ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لکي خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار

ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي
ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لکي خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪري ڇڏيو شاگردياڻي کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ھندو برادري جو جروار ٿاڻي آڏو احتجاج مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن جو شاگردياڻي جي وارثن کي خاموشي اختيار ڪرڻ جون ڌمڪيون جروار پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار شھر جي مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر پاران مليل اطلاعن موجب ڪيترن ئي ڏينھن کان ھندو برادري سان تعلق رکندڙ معصوم نياڻي کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو پر گزريل ڏينھن ھن شاگردياڻي کي ھڪ لو ليٽر لکي ڪري سندس ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪيو ته ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ناري فوري طور تي اسڪول ڇڏي گھر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ گھر وارن کي استاد جي ڪيل بد تميزي جي حقيقت ٻڌائي اھڙي واقعي بعد جروار سان تعلق رکندڙ ھندو برادري جي ماڻھن جروار ٿاڻي آڏو پڻ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر  خلاف سخت احتجاج ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن بعد جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن پاران ناري جي والدين کي خاموشي اختيار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر آخري اطلاعن تائين ماستر خلاف ڪابه ڪارروائي ڪون ٿي سگھي آھي نه ھي ڪو ڪيس داخل ٿي سگھيو ھيو جروار شھر جي ھندو برادري جي  ماڻھن ۾ ماستر خلاف سخت تاءُ پکڙيل ھيو ٻي طرف سياسي ڀوتار مسئلي کي دٻائڻ ۾ مصروف ھيا

ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ جي صدارت هيٺ اجلاس




ميرپورخاص ( رپوٽ خير
الدين چانڊيو  ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان سلهاڙيل آهي ڇا ڪاڻ ته پوليو وائرس اسان جي ايندڙ نسلن جي صحت مند زندگي تي اثرانداز ٿي انهن کي هميشه لاءِ معذور بڻائي ڇڏي ٿو . اهڙن ڳالهين جو اظهار هن ڪمشنر ڪانفرنس هال ميرپورخاص ۾ 30 نومبر کان 4 ڊسمبر 2020 تائين ٿيندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ جي حوالي سان ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ، صحت کاتي جي  آفيسرن ۽ پي پي ايڇ آئي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان ويڊيو ڪانفرنس ذريعي گڏجاڻي صدارت ڪندي ڪيو . ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ وڌيڪ چيو ته صحت جي حفاظت جي بهتر معيار جي لاءِ فقط بهتر اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ اهميت رکي ٿو ان ڪري پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ ۽ تمام گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان اپاءُ وٺڻا پوندا . هن سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ، صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي جي آفيسرن تي زور ڀريندي چيو ته پوليو مهم جي حوالي سان جيڪي به مسئلا آهن انهن کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ پوليو مهم جي دوران نگراني واري نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ فعال بڻايو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي . ڪمشنر ميرپورخاص صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي پنهنجي ضلعن جي داخلي رستن تي ويڪسينيٽرن کي مقرر ڪري ٻاهران کان ايندڙ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين ۽ انهن جي تفصيل پڻ گڏ ڪن ۽ چيو ته پوليو مهم دوران ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي حوالي سان ايس او پيز کي مڪمل عمل ڪيو وڃي ، هن اها پڻ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ پوليو ويڪسين جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪن جيڪڏهن ان حوالي سان مسئلا ٿيا ته لاڳاپيل ضلعن جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي . گڏجاڻي ۾ ڊويزنل ڪمشنر پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻارن جي بهتر صحت لاءِ حفاظتي ٽڪن واري پروگرام کي مضبوط ڪرڻ سان پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ ۾ ڪافي حد تائين مدد ملي سگهندي ان حوالي سان به اپاءُ ورتا وڃن . گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ ، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت علي ميمڻ ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر سيد ڪبير شاهه ، ڊائريڪٽر صحت ميرپورخاص ڊويزن ڊاڪٽر محمد يوسف  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ميرپورخاص سيد مشتاق شاهه لڪياري ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن داس ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر الله داد راٺوڙ ، ڊويزنل سرويلينس آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر ربنواز ، ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آئي ڊاڪٽر نجيب ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ميرپورخاص ڊاڪٽر هدايت الله ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي .


president of Awami Press Club Makli @ Thattha

حليم عادل شيخ ۽ ارسلان خان بروهي پاران سجاول ۾ لڄالٽ جو نشانو بڻيل عائشه ٿهيمور جي عيادت





 ٺٽو( رپورٽ محمد شفيق ڀٽي)پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي دوري تي پھتو وحشي بگھڙن ھٿان اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه ٿھيمور سان ھمدردي لاء سندس ڳوٺ پھچي ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ رئيس ارسلان خان بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته افسوس جي ڳالھ آهي ته ھفتو گذرڻ باوجود سنڌ جي مظلوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاء ڪو به چونڊيل نمائيندو ناھي پھتو.  مظلوم پيء کان ڪيس داخل ڪرڻ لاء پوليس 14 ھزار رپيا ورتا آهن. جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. ان موقعي تي حليم عادل شيخ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري عائشه جي مالي مدد ڪرڻ سميت مڪمل علاج ڪرائي ڪرائي انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي  ويئي. ان موقعي تي پي ٽي آئي پاڪستان تحريڪ انصاف ٺٽي جو سينيئر اڳواڻ ھوش محمد عباسي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي سجاول جا  اڳواڻ شعيب آزاد ميمڻ، آصف ڪڇي ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

بیوی نے شوہر کو نامرد بنا دیا

ڪشمور مان 21 افغاني گرفتار



 ڪشمور (رپورٽر دلبر جاني ) ايس ايڇ او گڊو منظور احمد لغاري جي ڪامياب ڪاروائي افغانستان مان پشاور ويندڙ 21 افغاني باشنده گرفتار ڪري ورتا تفصيل موجب :- گڊو جي پوليس جي بهترين ڪامياب ڪاروائي ڪندي سنڌ پنجاب لڳ سرحدي بارڊر ديره موڙ جي مقام تي چيڪنگ دوران سندس افغانستان مان حب ۽ حب مان ڪراچي کان ڪشمور رستي پشاور ويندي ديره موڙ تي سواري جي انتظار ۾ بيٺل 21 افغاني باشندن  جن مان 16 ٻارڙا ۽ 5 وڏي عمر جي ماڻهن جي خفيه اطلاع تي ايس ايڇ او گڊو منظور احمد لغاري ۽ سندس ٽيم پاران ڪاروائي ڪندي  شائق ﷲ، انصارﷲ ۽ غلام حضرت سان گڏ ٻيا افغاني گرفتار ڪري گڊو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيا سندس وڌيڪ جاچ جاري آهي جن مٿان گناھ 109/2020 قلم 14 فارينر ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

ميرپورماٿيلو ۾ استاد پاران شاگردياڻي کي لو ليٽر لکڻ تان ڇڪاڻ



ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لکي خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪري ڇڏيو شاگردياڻي کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ھندو برادري جو جروار ٿاڻي آڏو احتجاج مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن جو شاگردياڻي جي وارثن کي خاموشي اختيار ڪرڻ جون ڌمڪيون جروار پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار شھر جي مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خميسو بوزدار پاران مليل اطلاعن موجب ڪيترن ئي ڏينھن کان ھندو برادري سان تعلق رکندڙ معصوم نياڻي ساڪشي ڪماري کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو پر گزريل ڏينھن ھن شاگردياڻي کي ھڪ لو ليٽر لکي ڪري سندس ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪيو ته ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ناري ساڪشي ڪماري فوري طور تي اسڪول ڇڏي گھر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ گھر وارن کي استاد جي ڪيل بد تميزي جي حقيقت ٻڌائي اھڙي واقعي بعد جروار سان تعلق رکندڙ ھندو برادري جي ماڻھن جروار ٿاڻي آڏو پڻ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خميسو بوزدار خلاف سخت احتجاج ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن بعد جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن پاران ناري جي والدين کي خاموشي اختيار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر آخري اطلاعن تائين ماستر خلاف ڪابه ڪارروائي ڪون ٿي سگھي آھي نه ھي ڪو ڪيس داخل ٿي سگھيو ھيو جروار شھر جي ھندو برادري جي ماڻھن ۾ ماستر خلاف سخت تاءُ پکڙيل ھيو ٻي طرف سياسي ڀوتار مسئلي کي دٻائڻ ۾ مصروف ھيا..

