بيمار صحافي مدثر ڪلوڙي جي سار آخر ڪير لهندو…؟/احسان علي مستوئي

“سوشل ميڊيا جي شور ۾ غم ٿيل عام زندگي”راهب علي سولنگي
جديد سائنس هاڻي اسان جي زندگي جو هڪ حصو ٿي چڪي آهي.جنهن کان بغير
هاڻي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي پئي آهي. سائنس انسان جي زندگي آسان بڻائي ڇڏي آهي.ڪنهن
ٽيهه چاليهه سال پهريون سوچيو هوندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي جديد سائنس جتي بيشمار
سهولتون پيدا ڪيو آهن.اتي وڏيون مشڪلاتون به پيدا ٿي چڪيون آهن. ڪمپيوٽر ۽ سوشل
ميڊيا پوري دنيا ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن پوري دنيا کي اهڙي طرح گڏ
ڪري رکيو آهي ته سب هڪ ٻئي سان ڄڻ ته تمام ويجهو آهن.جتي انهيءِ هن وقت بيشمار
فائدا ڏنا آهن.پر اتي هن برائين سان گڏوگڏ وڏن نقصانن جي به هڪ وڏي لسٽ موجود
آهي.هڪ طرف طاقتور ملڪ جيڪي پاڻ کي سپر پاور سمجهن ٿا. اهي ملڪ انهيءِ مان جاسوسي
جو ڪم به وٺي رهيا آهن.۽ ان کان علاوه ان کي هٿيار وانگر به استعمال ڪري رهيا
آهن.جڏهن به ٻئي طرف انهيءِ مان اسان جي نوجوان نسل کي ذهني اخلاقي ۽ جسماني نقصان
به ٿي رهيو آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال عام آهي.۽
اسان جا اڪثر نوجوان انهيءِ جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪندي نّظر اچي رهيا آهن.اسان
جو نوجوان سوشل ويب سائنس مثلن فيس بڪ، ٽوئيٽر، وائبر، ويڪپيڊ. يا يوٽيوب وغيره جو
منفي استعمال ڪندا رهن ٿا.جنهن مان هو نفسياتي مرض جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ته
هڪ رپورٽ جي مطابق انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ پوري دنيا ۾ 50 سيڪڙو لان وڌيڪ ماڻهو ذهني
۽ نفسياتي مرض جا مريض ٿي چڪا آهن.جڏهن ته اهو تعداد وڌي رهيو آهي.خاص طور تي اسان
جي ملڪ ۾ جڏهن ته ايترا صارفين ڪجهه خاص پڙهيا لکيا به ناهن ۽ نه ٿي انهيءِ حوالي
سان ڪا سندن سٺي تربيت به ناهي ڪئي ويئي.انهن نوجوانن انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي سڀ
کام وڌيڪ فضول ڳالهيون ۽ دوستي رکڻ جي لاءِ استعمال ڪندي نظر اچن ٿا.هڪ وڏي مثال
فيس بڪ ويب سائٽ آهي.جنهن تي ماڻهو هڪ ٻئي سان دوستي ڪندي نظر اچن ٿا. جيڪي هڪ ٻئي
کي صحيح طرح سان سڄاڻن به نٿا.اها هڪ غلط ڳالهه آهي.انهيءِ مان وڏي کان وڏو نقصان
ٿو ٿئي ڇو ته انهيءِ ۾ وڏو وقت ضايع ٿيندو آهي.هر انسان انهيءِ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
استعمال ڪندي نظر اچن ٿا.انهيءِ کي ضرورت کان وڌيڪ استعمال انسان کي مختلف بيمارين
جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.انهيءِ سان انسان جو دماغ به مفلوج ٿي ويندو آهي. هڪ رپورٽ جي
مطابق انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جو استعمال ان حد تائرن وڏي چڪو آهي جو ماڻهن کي ٻئي ڪنهن
ڪم جي ڪرڻ جي واندڪائي نه ٿي ملي سگهي.50 سيڪڙو نوجوان انهيءِ جي ڪري ذهني مرض جو
دٻاءُ جو شڪار آهن.جنهن جي ڪري اهڙا ڪيئي واقعا منظر عام تي اچي ويا آهن. ميڊيا ۽
انٽرنيٽ جو منفي اڪثريت استعمال ڪرڻ سان خوشحال گهر اجڙي چڪا آهن.ماڻهو انٽنيٽ کي
دوڪي طور به استعمال ڪندا آهن.ميڊيا جي نالي تي براهه راستا هڪ ٻئي کي گنديون
گنديون گاريون ۽ پنهنجي پٽڪن کا اڇلائيندا رهندا آهن. انٽرنيٽ جو منفي استعمال جو
هڪ مثال اهو به هوندو آهي.ته سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي ڪنهن به ماڻهو جي مڪمل
معلومات حاصل ڪري انکي ڌوڪي سان ڪنهن جڳهه تي گهرائي انهيءِ کي اغوا ڪيو وڃي ٿو.
