سنڌ
۾ ڪمن ڪارن جي حوالي سان اعلان ته ٿيندا آهن پر انهن اعلانن تي عمل ٺپ ٿيندو ئي
ناهي، جئين ڪجھ سال پهرين سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ " تعليمي ايمرجنسي" لاڳو
ڪرڻ وارو اعلان ڪيو هو، پر انهي " تعليمي ايمرجنسي " واري اعلان تي
ڪيترو عمل ٿيو آهي اها ڳالھ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، اڄ به سنڌ جا تقريبن اسڪول بند پيل آهن تعليم کاتي
جي بي ڌياني سبب سنڌ جا اڪثر اسڪول وڏيرن ڀوتارن ۽ جاگيردان جي قبضي هيٺ آهن جتي
بااثر وڏيرا بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اوطاقون بڻايون ويٺا آهن سنڌ جا اسڪول ڪٿي شادي
حال ته ڪٿي مال جا واڙا وٿاڻ بڻيل آهن اتفاق سان جيڪي اسڪول کليل آهن انهن ۾ سهولت
جي کوٽ ايتري آهي جو معصوم ٻارڙا مٺي پاڻي ڍڪ لاِ به سڪن ٿا، اسڪولن جن عمارتون
زبون هئڻ سبب ٻار زخمي ٿيڻ پڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جيڪڏهن سنڌ جي تعليم تي نظر
ڦيرائجي ته اسي سيڪڙو تباھ آهي سنڌ حڪومت تعليم کاتي يا ڪنهن ٻئي اداري کي سڌارڻ
لا اعلان ته ڪري ٿي پر اهو اعلان رڳو اعلان تائين محدود ٿئي ٿو عمل ٺپ ٿئي ئي ڪونه
ٿو، اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن پهرين تعليم کاتي طرفان هلندڙ امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر جي
روڪٿام لاِ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ اعليٰ آفيسرن جو چوڻ هو ته ڪاپي ڪلچر
کي روڪڻ لاِ امتحاني سينٽرن ٻاهران رينجرس مقرر ڪئي ويندي ۽ امتحان ڏيڻ وقت شاگردن
پاران موبائيل آڻڻ تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي ويندي اهڙي طرح قلم 144 لاڳو پڻ ڪيو
ويندو ۽ امتحاني سينٽرن ٻاهران ڦوٽو ڪاپي مشينون پڻ بند ڪرايون وينديون ان کان بعد
چيو ويو هو ته امتحاني سينٽرن جي رستن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳايون وينديون
مطلب ته ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويندا پر افسوس تعليم کاتي
جي اهڙي اعلان تي عمل هڪ ذري برابر به ناهي ٿيو، امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جئين جو
تئين هلي رهي آهي امتحاني سينٽرن ٻاهران ڦوٽو ڪاپي مشينون پڻ کليل آهن اميدوارن کي
ڪاپي ڪرائڻ لاِ امتحاني سينٽرن ٻاهران سون جي تعداد ۾ شاگردن جا مٽ مائٽ ۽ دوست
بيٺل آهن جيڪي اميدوارن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪندا رهن ٿا، ٻيو ته گهوريو
امتحاني سينٽرن اندر مقرر استاد ۽ سيڪورٽي لاِ بيٺل اهلڪار پڻ شاگردن کي ڪاپي
ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪن ٿا امتحاني سينٽرن اندر هر شاگرد وٽ موبائيل پڻ آهي جيڪي
واٽس اپ ذريعي ٻاهران ويٺل دوستن کان سوالن جا جواب حاصل ڪندا رهن ٿا، ڪالهوڪي
اخبارن ۾ اهو پڻ رپورٽ ٿيو آهي ته ڪنڊياري ۾ ڦوٽو ڪاپي مشين تي حل ٿيل پرچو سئو