ڳاڙهو شهر ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

 

ڳاڙهو (رپورٽر) تعلقي ڪيٽي بندر جي ديھ کير سر ڳوٺ عثمان درس جي رهواسين جو پريس ڪلب ڪيٽي بندر ڳاڙهو اڳيان زمين تي قبضي خلاف احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس. انصاف جي گهرتفصيل موجب تعلقي ڪيٽي بندر ڳاڙهو جي ديھ کير سر ڳوٺ عثمان درس جي رهوسين مبارڪ درس، هارون درس، عيسيٰ درس، صديق درس، عمر درس، ايوب درس جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪيٽي بندر ڳاڙهو اڳيان جعلي کاتن ۽ زمين تي قبضي خلاف سخت احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. انهي موقعي تي ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي 16 ايڪڙ ذاتي سروي زمين آهي، جنهن جا ملاح برادري جي ماڻهن ماجد شبير ملاح، محمد حسن ملاح، محمد حسين ملاح ۽ ٻين گڏجي ڪوڙا کاتا ٺهرائي، زمين تي پنهنجا هٿياربند غنڊا ويهاري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اسان هتي ابن ڏاڏن کان رهون پيا ڪنهن سان به پاڙي ۾ ناجائزي نه ڪئي آهي. هن وقت اسان جي اچڻ وڃڻ جا رستا بند ڪيا ويا آهن. اسان جي گهرن تي چادر ۽ ڇوديواري جو تقدس پائمال ڪندي  موتمار حملا ڪري اسانجي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو آهي. اسان ان عمل خلاف حد جي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي، جنهن مطابق پوليس هڪ جوابدار نالي شبير ملاح جيڪو اصل جوهي دادو جو آهي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. باقي جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن ۽ اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، جن مان اسانکي جان جو خطرو آهي. ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪوڙا کاتا ختم ڪري، صحافت جي آڙ ۾ علائقي ۾ خونريزي ڪرائيندڙ ماجد شبير ملاح سميت آزاد گهمندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري، اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي جانين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

عوام دشمن معاشي پاليسين غريب عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو: اياز لطيف پليجو

 

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ عوام دشمن معاشي پاليسين غريب عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. اٽو ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون پورھيت عوام جي خريد کان پري ٿينديون وڃن. ڪرونا وائرس جي وبا سبب بيروزگاري ۾ بي پناھ اضافو ٿيو آھي، مزدور، ھاري، ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورھيت، ٽرانسپورٽر سميت ھر ڪاروباري ماڻھو سخت متاثر ٿيو آھي پر حڪومت ڪو بہ رليف نہ ڏئي سگھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرونا وائرس جي وبا ٻيھر وڌي رھي آھي، حڪومت احتياطي اپائن تي عمل ڪرائي. رڳو ڳالھيون نہ ڪيون وڃن، ڪرونا جا خطرناڪ وبا حقيقت آھي، عوام کي ان کان بچائڻ حڪومت جو ڪم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت سنڌ کي ترقياتي منصوبن جو پيڪيج ڏئي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏئي ٿي پر ھتي سڀ کان وڌيڪ بدحالي آھي، شھر کنڊر ٿي ويا آھن، ٻھراڙي ۾ تہ عوام بنيادي سھولتن کان بہ محروم آھي. سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت ناھي، ماڻھو گٽر جو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسڪولن جي حالت بدتر ٿي وئي آھي. بيروزگاري سبب غربت ۾ وڏو اضافو ٿيو آھي. سنڌ کي غربت جي دلدل مان ڪڍيو وڃي. روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن، انڊسٽريل زون قائم ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتن، ٻارن ۽ اقليتن سان وڏي ناانصافي اھي، نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، ٻارن جي اغوا ۽ زيادتين جا المناڪ واقعا ٿيندا رھن ٿا. اھڙن واقعن جي جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جرڳن جو غير قانوني نظام بند ڪيو وڃي.