وقت سان گڏوگڏ هاڻي ماڻهن ۾ اخلاقي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.سوشل
ميڊيا جو حد کان وڌيڪ استعمال انسان جي سوچڻ سمجهڻ جي قابليت گهٽ ٿيندي ويندي
آهي.مسلسل انٽرنيٽ جو استعمال ٿيڻ سان انسان بلڪل ناڪارا به بڻجي وڃي ٿو.اصل زندگي
کان بلڪل لاتعلق انسان سوشل فوبيان جو شڪار ٿيندو ويندو آهي هن وقت ماڻهون ڪتابن
پڙهڻ کان به پري هليا ويا آهن ۽ ڪتاب اصل نه ٿا پڙهن رڳو انٽرنيٽ ۽ ميڊيا کي وڌيڪ
اهميت ڏين ٿا.ماڻهن جي سوچ خراب طرح سام متاثر ٿي چڪي آهي تڏهن ته ان کي باقي سڀ
ڪجهه فضول نظر اچي رهيو آهي.انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا هن وقت اسان جي زندگي ۾ مڪمل طرح
شامل ٿي چڪي آهي.اسان جي سوچ ۽ نفسيات بلڪل بدلجي ويئي آهي.ضرورت ان ڳالهه جي
آهي.ته اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ نه صرف انهيءِ جي باري ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي پر انهيءِ جي ذهني نقصان جو به ٻڌايو وڃي ننڍن معصوم ٻارن ۾ شعور بيدار ڪيو
وڃي.حڪومت کي به انٽرنيٽ جي باري ۾ ڪو قانون ساز ڪرڻ جي ضرورت آهي.جڏهن ته انهيءِ
جي منفي استعمال سان نقصان کان بچائي سگهجي.ان کان علاوه اها اسان جي اخلاقي
ذميواري آهي ته اسان انٽرنيٽ جو منفي استعمال ڪرڻ کان گريز ۽ غيراخلاقي سرگرمين
کان پهريز ڪيو وڃي.انترنيٽ علم حاصل ڪرڻ به هڪ بهترين ذريعو آهي.هاڻي اهو سڀڪجهه
اسان تي آهي. ته ان کي سٺي طرح استعمال ڪرڻو آهي ڇو ته نئي صدي پاڻ سان گڏ
انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور وٺي آئي آهي.ڏسندي ڏسندي ئي جنهن پوري دنيا کي پاڻ وٽ
قيدي جيان قيد ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ۾ ڊيسڪ کان ليپ ٽاپ ۽ وري ٽيبليٽ اسمارٽ فون جي
ذريعي انٽرنيٽ عام ٿيندي رهي آهي.تڏهن اڄ معمولي تعليم رکندڙ ماڻهون به پنهنجي هٿن
۾ موجود موبائيل ۽ نيٽ جي ذريعي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيو آهي.فيس بڪ واٽس ايپ، ٽوئيٽر، ۽ انسٽاگرام استعمال ڪرڻ
وارن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي ويو آهي.پاڪستان ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو سوشل ميڊيا تي
پنهنجي اڪائونٽس سان گڏ هڪ نئي دنيا کان متعارف ٿيندي نظر اچن ٿا.جتي سچ ۽ ڪوڙ ۾
ڪوبه فرق نظر نه ٿو اچي.جنهن جي ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو
استعمال ٿيندو رهي ٿو.جيڪي ماڻهو سوشل ميڊيا تي پوسٽ پڙهندڙ ڪنهن جاچ نه ڪرڻ جي
ڪري انهيءِ فيس بڪ جي هڪ پوسٽ جي ڪري ڪاوڙ ءء۽ پريشان رهن ٿا.ڪنهن ٻئي جي فوٽو شاپ
تصوير ڏيئي هڪ ڪريل لفظن واري ٻولي لکي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي وڃي ٿي.ڇا اهو سوشل
ميڊيا جو غلط استعمال ناهي ماحول کي سڀ کان وڏو نقصان سوشل ميڊيا ٽيمز پهچايو
آهي.رات ڏينهن ڪوڙي سچي پروپيگنڊا جي ڪري عام ماڻهو پريشان رهن ٿا. پاڪستان ۾ ٽيلي
ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو تعداد شمار جي مطابق هن وقت سڄي ملڪ ۾ موبائيل صارفين جو
تعداد چوڏهين ڪروڙن براڊ بينڊ انٽرنيٽ صارفين تعداد چار ڪروڙ ايڪيهه لک کان به
وڌيڪ وڌيل آهي.جڏهن ته اسمارٽ فون جي گهڻي استعمال ٿرڻ سان سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول
ڪرڻ هڪ مشڪل هدف آهي.انهيءِ ڳالهه جي ڪري
ته سوشل ميڊيا صارفين بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪن ٿا.انهيءِ لاءِ ضرورت انهيءِ
ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا صارفين لاءِ بنابظر اخلاق وارو قانون لاڳو ڪيو
وڃي.۽ انهيءِ قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.۽ انهن ماڻهن کي سختي سان پابند بڻاِيو
وڃي ڇو ته سڀ کان گهڻا ماڻهو انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. انٽرنيٽ جو
گهڻي کان گهڻو استعمال اسان جي معاشري ۾ خراب روين ۽ غير سماجي سرگرمين جو باعث ٿي
رهيو آهي.انٽرنيٽ جو بيجا استعمال اسان نوجوان طبقو معاشري ۽ سماجي تعلقات جي
فقدان جو شڪار ٿي رهيا آهن.ماڻهو انٽرنيٽ جي ذريعي غيراخلاقي غير قانوني سرگرمين
جو شڪار آهن.انسان انسانيت مان به نڪري وڃڻ آهي.بحرحال هن وقت اسان سوشل ميڊيا کي
سٺو چئون ٿا يا خراب ڇو ته اهو جن بوتل مان ٻاهر نڪري چڪو آهي.پر انهيءِ جن کي
واپس بوتل ۾ وجهڻ تمام مشڪل ٿي چڪو آهي.پر هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي.ته ڪوڙ ۽
نفرت ڪرائيندڙ جنهن سان سماج ۾ فساد ٿين انهيءِ پوسٽن تي قانون طرح سان ڪنٽرول
ڪرايو وڃي.خاص طور تي سوشل ميڊيا جون پنهنجن ٽيمن اهو ڪرڻ گهرجي.تو هو پنهنجي
ميمبر کي اهڙي خرح تربيت ڏين جنهن سان انساني سماج ۾ ڪجهه سٺي بهتري اچي سگهي.ڇو
ته سوشل ميڊياجو غلط استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو.جنهن سان انساني معاشري ۾ رهندڙ
ماڻهن تي خراب اثرانداز ٿيندي نطر اچي ٿي.جنهن جي ڪري انهيءِ جا منفي اثر به
انساني زندگي م ڏسڻ ۾ اچن ٿا.اهي ئي ويب سائيٽس نوجوان جي مستقبل جي لاءِ زهر قاتل
جي حد تائين خطرناڪ آهن.جڏهن ته يوٽيوب، فيس بڪ، ٽوئيٽر، وغيره سوشل ميڊيا جا اهڙا
طاقتور نالا هن سماجي ميڊيا کي به نقصان کان به خبردار ٿيڻ گهرجي.جعلي اڪائونٽس جي
ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويندو آهي.سوشل ميڊيا به نشي وانگر انساني زندگي ۾ آهي.
