ڳوٺ منو ملاح جي پرائيوٽ اسڪول جو مختصر احوال ؟عاجز انور لاشاري


سنڌ ۾ پاڻي صحت بجلي تعليم جو ڪافي سالن کان بحران رھيو سو اڄ به زورن سان بحران جاري آھي سرڪاري اسڪول سوين نه ھزارين زبون حالي جا شڪار جيڪي ميڊيا ظاھر ڪيا آھن پر اڃان به ڪافي اھڙا ڪردار آھن جيڪي مين روڊ تي کلي آسمان پنھجي جاکوڙ جاري رکندا اچن جنھن جو ننڍڙو مثال راڄوخاناڻي جي وارڊ نمبر 3 منو ملاح ۾ مين روڊ سان لڳ قائم ھڪ پرائيوٽ اسڪول آھي ھي پرائيوٽ اسڪول جنھن جو بنياد ڳوٺاڻن پنھجي مدد پاڻ تحت سال 2011 ۾ رکرايو جيڪو سال 2018 تائين به بي يارو مددگار مين روڊ سان لڳ ڪنھن اکين جي اوسئيڙي ۾ رھي پنھجي جاکوڙ ۽ ڪاوشون پڻ جاري رکندو اچي ھي پرائيوٽ اسڪول جنھن جي ڪا بلڊنگ ناھي ڪکاوين جوپڙي اندر اسڪول ۾ ڪا به سھولت نه آھي ٽٽل بئنچون ۽ ھڪ ورتل پنھجوببليڪ بورڊ جنھن تي استاد طرفان لکيل درس سکيا ۽ علم جي پوک معصوم ٻارڙا بي چين اکين سان ڪيپچر ڪري پنھجي معصوم ھٿن ۾ پڪڙيل قلم سان ٽٽل ڦٽل نوٽ بوڪ تي اتاري ياد پڻ ڪندا آھن ۽ مليل سبق وري گھر وڃي ياد پڻ ڪندا آھن ھن اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن جو تعداد وديڪ آھي پر حاضر 53 ٻار جيڪي پنھجي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف ڏٺاسين ھي اسڪول ڳوٺ منو ملاح جي رھواسين پنھجي مدد پاڻ تحت ڪکاوين جوپڙي اڏاوت ڪري تنھن ۾ ڳوٺ منو ملاح جو ئي رھواسي زاھد ملاح ڳوٺاڻن طرفان استاد مقرر ڪري رکيو ويو آھي جيڪو سال 2011 کان ھن اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن کي تعليم علم سان روشن ڪندو رھي ٿو ھن اسڪول ۾ ڪا به سھولت نه آھي ڪٿان به ڪامدد نه ملندي آھي ڳوٺاڻن طرفان ئي اسڪول ۾ مقرر ڪيل استاد کي پگھار ڏنو ويندو آھي ھن اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙا جي آر ۾ ڳوٺ ڪنڊو ملاح اسڪول ۾ داخلا اٿن پر اسڪول جو پند پري ھئڻ ڪري والدين طرفان گھرن اڳيان مين روڊ تي اسڪول ٺاھي ڏنو ويو آھي ھي اسڪول راڄوخاناڻي سان لڳ ڀڳ مين روڊ تي ئي آھي ھن روڊ تان تڪ جا ايم پي اي ايم اين اي پر گذر ڪن ٿا ايترو ئي نه بدقسمتي سان ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر راڄوخاناڻي ۾ ئي رھن ٿا روزمره انھن جو ھن اسڪول جي ڀرسان گاڏي جو لنگھ ٿيندو رھي ٿو پر ڪڏھن ڪو به چونڊيل نمائينده يا اڳواڻ ھي روڊ تي قائم ڪيل جوپڙي ۾ ٻه پير ڀري لھي نه آيو نه ئي اسڪولي ٻارڙن مٿان ڪنھن شفقت جو ھٿ رکيو نه ڪا حوصلاافزائي نه ئي ڪا داد رسائي لاتعلق بڻيل ھي پرائيوٽ اسڪول ھر سياسي سماجي ماڻھن جي نظر کان ڪافي سالن تائين دور رھيو پر ھي ڪاوشون وديڪ ڪاوشون ڪندڙ جي ڳولا ۾ آھن ڪو اھڙو مددگار جيڪو پاڻ لھي اچي ھن اسڪول ۾ معصوم ٻارڙن لا۽ ڪتاب سميت ٻيون سھولتون پڻ آڻڻ جي جاکوڙ جاري رکي اھڙو ڪردار اڃان تائين ھن ڳوٺ منو ملاح جي پرائيوٽ اسڪول کي نه ملي سگھيو آھي بنا ڪنھن جي مدد جي به ڳوٺاڻن جون پنھجون ڪاوشون سال 2011 کان 2018 تائين ھلندڙ آھن ڪاش ھن تڪ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ اليڪشن تي بيھندڙ اميدوارن جي دل ۾ ذرو ڪو احساس جاڳي پوي اليڪشن کان اڳ اچي ڪو ھن راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ منو ملاح جي پرائيوٽ اسڪول ۾ پڙھندڙ معصوم ٻارڙن لا۽ پاڻي جي ڪولر ڪرسين ۽ ڪتابن جو