روپين ۾ وڪرو ٿيو آهي هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ سرڪار ڪاپي ڪلچر
جو خاتمو ڪڏهن آڻيندي ؟ ڏٺو وڃي ته اسان جا سنڌي شاگرد ڪاپي ڪرڻ کان بغير پاس ٿين
ئي ڪونه ٿا ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ تعليمي نظام بهتر ڪونهي ۽
جيڪي اسڪولن ۾ استاد ڀرٿي ٿيل آهن تقريبن استادن کي انگريزي ۾ پنهنجو نالو لکڻ به
نٿو اچي، پوِ اهڙا نااهل استاد شاگردن کي ڪهڙي سٺي تعليم ڏيندا، آخر ۾ انهن شاگردن
جو رزلٽ اهو نڪري ٿو ته ڪاپي ڪرڻ کان بغير پاس ئي ناهن ٿيندا، ٻيو هڪ وڏو الميو
شاگردن جو اهو آهي ته پورو سال اسڪول يا ڪاليج وڃن ئي ڪونه، صرف امتحانن واري
ڏينهن امتحان ڏيڻ لاِ وڃن ٿا پوِ اهڙا شاگرد ڪاپي ڪري نه پاس ٿيندا ته ٻيو ڪئين
پاس ٿيندا ؟ تنهن ڪري ضرورت انهيَ ڳالھ جي آهي ته شاگردن کي گهرجي ته ريگيولر
اسڪول وڃن جئين امتحانن ۾ ڪو مثبت نتيجو سامهون اچي ۽ ڪاپي جهڙي لعنت کان بچي
سگهن، ان کان بعد سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ اهل استاد ڀرٿي ڪيا وڃن
جيڪي شاگردن کي سٺي تعليم ڏئي سگهن ڪاپي ڪلچر تڏهن ختم ٿيندو جڏهن سنڌ جي تعليم
پختي هوندي ۽ انهي تعليمي نظام کي پختو ڪرڻ سنڌ حڪومت جي زميواري آهي .
پاڪستان بقا لاء چيف جسٽس سان اهم ملاقات/سيد زوار حسين شاه
پاڪستان مسلم ليگ ن يوٽرن وٺڻ لاء تيار آهي جنهن ۾ پهرئين مرحلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قابل احترام چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سان ملاقات ڪري
ملڪي حالات ملڪي بقا اليڪشن جي معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي هوندي جنهن کان پوء
مان سمجهان ٿو ته هن ملاقات جو ڪو وڏو نتيجو سامهون ظاهر ٿيندو ، جيڪو ملڪي سلامتي
لاء ضروري هوندو ، پر خورشيد شاه حيرانگي ظاهر ڪندي اهو چيو ته هي ملاقات ملڪ لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي اهڙي ملاقاتن کان پاسو ڪيو وڃين ، پر
عوام هن ملاقات کي وڏي اهميت ڏئي رهي آهي ته ملڪ جي بقا لاء فيصلا
ٿيڻ گهرجن ملاقات ٿيڻ گهرجن عدليه سان محازائي ختم ٿيندي ، آئين اجازت ڏيئي ٿو.پاڪستان
۾ سياسي صورت حال تبديل ٿي رهي آهي ڪجهه ته هڪ ٻئي سان ملي گڏجي اتحاد جوڙي رهيا اهن ڪجهه سياسي
پارٽييون تنها اهن پاڪستان پيپلزپاتي ، پي ٽي آء پاڪستان
مسلم لگ ن اليڪشن وڙهڻ لاء مڪمل تيار آهن عوام سان ڊائريڪٽ ان ڊائيڪٽ
ملاقاتن جو پڻ سڌو سنئون رابطو ڪيو ويو آهي عوام سان تعزيتي سلسله ته عروج تي آهن 31 مئي
تمام صوبائي وفاق حڪومتون تحليل ٿي وينديون جنهن کان اڳ لازمي اهو پڻ
فيصلو ڪيو ويندو ته نگران حڪومت جورڻ لاء حڪمت عملي تي حڪومتي سطح ۽ اپوزيشن جي
سطح تائين مشاورت جو سلسلو جاري آهي ان سان
گڏ سپريم ڪوورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس جناب ثاقب نثار جنهن عوام جي
تڪليفن کي محسوس ڪندي عوام جي ڀلاائي لاء ڪم ڪري رهيو آهي پاڪستان جي آئين يا يوي