جنهن ۾ فحاشي وارو ماحول ۽ بي حيائي جو کولي عام اظهار به ٿيندو رهي ٿو.جنهن سان
اسان جو نوجوان نسل متاثر ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ذهني اخلاقي ۽ جسماني صحت کي به
وڏو نقصان ڏنو آهي. نوجوانن جو وڏو تعداد انهي3 سوشل ميڊيا جي ذريعي غلط ڪم ڪندي
نظر اچن ٿا. زمانو جهڙي طرح تيز رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي.پر اسان جذباتي طور
تي تمام پوئتي هليا ويا آهيون. سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي سوشل زندگي ۾ توازن رکڻ لاءِ
تمام صروري آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي الائي ڪيترا جعلي نالن تي اڪائونٽ ٺاهي
ڪيترن ئي ماڻهن کي بيوقوف ڪندا آهن.جڏهن ته سوشل ميڊيا جي ذريعي وڏا ڏوهه به ٿين
ٿا.اهڙو جعلي اڪائونٽ جعلي نالي سان راڌڻ ليڪس جي نالي تي سوشل ميڊيا تي تمام ڪريل
ڳالهائي ماڻهن جي اخلاقيات جو قتل ڪيو وڃي ٿو.اهو سڀ جعلي نالي سان اڪائونٽ ذريعي
غيراخلاقي ٻولي ڳالهائي ماڻهن جي عزت معجروهه ڪئي وڃي ٿي.اهو جعلي اڪائونٽ جعلي
نالي سان راڌڻ ليڪس اهو ختم ڪري انهيءِ خلاف قانوني ڪاروائي تحرڪ ورتو وڃي.
عدالت جيترا اختيار رکندڙ فيض گنج پوليس/ساجد حسين سومرو، ڏهرڪي
پوليس هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن جو ڪم آهي عوام جي مال ۽ جان جي
حفاظت ڪرڻ، پر اسان وٺ الٽو ڪم ٿي رهيو آهي، هتي پوليس عوام جي حفاظت ڪرڻ بدران
ويتر عوام جي دشمن ٿي وئي آهي، هتي پوليس ڌاڙيلن جو روپ اختيار ڪيون ويٺي آهي، هر
آئي ڏينهن پوليس ڌاڙيلن جيان غريب ماڻهن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن
سميت ٻارڙن تي تشدد ڪري گهر جي سامان سميت نياڻين جو ڏاج ڍور ڍڳا ڪاهي وڃي ٿي،
حقيقت ڳالھ ته اها آهي پوليس جي ڪارگردگي مان ڪير به مطمئن ناهي، پوليس جي ڪرتوتن
کي ڏسي هاڻي ته اڇو اجرو صاف ماڻهو به پوليس کي رستي تي ڏسي پنهنجو رستو ئي تبديل
ڪري ڇڏي ٿو، هتي روز جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن بيگناھ کي ڏوهاري قرار ڏئي جعلي
مقابلي ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو، پوليس جو ڪم آهي ثبوتن سميت ڏوهاري پڪڙي عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ، اهو عدالت جو ڪم آهي قانون مطابق
ڏوهاري کي جيڪي به سزا ڏئي، پر هتي ته پوليس عدالت جو روپ پاڻ ڌاريون ويٺي آهي
رشوت وٺي ٻڌ ڇوڙ کان ويندي قتل ڪرڻ جي منزل تائين، سمورا اختيار پوليس پنهنجي
حوالي ڪيون ويٺي آهي، پوِ پوليس جي مرضي آ جنهن کي چاهي ٻڌي جنهن کي چاهي رشوت وٺي
آزاد ڪري، پوِ ان ۾ ڪيترو به وڏو ڏوهاري ڇو نه هجي، اهڙي طرح فيض گنج پوليس به
عدالت پاڻ ته قانون پاڻ بڻجي وئي آهي، ٻه ڏينهن پهرين بوزدار وڏا ڀرسان فيض گنج
پوليس هڪ ڳوٺاڻي نوجوان عبدالفتاح شر کي ڏوهاري ڄاڻائي واري جي دڙن ۾ ڊوڙائي
ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو هو، وارثن مقتول نوجوان جو لاش هنڊياري روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو
هو، ان موقعي تي مقتول جي امڙ جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ کي ٻين نياڻين جي اولاد آهي
پوليس منهنجي پٽ کي جڙتو مقابلي ۾ ماري وڏو ظلم ڪيو آهي، هوڏانهن فيض گنج جي ايس
ايڇ او جو چوڻ هو ته مارجي ويل عبدالفتاح شر قتل ڪيس ۾ گهربل هو، هاڻي هتي سوال
اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جيڪڏهن عبدالفتاح شر واقعي ڏوهاري هو ته ان کي گرفتار ڪري
عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچايو وڃي ها، پوِ اهو عدالت جو ڪم هو ڏوهاري کي قانون
مطابق ڦاهي ڏئي ها يا ڪا ٻي سزا ڏئي ها، پوليس کي اهڙا ڪنهن اختيار ڏنا آهن جو
ڏوهارين کي قتل ڪري؟ ان ڪري آئي