بندوبست ڪري تعليم لا۽ جاکوڙڻ ڪاوشن ۾ ھن ڳوٺ جي ڳوٺاڻن سان دلي شريڪ ٿي سگھن ذري حوصلي ملڻ سان ٿي سگھي ٿو ڪجھ سال وري ھي ساڳيو اسڪول مضبوط ترين ٿي معصوم ٻارڙن لا۽ علم جو خزانو آڻيندو رھي ۽ جيڪي مال چاڙڻ ۾ مصروف رکيل معصوم ٻارڙا آھن انھن جي والدين کي به گھرجي ته ھو پنھجي ايندڙ مستقبل لا۽ پنھجي معصوم ٻچن جي تعليم کي محفوظ بڻائڻ لا۽ پنھجا ٻارڙا مال چارڻ جي بجاء صبح جو اسڪول موڪلي علم سان نوازي سگھن ايندڙ نسل جو سوال آھي جئين پاڻ محروم رھيا آھيون ٿي سگھي ايندڙ وقت پنھجو ئي اولاد تعليم جي زيور سان بھارون رونقون روشنيون ٿي پنھجي ئي ڳوٺن ۾ اڀرن

ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي نانءُ‎/گلزار ملاح (مانجهند)


بيشڪ خدا جنهن کي چاهي عزت ڏئي جنهن کي چاهي ذلت ڏئي, پر عزت ۽ ذلت جو دارومدار انسان تي به آھي, ڊاڪٽر سڪندر شورو صاحب هيء جيڪا معاشري جي اندر توهان جي عزت آھي برابر اها خدا جي طرفان ئي عطا ٿيل نعمت  آھي پر هزارين عام ماڻھن توهان کي ووٽ ڏئي اها عزت ضرور بخشي آھي جو اڄ توهان نه رڳو تڪ جي اندر پر پارٽي جي اندر به ممتاز حيثيت رکو ٿا, فرض ڪجي ته عوام توهان کي ووٽ ڏئي اسيمبلي تائين نه پهچائي ها ته پوء ڇا هجي ها, قبلا پوء به توهان جي معاشري جي اندر معتبر حيثيت ضرور هجي ها پر ائين پروٽوڪول توهان وٽ نه هجي ها, توهان وٽ اختيار نه هجن ها, اهو عوام جو ووٽ ئي آھي جنهن جي بددولت توهان منسٽري جي مسند تي فائض آھيو ,هڪ عوامي چونڊيل نمائندي جي وچ ۾ ۽ عام ووٽر جي وچ ۾ ويساه جو رشتو هجي ٿو, عام ماڻھو ووٽ ڏئي هڪ نمائندي کي پنهنجي بنيادي حقن جو محافظ بڻائي ٿو, اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هڪ چونڊيل نمائندو باقي خلق جي خدا جي عزتن جو امين هجي ٿو, اهو ويساه جو ئي رشتو آھي جو تڪ جو عوام اڄ تائين توهان تي ويساه ڪندو ٿو اچي, جيڪي اميدون رکي عوام توهان کي ووٽ ڏنو ڇا تڪ جي اندر انهن ماڻھن جون اهي اميدون پوريون ٿيو آھن, جيڪي اميدون هنن توهان جي انتخابي نشان تي ٺپو هڻڻ وقت هنيان ۾ سانڍيو هيون, قبلا اڄ به مانجهند جو عوام اهو پاڻي پي رهيو آھي جيڪو پاڻي حيوان جي به پيئڻ جي لائق ناهي, پاڻي ته انسان جو بنيادي حق هجي ٿو پوء اهو بنيادي حق ايترو گدلو ڇو؟ اهو ته توهان پاڻ ئي دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته ڏھن سالن جي حڪومت ۾ توهان جي صوبائي تڪ ۾ عوام جي ڪهڙيون بنيادي ضرورتون پوريون ٿيون آھن, توڻي جو عوام جي هڪ به اهڙي اميد پوري ناهي ٿي سگهي جنهن اميد جي پوري ٿيڻ تي توهان  فخر سان ڳالھ ڪريو ته عوام جي هي ضرورت پوري ٿي,قبلا پوء به عوام توهان سان ويساه جو رشتو نه ٽوڙيو عوام توهان کي پنهنجي دل ۾ خاص جاء ڏئي ٿو, اهو توهان جو ذاتي شخصيت جو اثر آھي, توهان جو ڪردار توهان جو ذاتي اخلاق ته عوام مٿان اثر ڇڏي ٿو, پر سياسي طور توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته ڇا پيئڻ جو پاڻي صاف نه ملڻ کانپوء عوام توهان کان منهن ڇو نٿو موڙي؟