پيڙهيل، دردن سان ڀريل زندگي گمبٽ جي هڪ شادي شده عورت جي آهي، خيرپور ضلعي جي شهر گمبٽ جي ڳوٺ لڙي ۾ انسانيت جي لتاڙ جو واقعو پيش آيو آهي، سنڌ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا روز، روز وڌندا پيا وڃن پر انهن کي روڪڻ لاءِ نہ ڪو قانون آهي نہ ڪنهن سماجي تنظيم جو ڪردار نہ حڪومت جي ڀلائي واري کاتي جو وزير يا سيڪريٽري، بس سڀ ادارا نالي ماتر پنهنجو ڪم بنا ڪرڻ جي ''پني'' تي لکندا رهن ٿا، ڳوٺ لڙي ۾ شادي شده عورت نسيم خاتون کي پنهنجي مڙس ۽ ڏيرن سخت تشدد ڪري ان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، اها خبر اخبار ۾ پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو تہ آخر قانون کان وحشي ماڻهو بي خوف ڇو آهن؟ ڇا قانون هاڻي ايڏو ڪمزور ٿي ويو آهي جو اُن وٽ وحشين لاءِ ڪا سزا ناهي؟ انهن لاءِ ڪا اهڙي هٿ ڪڙي ناهي جيڪا انهن جي هٿن ۾ پوي، شادي شدا ناري نسيم خاتون جي دانهن اها هئي تہ ان تي مڙس نشي واري حالت ۾ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي روز تشدد ڪندو هو، تازو وحشياڻو تشدد ڪري ان کي گهران ئي ڪڍي ڇڏيو، ان ناري تي وحشين ايترو تہ تشدد ڪيو جو هُن کي لٺيون هڻي مُنهن مان رت ڪڍي ڇڏيو، ڌڪن سبب هن جون ٻاهون سڄي ويون، وحشياڻي تشدد جو شڪار ناري پنهنجا درد ۽ سور کڻي روئيندي ٿاڻي تي پهتي، جتي مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن تي پوليس انهن کي گرفتار ڪيو آهي، پر تشدد ڇو ٿيو؟ تشدد جا واقعا سنڌ ۾ ڇو ٿا ٿين؟ ڪنهن وٽ جواب آهي بہ يا نہ؟؟ سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ خانگي تنظيمن جا انسانن جي حقن بابت سيشن، ٿيٽر، ٽيبلو، ڊراما ميريٽ، شيرٽن، انڊس جهڙين هوٽلن ۾ ٿيندا تہ پوءِ اهڙا واقعا تہ روز،روز پيا ٿيندا، اهڙن واقعن کي روڪڻ ڪم ڪنهنجو آهي؟ سنڌ حڪومت ۾ عورتن جو ڀلائي وارو کاتو بہ ننڊ پيل آهي يا تہ اُن کي رڳو ''پنهنجي ڀلائي'' جو اونو آهي، ان لاءِ انهن جي اهڙن واقعن تي اک نٿي ٻُڏي، سنڌ پوليس بہ ڪاروائي نالي ماتر ڪري ٿي ان لاءِ اهڙا وحشي جوابدار هر روز ڪنهن نہ ڪنهن شهر ڳوٺ ۾ اهڙا ظُلم برپا ڪندا رهن ٿا، سنڌ ۾ اهڙا واقعا رڳو اڄ يا ڪالهہ جا ناهن، پر سنڌ ۾ اهڙا واقعا هر روز ٿيندا رهن ٿا، ڪي واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا تہ ڪن واقعن ۾ وري مقامي وڏيرا پنهنجو فيصلو ٻڌائي معاملي کي لئہ مٽي ڪري ڇڏين ٿا، اُن ۾ متاثرن کي نہ انصاف جو آسرو نہ ئي دانهن جو درمان!، سنڌ هن وقت اهڙي تہ سنهڙي رستي تان گذري رهي آهي جنهن ۾ رڳو تڪليفون آهن، رڳو ڏُک آهن، انهن ڏکن ۽ دردن کي ڪير بہ ڏسڻ وارو ناهي، ڪنهن عورت سان ظلم ٿيندو هجي يا ڪنهن مظلوم سان ناحق ٿيندو هجي، ڪنهن فرد جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو هجي يا ڪنهن معصوم يا زيادتي ٿي هجي، پر هتي بس اهي متاثر دانهون ڪندا رهن ٿا، انهن جي دانهن ڪير بہ ٻڌڻ وارو ناهي، گمبٽ جي ڳوٺ لاڙي جي رهواسڻ نسيم خاتون انصاف جي منتظر آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل آهي تہ نسيم خاتون مٿان ٿيل وحشياڻي تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي، سنڌ حڪومت جي ننڍ پيل عورتن جي ڀلائي واري کاتي کان اهڙن واقعن تي مسلسل خاموشي بابب پڇاڻو ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي تہ سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هيڊ ڪوارٽر ۽ مقامي ٿاڻن جي پوليس کي عملي ڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪم ڏنا وڃن تہ جيئن سڀاڻي نسيم خاتون جهڙين عورتن سان انساني سوز ٿيندڙ ظُلم جا واقعا پيش نہ اچن.