جي سنڌ اي ڊي خواجه کي گهرجي ته لاپرواھ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري سخت کان سخت
سزا ڏني وڃي جئين اهڙو واقعو ٻيهر جنم نه وٺي ،
خيرپورميرس پوليس جو عدالت کان مٿاهون قتل!درياءُ خان جهتيال / دادو
سنڌ جو نصيب ڪڏهن سڻائو ٿيندو جو هتي هر عام ماڻهول پورهيت، هاري،
مزدور ڪو سُک جو ساهہ کڻندو، هتي انڌير نگري چرٻٽ راڄ سبب ماڻهو
خوف ۾ ورتل آهن تہ خبر ناهي ڪڏهن ٿو ڪو بااثر مڇرجي ۽ اسان
کان زندگي کسي، ڪنهن جي بہ آڙ
کسي بس زندگي جي جيون کي پورو ڪري، هتي هر وقت هر غريب جي اها سوچ آهي تہ اسان کان شل ڪا ننڍي غلطي نہ ٿئي نہ تہ زندگي تان هٿ ڌوئي ويهنداسين، ايئن آهي بہ!، اهڙا کوڙ واقعا رپورٽ بہ ٿيا آهن جن ۾ پوليس جو اهم ڪردار رهيو آهي، اها پوليس جنهن جو آءِ
جي اي ڊي خواجہ آهي، اي ڊي خواجہ لاءِ سنڌ جا ماڻهو ساهہ ڏيندڙ هئا پر جيڪو ظلم هن دور ۾ ٿيندو ٿو وڃي اهو تاريخ جي پنن تي
لکبو ٿو وڃي ۽ تاريخ جا اهي پنا ڪارا ٿيندا پيا وڃن، تاريخ ڪڏهن نہ ٿي مٽجي سگهي، اي ڊي خواجہ جي هوندي پوليس جي ڪارنامن بابت تاريخ جي پنن ۾ خيرپور ميرس پوليس
جو ظلم بہ لکيو ويندو، جيڪو ايس ايس پي شبير احمد
سيٺار جي مقرري هوندي ٿيو آهي، هِن ظلم جي داستان اکين مان رت جا ڳوڙها روئڻ تي
مجبور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن اخبار ۾ اهيو پڙهيو تہ خيرپور ميرس ضلعي جي پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس سان گڏ بوزدار وڏا
ڀرسان ڳوٺ مولا بخش شر ۾ زرعي زمين تي منجهند جي وقت ڪم ڪندڙ پورهيت فتح محمد شر
کي ڊوڙائي ڊوڙائي وڃي واريءَ ۾ دسيو ۽ اتي کيس گهلي گهلي سندس کي لوندڙي ۽ ڪياڙي ۾
گوليون هڻي عدالت کان مٿاهون قتل ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي انسان کي قتل جو
اعليٰ مثال قائم ڪيو، اهو ظلم خيرپور پوليس ڪيو جنهن سان نہ رڳو هڪ وني بيواهہ ٿي
وئي پر معصوم ٻار پنهنجي پيءُ جي شفقت کان محرو ٿي ويا، هڪ پوڙهو بابا پيرسني ۾ بي
اولادي ٿي ويو آهي، اها قيامت برپا ڪئي خيرپور ميرس ضلعي جي پوليس، ٻڌو آهي تہ ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿان
ٿيندا آهن پر اها بہ خبر پئي تہ ڏاڍي ماڻهو ۾ انسانيت بلڪل بہ ناهي هوندي، خيرپور ميرس پوليس اهڙو غير انساني عمل ڪيو جو ڪيتري
ئي پوليس گڏجي هڪ ئي پورهيت کي ڊوڙائي ڊوڙائي ان کي بيدردي سان قتل ڪري ڪوڙ جا
سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڌاڙيل مارڻ جي ڪوڙي دعوا ڪئي، جڏهن پوليس اتي گڏ ٿي تہ ڪجهہ ماڻهو ان قيامت واري جاءِ تي موجود هئا جن
جو ان غير انساني عمل بابت چوڻ هو تہ پوليس پورهيت کي وارياسي واري پاسي ڀڄڻ جو چيو جڏهن پورهيت خوف
مان ڀڳو تہ ان وارياسي ڀٽ تي پهچڻ کان اڳ ئي جيتري جي
گولين سان پوليس پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن پوليس پورهيت فتح محمد شر کي قتل
ڪيو تہ وارثن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون لاش رکي ڌرڻو
هنيو تہ پوليس پاڻ بچائڻ لاءِ فتح محمد شر کي
ڌاڙيل فتو شر چئي مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي پر اها دعوا بہ ڪوڙ نڪتي، ان لاءِ جو 2013ع ۾ ڳوٺ ۾ هڪ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾
هڪ ڳوٺاڻو قطب الدين شر قتل ٿي ويو هو، ان ڪيس ۾ پورهيت فتح محمد شر جي ٻن ڀائرن
کي سزا آئي جيڪي جيل ۾ آهن، پر پورهيت فتح محمد شر تي ڪو بہ ڪيس داخل ٿيل نہ هو،
اتان ئي پوليس جو ڪوڙو مقابلو ظاهر ٿو ويو آهي، اخبارون وڏي واڪين ٻڌائن ٿيون تہ مقابلو ڪوڙو هو، پورهيت کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيدردي سان گوليون هڻي