هينئر مانجهند شھر نئين تڪ بندي جر ڪات سان اوهان کان ڪٽيو ويو آھي, جيڪا ڏُک جي ڳالھ آھي ڇاڪاڻ جو توهان جو پوء به عوام سان ڪجھ سڌو رابطو هو, پر هاڻ مانجهند شھر ۾ رهندڙ اوهان جا پرستار وزير اعلي کي ووٽ ڪندا, پر توهان جي ذاتي اثر ڪري انهن ماڻھن جو اڄ به پيار وارو قبلو اوهان جو ئي بنگلو هوندو،هاڻ جڏهن تڪ بند تبديل ٿي ويو آھي ۽ توهان جي اسيمبلي ميمبر جي مدي ۾ ٻه مهينا مس بچيا آھن, اهي ٻه مهينا ڳالهين ۾ گذري ويندا, ويندي ويندي توهان کي هڪ ڳالھ ياد ڏياريندو هلان ته,سائين 3 مهينا پهريان توهان مانجهند شھر ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي ڪيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سوين ڪرڪيٽرز جي شائقين جي سامهون واعدو ڪيو ته هو ته مانجهند جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ جو گرائونڊ ڏنو ويندو ان ٽورنامينٽ ۾ توهان مانجهند جي لنڪ روڊ کان ٿيندا بازار مان لنگهي گرائونڊ تي آيا هُئا،قبلا توهانکي ياد هوندو ته توهان خود چيو هو ته مان مانجهند جي بازار ڏسيو پيو اچان حددخلين ۽ روڊ ٽٽي وڃڻ ڪري توهان کي تڪليف ضرور ٿيندي هوندي قبلا توهان کي اسان شھر واسين جي تڪليف جو احساس ٿيو, جيڪا هڪ انسان جي درد کي سمجهندڙ خاص ماڻھو جي نشاني آھي،بهرحال توهان مانجهند جو روڊ ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو,   هاڻ جڏهن توهان تڪ جي صورت ۾ اسان کان پري ٿي ويا آھيو, تڏھن توهان تي اهو فرض ٿو ٿئي ته لنڪ روڊ جو واعدو پورو ڪريو, جيئن روڊ ٺھڻ کانپوء اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ٻڌائي سگهون ته اهو روڊ صوبائي ميمبر جناب ڊاڪٽر سڪندر شورو صاحب ٺھرايو هو، توهان اهو سوچي به نٿا سگهو ته هڪ روڊ توهان کي ماڻھن جي دلين ۾ 30 سالن تائين زنده رکندو, ماڻھو نيٺ سوء ورهيه پورا ڪري ٿو وڃي پر هن جو هڪڙو ڪم هن کي سدائين لاء زنده رکيو ايندو آھي,اميد ته توهان کي ضرور لنڪ روڊ تعمير ڪرائڻ جو واعدو ياد هوندو, ۽ توهان هڪ سُٺي ايماندار چونڊيل نمائندي جو فرض نڀائيندي عوام کي ان تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏياريندو جيڪا تڪليف خود توهان به مانجهند جي بازار مان گذرندي محسوس ڪئي هُئي، هيءُ کُليل خط فقط توهانکي ان لاء لکي رهيو آهيان جو توهان ماڻھوء جي درد کي محسوس ڪريو ٿا، مان توهان جي قافلي ۾ جڏھن به ڏٺو آھي ته عام غريب ماڻھن کي ڏٺو آھي، انڪري حجت ۽ مطالبو به ان ماڻھوء سان ڪري سگهجي ٿو، جنهن ماڻھو ۾ پڪ هجي ته هتان ئي داد جو فرياد ٿي سگهي ٿو، هڪ اميد سان ٿا موڪلايون ته ضرور اسان جي هن  خط کي مان ملندو، توهان جي صحت توڻي طويل عمر لاء هر وقت نيڪ تمنائون دل ۾ رهنديون،

18هين ترميم جو انت آخر ڇو؟؟؟گل مورو


صوبن کي خودمختياري ۽ پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ 18هين ترميم وڏي ڌام ڌوم سان پ پ واري دور ۾ بلوچستان جي ساحلي سمنڊ گوادر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي تي چئني صوبن جي وڏن وزيرن، ملڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، صدر آصف علي زرداري جي نگراني ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ سڄي ملڪ ۾ ارڙهين ترميم جو جشن پڻ ملهايو ويو هو ته هن 18هين ترميم تحت هاڻ صوبن کي پنهنجا اختيار حاصل هوندا ۽ کوڙ سارا کاتا جيڪي وفاق جي حوالي ڪيتري وقت کان رهندا پئي آيا جن ۾ تعليم کان وٺي صحت، آرڪيالاجي، ثقافت کان وٺي عشر زڪوات تائين اهي سمورا کاتا ۽ صوبن جا معدني وسيلا انهن تي پڻ هاڻ وفاق جو نه پر صوبن جو حق هوندو. وڏي ڳالهه ته اڃا انهيءَ 18هين ترميم