بچے مستقبل کا معمار ہیں ان کی تعلیم پر خصوصی توجہ دینی چاہئے شیخ امتیاز حسین

 


(کراچی پ۔ر)بچے مستقبل کا معمار ہیں ان کی تعلیم پر خصوصی توجہ دینی چاہئے یہ بات روٹری کلب آف کراچی ایونیو کے پریذیڈینٹ شیخ امتیا زحسین نے بچوں کے عالمی کے موقع پر غریب طلباءمیں کتابیں،اسکول بیگ اور بینچز وغیرہ تقسیم کرنے کے موقع پر کہی اس موقع پر سینئر وائس پریذیڈینٹ جنید الرحمن،وائس پریذیڈینٹ شازیہ متین، جنرل سیکریٹری افشین عابد،کنویئر فیصل مقصود،عابد حسین اور دیگر روٹرین بھی موجود تھے شیخ امتیاز حسین نے کہاکہ معاشی حالات خراب ہونے کی وجہ سے جو بچے تعلیم سے دور ہو گئے ہیں ہمیں ان کی تعلیم کو جاری رکھنے کے لئے آگے آنا ہوگاخصوصی طور پر گھروں پر کام کرنے والے ملازمین کے بچوں کو زیور تعلیم سے آراستہ کرنے میں ہمیں اپنا کر دار ادا کرنا ہوگا کیونکہ تعلیم سب کابنیادی حق ہے انہوںنے کہاکہ ملک میں شرح خواندگی خطرناک حد تک کم ہے اور کورونا وائر س کی وجہ سے بھی اسکول بند ہونے سے تعلیمی نظام درہم برہم ہو گیا ہے جس کی وجہ سے بچے تعلیم سے دور ہوتے جا رہے ہیں شیخ امتیاز حسین نے کہاکہ نئی نسل کی فلاح و بہبود ،تعلیم ،صحت ،تفریح اور ذہنی تربیت سے ہی پاکستان ترقی کرسکتا ہے چونکہ پاکستان میںبچوں کے بنیادی حقوق کے بارے میں سنجیدگی سے اقدامات نہیں کئے جارہے ہیں انہوں نے کہا کہ بچوں کے ساتھ ہونے والے ہراسمنٹ کے بڑھتے ہوئے واقعات کی وجہ سے بھی عوام میں سخت بے چینی پیدا ہو گئی ہے شیخ امتیازحسین نے کہاکہ پاکستان اسکول نہ جانے والے بچوں کے لحاظ سے دنیا کا دوسرا بڑا ملک ہے جہاں ڈھائی کروڑ سے زائد بچے اسکولوں سے باہر ہیں انہوں نے کہاکہ غربت ، افلاس اور بے روزگاری کی وجہ سے بھی بچے اسکولز میں پڑھنے کے بجائے اینٹوں کے بھٹے ،ہوٹلوں ،ورکشاپ اور کارخانوں میں بچوں کی بہت بڑی تعداد نہ صرف کام کرنے پر مجبور ہے بلکہ اکثر والدین بھی بچوں کو مجبوراََ گھر کا چولہ جلانے کے لئے انہیں کام پر لگادیتے ہیںشیخ امتیاز حسین نے کہا کہ ہمیں بچوں سے مشقت کی حوصلہ شکنی کرنی چاہئے اور چائلڈ لیبر ایکٹ کی خلاف ورزی کے مرتکب افراد کے خلاف سخت کاروائی کرنی چاہئے انہوںنے کہا کہ پاکستان میں بچوں کے حقوق سے متعلق کوئی خاطر خواہ بہتری دیکھنے میں نہیں آ رہی ہمیں صرف آج کا دن بچوں کا عالمی دن منا کر نہیں بیٹھ جانا چاہئے بلکہ عملی طور پر بھی ہمیں ان بچوں کی فلاح و بہود کے لئے کام کرنا چاہئے جو اپنے بنیادی حقوق سے محروم ہیں شیخ امتیاز حسین نے کہاکہ اگر ہم بچوں کو ان کے بنیادی حقوق سے محروم رکھیں گے تو پاکستان کامستقبل تابناک نہیں ہوگااس لئے ہم سب پر فرض ہے کہ ہم انہیں ان کے بنیادی حقوق فراہم کریں جن سے وہ محروم ہیں انہوں نے کہا کہ حکومت کو اسٹریٹ چلڈرنز کی تعلیم پر بھی خصوصی توجہ دینی ہوگی اور ان کے لئے شیلٹر ہوم تعمیر کرنے ہوں گے تاکہ وہ وہاں رہتے ہوئے خوراک ،تعلیم اور صحت کی سہولیات حاصل کر سکیں