قتل ڪري انسانيت کي لڄايو ويو، پوليس ڪوڙ جا رڪارڊ قائم ڪندي اهو ڄاڻايو تہ فتح محمد شر روپوش هو، جڏهن رپوش هو تہ پنهجي زمين تي پير اگهاڙا ڪري ڪيئن پيو هارپو ڪري؟ رپوش ايئن آزاد
هوندا آهن ڇا؟؟ سو بہ هڪ غريب پورهيت، آزاد روپوش اُهي هوندا
آهن جيڪي بااثر هوندا آهن يا بااثرن جا ماڻهو هوندا آهن، خيرپور پوليس ظلم ڪرڻ بعد
سرڪاري مدعيت ۾ قتل ٿيل پورهيت مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، پورهيت قتل ڪري بعد ۾
مقابلو ڄاڻائي ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ ڪيس بہ پورهيت تي ڪيو ويو آهي، ظلم مٿان ظلم!ٰ آخر سنڌ جو نصيب اهڙو ڇو؟
اهڙي بدنصيبي سنڌ جي ماڻهن جي؟ جو پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙي ظلم جون سڀئي حدون
اورانگهيندي وڃي؟ خيرپور ميرس پوليس جي ڪوڙي مقابلي جو سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي
سنڌ نوٽيس ورتو آهي پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل
آهي تہ خيرپور پوليس پاران عدالت کان مٿاهين قتل
جو پاڻ مراد نوٽيس وٺي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي تہ جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نہ ٿين جنهن جي ڪري ڪو پوڙهو پيءُ پيرسني ۾ بي اولادي ٿي وڃي،ڪا وني
بيواهہ ٿي وڃي،ڪي معصوم ٻڄڙا يتيم ٿي وڃن.
ڪارو ڪاري هيٺ ڪسجندڙ سنڌي نياڻيون..!!عزيزالله ناريجو
هٿرادو مڙهيل لاقانونيت جو آسمان سان سسي گسائيندڙ ڀوائتو راڪاس
آدم بوءِ، آدم بوءِ ڪندو ڀالن جهڙن ڏندن سان خوفناڪ ٽهڪ ڏيندو، ڪشمور کان ڪراچي ۽
ڪيٽي بندر تائين سنڌ جي ماڻهن جون جانيون ۽ مال، گهر گهاٽ، ڳوٺ ۽ وسنديون، عزتون،
گذر جا وسيلا لتاڙيندو، چيڀاٽيندو، تباهه ڪندو وتي. عورت ذات ۽ ٻارڙين لاءِ هي دور
جنسي قيامت جو دور بنجي ويو آهي. سنڌ ۾ هٿراڌو نموني ڦهلايل قهري ڦرلٽ ۽ خونريزي
جي اصليت کي ٻن پوشن ۾ لڪايو ويو آهي. هڪڙو پوش آهي، ڌاڙيلن جي ڌاڙن جو، ٻيو آهي
قبائلي جهيڙن جو. اصل حقيقت اها آهي ته ڌاڙيلن کي به سرڪاري سرپرستي آهي ۽ قبائلي
جهيڙا ۽ مارا ماريون ڪرائيندڙن کي به سرڪاري سرپرستي، ٻئي سنڌ دشمنن جو ڏسيل ڌنڌو
پيا ڪن. ٻنهي ڌنڌن جو مقصد اهو آهي ته سنڌي ماڻهن جو ساهه سدائين سوريءَ تي ٽنگيل
رهي. قبائلي نظام هڪڙو تمام پراڻو نظام آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ روءِ زمين تي ڇانيل
هو ۽ هزارين سال گذرڻ باوجود اڄ به دنيا جي ڳچ پٺتي پيل علائقن ۾ ڪنهن نه ڪنهن
صورت ۾ قائم آهي. ان جي قائم رهڻ جو مکيه سبب اهو آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن تي
سرمائيداري سامراجين جو سڌو ۽ اڻ سڌو قبضو آهي، جيڪي دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي غلام
۽ ذري گهٽ غلام بنائي، سندن انساني ۽ قدرتي وسيلا ڦرين لٽين ٿا. هو نٿا چاهين ته
دنيا جي غلام ملڪن جا ماڻهو آزاد، باخبر، سمجهو، سجاڳ ۽ هوشيار ٿي پنهنجي ۽ پنهنجي
ملڪ جي ماڻهن جي جان ۽ سندن انساني ۽ قدرتي وسيلا ۽ دولتون بچائڻ لاءِ ڪا جدوجهد
ڪن. ان ڪري اها ڳالهه سندن واسطي ضروري آهي ته ماڻهو نسل پرستي، فرقي پرستي ۽
جاگيرداري نظامن جهڙن مدي خارج وحشي ۽ انسان دشمن سماجي نظامن جي گهاڻن ۾ پيسجندا
رهن. ماڻهن وانگر ڪنڌ مٿي کڻي نه هلي سگهن ۽ ڌرتيءَ تي پنهنجي پتيءَ جا حق ۽ وسيلا
حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجون خوشيون ۽ پنهنجون عزتون ماڻڻ جي سڌ ئي نه ڪري سگهن. سدائين هڪ
ٻئي جا ٻوٿ پٽيندا رهن. خون جي پياسي لالچي ٽولي جي اڳيان ليلڙاٽ ڪندا، سندن جتين
تي پيل رهن. پنهنجن پوين لاءِ رت جي پلاندن جو ڀوائتو ورثو ڇڏي، جهنگلي جانورن
واري زندگي پوري ڪري قبرن ڀيڙا ٿي وڃن