واري پنن تان مس سُڪي ئي نه هئي ته ان جي ٽن ڏهاڙن کان پوءِ وفاق راڄڌاني مان اهو انڪشاف ٿيو ته جيڪو معاهدو چئن صوبن جي وچ ۾ هن ترميم جي حوالي سان صوبن جي حقن کي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو هو اهو معاهدو مرڪزي آفاقي الماڙي مان گم ٿي ويو آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳي 40 وارن قرارداد دوران چئني فطري قومن گڏجي ڪري اهو معاهدو ڪيو هو ته ملڪي رياست اندر چئني رياستن کي پنهنجا بنيادي حق برابري جي بنياد تي حاصل هوندا ۽ صرف مرڪز کي 4 کاتا هوندا جڏهن ته ٻين سمورن کاتن تي صوبن جو ئي اختيار هوندو ۽ ان اختيار تحت ڌرتي ڌڻي پنهنجي وسيلن جا مالڪ پاڻ هوندا. پر ڏٺو وڃي ته ان تي ملڪي رياست عمل ڪرڻ کان ئي نابري واري ڇڏي هئي جنهن جي ڪري فطري قومن خاص طور تي بنگالين، بلوچن ۽ سنڌين ۾ احساس محرومي وڌي هئي ۽ انهيءَ جي ڪري جڏهن اهڙي روش جي خلاف سڄي ملڪ اندر ڌرتي ڌڻين احتجاج ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري سمورين فطري قومن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نه فطري قومن جي ٻولي تسليم ڪئي وئي نه وري انهن جا بنيادي حق تسليم ڪيا ويا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي انهيءَ بنياد تي بنگال وارو سانحو پيش آيو ان کان پوءِ به ڏٺو وڃي ته اها ساڳي روش ورجائي وئي جنهن جي ڪري ڪافي وقت کان صوبن ۽ وفاق وچ ۾ جيڪو ٽڪراءُ رهيو ان جو سبب به اهو ئي هو ته صوبن جي ملڪيتن ۾ مرڪز جون نگاهون آهن ۽ اهو اڳتي هلي وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو انهيءَ سلسلي ۾ هن وقت به جيڪو سڄي ملڪ اندر بحراني ڪيفيت نظر اچي پئي ان جا سبب به اهي ئي آهن ته جنهن احساس محرومي جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون اها ئي احساس محرومي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ گهٽجڻ بجاءِ هاڻ ته اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته نه رڳي وفاق 18هين ترميم کي ختم ڪري نئين سر صوبن جا ٿورا گهڻا مليل اختيار به پاڻ وٽ رکڻ ٿو چاهي پر ايتري قدر جو اها به ميڊيا ۾ ڳالهه اچي وئي آهي ته هاڻي صوبن اندر تعليم، تعليمي بورڊ، يونيورسٽين کان وٺي ننڍن وڏن اسڪولن ۾ ٿيندڙ امتحانن وارا اختيار به هاڻ وفاق جي حوالي هوندا جنهن جون تياريون پڻ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 18هين ترميم جي خاتمي جو بنياد اهو ڄاڻايو ويو آهي ته چونڊيل ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن ته مرڪز کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ انهن درخواست ڏيندڙ چونڊيل ميمبرن جو جيڪڏهن پيرو کڻجي ته انهن سڀني جو تعلق وڏي ڀاءُ يعني پنجاب سان آهي. ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڪهاڻي آهي جو هر مسئلي تي اهڙو ته اڙانگهو پنڌ بڻايو پيو وڃي ۽ مسئلن کي عوام جي ڳچي ۾ وڌو پيو وڃي جو هميشهه اهو پنهنجن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل هجي ۽ سندن خلاف ڪو آواز به نه اٿاري سگهي اها روش هن وقت تائين جيڪا جاري رهي آهي ان پٺيان اصل ۾ انهن ئي قوتن جو هٿ جن هميشهه ڪڏهن اسلام ۽ ڪفر جي نالي ۾ ته ڪڏهن وري جمهوريت ۽ نيم جمهوريت جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن وري مرڪز کي خطري جي نالي ۾ اهڙا ئي ڪڌا ڪم ٿيندا رهيا آهن. هن وقت جڏهن ملڪي حالتون انارڪي واري صورتحال سبب ڏينهون ڏينهن خراب بڻيل هجن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن کان وٺي ٻولين واري مسئلي تي وڇوٽيون هجن ۽ ڪو به ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هجي انهيءَ صورتحال ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اڃا به تاريخ مان سبق ناهي پرايو ويو ڇو ته هن وقت بلوچستان جون حالتون ڪنهن کان ڳجهيون ڪو نه آهن نه وري سنڌ اندر جيڪي ڪار گذاريون ٿين پيون يا وري جيڪي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا انهن کي انهن جي زبانن تي تالن هڻڻ جي ڪوشش ٿيندي هجي اهڙي صورتحال ۾ اها انارڪي پيدا ڪرڻ ڄڻ ته ڄاڻي واڻي رياست سان دشمني ڪئي پئي وڃي. جڏهن اها خبر آهي ته ملڪي اندروني حالتون ته خراب ئي خراب آهن پر ان سان گڏوگڏ جيڪو بيروني دٻاءُ ڏينهنون ڏينهن ملڪي ادارن مٿان وڌندو پيو وڃي ۽ پاڙيسري ملڪن افغانستان کان وٺي ايران تائين يا وري خارجي سطح تي ملڪ کي جيڪا اڪيلائپ وارو منظر نظر اچي پيو ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن وقت سموري دنيا جون نظرون ڄڻ ته هن خطي تي ئي کتل آهن ۽ هن کيل پٺيان به سامراجي قوتن جو ئي هٿ  آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ملڪ اندر اهڙي ته خانه جنگي واري صورتحال بڻجي وڃي جنهن سان کين فائدو رسي سگهي. تازو آمريڪا پاران پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن وارين ستن ڪمپنين تي پابندي کان وٺي افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کان وٺي پاڪ ڀارت تعلقات جيڪي انتهائي ڪشيدهه نظر پيا اچن انهن حالتن ۾ ملڪ اندر اهڙا غير فطري فيصلا ڪرڻ مان مراد اها ئي آهي ته اڄ به اهي ئي قوتون جن هميشهه ملڪ کي وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسائڻ لاءِ اهڙا ته غير فطري فيصلا ڪيا جن جي ڪري عوام اڄ ڏينهن تائين سندن غير فطري فيصلن جي ڪري عذاب ڀوڳي پيو. حالانڪه هي وقت ته اهو آهي ته گڏجي ڪري وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڀائيچاري وارو ماحول بڻجي ۽ سڀني جو هڪ ٻئي تي اعمتاد هئڻ گهرجي جڏهن به بد اعتمادي پيدا ٿيندي آهي ته اتي مسئلا ئي پيدا ٿيندا آهن ۽ جڏهن اهي مسئلا وڌي وڻ ٿي ويندا آهن ته پوءِ حل ڪرڻ به انتهائي ڏکيا ٿي پوندا آهن. اڃا هن 18هين ترميم کي ڪو ڏهاڪو سال به ناهن گذريا ته پوءِ آخر ڪهڙي وفاق کي ضرورت محسوس ٿي آهي جو تڙ تڪڙ ۾ هٿ ٺوڪيون درخواستون پهچي ويون ۽ انهن جي درخواستن اچڻ کان پوءِ وفاقي سرڪار ڪاميٽيون پڻ جوڙي ڇڏيون آهن ۽ اهي تياريون به ڪيون ويون آهن ته هن ئي اليڪشن کان اڳي ئي اڳي هن ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۽ سينيٽ مان اهو بل به پاس ڪرايو ويندو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ پ پ جنهن جي سرواڻي ۾ وڏو رينگٽ ڪيو ويو هو ته هن ترميم جي اچڻ کان پوءِ ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي وئي آهي ۽ ننڍن صوبن اندر اصل کير جون نديون وهڻ شروع ٿي ويون آهن ٺيڪ آ ائين نه ٿيو هجي پر جيڪي ٿورا گهڻا صوبن کي اختيار وفاق پاران منتقل ڪيا ويا هئا انهن کي وري واپس وفاق جي حوالي ڪرڻ تي ڏسجي ته پ پ ڪو احتجاج ڪري