اين او ڊڪليئريشن ۾ انساني حقوق بابت واضع چيو ويو آهي ته سڀ کان خاص ۽ ضروري
انسان ذات لاء جي خدمت انهن جا بنياڊي حقن جو خيال رکڻ آهي پر انتهائي افسوس ان
وقت ٿئي ٿو جڏهن حڪومت غريبن جا حق غصب ڪري ٿي جنهن کان پوء احساس محرومي وڌي ٿي ، رياست اندر ڪافي عرصي کان ادارن ۾ سياسي مداخلت رياست کي ڪافي نقصان
رسايو آهي جنهن کان پوء ڪڙو سچ اهو آهي ه جمهوريت تان ماڻهن جو اعتماد ختم ٿيندو
پيو وڃين ان جو ثبوت اهو آهي ته سوشل ميڊيا سميت سماجي ڌرين آزادانه اها گهر ڪئي
آهي ته اسان کي ڪرپشن جي خاتمي جي لاء جديشنل انڪوائريز ڪرايون وڃن جيئن انهن سان
ڪنهن قسم جي رعايت نه ٿئي ان سان گڏ سياسي حلقه پڻ نگران حڪومت لاء جڊيشنل آپشن رکي رهيا آهن
ته اهي نگران وزير يا وزيراعظم کنيا وڃن جن مٿان ڪو به الزام نه هجي باقي جيڪڏهن
موجوده حالات تي نظر وجهون ٿا ته الله سائين معافي ڏيئي هڪ کان هڪ سياسيتدان ڪرپشن ۾ ملوث آهي ان سان
گڏ آفيسر جڪي ڪميشن جي نالي تي رياست کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي نه روڊ
درست آهي نه اسپتال نه ناليون ، برحال اسان وزيرراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سپريم ڪورٽ آف
پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار جي ملاقات کي وڏي اهميت ان ڪري ڏئي رهيا آهيو
جو ملڪي حالات جنهن طرف وڃين رهيا آهن ان وقت درست فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري آهي
جيڪڏهن هن وقت فيصلو غلط ڪيو ويو ته پوء هن ملڪ جو الله حافظ آهي ، برحال ٿيڻ ته اهو گهرجي ته جڊيشنل ۽ پاڪ آرمي
يا سولين اعلي آفيسر جن مٿان ڪنهن قسم جي ڪنهن کي اعتراض نه هجي ان کي نگران سيٽ ۾
کنيو وڃين جنهن جي اها ذميواري هجي ته هو اليڪشن ڪرئي احسن سٺي طريقي سان حڪموت
ڪامياب ٿيندڙ پارٽي کي حڪومت سنڀالڻ وزيراعظم چونڊجڻ جي
زميواري ڏني وڃين ، هن ملاقات کان پوء جڏهن مان ڪجهه ٿينڪ ٽينڪ جي اهم دوستن سان ڳالهه
ٻول ڪئي ته اهو وقت ملاقات ڪرڻ جو نه هو اهو ان ڪري جو هن وقت حڪمران جماعت جا ڪئي
اهم ڪيس پڻ عدليه ۾ هلي رهيا آهن جيڪڏهن ڪو به فيصلو انهن جي فيور ۾ آيو ته پوري
پاڪستان ۾ واويلا ٿيندي جنهن تي پڻ سوچڻ گهرجي ها .برحال جيڪو ٿيو سو ملڪ جي بهتري
لاء ٿيو ۽ اهي خدشات به ختم ٿيڻ گهرجن ته حڪومت هن اداري سان گڏ آهي جيڪو مختلف موقعن
تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سو موٽو جا نوٽيس وٺي رهيو
آهي جنهن کان عوام سپريم ڪورٽ جي ڪيل تمام فيصلن تي خوش ٿئي ٿو ، وزيراعظم شاهد حسين
خاقاني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻ ملڻ جو اظهار ڪيو هو جنهن کان پوء بنا
پروٽول جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي جنهن کان پوء ملڪي حالات تي ان سان گڏ مختلد ڪيسن کي جلد اڪلائڻ لاء حڪمت عملي نگران حڪومت بابت ٿي سگهي ٿو
ته ڳالهه ٻول ٿي هجي ، شيخ رشيد ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا جي سامهون چيو ته جڊيشنل
مارشالا نافظ ڪئي وڃين جنهن تي پڻ ڪافي واويلا ٿيندي رهي جنهن کان پوء شيخ رشيد اهو موقف سامهون رکيو
ته منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته نگران سيٽ ۾ جج صاحبان مقرر ڪيا وڃن جيئن هي اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ کان پوء جيڪو اليڪشن 2019
۾ ڪاميابي ماڻي ان کي حڪومت جون وانڳون هينڊ اوور ڪيون وڃن ، پاڪستان جي عوام جي
خواهش کي مدي نظر رکڻ گهرجي ، عوام اهو چاهي ٿو ته ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ،
ڪرپشن ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري عوام جي سامهون پيش ڪيو وڃين جنهن طرح
سان چيف جسٽس جناب ثاقب نثار ملاقات بعد ان جي ترجمان چيو ته هاڻي ڪجهه به ٿئي
ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي هر هڪ کي انصاف ٿيندو ان سان گڏ قابل احترام جناب چيف جسٽس اهو به
فرمايو ته نگران حڪومت لاء تمام پارٽيون پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪڏهن ڪٿي قانوني يا ڪا تڪليف ٿي ته پوء مان
قانوني مدد ڪندس ، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عوام جا مسئلا حل نه ڪري ها ، خورشيد
شاو اپوزيشن اڳواڻ پڻ اهو چيو ته نواز شريف مٿان ان سان گڏ ڪئي اهم ڪيس سپريم ڪورٽ
۾ هلي رهيا اهن ان تي اثر پڻ پوندو ، ان ملاقات پاڪستاني عوام کي تحڦظات
ضرور آهن جن کي دور ڪيو وڃين ، ان سان گڏ نواز شريف جي پڻ چيف جسٽس کي تنقيد ڪندي
ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته 18 لک ڪيس مختلف عدالتن ۾ پينڊنگ ۾ آهن جن کي پڻ
فوري حل ڪري اهڙي بيان کان پوء قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي ، اهڙن بيانبازي جو پڻ
نوٽيس ورتو وڃين جيڪڏهن اهرن با اثر ماڻهن جن ٽي ٽي مرتبه ڪرسي جا مزاه ماڻيا هجن
انهن کي ٿوري سزا به وڏي سزا لڳندي هوندي ائين نه هئڻ گهرجي عوام جي خدمت کي مدي
نظر رکڻو پوندو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف
جسٽس سان ملاقات ملڪي حالات تبديل ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي منهنجي ذاتي راء آهي ته
ملڪ جي بقا لاء حڪومت وقت ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پاڪستان مفصل ڳالهيون ٿيون هونديون اسان کي
سڀ کان پهريان پاڪستان گهرجي پاڪستان آهي ته اسان آهيون پاڪستانه هوندو ته اسان به
نه هوندو ، ان سان گڏ پاڪستاني عوام کي انهن ڪيسن کي جلد اڪلائڻ گهرجي
جيڪي به هن ملڪ جي لاء اهم آهن عوام چاهي ٿو ته جمهوريت جي آڙ ۾ عوام کي لٽيندڙن
کي فوري سوگهو ڪيو وڃين ، اليڪشن کان اڳ ڪرپشن ڪندڙن جو صفايو ٿيڻ گهرجي اليڪشڻ وقت تي ٿئي
جيئن عوام پنهنجو ووٽ ڏئي ان سياسي پارتي کي چونڊي جنهن ۾ عوام جوي بنيادِ حقن رکڻ