سنڌ صوفين، درويشن،ساڌن ۽ سنتن جي ڌرتي آهي.جتي هميشه پيار امن دوستي ۽ ڀائچاري جا درس ڏنا ويندا هئا ذات پات کان هٽي ڪري انسان ذات جو نعرو بلند ڪندڙ اسان جي سنڌ جا اهي عظيم صوفي بزرگ جن مذهبن کي ملائي فرقن کي ختم ڪيو ذات پات جي اونچ نيچ کي دفن ڪري انسان ذات کي هڪ ئي ڌاڳي ۾ پروڙي ڇڏيو اهو انسانيت وارو ئي درس هو جن ملن، مولوين،
پنڊتن، پادرين، سردارن، نوابن ۽ غلامن کي احساس ڏيارو ته انسان جو وجود ئي خدا جي وحدانيت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ڇو ته خدا جو اهو فرمان ته مان توهان جي نهن کان به وڌيڪ توهان جي ڪريب آهيان مان مراد ته انسان کي پنهنجو رب ايترو ته قريب آهي جيترو انسان تصور ڪري سگهي ٿو انسان جي دل ۾ ئي خدا سمايل آهي جيڪڏهن جو پنهنجي دل کي خدا جو گهر سمجهي ان ۾ نفرت، ويڇا،گلا ۽ غيبت بدران پيار محبت سچائي ۽ برداشت جو ٻوٽو پوکي ۽ مالڪ حقيقي جي تصور ۽ ان جي ذڪر ۽ فڪر سان انهي ٻوٽي جي آبياري ڪري ان مان جيڪي گل ڦٽي نڪرندا سي هن ڌرتي ۽ان تي رهندڙ انسان ذات لاءِ اهڙي هٻڪار بڻجي ويندا جنهن جي خوشبو سان انسانيت کي هڪ نئون وجود ملي سڳهي ٿو پر ان لاءِ شرط اهو ئي آهي ته انسان پهريان ئي پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي وجود کي پروڙي ڏسي پر اڄ جو انسان خدا جي خوف کان وانجهيل آهي ڪوڙي انا ۽ خود فريبي سندس وجود کي بي پاڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي جتي قانون ٻوڙو۽ گونگو هجڻ سان گڏ منڊو ۽ ٽنڊو به هجي ته اتان جو سماج انارڪي جي ڪهڙين حدن تائين پهچي سگهي ٿو اهو ڏسڻ لاءِ اسان جي سنڌ دنيا اڳيان هڪڙو مثال آهي روزانو قبيلائي جهيڙن ۾ ڪيترائي گهر ويران ٿيو ٿا وڃن ڪيترائي معصوم ٻارڙا يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿيو ٿيون وڃن اهي ٻارڙا جن جو عمر اڃا راند روند جي هجي ٿي تن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڳولين جو کاڄ بڻايو وڃي هڪ ٻئي سان خونن جا انگ اکر برابر ڪرڻ لاءِ عورتن ۽ پوڙهن کي به راڪيٽ لانچر جهڙن موت مار هٿيارن جو نشانو بڻايو ٿو وڃي انسانيت سوز اهڙيون ڪاروايون پاڻي جي واري تان،مينهن جي چوري تان،سڱاوتي تڪرار تان شروع ٿين ٿيون جنهن ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه جانيون ذات پات جي چڪر ۾ ضايع ٿين ٿيون.
سوال هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ٿو ٿئي؟ انهي جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟۽ اهڙين ڪارواين کي روڪڻ لاءِ حڪومت اپاءُ ڇو ڪو نه ٿي وٺي هي ۽ اِن جهڙا انيڪ سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ گردش ڪن ٿا پر بنيادي ڳاگهه اها آهي ته قانون ۽ انصاف جو بنيادي سرشتو ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو آهي جو ماڻهن پاڻ هٿيار کڻي ورتا آهن بظاهر اسان لاءِ اهي ڳالهيون ننڍڙيون ۽ بي وزن آهن ته مينهن جي چوري، پاڻي جو وارو، معمولي رقم جي ڏيتي ليتي تان انسان انسان جو خون ٿو وهائي ڇڏي پر حقيقت ۾ ڏسجي ته هڪ ماڻهو جي گذر سفر ۽ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ کيس ٻه چار جريب ٻني جو سهارو آهي ۽ جڏهن ڪو هن جو پاڻي روڪيندو ته هو دانهون ڪوڪون ڪندو انصاف لاءِ پاڏائيندو سردارن، ڀوتارن،پوليس آفيسرن، ڪورٽ ۽ ڪچهرين ۾ انصاف لاءِ دانيهندو ۽ جڏهن کيس ڪو به ٻڌڻ وارو نه هوندو ۽ هر جاءِ تان مايوس ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي هٿن ۾ هٿيار ٿو کڻي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ انهي جو ذميوار اسان جو معاشرو آهي،اسان جو عدالتي نظام آهي، اسان جاچونڊيل نمائندا ۽ حڪومتِ وقت آهي جنهن جو ڪم پارليامينٽ ويهي قانون سازي ڪري ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي نه ڪي پنهنجا من پسند ڪامورا ۽ پوليس آفيسر مقرر ڪرائي پنهنجا جائز ۽ ناجائز ڪم وٺڻ آهي.