ٿي يا نه ٿي ڪري ڇو ته هن وقت به اهي پاڻ سنڌ حڪومت ۾ هجڻ سان گڏ وفاق اندر اپوزيشن واري سيٽن تي موجود آهن ۽ ان سان گڏ اهو پڻ ڏسڻو آهي ته ن ليگ جيڪا هميشهه دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اها ننڍن صوبن جي احساس محرومي جو سندن دل ۾ درد رهي ٿو اها هن صورتحال ۾ هن مسئلي تي ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري. هونئن به ڏٺو وڃي ته وفاق هر مسئلي تي ڪو نه ڪو بهانو بڻائي پنهنجو فيصلو مڙهيو آهي ۽ ان سان مسئلا ئي وڌيا آهن ۽ ڏنڊي جي زور تي ان تي عمل به ڪرايو ويو آهي اهڙو ئي تاريخي واقعو مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جي اسپيڪر مولوي تميزالدين وارو واقعو ئي آهي جنهن جي مٿان ٽائيپ رائيٽر چوري جو الزام لڳايو ويو هو ۽ اهو ڪيس ان وقت ساهتي پرڳڻي جي عظيم شخص چيف جسٽس سنڌ محمد بخش ميمڻ وٽ ٻڌڻ آيو هو ۽ ان کي سزا ڏيڻ لاءِ سندس ڪراچي واري گهر تي ان وقت جي وزير خارجه اسڪندر مرزا ملڪي صدر ۽ وزيراعظم جو حڪم نامون کڻي آيو هو ته ڪهڙي به طريقي سان هن کي سزا ڏيڻي آهي پر هي مهان شخص ئي هيو جنهن کيس منهن تي جواب ڏئي ڇڏيو ۽ رات جو 354 صفحن تي تاريخي فيصلو لکي صبح جو عدالت پهچي مولوي تميزالدين کي آزاد ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيائين اڃا آزاد ڪرڻ واري فيصلي کي هڪ ڪلاڪ ئي نه گذريو هو ته نوشهروفيروز جي ٿاڻي تي جسٽس محمد بخش ميمڻ جي خلاف هڪ نينگر سان زيادتي جو الزام هنيو ويو هو پر ان مڙس مٿير پوءِ به آڻ نه مڃي. سو لازمي طور تي جيڪڏهن هن 18هين ترميم واري جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ ڪو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته جسٽس محمد بخش ميمڻ جيان موجودهه عدليه ڪهڙو قدم ٿي کڻي. سو هنن حالتن ۾ هن اهم مسئلي تي جڏهن صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال هجي اتي عدالت کي به ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته هي آخر هن رياست اندر ڪهڙو کيل کيڏيو پيو وڃي.

هاري جي نِياڻي نوحو ۽ خبرن جو نوٽيس...!!غلام مصطفيٰ جمالي


پاڪستان ۾ جڏهن کان چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجو عهدو سنڀاليو آهي انهي ڏينهن کان وٺِي نه رڳو سياستدان جو احستاب ٿي رهيو آهي پر هر انهي سرڪاري ماڻهو جو احستاب هلندڙ آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي.اوهان کي ياد هوندو ڪجهه وقت تائين سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي جنهن تصوير ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو ته هڪ جنازو آهي جنهن کي ماڻهو قبرستان طرف کڻي وڃي رهيا آهن ۽ اهو جنازو هڪ اهڙي جاءِ تان گذاريو پيو وڃي جتي انهي شهر جو گٽر کليل آهي ۽ انهي کليل گٽر پوري گلي ۾ پاڻي بيهاريو ڇڏيو هو ۽ ماڻهو انهي گندي پاڻي مان انهي جنازي جي کڻي وڃِي رهيا آهن.اها تصوير سوشل ميڊيا جي ڪيترائي ڏينهن بحث بڻيل رهي ۽ سوشل ميڊيا جي انهي تصوير آخرڪار چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ تي مجبور ڪيو،۽ پوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان انهي تصوير جو نوٽيس وٺندي چيو ته مونکي جلد کان جلد ٻڌايو وڃِي ته اها تصوير ڪهڙي شهر جي آهي ۽ انهي شهر جا چونڊيل نمائيندا ڪير آهن،چيف جسٽس آف پاڪستان جي اهڙي بيان کانپوءِ اهڙي شهر جي ڳولا ڪئي وئي. آخرڪار پتو لڳائڻ وارن انهي علائقي جي پتو لکائي ورتو اها تصوير پنجاب جي ساهيوال شهر جي ڪنهن پاڙي جي تصوير هئي.