گمبٽ جي عورت نسيم خاتون سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺو/درياءُ خان جهتيال / دادو


سنڌ ۾ درد ڀرين ڪهاڻين جي داستان ڀري پئي آهي، ڪي درد سنڌ جي غريب ماڻهن کي ٿيندڙ وڏين بيمارين جا آهن تہ ڪن کي وري هن گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾ نِڙي تي لت ڏئي ان مٿان ظُلم ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙا وڃن ٿا، هتي اهڙو ڪو، ڪو ماڻهو هوندو جيڪو دردن جي دانهن نہ ڪندو هوندو، باقي تقريبن سنڌ جو هر غريب ماڻهو، مرد توڙي عورت عذابن واري زندگي گذارن ٿا، انهن جو نہ داد آهي نہ فرياد آهي، پر انهن جو اکيون آهن جن مان هر وقت ڳوڙها وهندا رهن ٿا ۽ انصاف کي سڏڪن سان سڏ ڪندا رهن ٿا، انهن ماڻهن کي دردن، تڪليفن، ظُلمن جيئڻ جا حق کسي ڇڏيا آهن، انهن کي رڳو ٽرپايو پيو وڃي، پيڙهيو پيو وڃي، اهڙن ئي پيڙهيل، دردن سان ڀريل زندگي گمبٽ جي هڪ شادي شده عورت جي آهي، خيرپور ضلعي جي شهر گمبٽ جي ڳوٺ لڙي ۾ انسانيت جي لتاڙ جو واقعو پيش آيو آهي، سنڌ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا روز، روز وڌندا پيا وڃن پر انهن کي روڪڻ لاءِ نہ ڪو قانون آهي نہ ڪنهن سماجي تنظيم جو ڪردار نہ حڪومت جي ڀلائي واري کاتي جو وزير يا سيڪريٽري، بس سڀ ادارا نالي ماتر پنهنجو ڪم بنا ڪرڻ جي ''پني'' تي لکندا رهن ٿا، ڳوٺ لڙي ۾ شادي شده عورت نسيم خاتون کي پنهنجي مڙس ۽ ڏيرن سخت تشدد ڪري ان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، اها خبر اخبار ۾ پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو تہ آخر قانون کان وحشي ماڻهو بي خوف ڇو آهن؟ ڇا قانون هاڻي ايڏو ڪمزور ٿي ويو آهي جو اُن وٽ وحشين لاءِ ڪا سزا ناهي؟ انهن لاءِ ڪا اهڙي هٿ ڪڙي ناهي جيڪا انهن جي هٿن ۾ پوي، شادي شدا ناري نسيم خاتون جي دانهن اها هئي تہ ان تي مڙس نشي واري حالت ۾ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي روز تشدد ڪندو هو، تازو وحشياڻو تشدد ڪري ان کي گهران ئي ڪڍي ڇڏيو، ان ناري تي وحشين ايترو تہ تشدد ڪيو جو هُن کي لٺيون هڻي مُنهن مان رت ڪڍي ڇڏيو، ڌڪن سبب هن جون ٻاهون سڄي ويون، وحشياڻي تشدد جو شڪار ناري پنهنجا درد ۽ سور کڻي روئيندي ٿاڻي تي پهتي، جتي مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن تي پوليس انهن کي گرفتار ڪيو آهي، پر تشدد ڇو ٿيو؟ تشدد جا واقعا سنڌ ۾ ڇو ٿا ٿين؟ ڪنهن وٽ جواب آهي بہ يا نہ؟؟ سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ خانگي تنظيمن جا انسانن جي حقن بابت سيشن، ٿيٽر، ٽيبلو، ڊراما ميريٽ، شيرٽن، انڊس جهڙين هوٽلن ۾ ٿيندا تہ پوءِ اهڙا واقعا تہ روز،روز پيا ٿيندا، اهڙن واقعن کي روڪڻ ڪم ڪنهنجو آهي؟ سنڌ حڪومت ۾ عورتن جو ڀلائي وارو کاتو بہ ننڊ پيل آهي يا تہ اُن کي رڳو ''پنهنجي ڀلائي'' جو اونو آهي، ان لاءِ انهن جي اهڙن واقعن تي اک نٿي ٻُڏي، سنڌ پوليس بہ ڪاروائي نالي ماتر ڪري ٿي ان لاءِ اهڙا وحشي جوابدار هر روز ڪنهن نہ ڪنهن شهر ڳوٺ ۾ اهڙا ظُلم برپا ڪندا رهن ٿا، سنڌ ۾ اهڙا واقعا رڳو اڄ يا ڪالهہ جا ناهن، پر سنڌ ۾ اهڙا واقعا هر روز ٿيندا رهن ٿا، ڪي واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا تہ ڪن واقعن ۾ وري مقامي وڏيرا پنهنجو فيصلو ٻڌائي معاملي کي لئہ مٽي ڪري ڇڏين ٿا، اُن ۾ متاثرن کي نہ انصاف جو آسرو نہ ئي دانهن جو درمان!، سنڌ هن وقت اهڙي تہ سنهڙي رستي تان گذري رهي آهي جنهن ۾ رڳو تڪليفون آهن، رڳو ڏُک آهن، انهن ڏکن ۽ دردن کي ڪير بہ ڏسڻ وارو ناهي، ڪنهن عورت سان ظلم ٿيندو هجي يا ڪنهن مظلوم سان ناحق ٿيندو هجي، ڪنهن فرد جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو هجي يا ڪنهن معصوم يا زيادتي ٿي هجي، پر هتي بس اهي متاثر دانهون ڪندا رهن ٿا، انهن جي دانهن ڪير بہ ٻڌڻ وارو ناهي، گمبٽ جي ڳوٺ لاڙي جي رهواسڻ نسيم خاتون انصاف جي منتظر آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل آهي تہ نسيم خاتون مٿان ٿيل وحشياڻي تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي، سنڌ حڪومت جي ننڍ پيل عورتن جي ڀلائي واري کاتي کان اهڙن واقعن تي مسلسل خاموشي بابب پڇاڻو ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي تہ سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هيڊ ڪوارٽر ۽ مقامي ٿاڻن جي پوليس کي عملي ڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪم ڏنا وڃن تہ جيئن سڀاڻي نسيم خاتون جهڙين عورتن سان انساني سوز ٿيندڙ ظُلم جا واقعا پيش نہ اچن.

No comments:

Post a Comment