اي سي اي ٽيچرس ۾ مرد نظر انداز ڇو؟ شير محمد سولنگي


نيٺ تمام گھڻي ڊگھي مدت کان پوءِ سنڌ سرڪاري تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار شايع ڪيو پر پڙهڻ سان مردن جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي ۽ سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا  ڇو ته هن اشتهار ۾ فقط عورتن کي نوڪريون  ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ٻيو ته عمر جي حد به وڌ ۾  وڌ 30سال رکي وئي آهي توڙي جو ڏهاڪو کن سال نوڪرين تي پابندي هئي جنهن ڪري هر نوجوان جا 10 کان 15 سال گذري ويا هيا ڇا ان عمر جيتري نوجوانن کي ڪا رعايت ڏني ويندي يا نه ؟  جيڏي بيروزگاري سنڌ ۾ عروج تي آهي اوتروئي سنڌ سرڪار جون پاليسيون به بيروزگاري وڌائڻ ۾ ٻوڏ جهڙو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن . توڙي جو سنڌ جا لکيا پڙهيا نوجوان ڪاغذن جا فائيل ڪڇ ۾ کڻي نوڪرين لاءِ ڊوڙي ڊوري ڪراڙا ٿي ويا آهن تڏهن به کين نوڪري ناهي ملي سگھي . سنڌ جي هر سرڪاري اسڪول ۾ ننڍ پڻ جي تعليم جي اهم ضرورت آهي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر پرائمري اسڪول ۾ اي سي اي جا استاد مقرر ڪيا وڃن ۽ ٻين استادن جهڙيون مراعتون ڏنيون وڃن .  سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ننڍ پڻ جي تعليم ( اي سي اي) ٽيچرس لاءِ جيڪو اشتهار مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرايو آهي ان ۾  مردن کي نظر انداز ڪري عورتن لاءِ سموريون پوسٽون نالي ڪري ڇڏيون آهن . جيڪا حڪومت جي مايوس ڪندڙ پاليسي آهي . اي سي اي ٽيچرس به ڪوٽا سسٽم تحت مرد ۽ عورتون ڀرتي ڪيا وڃن . ڇاڪاڻ ته اڄ کان تقريبن 10 سال پهريان  سال 2009 ع ۾ سنڌ جي 150 سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن  طرفان 300 مرد ۽ عورتون استاد ڀرتي ٿيل آهن . جيڪي محذ 14000 ليڊ ٽيچر ۽ اسسٽنٽ ٽيچر فقط 12000 ماهوار سهائتا عيوض سرڪاري اسڪول ۾ اي سي اي جي تعليم ڏئي رهيا آهن پهريان انهن کي پڪو ڪري پوءِ نيون ڀرتون ڪيون وڃن جيڪڏهن سنڌ سرڪار وٽ اي سي اي ڪلاس جون پوسٽون آهن ته پهريان انهن استادن جو حق بڻجي ٿو جيڪي ٿوري معاوضي تحت به سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ اي سي اي جي تعليم ڏيندا رهيا آهن جيڪڏهن سنڌ سرڪار ائين نه ڪيو ته پوءِ اها اي سي اي جي استادن سان نا انصافي هوندي . اي سي اي ٽيچرس عدالتي در کڙڪائيندا ڪٿي به پاڪستان جي آئين ۾ اهو نه لکيل ناهي  ته مردن کي نوڪريون نه ڏيون يا وري اهو به ناهي لکيل ته استاد طور فقط عورتون ئي عورتون ڀرتي ڪيو . حڪومت جي اهڙن قدمن سان بيروزگاري کي وڌيڪ هٿي ملي ويندي ياد رهي ته سنڌ ۾ خاص ڪري بي روزگار نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪري رهيا آهن اهو به ياد رکڻ گھرجي ته هڪ طرفو عورتون ڀرتي ڪرڻ سان خود ڪشي ۾ واڌارو ايندو . عورتن کي نوڪريون ڏيڻ سٺي ڳالھ آهي پر اهي نوڪريون انهن کي آئين ۽ قانون موجب ڏنيون جيڪڏهن هڪ ئي کاتي ۾ مرد نل هجن ۽ عورتون ئي عورتون ملازم هجن ته پوءِ جيڪي مقدس ايون مان بل پاس ڪيا ويندا آهن جن هر اداري ۾ عورتن جي ڪوٽا رکي ويندي آهي پر هاڻي اي سي اي استادن جي ڀرتي لاءِ ڪنهن به ڪوٽا جوپ خيال ناهي رکيو ويو ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وڃن پوءِ اهل مرد ۽ عورتن کي ڪوٽا واري ونڊ ورڇ مطابق ڀرتي ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اها قانون جي سڌي ڀڃ ڪري هوندي  اوهان کڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جو مثال وٺو جنهن  پي آءِ اي کي حڪم ڏئي   پابند ڪيو ويو هو  ته قومي ايئر لائين نون ڀرتي ٿيندڙ پائليٽن جي سيٽن لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي . اهڙو فيصلو تڏهن ڪيو ويو جڏهن هڪ درخواستگذار پائليٽ ڪومل ظفر طرفان درخواست ڪئي وئي هئي ، جيڪڏهن پاڻ مرادو ڪوٽا واري قانوني چاراجوئي پوري نه ڪئي وئي ته ڪو نه ڪو مرد همت ڪري ڪورٽ سڳوري سان رجوع ڪندو ڪورٽ قانون تي عمل ڪرائيندي . پاڪستان جي قانون ۾ مرد ۽ عورت لاءِ حدون مقرر ڪيون ويون آهن جن کي اورانگھڻ سان لا قانونيت کي هٿي ملندي ان ڪري سنڌسرڪار وٽ هي سونهري وقت آهي ته اي سي اي استادن واري اشتهار ۾ سڌارا آڻي ڪوٽا تحت ميل ۽ فيميل استاد ڀرتي  ڪرڻ جو اشتهار شايع ڪرائي جيئن ڪنهن کي به مٿن تنقيد ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھي اڃا ته سنڌ سرڪار فقط 300 اي سي اي استادن کي پڪو ناهي ڪري سگھي اگي سنڌ سرڪار اي سي اي استاد ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي ته پهريان  انهن استادن کي پڪو ڪري جيڪي 10 سالن کان گھٽ اجرت عيوض به ديانتداري سان پڙائي رهيا آهن جن ۾ اڪثيريت في ميل ٽيچرس جي آهي جن کي 5 ٽريننگس پڻ ڪرايون ويون آهن. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ اي سي اي ڪلاس مثالي اسڪول آهن جن کي سينگارڻ سنوارڻ ۾ اي سي اي ٽيچرس جو ڪردار آهي . مان چوندس ته ڪنهن جي حق تلفي نه ٿئي عورتون ۽ مرد برابر جا شريڪ آهن ٻيو ته ٺهيو پر اگر ايترو ڪيو وڃي ته اڌ مرد ۽ اڌ عورتون ڀرتي ڪيون وڃن ته به مردن مان احساس ڪمتري ختم ٿي ويندي . جيڪڏهن انهن ڪريسسز کي ڌيان ۾ آڻجي ته عورتون ڪهڙين ڪرائيسسز مان گذري اسڪول تائين پهچنديون آهن ته پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي ته ننڍ پڻ جي تعليم لاءِ مرد بهتر آهن يا عورتون آخر ڪهڙي وجھ آهي جو سنڌ سرڪار اي سي اي لاءِ مقرر ڪيل سموريون پوسٽون عورتن جي نالي ڪري ڇڏيون آهن ڪتي انهن جي اتي ته سوچ ناهي اڙيل ته مرد سنگدل ۽ عورتون حساس دل آهن ته بلڪل ائين نه آهي مرد ۽ عورتون هڪجڙي دل رکن ٿا ڇاڪاڻ ته اولاد لاءِ ماءُ پيءُ ٻئي هڪ جيترو درد رکندا آهن ۽ ٻئي شفيق هوندا آهن اها به ڳالھ مڃڻ جوڳي آهي ته ماءُ جي هنج ٻار جي پهرين درسگاھ آهي بلڪل صحي ان ڪو به شڪ نه آهي پر پيءُ به شاگردن لاءِ روهاني والد هوندو آهي انڪري بهتر آهي ته مرد ۽ عورتون گڏيل منصوبي تحت اي سي اي ڪلاس جا استاد ڀرتي ڪيا وڃن جيئن معاشري مان آهستي آهستي مرد ۽ عورت وارو رجحان ختم ٿي وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويندو ته اهائي طبقاتي سوچ قائم رهندي جنهن مان اسين بيزار ٿي ويا آهيون، ها اڃا جيڪڏهن ميرٽ ۾ اگر عورت اچي ٿي ته جيءُ بسم الله ڀلي سموريون عورتون استاد بڻجي وڃن پر جيڪڏهن ميرٽ واري آهي هاڻي اسان کي پراڻي طريقيڪارن کي ڇڏي فقط ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين جا اعلان ڪرڻ گھرجن ميرٽ ۾ ڪو به مرد ۽ عورت جو شرط نه هجي جيڪو کٽي سوکائي  انڪري سيڪريٽري تعليم ، وزير تعليم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي هن طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي .

شامي فورسز ۽ باغين ۾ ويڙھ /ربنواز راز ڄامڙو

ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ اندروني ۽ بيروني فسادن ڪر کنيو آهي . جن ۾ سواءِ انسانيت جي قتلام جي ٻيو ڪو به فائدو ناهي . گھڻي ڀاڱي مسلمان ملڪن ۾ هٿ سان افراتفري ڦهلائڻ لاءِ  بيروني قوتن جي چال آهي جيڪي ٻين ملڪن کي ڪمزوري ڪري مٿن حڪمراني ڪندا آهن ، ڪٿي دهشتگردي جي آڙ ۾ ، ڪٿي جوهري هٿيارن جي آڙ ۾ ، ڪٿي گھرو ويڙھ جي آڙ ۾ مسلمان ملڪن ۾ فساد پکيڙيا ويا آهن مسلمان ملڪ دشمنن جي چال کي سمجھي ناهن سگھيا .  شام ۾ به گھرو ويڙھ جو فساد پکيڙيو ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ ۾ شام جي اترين علائقي غوطا ۾ حڪومتي فورسز جي ڪيميڪل بم حملي جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  اهو نقصان ڪنهن جو آهي ۽ اهو فائدو ڪنهن جو آهي . ان طرف ڪنهن پنهنجو ڌيان ناهي ڏنو . جنهن ڪري ملڪن جو اندروني جاني توڙي مالي ٿي رهيو آهي . هاني مسلمان ملڪ پنهنجي طاقت پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن تي استعمال ڪري رهيا آهن بلڪ ائين نه هجڻ کپي پنهنجي ماڻهن کي سمجھائڻ جا ٻيا به گھڻا ئي طريقا آهن پر اسان مسلمان ملڪن کي تشدد وارو طريقو الائي ڇو ٺيڪ نظر آيو آهي . جهڙي نموني  شام ۾ فوج اترين علائقي غوطا ۾ ڪيميڪل بمن سان بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا جيڪو انسانيت جو قتل آهي تشدد سان تشدد کي ختم ناهي ڪري سگھبو توري جوشام ۾  هڪ هزار کان وڌيڪ باغي زخمي ٿي پيا. امدادي اهلڪارن موجب حملي ۾ متاثر ٿيل ماڻهن ۾ گهڻي قدر تعداد ٻارڙن جو آهي، شام ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف تنظيمن موجب زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جو جسم مفلوج ٿي ويو آهي. شامي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي فورسز اترين غوطا جي علائقي ۾ ڪيميڪل بم اڇلايا جنهن سبب شهرين کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ٻئي طرف شامي حڪومت ڪيميڪل بم حملي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته باغي ناڪامي ڏسي بي بنياد افواهه پکيڙي رهيا آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ حملي ۾ روسي مدد جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ اندروني معاملا پيدا ٿيندا آهن ته ان ۾ بيروني طاقت جي مداخلت هوندي آهي . هون به شام جي اندر روسي مداخلت رهي آهي جيڪي وقتن به وقتن سامي باغين کي ڀڙڪائيندا رهيا آهن . ڪيئن به هجي پر آخر معاملا ته ملڪي آئين تحت رياست کي سنڀالڻا هوندا آهن . هن ڪيميڪل حملي جي انگ اکر به مختلف ذريعن مختلف طاهر ڪيا آهن ان باري ۾ شام ۾ امدادي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته دوما شهر ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت گهٽ ۾ گهٽ 70 ماڻهو امڪاني طور تي زهريلي گئس جي حملي ۾ مارجي ويا آهن. وائيٽ هيلمٽس نالي امدادي تنظيم تهه خانن مان ڪيترن ئي لاشن جون تصويرون ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيون آهن. تنظيم جو چوڻ آهي ته فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳ ساڳي تنظيم فوتين جو انگ 150 ٻڌايو هو پر پوءِ اها ٽوئيٽ ڊليٽ ڪئي وئي. ٻئي طرف شامي حڪومت ڪيميائي حملي جي خبرن کي من گهڙت قرار ڏنو آهي. جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اهي انهن انتهائي پريشاني وارن اطلاعن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو آهي ته پوءِ روس کي ان موتمار ڪيميائي حملي جو ذميوار سمجهڻ گهرجي جيڪو شامي حڪومت جي حمايت ۾ وڙهي رهيو آهي. آمريڪا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”حڪومت جي پنهنجي ئي ماڻهن تي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ جي تاريخ ۾ ڪو شڪ ناهي.