جو جذبو هجي ، پر اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد علي شاه پڻ هن ملاقات تي تحفظات جو اظهار
ڪيو آهي ٻئي طرح عوام هن ملاقات کي اهم سمجهيو آهي ياد رهي ته اهڙين ملاقاتون
پهريان به ٿينديون رهيون آهن يوسف رضا گيلاني ان وقت جي چيف جسٽس جناب
افتخار چودري سان ملاقات ڪئي هئي جنهن تي پڻ ڪافي تنقيدون ٿيون هيون ، هن ملاقات
تي پڻ تنقيد به ٿي رهي آهي ته ساراهه به ٿي رهي آهي ، هي ملاقات ملڪي تبديلي ۾ اهم
ڪردار پڻ ادا ڪري سگهي ٿي ان ڪري اهڙيون ملاقاتون بار بار ڪري آئين کي مضبوط ڪرڻ
لاء ڪي اهم فيصلا ڪيا وڃن.
هٿرادو پيدا ڪيل بجلي جو بحران..!/غلام مصطفيٰ جمالي
نواز حڪومت کان
اڳ پڪ نه هئي ته نواز حڪومت اچڻ کانپوءِ ملڪ جو بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو.ڇو ته
نواز حڪومت اچڻ کانپوءِ حڪومت ڌرڻن ۽ دهشتگردي جي ور چڙهي وئي.جنهن جي ڪري بجلي جو
بحران ختم ٿي نه سگهيو.جڏهن ته سابق وزيراعظم ميان صاحب عوام کي پڪ ڏني هئي ته
2018۾ بجلي جو بحران ختم ٿي ويندو.اهڙي بيان کانپوءِ قوم کي 2018جو انتظار ۽ بجلي
جي بحران ختم ٿيڻ جو آسرو ٿي پيوهو.پر هن قوم جي
اها بدنصيبي آهي ته هي قوم هميشه آسرن تي پلي آهي. انهي ڪري هاڻ انهي آسرن تي
پلجندڙ عوام کي بجلي جي بحران جو منهن ڏسڻو پيو آهي. هن وقت اخبارون توڙي اليڪٽرونڪ
ميڊيا تي جيڪي رپورٽ نشر ٿي رهيون آهن انهن رپورٽن موجب
حڪومت لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري پنهنجي
اعلان تان ڦري وئي آهي. پاڻي ۽
بجلي واري وفاقي چيو آهي ته 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ٿي سگھندو. قومي
اسيمبلي ۾ لکت ۾ بيان ڏيندي وفاقي وزير چيو ته آءِ پي پيز جي 21 منصوبن جو 50
سيڪڙو ڪم اڃا رهيل آهي. هن وقت تائين انهن منصوبن جو صرف اڌ ڪم ٿي سگھيو آهي، ان
ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ 2018ع ۾ ختم ٿيڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته 43 مان 14 منصوبا بند
پيا آهن. رڳو 3 منصوبن جي پيداوار 90 سيڪڙو تائين آهي. 2018ع تائين بجلي جي ڪُل
پيداوار 18 هزار 34 ميگاواٽ
تائين پهچي سگھندي جڏهن ته ان دوران بجلي جي گھرج 25 هزار 790 ميگاواٽ تائين ٿي
ويندي،۽ حيرت ته انهي ڳالهه جي آهي ته 2018 ۾ حڪومت به ختم ٿي ويندي مطلب ته وفاق
جون هنيل ڊاڙون ۽ ضرف ڊاڙون هنيون عوام سان ڪيل هڪ مذاق هو ٻيو ڪجهه به هيمشه
وانگر هن وقت پوري ملڪ اندر بلجي جو وڏو بحران آهي، جنهن سبب پوري ملڪ جي معيشت کي
وڏو نقصام پهچي رهيو آهي،وڏين ملن ڪارخانن کا ويندي عام دڪاندار به بجلي بحران جي
ڪري پنهنجو ڪاروبار پوري طرح سان نه پيا ڪري سگهن جڏهن ته انهي بجلي بحران جي ڪري
گذريل سال ڪراچي اندر گرمي پد وڌي وڃڻ ڪري سوين ماڻهو پڻ مري ويا هئا پر انهن بي
گناهه عوام جي موت تي نه وفاق
ڌيان ڏنو ڏٺو وڃي
ته بجلي جي بحران کي وڌائڻ ۽ انهي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ وفاق حڪومت جو