اڄ اسان جا ڳوٺ وسنديون ۽ واهڻ هڪ ٻئي لاءِ نو گو ايريا بڻيل آهن اهي جهيڙيندڙ ڳوٺاڻا پنهنجي بچاءُ لاءِ ۽ جهيڙيندڙ ڌر کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي برادري جي ماڻهن کي پاڻ وٽ ترسائي سڄي رات مورچن ۾ پهريدارن ۽ چوڪيدارن جيان ڄاڳي راتيون گذارن ٿا وڏي انگ ۾ ترسيل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وٽن هڪڙو ئي دڳ باقي وڃي بچي ٿو اهو آهي ڦر لٽ ڪرڻ وارو دڳ. اڪثرجهيڙيندڙ هٿياربند سج لٿي کان پوءِ روڊن رستن تي اچو ٿا بيهن ۽ ڦر لٽ ڪري پنهنجو گذر سفر به ڪن ٿا ۽ هٿيار بارود به خريد ڪن ٿا اتر سنڌ ۾ جهيڙيندڙ اهڙين قبيلن جا چڱامڙس جهيڙا ڪرائي ماڻهو مارائي پنهنجن قبيلن کان مهوار اڳاڙيون ڪن ٿا هڪ طرف غريب پورهيت ،هاري ۽ ڪجهه ننڍا ملازم انهن جهڙين سبب پنهنجو زندگيون بچائڻ لاءِ روزگار ۽ ملازمتون ڇڏي پنهنجن گهرن ۾ محصور ٿيو ٿا وڃن بيروزگاري ۽ غربت وٽن گهر ڪريو ٿي وڃي ته ٻئي طرف انهن کي پنهنجي قبيلن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ چڱا مڙس ايترو ته مجبور ٿا ڪن جو وٽن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪو نه هجي ٿو ته پوءِ انهي جي گهر ۾ ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ پيل داڻا به پاڻ سان کنيو وڃن يا سندن گهر ۾ بيٺل اها ٻڪري جيڪا ڪنهن ميصوم ٻار جي پيٽ جي بک وسائڻ لاءِ کير جو آخري سهارو هجي ٿي تنهن کي به ڪن مان وٺي ڪاهيو وڃن جيڪڏهن ڪو ڪڇي ته ان کي چڱا مڙس ۽ سردار اهو چئي خاموش ڪرائي ٿا ڇڏين ته توهان جي قبيلي جي بقا لاءِ وڙهندڙ اهي مجاهد ڪٿان کائيندا ۽ هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ به پئسه کپن توهان کي پنهنجي قبيلي جي بقاعزت ۾ ناموس لاءِ هر حال ۾ مدد ڪرڻي آهي.
آخر انسانيت جو خون وهائيندڙن جي اهڙي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪير اٿندو؟ جيڪو انهن اٻوجهه ماڻهن کي سمجهائي ته توهين جن پيرن،ميرن ۽ سردارن تان سر گهوري پنهنجي قبيلي جي ڪوڙي ناموس لاءِ هڪ ٻئي جو ناحق خون وهائي ٿا ڇڏيو خدارا ڪجهه هوش ڪريو پنهنجن ٻچن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارو نه ڪي انهن کي ننڍڙي عمر ۾ هٿيار کڻڻ سيکاريو پنهنجا ڳوٺ ڳليون ۽ وٿاڻ آباد ڪريو،ڦر لٽ ڪندڙ پيرن،سردارن ۽ جڙتو رئيسن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي جو ناحق خون نه ڪريو. ڪير آهي جيڪو اهڙو عَلم بلند ڪري، ته عبدالرحيم گرهوڙي جي اها اڳ ڪٿي سڀني سنڌ واسين کي ياد ڏياري جنهن ۾ هن لکيو ته سنڌ کي ڪنڌاران لڳندي اڄ اسان جي چوڌاري ڪنڌاري يلغار ٿيندي پئي وڃي ۽اسين پنهنجي جيجل ماءُ سنڌڙي جي حفاظت ڪرڻ بدران ۽ هڪ سنڌي قوم بڻجڻ بدران ذات پات ۽ اونچ نيچ جهڙي نه سلجهندڙ سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳا پيا آهيون پنهنجا ڳوٺ اجاڙي رهيا آهيون اسين پنهنجن ئي مستقبل جي معمارن کان تعليم ۽ قلم جهڙو هٿيار کسي انهن کي جاهل،مجرم ۽ محڪوم بڻائي رهيا آهن اسين هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پنهنجي چوڌاري بيٺل دشمن کي ڄڻ ته دڳ ڏيئي رهيا آهيون اسان بک ۽ بد حالي جي هن دور ۾ بکون ڪاٽي پنهنجي ٻچن جي وات مان گرهه کسي هٿيار ۽ بارود خريد ڪري رهيا آهيون اسين پلاند ڪري ڏاڍا سُرها ٿا ٿيون، معصوم ٻارڙن کي يتيم بڻائي،ونين کان پنهنجا ور کسي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري اسين خوشي وچان فائرنگون ٿا ڪريون. قوم جي ويري سردارن،جاگيرادرن پيرن ۽ رشوت خور آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن سنڌ سان آخر اهڙ ڪم ڇو ڪيو آهي نالي ماتر سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجون عدالتون لڳائي جِرڳائي نظام کي قائم ڪري پنهنجو تسلط قائم ڪري مسڪين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي هيسائي پنهنجي کوکلي سرداري نظام کي عدالتن مٿان حاوي ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙا فيصلا ڪندي کين ڪو احساس ۽ ڪهل به ڪو نه ٿو اچو ته جيڪڏهن هڪ ڌر 10 خون ڪري ٿي ۽ ٻي ڌر 9 خون ڪري ٿي ته 9 خون 9 خونن ۾ پاڙي باقي هڪ خون جو ڏنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو توهان جو ٺاهه ٿي ويو. او چڱا مڙس 19 گهر اجڙي ويا تون انهن لاءِ ڪجهه ڪو نه سوچيو اهي بيگناهه ۽ واٽ ويندي جيڪي ماريا ويا تن جو عيوضو ٻين خونن ۾ تو پاڙي ڇڏيو هي تنهنجي ڪهڙي عدالت آهي. ٿورو گهڙي کن لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ پاڻ کي عدل ۽انصاف جو عَلم بردار سڏائيندڙ سرپنچ اهڙا جرڳا ڪندا ۽ جيڪڏهن انصاف ڪندڙن جي حد اها آهي ته پوءِ ڏوهاري، مجرم ۽ هڪ جابر جي انتها ڇا هوندي اسان کي هاڻي قبيلائي سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو اسان کي هڪ قوم ٿيڻو پوندو جيڪا پنهنجي قديم سنڌو ندي تي راتاها هڻندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي،جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙن جي ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي جيڪا سردارن، جاگيردارن،ميرن ۽ پيرن جي چنگل مان آزاد ٿي پنهنجي نسلن کي باوقار سنڌي قوم جو درجو ڏياريندي جيڪا قوم شاهه،سچل،۽ سامي جي هن ڌرتي تي امن جي پکيڙن کي پاليندي ۽ نپائيندي اچو ته وچن ڪريون اچو ته وچن ڪريون....