اهڙي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ چيف جٽس آف پاڪستان انهي علائقي جي چونڊن نمائيدن کي طلب ڪري ورتو آهي جن جي خلاف اڳين ٻڌڻي ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي.هڪ طرف چيف آف پاڪستان اهڙي تصوير جو نوٽيس ورتو جيڪا ڪيترائي ڏينهن هڪ نامعلوم تصوير هئي پر جئين چيف جسٽس آف پاڪستان انهي تصوير جو نوٽيس ورتو ته انهي تصوير جي نه رڳو سڃاڻپ ٿي پر انهي تصوير واري علائقي جي چونڊيل نمائيندن جي به سڃاڻپ ٿي ته ڪير آهن جن خلاف نوٽيس پڻ موڪليا ويا آهن.هڪ طرف چيف جسٽس جون اهڙيون ڪاروايون آهن ته ٻئي پاسي هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي نمائيندن ۾ به چرپر نظر اچي وئي آهي،اوهانکي ٻڌايندو هلان ته ٽنڊي باگي جي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ حنيف ملاح جيڪو جواني اندر ئي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو هوُ ۽ سندس والد وٽ ايترا پئسا نه هئا جو هو انهي ذهني توازن وڃائي ويٺل پٽ جو اعلاج ڪرائي سگهي،جواني ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل انهي  حنيف ملاح جي پيُ غربت هجڻ سبب  علاج نه ڪرائڻ جا پئسا هجڻ ڪري کيس لوهي سيخن سان گهر جي اڱڻ ۾ هڪ وڏو ڪلو هڻي ڪري سنگهرن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪيترائي ميهنا گهر جي اڱڻ ۾ حنيف ملاح سنگهرن سان ٻڌل رهيو. نيٺ ڳالهه گهر کان وٺِي پاڙي تائين پهتي ۽ پاِڙِي کانپوءِ اهو به واقعو سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو ۽ ڪيترائي ڏينهن اها سگهنرن سان ٻڌل حنيف ملاح جي تصوير سوشل ميڊيا تي بحث جو مرڪز بڻيل رهي ۽ پوءِ نيٺ ٽنڊي باگي جي صحافين انهي اشو کي اخبارن ۾ هاءِ لائيٽ ڪيو.مان ٽنڊِي باگي جي انهن صحافين کي جس ٿو پيش ڪيا جن غريب مسڪين سنگهرن سان ٻڌل حنيف ملاح جي اشو کي هڪ اهم اشو سمجهي ڪري خبرن جي صورت ۾ پوري دنِيا تائين پهچايو جنهن بعد حنيف ملاح جون اهي سنگهرن سان ٻڌل تصويرون اخبارن ۾ شايع ٿيون ته جلد پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت اڳواڻ فريال ٽالپر انهي خبر جو نوٽيس ورتو ۽ بدين ضلع سان تعلق رکندڙ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو ۽ جنرل سيڪٽري حاجي سائين بخش کي چيو ويو ته جلد کان جلد ٻئي چونڊيل نمائيندا حنيف ملاح جي گهر وڃن ۽ وڃِي ڪري سندس سار سنڀال هلن جنهن بعد ضلعي صدر ۽ جنرل سڪيٽري حاجي سائين بخش جمالي ۽ ضلي توڙي تعلقي واري قيادت حنيف ملاح جي گهر پهتي ۽ حنيف ملاح کي سنگهرن کان آجو ڪرايو ۽ سندس پيُ کي اهو يقين ڏياريو ته سندس پٽ جو اعلاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويندو جنهن بعد هڪ سرڪاري ايمبولينس آندي وئي جنهن ۾ حنيف ملاح کي اعلاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو.پاڪستان پيلزپارٽي جي اهڙي نوٽِيس تي دل سان خوشي به ٿي آهي ته پاڪستان پيلزپارٽي  عوام جي سار لهڻ شروع ڪري ڏني آهي پوءِ اها همدري الڪيشن ويجهو اچڻ جي هجي يا هڪ انساني ناتي جي اها فريال ٽالپر ئي ڄاڻي ٿي. پر اکين ڏٺي ماحول مان اهو چئي سگهجي ٿو ته پ پ پاران کنيل قدم واقعي ساراهه جوڳو آهي.