ئي رهيو آهي پر وفاق انهي ڏس ۾ اهڙو ڪو قدم ناهي کنيو جنهن سان ملڪ مان بجلي جو
بحران ختم ٿي سگهي جڏهن ته هميشه ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ملڪ جي معيشت ۽ ڪاروباري
سرگرميون تباهي جي ڪناري جي پهتيون آهن ته انهن جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ توانائي جو
بحران ئي رهيو آهي ۽ اهو ته سورهن آنا سچ آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت جيڪووڏي ۾ وڏو
اهم مسئلو آهي اهو توانائي جي بحران جو آهي.ملڪ اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ليڊرن وڏي
هام هڻي اهو چيو هو ته جيڪڏهن اسانکي اقتدار مليو ته اسان جو پهريون ۽ اهم ڪم اهو
هوندو ته ملڪ مان توانائي جو بحران ختم ڪيو ويو ويندو پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته
پاڪستاني ليڊر عوام سان صرف ۽ صرف وعداه ڪري ڄاڻن ٿا. ۽ واعدن کي وفا ڪرڻ جي وقت
سندس روايا روايت وانگر بدلجڻ ۾ دير ناهن ڪندا. دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏسو جيڪي
پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آيا ۽ انهن وٽ وسائل به تمام گهٽ آهن.پراڄ
انهن ملڪن اندر بجلي جي لوڊشينگ ته پري جي ڳالهه آهي ان ملڪن اندر بجلي جي
لوڊشينٽنگ جو تصور به ناهي.مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪنهن بيرون ملڪ اندر عوام جي هڪ
وڏي انگ هڪ هنڌ شريڪ ٿي هڪ انوکو احتجاج ڪيو ته ڪجهه ڪلاڪ لاءِ بجلي بند ڪئي وڃي
ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي اسانجي ملڪ اندر هر روز اهڙا هزارين ڌرڻا لڳندا آهن
روڊن تي ٽائر ساڙيا ويندا آهن ته بجلي جي لوڊشينگ ختم ڪيو ته پر بيرون ملڪ اندر
بجلي جي بند ڪرائڻ لاءِ لوڊشينگ ڪئي وئي انهي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن اتي جي
عوام کان پڇا ڪئي ته هي اوهان بجلي بند ڪرائڻ لاءِ ڇو احتجاج ڪري رهيا آهيون ته
انهن احتجاج ڪندڙن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان پنهنجي وجود اندر هڪ احساس بنائڻ ٿا
ٺاهيو ته جن ملڪن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشِنٽگ هوندي آهي اتي جي عوام جي زندگي ڪهڙي ٿي
گّذري.انهي ڳالهه تي انهي ملڪ جي سرڪار حڪم ڏنو ته ڪجهه ڪلاڪ لاءَ بجلي بند ڪئي ته
صرف 15منٽ مس گّذريا ته ساڳي عوام روڊن تي نڪري آئي ته خدرا بجلي بحال ڪيو.بجلي نه
هجڻ ڪري ساهه ٿو نڪري.اوهان سوچيو ڪيڏي نه حيرت ۾ وجهندڙ خبر آهي ته جت عوام روڊن
تي نڪري صرف ڪجهه ڪلاڪ بجلي بند ڪرائڻ ۽ پوءِ ساڳي عوام صرف پندرهن منٽ اندر ساهه
۾ تڪليف سبب بجلي بحال ڪرائي ته اوهان ڇا ٿا سمجهو.؟ڇا اسان پٿرن جي دور ۾ پنهنجي
زندگي نه گذاري رهيا آهن.اسان کي ڇڏي ڪري رڳو اسانجي پاڙيسري ملڪن تي هڪ نظر وجهون
ته انهن ملڪن ۾ اهڙو بجلي جو بحران ناهي جهڙو اسانجي ملڪ ۾ آهي سموري ڏينهن ۾ صرف