هــڪ ســچي دوسـت جي اهميت ...!!!!نادر حسين ڀٽي
دوستيءَ جو رشتو هڪ پاڪ رشتو آهي جيڪو سچ جي بنياد تي مضبوط هوندو
آهي ، دوست سان ڪڏهن به رشتو ختم نه ڪرڻ گهرجي ، دوست اسان کي آسانيءَ سان نه
ملندا آهن ۽ هڪ سچو دوست وڏي مشڪلاتن سان ملندو آهي دوستيءَ جو رشتو عظيم رشتو آهي
دوست کي دوست جي ڏکي ۽ سکي وقت ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ گهرجي ۽ سب کان وڌيڪ
اسان کي اسڪول جا دوست ياد ايندا آهن ، اهي دوست ڪڏهن به نه وسرندا آهن اسڪول جي
دوست جي تڏهن خبر پوندي آهي جڏهن اسان امتحان ڏئي هليا ويندا آهيون پر جڏهن اسان
اسڪول پڙهندا آهيون تڏهن اسان دوستن سان ٿوري ٿوري ڳالهه تي منهن خراب ڪندا آهيون
۽ ٻه چار ڏيهاڙا ڳلائيندا نه آهيون ته اسان کي ڪوبه فڪر نه هوندو آهي پر جڏهن
اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ جنهن دوست سان نه ڳلائيندا آهيون ته پوءِ اسان کي ان دوست ۽
سموري دوستن جي تمام گهڻي ياد ايندي آهي پوءِ اسان کي دوستيءَ جي رشتي جي خبر
پوندي آهي هڪ سچو دوست ڇا آهي ؟
پر
آئون پنهنجو ذڪر ڪندس ته جڏهن آئون ست ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ته پوءِ منهنجي هڪڙي سٺي
دوست سان ٿوريءَ ڳالهه جي ڪري ناراضگي ٿي وئي تڏهن منهنجي استاد مون سمجهايو ته پٽ
توهان کي اڃا دوستيءَ جي رشتي جي خبر نه آهي پر منهنجي هڪ ڳالهه هميشه ياد رکجان ،
استاد چيو پٽ هاڻي دوستيءَ جي رشتي جو مطلب جي خبر ناهي ته دوستيءَ ڇا هوندي آهي ؟
پر جڏهن توهان امتحان پاس ڪري اسڪول ڇڏي هليا ويندئو ته جڏهن توهان دوست هڪ ٻئي
کان الڳ ٿي ويندئو ته ڪو دوست ڪڏهن پڙهڻ ويندو ته ڪو دوست ڪڏهن ويندو پوءِ توهان
کي دوستن جي ياد ايندي پوءِ توهان کي دوستيءَ جي رشتي جو مطلب خبر پوندو ، پوءِ
اهي ڏينهن توهان کي ياد ايندا ،
پر
جڏهن اڄ آئون هڪ ويران جاءِ تي ويٺو هيس ته استاد سائين جي اها ڳالهه ياد اچي وئي
پوءِ آئون محسوس ڪيم ته استاد سائين اسان کي سچ چوندو هيو پر ان وقت اسان استاد جي
ڳالهه تي عمل نه ڪندا هياسين پر رڳو اسان موج مستين ۾ هوندا هياسين ۽ هڪ سچي دوست
جو قدر نه ڪندا هياسين ۽ دوستن سان ٿوري ٿوري ڳالهه تي ناراض ٿي ويندا هياسين پر
اڄ آئون يقين سان چوان ٿو ته هڪ سچو دوست دوست جي جاگير هوندو آهي هڪ دوست ٻئي
دوست جون ڪوڙيون قسمون نه کڻدو آهي هڪ دوست ٻئي دوست جي هر ڏکي سکي وقت ۾ گڏ هوندو
آهي پنهنجن کان پهرين دوست ساٿ ڏيڻ لاءِ پهچندا آهن دوست دوست جو ڏوهه پنهنجي سر
مٿان کڻدا آهن پر هاڻ اهي دوست مون کي ڏاڍا ياد ايندا آهن دوستيءَ جو رشتو هڪ عظيم
رشتو آهي اسان کي انهيءَ رشتي جي قدر ڪرڻ گهرجي .
آخر ۾
آئون ڪجهه لفظ لکندس
دنيا
جي تيز لهر ۾ لڙهي لاچار ٿي پيا آهيون ،
موئن
جي دڙي وانگي ، ڦٽل آثار ٿي پيا آهيون ،
هيا
جو دم حياتي جا ، کنياسين بار به ٻين جا ،
اڄ
ڪلهه پنهنجن ئي تي ، ڄڻ بار ٿي پيا آهيون ،
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...