پر ڳالهه رڳو حنيف ملاح ۽ گندي پاڻي مان گذرندڙ انهي جنازي تي ختم نه پئي ٿي.سنڌ اهڙن لکين حنيف نالن سان ڀري پئي آهي ۽ سنڌ جو هر ننڍو وڏو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي.انهي طرف به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،ڪالهه تازو بدين ويجهو نئوڪوٽ شهر جي هڪ مظلوم هاري سان جيڪو ناحق ٿيو اهو شايد ئي ڪنهن کي ياد هجي پر مان سمجهان ٿو ته هن مضمون جي ذريعي اها ڳالهه سموري عوام تائين پهچي ويندي جن جن جي نظرن مان ڪالهه جي واقعي واري خبر نه گذري هوندي.بدين ڀرسان مولي ڏنو چانڊيو ۾  قهر ان وقت اچي هنُ غريب جي گهر ۾ ڪڙڪيو جنهن وقت سندس 15سالن جي معصوم نِياڻي ميلريا جي بخار ۾ مبتلا ٿي بيهوش ٿي وئي هئي ۽ زميدار اعلاج لاءِ پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو،اهو مظلوم جنهن جو نالو شگهن ۽ ذات جو ميگهواڙ هو ڪيترائي در رليو ڪيترائي ئي در کڙڪاياين پر سندس ڪنهن به مدد نه ڪئي ته هوُ سرڪاري اسپتال ۾ پنهنجي نياڻي وٺِي انهي اميد سان روانو ٿيو ته من سندس 15سالن جي معصوم نِياڻي بچي وڃي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪو اعلاج ٿي پيو انهي مان اوهين چڱي طرف واقف آهيو.۽ آخر اهو ئي ٿيو.شگهن جي معصوم 15سالن جي نياڻي جيڪا غريب جي بکن اندر هڏڙن جو پنڃرو بڻجي وئي اها معصوم هئي جنهن شايد هن ظالم ۽ ڏاڍ ۽ جبر واري سماج مان جان ڇڏائڻ کي ئي بهتر سمجهيو ۽ پنهنجي پيءُ شگهن جي جهولي اندر دم ڌڻي حوالي ڪيو.شگهن جنهن جي کيسي ۾ ايترا پئسا به هئا جو هو معصوم جو لاش کڻائي ڪري ڳوٺ پهچي. آخرڪار ڪٿان به مدد جو آسرو نه سمجهندي مري ويل معصوم 15سالن جي معصوم گڏڙي جو جنازو هنج ۾ کڻي ڳوٺ روانو ٿيو.گهر جتي ماءُ جي ممتا جيڪا پهرين اکيون گهٽي ۾ ويجهو ويٺون هنيو ته ڄاڻ ته منهنجي ڌي اچي ۽ اچي ٿي مونکي گلي لڳائي ۽ امان چوي.پر انهي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته انهي هنج خالي ٿي هوُ سندس نياڻي غريت ۽ ڀالن واري جنگ اندر معصوم موجود سميت زخمي ٿي مري چڪي هئي،پر غريب جا سور اڃان به هلڪا نه ٿيا هئا شگهن وٽ ايترا پئسا نه هئا جو هو اعلاج ڪرائي سگهي انهي شگهن وٽ ايترا پئسا ڪٿا ايندا جو هوُ ڌي جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرائي سگهي.نيٺ شگهن سندس زميندار کان پئسا وٺڻ لاءِ ويو جتي زميندار پئسا ڏيڻ بجاءِ کيس ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.ڪيڏو نه ظالم هو اهو انسان جنهن هڪ هزار يا ٻه هزار به نه ڏنا انهي مسڪين کي ته هو وڃي ڪري پنهنجي نياڻي جو ڪفن دفن جو بندوبست ڪري.ٻڌايو ويو هو ته ان وقت انهي غريب هاري جي گهر ۾ اٺ ڪلاڪ سندس نياڻي جو لاش پيو هو جنهن بعد پاڙي واري ملي ڪري چندو ڪيو ۽ پئسا گڏ ڪري نياڻي کي دفن ڪيو.هاڻي اوهان اندازو لڳايو ته اهڙا ڪيترائي شگهن هوندا هن سنڌ ۾.؟انڪري جيڪڏهن فريال ٽالپر پنهنجي هڪ جيالي جي خبرن جو نوٽيس وٺِي سگهي ٿي ته اها شگهن جي خبرن جو به نوٽيس وٺي ۽ اهڙي درندي صفت زميندار خلاف به ڪاروائي ڪرائي جنهن پنهنجي هاري کي سندس ڌي جيدفنائڻ جو خرچ نه ڏنو.انڪري اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪريو ته شگهن ميگهواڙ سان ٿيل ظلم جو ازالو ڪيو وڃي...