چار ڪلاڪ بجلي آڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ خوب ڄاڻن ٿا،اسان جي ملڪ جي عوام لوڊشِينگ
جو هڪ اهڙو عذاب ڀوڳي رهي آهي .جيڪو عذاب هن دور جي حڪومت جو هٿرادو پيدا ڪيل
آهي.بجلي جي لوڊشينگ جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي .جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي
ڪون ٿو وٺي.افسوس جو مقام آهي بجلي جي لوڊشينگ انساني زندگي کي مفلوج بڻائڻ ۾ ڪا
به ڪسر ناهي ڇڏي.۽ اهوئي سبب آهي ته حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدا
ناهي.۽ هن وقت حڪومت بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ڌيان نه ڏئي رهي آهي.۽
جيڪڏهن ڪجهه سال اڳ اسين پيداواري صلاحيت ۽ انهي بجلي جي بحران طرف ڌيان ڏيون هان
به ملڪ مان بجلي جي بحران ئي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي سگهيو ٿي.جيڪو ممڪن به هو ۽
هاڻ به ممڪن آهي.محترم شهيد بينظير بجلي بحران لاءِ منصوبا جوڙيا پر آيل ٻئي حڪومت
انهن منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو.اهڙي طرح هر حڪومت ٻئي حڪومت جي منصوبن کي رد ڪندي
رهي،اهو انهي بنياد ئي ته انهي منصوبن جو ڪرِڊيٽ ٻين حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.انهي ڪري
هر حڪومت اڳين حڪومت جي منصوبن کي رد ڪندي رهي.پر اها به حيقيت آهي ته اهو ملڪ ۽
عوام سان دشمني جي ٻڌل هڪ خيال آهي.جنهن ڪري ملڪ انهي بحران مان نڪرڻ بجاءِ هر روز
انهي دندل ۾ ڦاسندو پيو وڃي.جيڪڏهن ملڪ جي مفاد لاءِ حڪمران ڏسن هان ته هي ڏينهن
ڏسڻا نه پون هان.پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ پورا اٺ
سال بجلي جو استعمال ڪيو ويو پر انهي جي پيداوار لاءِ ڪي به اپاءٌ نه ورتا
ويا،جنهن جي نتيجي ۾ پ پ حڪومت کي ٻاهران بجلي گهرائڻي پئي،پراڄ وفاق حڪومت به
انهي طرف ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي.اسان وٺ پاڻي ڪوئلي سميت ڪيترائي وسيلا آهن جن
مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي پر انهن مان فائدو وٺڻ طرف ڪو به منصوبو ناهي جوڙيو
ويو.جڏهن ته ن ليگ حڪومت پنهنجي بيان تان فري وئي آهي جن چيو هو ته اقتدار اچڻ شرط
ئي بجلي بحران ختم ڪيو ويندو اها ئي حڪومت چئي رهي آهي ته بجلي جو بحران ختم ڪرڻ
لاءِ اڃان به سال لڳندا پر انهن کان ڪير پڇي ته سندس حڪومت سال رهندي.انهي ڪري
وفاق حڪومت کي بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪي تڪڙا اپاءُ وٺڻا پوندا جيئن ملڪ مان
بجلي جو بحران ختم ٿي. عالمي سرمائيداري جي زوال واري ڪيفيت ۾ سامراجي طاقتون ٽين
دنيا جي ملڪن تي ڳجهين جيان ڪاهي پيون آهن ۽ پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حيثيت سبب
انهن جي محور جو مرڪز بڻيو پيو آهي. ٻئي پاسي تيل جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هڪ هٽي(Monopoly) هر گز نه