“ آمريڪي ترجمان مطابق ”بي شمار شامين کي ڪيميائي هٿيارن سان نشانو بڻائڻ جي ذميواري آخرڪار روس تي لاڳو ٿئي ٿي.“ حڪومت مخالف تنظيم غوطا ميڊيا سينٽر چيو آهي ته ان مبينه گيس حملي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ زخمي ٿيا آهن. ان الزام مڙهيو ته هڪ سرڪاري هيليڪاپٽر بيرل بم ڪيرايو جنهن ۾ سارين نالي موتمار گئس جا جزا شامل هئا. دوما اوڀر غوطا ۾ باغين جي قبضي وارو آخري شهر ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ان کي حڪومتي فوجن جو ڪيترن ئي مهينن کان گهيرو آهي . شامي صوبي حلب ۾ هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته الباب نالي شهر ۾ موجود جامعه مسجد ڀرسان ٿيل ان ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 4 ٻار به شامل آهن. سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب باغين جي قبضي هيٺ ان علائقي ۾ تازي ڪارروائي اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪئي وئي. ان علائقي ۾ شامي فورسز ۽ باغين وچ ۾ جهڙپون جاري آهن. شامي شهر اوڀر غوطا ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ڪيل فضائي بمباري جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جو انگ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. شامي تڪرار تي نظر رکندڙ تنظيم سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب اوڀر غوطا جي علائقي دوما ۾ سخت ترين بمباري ڪئي پئي وڃي. دمشق جي ڀر ۾ موجود باغين جو اهو آخري مضبوط ڳڙهه آهي. آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب ان علائقي تي فضائي حملن سان گڏوگڏ ڳري توپ خاني جو استعمال به ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان آپريشن ۾ شام جي زميني فورسز به اڳڀري آهي. آبزرويٽري جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ عام شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ باغي ڇو پيدا ٿيندا آهن . انهن جي مالي سهائتا ۽ پٺ ڀرائي ڪٿان ٿيندي آهي . جڏهن ادارا ڪمزور ٿي ويندا آهن ته باغي يا ٻيا ڌڙا جنم وٺندا آهن . اهو سڀ ڪجھ ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي چرچ تي ٿيندو آهي پر رياست کي پر امن طريقي سان پنهني رٽ مطابق معاملا حل ڪرڻ گھرجن بجاءِ جو انسانن جو رت وهائجي ان کان بهتر آهي ته پر امن طريقي سان اندروني معاملن کي حل ڪري دشمن جي چال کي چڪناچور ڪجي .شام کي ڪيميائي حملن کان پاسو ڪرڻ گھرجي .

وياج ۽ رشوت..!/محمد فاروق ٻرڙو


ھن وقت اسان مسلمان جنھن تيزيءَ سان لاديني، اقدار، ذھني ارتداد ۽ فڪري انتشار جو شڪار ٿيندا وڃون پيا، اھا حقيقت ڪنھن بہ طرح سان لڪيل ڪو نه آهي شايد ئي ڪو اھڙو گناھ به مشڪل ھجي جنهن ۾ اسان اجتماعي طور سان مبتلا نه ھجون،ڳائڻ، وڄائڻ، شراب خوري، جوا، آڪڙا پرچي، چغلخوري،غريبن جا حق ڦٻائڻ، ظلم، تشدد، بربريت، فحاشي، زبردستي، حقوق الله جي ڀڃڪڙي، حقوق العباد سان زيادتي، چوري، ڊاڪا، فلمن ۽ رشوت، سود، حرام ڪاري، زنا خوري، حسد ۽ ڪيني جھڙن وڏن وڏن گناهن ۾ مسلمانن جو غرق ھجڻ، اھي سڀ صورتون ڏسي ڪري معلوم ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ اسان گناھ کي گناھ سمجهون ئي نه ٿا ائين ته ھر شعبي جي اندر فريب ۽ ڌوڪي بازي نظر اچي ٿي ليڪن حلال ۽ حرام جي ڪمائي جي وچ ۾ فرق به ھاڻي اسان نه ٿا رکون، حلال اچي ته به ٺيڪ حرام اچي ته به واھ واھ مطلب ته حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق به اسان ڪو نه رکيو آهي جيڪو اچي تڏھن به ھل من مزيد جي ڳالھ ختم نه ٿي ٿئي، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته: ماڻھن تي اھڙو به زمانو ايندو جڏهن ماڻهو اھا پرواھ به نه ڪندو ته ھن جيڪو حاصل ڪيو آهي اھو حلال آهي يا حرام، رشوت يا وياج جي حقيقت سمجهڻ کان اڳ اسان اھو سمجھون ته حلال ۽ حرام جو اسان لاءِ الله پاڪ جيڪو فرق رکيو آهي ان ۾ ڪھڙي حڪمت آهي؟ ان لاءِ اھو اسان کي سمجهڻ گهرجي ته انسان ھڪ تمدني مخلوق آهي ۽ ان جي تمدن جو سڄو دارومدار ھڪ ٻئي سان تعاون تي آهي ۽ انساني تعاون ان وقت تائين صحيح نه ٿي سگھندو، جيستائين ھڪ ٻئي جي حقن جو خيال نه رکيو وڃي، بدنظمي ۽ لاقانونيت کي جنم ڏيئي ڪري اھڙو ماحول پيدا ڪجي جنهن سان نه ڪنهن جي عزت ۽ نه ڪنهن جو مال ۽ نه ڪنهن جي دولت ۽ نه آبرو محفوظ ھجي جنهن جي لٺ تنھنجي مينھن واري ڪار ھجي ۽ ھر زبردست زبردست کي ختم ڪري،اھڙين حالات ۾ انسانيت جو ھڪ قدم به اڳتي وڌڻ ازحد محال آهي جيڪڏهن انساني معاشري ۽ تمدن ۾ صحيح صحيح تعين نه ڪيو ويندو ته لازمي انسانيت تباه و برباد ٿي ويندي، ان ڪري ضروري آهي ته ھڪ ٻئي جي حقن ۽ حدودن جو تعين لازم آھي ۽ انھيءَ انساني ضرورت کي حلال ۽ حرام چيو وڃي ٿو حلال ۽ حرام جي صورت ۾ اسان جي ھڪ ٻئي جي حقن جو تحفظ آهي ۽ انھيءَ تحفظ ۾ اسان جو نفعو به آهي ۽ حلال حرام جي تميز اسان جي ضرورت به آهي ۽ حقيقت به اها آهي ته الله پاڪ حلال حرام جا احڪام جاري ڪري اسان تي وڏو احسان ڪيو آھي، جيڪڏهن اھو احسان الله پاڪ نه ڪري ھا ته لازمي انساني معاشرو تباه وبرباد ضروري ٿي وڃي ھا، حديث شريف ۾ رشوت خور جي باري ۾ فرمايو ويو ته: لعنت فرمائي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم رشوت ڏيڻ واري تي رشوت وٺڻ واري تي ۽ انھن ٻنهي جي وچ ۾ لکڻ واري تي،ھڪ ٻي حديث شريف ۾ معراج جي رات وياج خورن جو حال سھڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ھن طرح سان ٻڌايو آهي ته اھڙا ڪجھ ماڻھو آھن جن جا پيٽ ايڏا وڏا آهن جيئن ھڪ ڪمري ۾ نانگ ڀريل ھجن، اھو اٿڻ جي ڪوشش ڪن ٿا مگر اٿي نه ٿا سگهن، حضرت ابن مسعود رضه جي روايت ۾ آهي وياج جا ٽيھتر دروازا آھن، انھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ دروازو اھو آھي تہ پنھنجي ماءُ سان برو فعل ڪيائين، حضرت جابر رضہ جي روايت آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سود کي کائڻ واري تي ۽ کارائڻ واري تي ۽ سود جي لکپڙھ ڪرڻ واري تي لعنت فرمائي آهي، حضرت ابن عباس رضہ فرمائي ٿو ته قيامت جي ڏينھن سود خور کي چيو ويندو ته جنگ جي لاءِ پنھنجا ھٿيار سنڀالي وٺ، تو سان الله پاڪ ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي جنگ آهي، حضرت عبدالله بن حنظلہ رضہ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو جڏهن ڪو شخص ڄاڻي واڻي وياج جو ھڪ روپيو به کائي ٿو ته ھن جو گناھ ڇٽيھہ دفعا زنا ڪرڻ کان به سخت آهي، ھڪ ٻي حديث شريف ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ زنا ۽ وياج عام طور رائج ٿي ويندو آهي ته اھا قوم الله پاڪ جي عذاب جي مستحق ٿي ويندي آهي،گھڻا ماڻهو چوندا آهن ته ميان الله پاڪ کان دعا گھڻي ٿا گھرون پر قبول نه ٿي ٿئي ڀلا قبول ڪيئن ٿئي جڏهن اسان جو کائڻ پيئڻ حرام آهي، پنھنجي حرام کاڌي ڏي ڏسون ڪو نه ٿا باقي چئون ٿا ته دعا قبول نه ٿي ٿئي، پنھنجو عيب ڏسون نه ٿا ۽ چئون ٿا ته دعا قبول ڇو نه ٿي ٿئي؟ ھن جو مثال ائين آهي جو پاڻ سفر ڪريون پيا ڪراچي جو ۽ چئون پيا ته لاھور ڇو نه اٿي اچي اھڙي نموني حلال ۽ حرام جي ڪا تميز نه آهي جيڪو اچي ھڙپ ۽ ھضم ٿي وڃي، شراب، جوا، رشوت، وياج، ناحق جو مال جيڪو اچي اھو چوريءَ جو ھجي يا امانت اھي سڀ ڪجھ شيون واپرائڻ کان بعد چئون ٿا ته دعا قبول نه ٿي ٿئي، ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان ٻڌائي رهيو آهي ته حرام کائيندڙ جي ڪا به عبادت قبول نه آهي ۽ نه ان جي دعا الله پاڪ جي دربار ۾ مقبول آهي الله تعالي اسان کي پنهنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي ۾ ھر حرام کان بچائي ۽ حلال ڪمائي ڪمائڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين ثم آمين يارب العالمين