ٿي چاهي ته تيل ۽ گيس جي متبادل توانائي جي ذريعن کي ڪتب آندو وڃي. پاڪستان جا
نااهل حڪمران ۽ خصي سرمائيدار ان لائق ئي نه رهيا آهن جو سامراجي جڪڙبندين ۾ رهندي
توانائي جي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻي سگهن. ان صورت
۾ صرف هڪ ئي حل بچي ٿو ته سامراجين جي غلامي کان نجات حاصل ڪجي، مالياتي ادارن جو
قرض ضبط ڪيو وڃي، سڀني پيداواري ذريعن کي قومي تحويل ۾وٺي مزدورن جي جمهوري ڪنٽرول
۾ ڏنا وڃن ۽ اهو هڪ سوشلسٽ انقلاب کان سواءِ ممڪن نه آهي. سوشلسٽ انقلاب ذريعي
سامراجين کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ قرض ضبط ڪرڻ سان ۽ پيداواري ذريعن کي قومي
تحويل ۾ وٺڻ سان پيداوار ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو ڇو ته سوشلسٽ نظام ۾ پيداوار
منافعي ڪمائڻ بجاءِ عوام جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ هوندي ۽ پاڪستان ۾ صرف پاڻي سان
40,000MW بجلي
پيدا ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه پاڪستان ۾ 185.175 ارب ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود
آهي جنهن جي ماليت سعودي عرب ۽ ايران جي گڏيل تيل جي ماليت جي برابر
آهي جنهن سان پڻ وڏي پيماني تي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ نامياتي پٿر (Organic Shales) جا ذخيرا
پڻ وڏي مقدار ۾ موجود آهن جن مان 51 کرب ڪيوبڪ فِيٽ شيل گيس (Shale Gas) حاصل ڪري نيچرل گيس
۾ تبديل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا سستي ۽ ماحول دوست پڻ آهي جنهن کي پڻ بجلي جي پيداوار
لاءِ استعمال ڪري سگهبو. ان کان علاوه پاڪستان جي ريگستاني علائقن ۾ سولر انرجي جا
پلانٽ لڳائي سگهجن ٿا، پاڪستان ۾ سامونڊي پٽي تي پن بجلي ذريعي پڻ بجلي پيدا ڪري
سگهجي ٿي ۽ نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي وسيلي پڻ بي پناهه بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جنهن
سان نه صرف لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو پر ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿيندي جيڪا
ايڪسپورٽ ڪري سگهبي. ان لاءِ هن ملڪ جي نوجوانن، پورهيتن، هارين ۽ انقلابين تي اها
ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هن منافعي جي نظام کي انساني ضرورتن جو پورائو ڪندڙ نظام
يعني سوشلسٽ نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ انقلابي جذبن سان طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪندي هن
ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪجي جيڪو نه صرف هن ملڪ جي حدن تائين محدود رهندو پر ڏکڻ
ايشيا جي رضاڪارانه سوشلسٽ فيڊريشن جي قيام ۽ عالمي سوشلسٽ انقلاب جو باعث بڻبو ۽
عوام سک جو ساهه کڻي باقي ٺلهن منصوبن جوڙڻ مان ڪجهه ڪون ورندو..!!
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...