پاڻي کوٽ، مسئلو ڪيئن حل ٿيندو..؟؟/غلام مصطفيٰ جمالي


موجوده وقت ۾ پاڪستان ۾ پاڻي جو معيار اهو آهي ته منگللا ڊيم ۾ صرف 20 ڏينهن جو پاڻي باق رهيو آهي. جڏهن ته منگلا ۾ ، 90 لک ايڪڙ پاڻي جي گنجائش هوندي آهي،پاڻي جي اهڙي کوٽ پاڪستان جي سنڌ جي چار لک ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ،جي فصل جي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي جنهن سبب آبادگارن تمام گهڻا پريشان نظر اچي رهيا آهي. پاڻي جي  لکين ايڪڙن جو پاڻي ڇڏي ويو آهي.انڪري مان سمجهان ٿو ته پاڻي جي کوٽ بجلي ۽ خوراڪ جي بحران جي لحاظ کان خوفناڪ تباهي آھي،۽ هن عظيم قوم جو نقصان آهي ڇو ته ترقياتي ڪم بند ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت مصروف مصيبت ۾ ڦاٿل آهي جيڪا بلڪل به بي وس نظر اچي رهي  آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪ دشمن ڪيترا ئي غير منافع بخش فائدا وٺي رهيا آهن.سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايندڙ تورڙي وقت  پاڪستان ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ويندي جنهن پاڻي جي کوٽ سبب ملڪ جي معيشت تي اهڙا اثر پوندا جو ملڪ جي معيشت پاڪستان واسين لاءِ هڪ وڏو چئلنج هوندي.بدلجندڙ موسمون ۽ شهرين جي وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جي قلت شهرين توڙي ٻهڙارين واري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ انساني زندگي توڙي جنگي جيوت ۽ جانورن لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي.سٽينٽ بئينڪ آف پاڪستان پنهنجي سال 2017ع ۽ 2018ع جي هڪ جائزي رپورٽ ۾ اهڙو انڪشاف ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ سٽينٽ بيننڪ آف پاڪستان اهو به چيو آهي ته پاڻي جي مسلسل وڌندڙ کوٽ خلاف حڪومت موثر حڪمت عملي جوڙي ڪري پاڻي جي معاملي تي غور ويچار ڪري.جڏهن ته پاڻي بابت ماهرين ڪيتري عرصي کان وٺي خبردار ڪندا پيا اچن.هر سال جيان هن ٻن سالن ۾  پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تربيلا ڊيم ۾ مسلسل پاڻي کي کوٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي گهڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي جنهن مان بجلي جي پيداوا ۾ مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اهو عام ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاڻي جي کوٽ بجلي جي بحران جو اهم سبب بڻبي ۽ ملڪ ۾ هن وقت جيتري بجلي جي لوڊشِينگ هلي رهي آهي انهي لوڊ شِيٽگ ۾ پڻ واڌ جو انديشو آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت تي وڏي اثر پوندو،۽ حڪمرانن جون ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واريون ڳاليهون صرف هڪ ڳالهين تائين محدود ٿي وينديون.جڏهن ته هن وقت سموري ملڪ ۾ بجلي جو سنگين بحران هلي رهيو آهي ۽ بجلي ۾ پيدوار ۾ 40کان 50فيصد کوٽ ٿي وئي آهي،هن وقت تربيلا ۾ پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي ٻئي پاسي منگلا ڊيم ۾ صرف پاڻي  فٽن تي  وڃي بچيو آهي،ٻنهي ڊيمن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ذرعي ضرورتن لاءِ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،خاص طور صوبي سنڌ   ۾ جتي سال جا ٻارهن مهينا پاڻي جي کوٽ رهندي آهي، حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس پڻ  ٿيو هو. جنهن اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي . اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. ته انٽرنيشنل بئنڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو هو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي.. تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن.پر وري ٻئي پاسي ڪالهه حڪومت پاران اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي انڪري ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪرڻ نه پري جي ڳالهه آهي پر وڌيڪ لوڊشِيٽنگ ٿيڻ جا امڪان آهن،پاڪستان واپڊا پاران جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي تربيلا ڊيم اندر پاڻي جو ذخيرو1380ڊيڊ لائين تي اچي پهتو آهي،جڏهن ته ڊِيم جو استعمال لاءِ قابل پاڻي صرف ۽ صرف 60هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد16هزار800ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي جو نيڪال 60هزار ڪيوسڪ آهي،انڪري ايندڙ هفتي تائين تربيلا ڊيم مان ايترو پاڻي خارج ڪري سگهجي ٿي جيترو پاڻي تربيلا ۾ داخل ڪيو ويندو اختارين پاران اهڙو به بيان ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي جو نيڪال وڌيڪ ڪيو ويو ته ان سان هائيڊل پاور سسٽم کي پاڻي جي موجود کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي،هڪ طرف تربيلا ڊيم جي صورتحال ڪجهه اهڙي آهي ته ٻئي پاسي ٻيو پاڻي جي ذخيرو جو وڏي ۾ وڏو ڊيم منگلا ڊيم جنهن ۾ پاڻي جو ذخيرو ڊِيڊ ليول14فٽ کان مٿي جي آهي،جتي هن وقت پاڻي جو ذخيرو1050فٽ جي سطح تي آهي،جڏهن ته ڊِيڊ ليول1040فٽ آهي،جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته انهي ڊيم ۾ به ٻن ڏينهن ۾ پاڻي ڊيڊ لائين تي پهچي ويندو. هن وقت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2600هزار700ڪيوسڪ آهي ۽ نيڪال 20 ڪيوسڪ آهي،جڏهن ته قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو1لک2هزار ڪيوسڪ آهي، ۽ ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي ڊيم ريزروائر ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي،جنهن ۾ به پاڻي جو گڏ ڪيل ذخيرو تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي،جتي پاڻي جي ڊِيڊ لائين 637فٽ آهي ۽ هن وقت اتي پاڻي جي سطح 639فٽ آهي،اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي،۽ بجلي جي پيدوار صرف هڪ هزار ميگا واٽ وڃي رهي آهي،جيڪا پاڻي جي پوري دستيابي وقت 5هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندي هئي،جنهن ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب بجلي جي پيداور ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ملڪ کي بجلي جي فراهمي لاءِ سمورو بار ٿرمل پاور هائوس ۽ گئس پارو پلانٽن کي برداشت ڪرڻو پوندو،جنهن مان اهو واضع آهي ته پوري ملڪ ۾ بجلي جي بحران جو انڊيشو آهي،۽ ،ملڪ ۾ بجلي جي قلت 4هزار ميگا وارٽ تائين پهچي سگهي ٿي،انڪري شهري آبادي گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ 9کان 10 ڪلاڪ ڪئي ويندي،۽ اها بجلي جي لوڊشِينگ گليشيئر تان جيستائين برف نه ٿي ڳري ان وقت تائين بجلي جو بحران برقرار رهندو،۽ جڏهن جبلن تان برفف ڳڙي پاڻي جي صورتحال اختيار ڪري ڊيمن ۾ داخل ٿيندي ان وقت ٻئي ڊيم پاڻي جي بحران کان بچي ويندا.پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي پاڪستان ۾ وڏا بحران پيدا ڪيا آهن اتي پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ به وڏيون تباهيون آنديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙين واريون آباديون پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ  تڙپي رهيون آهن ۽ هر طرف ڪربلا جا منظر آهن هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻئي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي،