عورت
پيدا ناهي ٿيندي پر اها ٺاهي ويندي آهي اها ڳالهه عورتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ
سا.ئمن ديبوريا ڪئي آهي اسان قومي آزادي ۽ برابري جي ڳالهه ته ڪندا آهيون پر عورتن
جي آزادي پياري نه آهي جيڪر آزادي پياري آهي ته پوءِ اها عورتن جي ڇو نه! ارسطو
چواڻي “
غلام
عورتن جي ڪُک منجهان غلام ئي پيدا ٿيندا”. مون سميت شايد توهان
جي ذهنن ۾ به اهي مونجهارا هوندا ته اگر عورتون به آزاد ٿي ويون ته پوءِ سماج جو
ڇا ٿيندو؟ اتي اسانکي سماج ۽ قدرن جو خيال ٿئي ٿو باقي هر روز اسان پنهنجن روين،
دائرن ۾ عورتن مٿان جيڪي حملا ڪيون ٿا اهي آخر ڪهڙي کاتي ۾ ويندا! اسانجي ٻولي ۾
به عورتن خلاف نفرت انگيز مواد ملي ٿو جيئن، رنو رب وڃايون ڏاڙهن ڪهڙا ڏوهه يا
عورت کي عقل کڙي ۾ هوندو آهي اڃان وڌيڪ عذاب ته عوررتن لاءِ اسان وٽ نازڪ، نفيس،
شرميلي ۽ پاڪدامن جهڙا لفظ پيا ڏسجن
جهڙوڪ عورتون ڪيڪ جيان هجن ۽ اسين انهن کي کائي چٽ ڪري ڇڏيون. پر اها اسانجي ڀُل آهي
اهو هرو ڀرو ڏڍ آهي ته عورتون ڪمزور آهن آخر ڪهڙي شعبي ۾ سائنس ۾ بيشمار نالا ملندا،
فلسفي، سماجيات ۾ به مطلب ته عورتون ڪٿي هٽيون آهن پر مار پوي هن سرمائيدار نظام ۽
پدرشاهي کي جيڪي گڏجي عورتن جا جنازا (سڀ حق کسڻ) ڪڍڻ ۾ پورا آهن. هر روز ٽي وي، اخبارن
۽ وڏن رسالن ۾ عورتن جون تصويرون ڪنهن وکر سميت ڏسيون وينديون آهن اها نفسيات ٺاهي
ويندي آهي ته جيئن ماڻهو اهي شيون خريد ڪن مطلب ته ڀلو ٿيندو سرمائيدارن جو. اچون ٿا
پدرشاهي تي مطلب مردن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي بالادستي (عورتن) مٿان
آهي. پر اها ڳالهه اڄ کان 4000 قبل مسيح جي آهي ۽ اڄ سڌو تائين عورتن جو ماس ۽ هڏا
رهڙي پئي کائي. ڏاهي ارسطو ته کڻي چيو ته عورتون مردن کان گهٽ آهن بلڪ اڻمڪمل مرد آهن
خير يونان جي دور ۾ عورتن ڏانهن رويا اهڙا ئي هيا کڻي جي تاريخ ۾ عورتن ٿيوڊورا (اوڀر
روم جي حڪمران) جهڙا ڪردار ملندا جن چرچ ڪيليسا جي سڀئي نافذ ڪيل عورت دشمن قانونن
کي رد ڪيو، سينٽ هيلينا روم سلطنت ۾ حڪمراني ڪئي 1959 ۾ ڪيوبا انقلاب فيڊرل ڪاسترو
۽ چي گويرا کان اڳ هڪ انقلابي عورت سيليا سانچيز ظلم خلاف وڙهي1879 فرانس انقلاب دوران
عورتن به مردن سان گڏجي آزادي، برابري، ۽ ڀائيچاري جي نعرن هيٺ ويڙهه ڪئي پر عورتن
کي ڪجهه به نه ڏنو ويو. 1917 جي روسي انقلاب
دوران سڀ کان پهريان اجرتن لاءِ هڙتالون ڪندڙ اهي پهريان مزدور عورتون ئي هيون. ۽ هيئنر
ترڪي ۾ پنهنجي وطن جي آزادي ۽ داعش سان وڙهندڙ اهي ڪرد ويڙهاڪ عورتون ئي آهن جن کي
اسان ڪمزور سڏيندا آهيون. سنڌ ۾
مائي جندو ۽ مائي بختاور هيون جن مان هڪ ڪرنلن کي ڦاسي چاڙهائڻ ۽ ٻي جاگيردارن سان
جنگ ڪئي. ان سميت تاريخ ۾ ايترا ڪيترا ئي ڪردار ملندا جن اهو ثابت ڪيو ته عورتون مردن
کان گھٽ نه پر برابر آهن تاريخ جي وهڪري ۽ سماج جي اوسر ۾ اسان جهنگ جي زندگي ختم ڪري
وڏيون تهذيبون ته اڏيون آهن پر ان دوران اسانکي ايترا ڪيترائي عورت دشمن رويا ۽ قانون
به مليا آهن جيڪي عورتن جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ رخنو وجهن ٿا ۽ عورت کي
انسان نه پر جنس سمجهن ٿا گھر جي چوديواري هجي، پردو، حق بخشرائڻ، ملڪيت جو چوٿون حصو،
شاهدي هڪ مرد برابر ٻه عورتون، منهن تي تيزاب هارڻ، گھريلو تشدد. ٻيو عذاب اهو ته جيڪڏهن
ڪنهن عورت مٿان ڏاڍ يا زنا ٿئي ته چار شاهد گڏ ڪري اچي مطلب ته اها عورت مردن کي سڏي
ته مونسان ظلم ڏسو پوءِ عدالت م ٻڌائجو اهو عدالت وارو انصاف اسانکي نه کپي.اسان ڀلا
عوررتن جي آزاديءَ کان ڊنل ڇو آهيون مطلب ته اسان پاڻ پاليون به(عورت) غلام پوءِ
اسان آزاد ڪيئن ٿينداسين اسان سمجهو ئي ناهي ته آزادي مان مطلب ته اسان اهو
ڪنداسين جيڪو اسان جي سمجهه ۾ ايندو نه هر گز نه اسان گھريلو ڪم ڪار کان وٺي فيڪٽرين
۾ ڪم ڪار ڪنديوسين پر پنهنجي مرضي سان نڪي مالڪ جي زور يا مارڪٽ جي ڊپ کان اسان به
ته ان زبردستي جي خلاف آهيون ڇو ته زبردستي اتي هلندي آهي جتي عقل ۽ سبب جي ضرورت ناهي
هوندي مونسان ڪلاس جو دوست مزاق ۾ لطيفو ٻڌائيندو آهي ته ريلي ۾ اسان وڃي رهيا هياسين
۽ نعرا پيا هڻو ته عورت به گھري ٿي آزادي پريان “ بابا ڌڙڪو ڏيندي چيو ته هڪڙي ماءُ
کي آزادي ملي ته پوءِ ماني ڪير پچائيندو” اسان وٽ اهو ڊپ آهي ته ايئن ڪرڻ سان سماج
منجهه فحشت ۽ ڇڙواڳي رقص ڪندي ڀلا هن سماج ۾ پدرشاهي ڪهڙا رشتا بچايا آهن! پيار لاءِ
ڪورٽن جا چڪر، زهر، آپگھات، ڦاهي، گھران نڪرڻ، ۽ ڪارو ڪاري کان وٺي حق بخشرائڻ ۽ سـڱ
چٽي ڏيڻ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بربادي ٿيندي. اها پدرشاهي ئي آهي نه جنهن جو مطلب گھر
جو سربراه هڪ مرد هوندو پوءِ اهو جيڪي فيصلا وٺي اهي سَر اکين تي. عورتن جي آزادي مان
مراد سياسي، معاشي ۽ سماجي برابري، پر اسان ڪير ٿيندا آهيون اهي بنيادي حق ڪنهن کان
کسڻ وارا. تاريخ ۾ ووٽ، تعليم، حمل ڪيرائڻ سميت ٻيا حق به ته عورتن وڙهي ورتا آهن اسان
ٽئين دنيا جي ملڪن جي حالت تمام خراب آهي پاڪستان عورتن جي حوالي سان ٽيون نمبر تي
خطرناڪ ملڪ آهي مطلب عورتن جي حقن ۽ ترقي فراهم ڪندڙ ملڪن مان 142 نمبر تي آهي. جيڪڏهن
اسان هيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ ڏسون ته خوف سان جسم جا وار اُڀا ٿي ويندا ان لاءِ 2014 ،2015 ۽ 2016،17 جون رپورٽون
پڙهي سگھجن ٿيون ته اسانجو سماج عورتن لاءِ دوزخ کان بدتر آهي قانون ۽ بل ته پاس ٿين
ٿا پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو 1973 جي آئين ۾ اهو واضع چيل آهي “نسل، مذهب ۽ جنس
جي مٿڀيد کي اوليت نه ڏني ويندي سڀني کي برابر حق ملندا پر هتي قصو ان جي بلڪل ابتڙ
آهي حالت اها آهي ته 25 سيڪڙو ڇوڪريون يونيورسٽي تائين مس رسي سگھن ٿيون ميڊيڪل يونيورسٽين
۾ ڇوڪرين جو تعداد ته 70 سيڪڙو آهي پر شادي يا
گھريلو پابندين ڪري 50 سيڪڙو ڇوڪريون به نوڪري نٿيون ڪري سگھن. ٻي پاسي گھريلو
ڪم ڪار ۽ انفارمل سيڪٽر ۾ 70 سيڪڙو عورتون پورهيو ڏين ٿيون ٻهراڙين ۾ ته ٻارن سنڀال
کان وٺي گھر ۽ ٻني ٻاري ۾ عورتون پورهيو ڪن ٿيون صحت ۽ تعليم انهن کان ڪوهين ميل پري
آهي. جنهن سماج ۾ انسان جو قدر جنس جي بنياد تي ٿيندو ته پوءِ اهو معاشرو صحتمند ڪيئن
هوندو مطلب ته سڄو جسم (AIDS) مدافعي قوت جي بيماري ۾ ورتل هجي مدافعي قوت
باقي نه بچي هجي ته پوءِ اتي الٽيون اچڻ، مٿي کي چڪر،دل جو ڪچو ٿيڻ ٻي معني ۾ عورتن
جا ڪن، وار،نڪ، ڪپڻ جيئن تازو ڪراچي ۾ خنجر حملا آور عورتن مٿان ظلم ڪن پيا ۽ جيئن
سوات م ننڊڙي ڇوڪري کي زمين تي ليٽائي ڪوڙا هڻندا آهن توهان باضمير انسان رت جا ڳوڙها
رُنا هوندا واقعي ضمير هجڻ به گھرجي. نيٺ سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا ڪجي! عورت مرد
جي نجي ملڪيت آهي جيسين تائين اها پنهنجي معاشي آزادي حاصل نٿي ڪري ان وقت تائين سڀ
اعزاز ۽ لقب ڪوڙا ۽ کوکلا آهن ڏاهي ڪارل مارڪس چوڻي “ ڪنهن معاشي کي جاچڻو آهي ته ان
۾ عورت جو مقام ڏسڻو آهي ته سماج ڪيترو صحتمند آهي مطلب معاشي برابري” باقي اسانجي
سماج ۾ عورتن جا وڏا مقام آهن هڪ لطيف آباد ۾ ٻيو قاسم آباد ۾.
عظمي ڪليري جي خون سان انصاف ڪير ڪندو/ اعتزاز احمد چانگ
سنڌ ۾ هر روز هزارين ظلم جا واقعا پيش اچن ٿا جيڪي ميڊيا تي اچڻ
کان پهرين ڪنهن جاگيردار جي پيسن سان ڀريل بيگ جي هيٺيان دٻجي وڃن ٿا, يا ته ڪنهن
ٽارچر سيل ۾ ظلم سهندي سهندي اتي ئي دفن ٿي وڃن ٿا. انصاف لاء ٻاڏئيندڙ مائرون ۽
پيء احتجاج ڪندا ۽ هنجون هاريندا رهن ٿا, پر هن ملڪ ۾ سنڌي قوم لاء انصاف گهرڻ
ائين ئي آھي جئين ٻٻر کان ٻير گهرڻ. جئين گذريل ڪيترن ئي سالن کان فضيلا سرڪي جا
وارث انصاف لاء دانهون ڪندا رهن ٿا پر اسان جي ملڪ جي اردو ميڊيا تي به ڪورٽ
ٻاهران بيٺل مجسمي جيان اکين تي ڪاري پٽي ٻڌل آھي.ھن دور ۾ سنڌي قوم لاء ته انصاف گهرڻ به ڏوھ آھي, ٻيو ته ٺھيو پر
هن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو ڊنڍورو ڪندڙ حڪمرانن اڳيان سوال ڪرڻ يا ڳالهائڻ به اهڙو ئي گناھ آھي جهڙو
پراڻي دور ۾ ڪنهن بادشاھ خلاف ڳالهائڻ ڏوھ ھوندو ھو, ته پوء ڇا هي حڪومت جمهوري
سڏائڻ جي لائق آھي?? هي ڪهڙي جمهوريت آهي جتي انصاف پيسن تي وڪامندو هجي, جتي جان
جي قيمت فقط هڪ گولي هُجي, جتي غريب جا ننگ وڏيرن جي عاليشان بنگلن ۾ جنسي ڏاڍائي
جو شڪار ٿيندا هجن, جتي نياڻيون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وينديون هجن, جتي چار
سالن جي نياڻي جيڪا ڪنهن گلاب جي گل جيان معصوم لڳندي هُجي ۽ ان جي هٿ ۾ قلم ۽
سليٽ هجڻ گهرجي, اها نياڻي وحشي جانورن جي ور چڙھي مرجهائجي ويندي هجي ۽ سندس وارث
قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاء خود هر گهڙي جيئندا ۽ مرندا هجن, جتي جا
ماڻھون هڪ ٻئي سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪندا هجن, جتي جا منسٽر عوام جي پيسي
تي ڏاٺ به لنڊن مان ڪڍرائيندا هجن, جنهن ملڪ جا سڀ ادارا, سياسي توڙي قانون نافذ
ڪندڙ, هڪ ڪرپٽ ماڻھو کي بچائڻ لاء ننهن چوٽي جا زور لڳائيندا هجن, جتي جي حڪمرانن
جا گهوڙا ۽ ڪڪڙ ته بادام کائيندا هجن پر معصوم ٻار بک کان مرندا هجن, ڇا جمهوريت
اھڙي هوندي آهي?? اهيا اگر جمهوريت آھي جنهن ۾
انسان نه جي سگهندو هجي نه مري سگهندو هجي ته پوء آئون چوان ٿو اهڙي جمهوريت کان ته مارشلا ڀلي آھي, جا سڪون
سان مرڻ ته ڏيندي,اسان سنڌي هر دور ۾
انصاف حاصل ڪرڻ لاء دانهيندا رهيا آھيون, اسان جو آواز عرش تائين ته ويندو آھي پر
اسان جي حڪمرانن جي بيڊ روم تائين نه پهچي سگهندو آھي,هاڻي ته لڳي ٿو اسان جو آواز
عرش سان به نٿو ٽڪرائي, اسان غلام بنجي چڪا آھيون, اسان جا هٿ پير ٻڌل آھن, اسان
لاء انصاف گهرڻ گناھ آھي, غلامن لاء انصاف ناهي هوندو, اهي صرف غلامي لاء پيدا
ٿيندا آھن, انهن جون نياڻيون پيرن, ميرن ۽ وڏيرن کي راهت پهچائڻ لاء هونديون آھن, انهن
جي زبان ڪٽيل هوندي آھي.پر معصوم ٻارن سان ائين
ڇو, ٻار ته آزاد هوندا آھن ٻار ته بي ڏوها هوندا آھن, انهن لاء ڇا ڀلو ڇا بُرو, انهن
سان انصاف ٿيڻ گهرجي, معصوم نياڻين کي انصاف ملڻ گهرجي, اگر زينب کي انصاف ملي
سگهي ٿو ته عظمي ڪليري کي به ملڻ گهرجي, اها به ساڳي قانون جي پاڇي ۾ رهي ٿي, اها
به هن سماج جو حصو آھي, ان کي به اوترو ئي حق آھي. سو هي ننڍڙو لاش به اڄ انصاف جي
لاء ٻاڏائي ٿو, هي به زينب جيان ڪنهن پيء جي ڌي آھي, هي به ڪنهن ماءُ جي اکين جو
ٺار هوندي, هن جو قاتل به اڄ آزاد آھي, پر هي نياڻي پنجاب جي شهر قصور جي زينب
ناهي, هي معصوم نينگري سنڌ جي شهر حيدرآباد جي عظمي ڪليري آھي,جا ڪنهن وحشي جانور
جي حوس جو نشانو بڻي پوء قتل ڪري سندس لاش کي واھ جي ڪناري مٽي حوالي ڪيو ويو, ڇا
اهيو انسانيت جوڳو عمل آھي, هن کي به انصاف ملڻ کپي,پر هتي جا صحافي وڪاڻل آھن, هتي
جا سياست دان ڪُتن سان کيڏندا آھن, هتي جا پير, مير ۽ وزير صرف پنهنجي مفاد خاطر
جيئن ٿا. اهيو سلسلو خبر ناهي ڪيستائين جاري رهندو.اسين تمام سياسي اڳواڻن, اعلي عدليه ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان
عظمي ڪليري لاء انصاف جي اپيل ٿا ڪريون, اردو ميڊيا کي پڻ اپيل آھي ته تعصب جي
ڪاري پٽي هٽائي انسانيت خاطر عظمي ڪليري جو آواز ايوانن تائين پهچائي
يمن جنگ سعودي دهليز پار ڪري ورتي..!! غلام مصطفيٰ جمالي
يمن جنگ حوثين باغين جي بغاوت سعودي جي لاءِ
خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي.جڏهن ته ايران سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندي خاموش ۽
ماٺ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، حوثين پاران سعودي عرب جي علائقي نجران تي
ميزائن سان حملو ڪيو جنهن سان ڪيتريون بي گناهه زندگيون موت جو کاج بڻجي ويون،جڏهن
ته پاڪستان جي پارليمنٽ جي منظور شده قرارداد جو هڪ جائزو وٺنداسين جنهن ۾ چيو ويو
آهي جيڪڏهن سعودي کي ڪنهن ملڪ کان جنگي خطرو هوندو ته انهي ڏس ۾ پاڪستان سعودي عرب جي ڀرپور
مالي توڙي عڪسري مدد ڪندو. انهي ڪري هن وقت حوثين باغين پاران سعودي عرب جي علائقي
نجران تي جيڪو ميزائن سان حملو ڪيو آهي انهي حملي ڪري پاڪستان کي سعودي عرب جي مدد
ڪرڻ گهرجي پر افسوس آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي ڪا چرپر ڏسڻ ۾ نه پئي اچي. هن وقت پوري
دنيا جي مسلمان ملڪن جي مالي بحران جو جائزو وٺنداسين ته گهڻي ڀاڱي انهي مالي
بحران جي ڊوڙ ۾ انهي مالي بحران جي رستن تي پيرن جا نشان ايران جا ئي نظر اچي رهيا
آهن. ايران هڪ طرف مغرب ملڪن سان تعلق بهتر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ٻئي طرف سندس عرب
ملڪن سان تفادن تمام گهڻي حد تائين خراب ٿي ويا آهن جنهن جا اهڙا اثرات عرب ملڪن ۾
جن سعودي عرب، عراق، يمن خليج بحرين، ۽ لبنان ۾ واضع ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن انهن ملڪن
سان ايران جو سياستي سرگرميون تيل ۽ هٿيارن ۽ مذهبي رويو بهتر نه هجڻ ڪري پوري خطي
۾ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن ايران جو عرب دنيا سان ڪشيدگيون پراڻيون آهن
جنهن جي اڪثريت وجهه ايران جي حڪمراني پاليسن جي آهي ايران پنهنجي پاليسن سان جيڪو
انقلاب آڻڻ ٿو چاهي اهڙي ڪوشش ايران پاڪستان سان به ڪئي هئي جنهن تحت پاڪستان ۾ هڪ
جنوني فريقه واريت جنگ شروع ٿي هئي ۽ ڪيترا سال پاڪستان انهي فرفيه واريت جنگ جي
دندل ۾ ڦاسي پيو هو ۽ جنهن ڪري پاڪستان ڪيترن ئي مسلئن کي منهن ڏنو ايران
پاڪستان ۾ هڪ گروپن جي مدد وٺي ڪري فرقيه واريت جنگ ڪرائي پر انهي پروگينڊا مان
ايران کي ڪجهه نه حاصل ٿيو.هن وقت وري سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا
آهن پر اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي. ڪنهن وقت جڏهن رياض ۽ تحران جي وچ ۾ صدر صدام حسين جي ڪويت
تي چڙهائي سان انهن مسئلن جو عمل سامهون آيو ان موقعي تي ايراني صدر فسنجاني سان
هڪ معاهدو طعي ٿيو جنهن سان ٻه طرفيون ڪشيدگيون ختم ٿيون پر اهو معاهدو صرف پنج
سال هلي سگهيو عرب ملڪن جو اهو موقف آهي ته ته ايران جو جارح ايجنڊا انهن لاءِ
خطرناڪ آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ايران براه راست شام جي لڙائي ۾ اندورني طرف
سان انهي لڙائي جو حصو آهي جڏهن ته عراق ۾ جنگ ۾ سندس حمايت واضع ڏسڻ ۾ اچي رهي
آهي جهڙي
لبنان ۾ جنگ جاري آهي يمن غزه،بحرين، ۾ جارحيت جاري آهي جڏهن ته
سوڊان اندر به سندس موجودگي آهي جڏهن ته صدر عمرالبشير جو چوڻ آهي ته ايران سان لاڳيل
جيڪي معاملا پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري ٿيو ته ايران پنهنجي
ارادن کي درست ناهي ڪيو جڏهن ته ايران عرب ملڪن ۾ پنهنجي اتحادن جي مسلسل مدد ڪري رهيو جنهن تي
عرب ملڪن کي سخت اختلاف آهن انهي ڪري ايران جيڪوپنهنجي اتحادين جي مدد ڪرڻ کي پاڻ
لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن يمن سياسي ۽ سماجي لحاظ کان سعودي عرب جي تمام ويجهو آهي انهي ڪري حوثين
جي باغين جو سعودي عرب عرب مٿان حملو نه صرف سعودي لاءِ خطرناڪ آهي پر اتي پوري
خطي لاءِ تمام گهڻا اخطرناڪ اثرات ڇڏيا آهن ايران جيڪو هن وقت پوري معاملي کان
لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ايران هميشه هڪڙي اهڙي سوچ تحت پنهنجي اتحادين
سان گڏجي اسلامي ملڪن کي ڪمزرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪندو ٿو اچي ايران اسلامي ملڪن جي انهن اتحادين جي مدد
ڪندو آهي جيڪي اسلامي ملڪن جي اندر حڪومتن کان بغاوت ڪري وٺندا آهن هن وقت حوثي
باغي يمن جي حڪومت کان مڪمل بغاوت ڪري يمن ۾ خاناجنگي ڪري يمن ۾ ڪيترا بي گناهه
انسان انهي جنگ ۾ موت جو کاڄ بڻائي چڏيا آهن جڏهن ته سعودي عرب يمن جي صدر کي
پناهه ڏني ته يمن ۾ موجود حوثين باغين مٿان حملا ڪرڻ شوع ڪيا حوثين باغين به جواب
جو سعودي عرب مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا انهي ڏي وٺ ۾ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪو ٺاه ڪرائن
بجاءِ يمن ۾ موجود حوثين باغين جي مدد ڪرڻ لڳو جنهن ڪري حوثين باغين کي هڪ ملڪي حمايت ۽ عسڪري
طاقت ملي جنهن عسڪري طاقت ملڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ انهي حوثين باغين جي ميزائن
جي حملي ڪري سعودي جي عوام کي بيگناه ماري ڇڏيو آهي جنهن ڪري پاڪستان به انهي ٻه واٽي
تي اچي ٻيٺو آهي ته هو ڇا ڪري.؟ ڪنهن جي مدد ڪري.؟ ۽ ڪنهن کي ناراض ڪري.؟ جڏهن ته
پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هجڻ سان هڪ فريقه واريت جي دندل ۾ پڻ ڦاٿل آهي ۽ پاڪستان ۾
ايران جي حمايتي عوام ۽ سعودي عرب جي حمايتي عوام جي تمام گهڻي اڪثريت آهي جنهن
ڪري پاڪستان ڪو قدم کڻڻ کان پهرين اهو ضرور سوچي رهيو ته اگر پاڪستان سعودي جي
عسڪري مدد ڪري ٿو ته ڇا پاڪستان ۾ فرقيه واريت جنگ ته نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان
مدد نه ٿو ڪري سعودي اتحادي به پاڪستان ۾ انهي ڳالهه کي سامهون رکي ڪري مطالبا ڪري
سگهن ٿا جڏهن ته پاڪستان هن وقت مختلف مسئلن جي گهري هيٺ آيل آهي جنهن ۾ پارٽي جي ليڊرن جو نااهل ٿيڻ مٿن ڌاڌلين جا ثبوت ثابت
ٿيڻ سان گڏ پاڙيسسيري ملڪ سان به تلعق بهتر نه هجڻ سميت ڪيترائي مسئلا آهن جن کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي انهي وچ ۾ پاڪستان کي ڪو فيصلو ڪرڻ مشڪل ضرور
لڳي رهيو آهي پر پا ڪستان کي ڪو هڪ طرفعو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو ته پاڪستان حوثين
باغين واري جنگ ۾ سعودي جو ساٿ ڏي يا نه ڏي.جڏهن ته انهي ڊوڙ ۾ ايران هميشه انهن
گروپن جي مدد ڪندو آهي جيڪي گروپ حڪومت کان باغي هوندا آهن انهي ڪري حزب الله جي
مدد ڪري لبنان جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته لبنان حڪومت ايران جي ڪا به
مخالف نه ڪري رهي آهي فلسطين ۾ حماس جي مدد ڪري رهيو آهي جڏهن انهن به ايران جي ڪا
مخالف ناهي ڪئي ايران يمن ۾ حوثين باغين جي مدد ڪري يمن کي ڪمزور ڪري رهيو آهي
جڏهن ته يمن جا ايران سان تعلق ايترا خراب نه هئا بطور صدر علي عبدالله صالح جي
ايران سان تعلق بهتر هئا انهي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي جتي پاڻ ايران کي چئي
رهيا آهيون ته هو يمن ۾ حوثين ٻاغين جي سعودي تي حملا ڪرڻ کان روڪي اتي سعودي ڇو
نه پيو ايران کي چوي.؟هن وقت ڀارت ايران سان چار بهار بندر گاهه جي تعمير جو
مهاهدو ڪري رهيو آهي ٻئي طرف ايران خليجي عرب رياستن سان جنگ واري ڪيفت ۾ آهي ۽
ڀارت ايران سان تجارت ڪرڻ جي بحالي جو سوچي ورتو آهي جهن ڪري هو ايران اندر
بندرگاهه تعمير ڪرائڻ جو معاهدو ڪري رهيو آهي انهي ڪري سوچڻ جي ڳالهه آهي ته
پاڪستان انهي ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ٿو ڪري ٻئي پاڪستاني عوام پڻ اسلامي ملڪن تي باغين
جي حملي ڪرڻ جي ڪري سخت پريشان آهي......
شاميانن هيٺ امتحاني سينٽر قائم، حيرت آ..!! سيد زوار حسين شاه
سنڌ
مان ڪاپي ڪيئن ختم ٿيندي ان لاء سنڌ سان پيار جو اظهار ڪندڙن اهم
شخصيتن سنڌ حڪومت سان بيٺڪون ته ڪيون پر رزلٽ نه پيو نڪري ان جا ڪئي سبب هيا هڪ ته
هٿ سان ڪاپي ڪرائيندڙ اداره جنهن ۾ نجي اسڪولن سرڪاري اسڪولن ۾ وڏي ٽيڪنڪ سان
انتحان دوران ڪاپي ڪرائي پئي وڃين جنهن سان غريب شاگرد جو حق ماريو پيو وڃين جنهن
جي سفارش يا ڪنهن ڀتار مير پير جو ويجهو آهي ان کي ته نجي اسڪولن ۾ پروٽول ملي پيو
جنهن کان پوء ان کي مارڪون به ملين پيون پر جنهن جو نه پير نه مير نه ڀوتار
جاگيردار سان تعلق
آهي ان جي مدد بس خالق ڪائينات پيو ڪري برحال نائين ڏهين جي امتحانن جي تاريخ اچي
وئي آهي جنهن لاء هر ڪو مست
ٿي اها پيو ڪوشش ڪري ته بس منهنجو نالو ٿئي ، برحال گمبٽ ۾ ايور شائين هايئر
سيڪنڊري اسڪول ۽ راڻي پور ۾ مظهر مسلم
ماڊل هايئر سيڪنڊري اسڪول جنهن کي
ڪاپي روڪرائڻ جو شرف مليو ته مڪمل سينٽرن کي هڪ ئي شاميانه
سينٽر ۾ ويهاري امتحان ورتو وڃين هن عمل تي ڪئي تنقيدون به ٿينديون ته ڪجهه ماڻهون
خوش به ٿيندا ، پر مان اهو ته ضرور چوندس ته اهڙا امتحان صرف راڻي پور گمبٽ ۾ نه
پوري سنڌ ۾ امتحان اهري طرح ٿيڻ گهرجن
پر جيڪڏهن راڻي پور گمبٽ ۾ سينٽر ٿيا آهن ته اها هڪ ڪاميابي به آهي ته ان جاء تي
هڪ وڏي سازش به آهي جنهن شاگردن کي مڪمل چيپٽر نه ڪرايا ويا هجن اهو امتحان شاگردن لاء وڏو امتحان ثابت ٿيندو نجي اسڪول جيڪا تعليم لکين روپيا ڏئي
نجي اداري کان ڊگري ڄڻ خريد ٿا ڪيون صبح ٻار شاگرد 8 بجه اسڪول وڃين ان کان بعد هو
2 يا اڍائي بجه وري واپس گهر اچي جنهن پا پوء ٽيوشن به لازمي ٿي وئي آهي
جيڪو پڻ نجي ادارن استادن لاء وڏو بزنس ڪاروبار به آهي جنهن مان پڻ هو لکين روپيا
ڪمائين ٿا برحال
سنڌ ۾ تعليم جو سڌارو ڪڏهن ايندو اميد ناهي اهو ان
ڪري جو جيڪڏهن حڪومت سنڌ يا بورڊ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ها ته هاڻي شاگرن هوشيار ٿين
هر امتحان شاميانن هيٺ ٿيندو ته شاگرد والدين زهني طور تيار رهن ها برحال جيڪڏهن صرف ميٽرڪ جو امتحان شامياني
هيٺ ٿئي باقي وري ساڳيا امتحان يارهون ٻارهون بي اي
ايم اي ۾ ڌم ڪاپي ڪرائي وڃين تڏهن به سنڌ جي تعليم سان پيار نه سازش ٿيندي ان ڪري
هڪ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو بورڊ جنهن ۾ پوزيشنن وٺڻ لاء ريٽ لڳن ٿا واڪ هلن ٿا جنهن
سان سنڌ جي تعليم مڪمل تباهه ٿي رهي جنهن کي پڻ روڪڻو پوندو جيڪڏهن اسان
بورڊ تي نظر نه رکي سين ته پوء غريب جيڪو
ڏينهن رات پڙهي هڪ اميد تي ته مان پوزيشن حاصل ڪندس نه اچي ته ان محنتي شاگرد لاء
موت جي برابر آهي ان ڪري اچو ته گڏجي عهد ڪيون ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪنداسين ان سان
گڏ بورڊ امتحاني سينٽرن ۾
استدا پاڻ هٿ سان ڪاپي ڪرائين ٿا انهن کي
پڻ ٻانهن مان پڪڙون پوندو پوء ڏسو
ته ڪاپي تي ڪيئن ضابطو نه ٿو اچي سنڌ جي
تعليم بچايو سنڌ سنواريوسنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاء سماجيتنظيمن ڪافي ڪوششون ورتيون پر اهي ڪامياب نه ٿيا سنڌ ۾ محنتي شاگرد کي مارڪون گهٽڪاپي ڪندڙ کي مارڪون 89 کان مٿي ملن محنتي شاگرد مايوس ٿئي ٿو پر اهو ٻڌو اهي جنهن
جو ڪوئي ناهي خاص طور راڻي پور ۾ قائم مظهر مسلم ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول
ان سان گڏ گمبٽ جي ناليواري اسڪول ايور شائين هايئر سيڪنڊري اسڪول کي منفرد شاميانن ۾ نائين ۽ ميئٽرڪ جي سالانه امتحاني سينٽر قائم ڪري پوري سنڌ جي ماڻهن کي ته حيران ڪيو آهي جيڪي تعليم تي گهري نظر وجهن ٿا اهو ڇا ٿيو آهي ان تي اسان
بحٿ ڪرڻ چاهيون ٿا عوام تائين ڪجهه رسائي پهچائڻ چاهيون ٿا ڏي جدوجهد بعد اهي سينٽر قائم ڪيا اهن جتي هڪ شامياني اندر شاگردن کان امتحان ورتو
ويندو هن امتحان ۾ ڪنهن شاگرد کي به ڪاپي ڪرڻ جو موقعو نه ملندو سي سي ٽي ڪيئمره
رينجرس ميڊيا ايڪسٽرنل جيڪي هڪ کان مٿي هوندا تمام شاگرد لائين ۾ ويهي انٽري ٽيسٽ
جيان سالانه امتحان ڏيندا ڪي خوش آهن ته ڪي ناراض آهن برحال اچانڪ اهڙي فيصلي
ماڻهن والدين شاگردن کي مايوس ڪيو آهي جڏهن شاگردن والدين سان رابطو ڪيو ويو ته
انهن اهو ٻڌايو اسان جي
شاگردن کي چيپٽر مڪمل به نه ڪرايا ويا آهن اهو ان
ڪري جو جيڪو سرڪاري اسڪول ڪاليج ۾ پڙهي ٿو اهو به محنت ڪري ٿو ڪو پڙهڻ لاء تيار
ناهي ، جيڪي پڙهن ٿا انهن کي
هٿ سان فيل ڪري ان محنتي غريب شاگرد جو حق کاڌو ٿو وڃين ، ان سان گڏ اهو به بڌائڻ
چاهيان ته تعليم کي مفت ڪيو
ويو آهي ان ڪري به اتي شاگرد مفت جي تعليم سمجهي پڙهڻ لاء تيار ناهي جيڪي پڙحن ٿا اهي اسان توهان جي
سامهون آهن حڪومت سنڌ جي اهڙي فيصلي بعد عوام ۾ انتهائي خوشي ٿي
حڪموت وس پئي ڪري ته گورنمينٽ ۾ شاگرد پڙهي
پوي والدين پنهنجي اولاد
کي پڙهائڻ لاء لکين روپيا خرچ ڪن ٿا ان سان گڏ صبح اسڪول اچڻ وقت هر شاگرد پنهنجي
والدين کان 100 روپيا ته ضرور وٺندو هوندو ، اهڙي صورت حال نجي اسڪولن ۾ پرحندڙن
شاگردن کي مجبور ڪري ڇيڏو آهي ته هو اسڪول
وڃين ، برحال جيڪو ماڻهن تعليم لکين رويپن ۾ خريد ڪري اهو والدين پنهنجي اولاد تي
به نظر رکڻ لاء تيار آهي اهو فرق صاف ظاهر آهي پوري پاڪستان ۾ نجي اسڪولن ڪاليجز تعيلم کي هڪ ڪاروبار جو ذريعو بڻايو
آهي جنهن ۾ امير جا ڀوتارن جاگيردارن وڏيرن امير پيرن جا ٻار ته تعليم حاصل ڪري
سگهن ٿا پر پر اهو ممڪن ناهي ته نجي ادارن ۾ غريب جو ٻار پڙهي تعليم حال ڪري سگهي
، ان سان گڏ ڪئي اهم مسائل اهن جن کي اسان اهان جي سامهون پيش ڪنداسين اسان جون
صوبائي وفاقي حڪومتن تعليم تي ڌيان ڏنو ئي ناهي تعليم فري مفت ڪرڻ سان ٻار اهو
سمجهي ٿو ته جتي اسان کان هڪ روپيو به نه ٿو ورتو وڃين اتي سچ اهو آهي ته استدا به
پڙهائڻ لاء تيار ناهي اهو ڪڙو سچ اهي پوري پاڪستان سميت سنڌ جي ڪئي ناليوارن
اسڪولن ڪاليجز تي سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪڙي نظر آهي ، جن پڻ
ڪئي ڪئي انڪشافات ڪيا آهن نجي اسڪولن جي ڪاروبار تي نظر وجهون ته جيڪو نرسري فريش
۾ پڙهي ٿو ان جي گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار فيس ضرور هوندي پر جيڪڏهن وري مٿي ڪلاسن جي
ڳالهه ڪجي ته انهن جي ته هزارن ۾ آهي ان سان
گڏ امتحان جي مد ۾ ماهانه ويڪلي پيپر تي به نجي
اداره ڪجهه نه ڪجهه پيسا وٺڻ ٿا ان سان
گڏ انهن ٻارن کي پنهنجو تعليمي ڪارڊ جو اجرا ڪن ٿا جيڪو 100
کان ٻه سو روپيا ڪارڊ فيس ڏئي وٺي ٿو
ان سان گڏ وري جيڪڏهن ڪارڊ غائب ٿي وڃين ته وري اها ئي فيس ڏيو ان سان گڏ جيڪي هاسٽل ۾
شاگرد رهن ٿا انهن جي ميس
رهائش توهان اندوزو لڳائي سگهو ٿا جيڪڏهن
ڪو سرڪاري ادارون ڪنهن نجي اسڪل تي ڇاپو هڻي ٿو ته ائين لڪايو ٿو وڃين ڄڻ ڪنهن ڏٺو
ئي ناهي ، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي جيڪو با
ضمير انسان غيرت مند انسان هوندو پنهنجي ضمير جو سودو هر گز نه ڪندو برحال راڻي
پور ۽ گمبٽ ۾ هن طريقي امتحان ٿيندا ه پهريون تجربو آهي ان سان
گڏ سڄي سنڌ ۾ اهڙي طرح ئي امتحان ٿيڻ گهرجن سنڌ جو عوام تعجب ۾ پڻ آهي ته آخرڪار
صرف اهي ٻه شهر ڇو چونڊيا ويا ، ڇا جن شاگردن کي مڪمل چيپٽر ناهين پرحيايا ويا
انهن لاء اها سزا ناهي ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته سيمينار ورڪشاپ ڪنويشن ڪرائي انهن
نجي اسڪولن جي شاگردن کي آگاهي ڏني وڃين ها هاڻي
ٿيندو ڇا توهان مزو ڏسندا جڏهن سالاينه امتحان جو نتيجو پڌرو ٿيندو
(ليکڪ هيومن رائيٽس لا ڪائونسل پاڪستان هيومن
رائيٽس واچ پاڪستان جو چيئرمين
پڻ آهي..
03053981008 zawarsaeen110@gmail.com
سرڪاري لٽيرن هٿان تباهه ڪيل ٺٽو ضلعو..!!راجا تنوير خاصخيلي/ٺٽو
اسلام به چئي ٿو صفائي ادب ايمان آھي پر افسوس سنڌ جي لاڙ پٽ جي
ضلعي ٺٽي ۾ انساني زندگين کي گندگي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ٺٽي شھر جي تمام
ننڊن وڏن علائقن ۾ گذريل ڪافي عرصي کان وٺي گند ۽ ڪچري جا ڍير ٿي وڃڻ توڙي گلين
روڊن رستن تي گندو ڪچرو ۽ گٽرن جو پاڻي بيھڻ سبب ۽ مسلسل صفائي نہ ٿين ڪري ھڪ وڏو انگ ماڻھن جو مختلف مرضن ۾ وڪوڙجي رهيو آهي پر
سرڪاري ناڻي کي صفائي جي مد ۾ لٽيندڙ اھي سرڪاري ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن بہ نور نظر وڃائي ڇڏيو آھي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي سوين جي تعداد ۾ عملو ھئڻ ۽ گند ڪچرو کڻڻ لا۽
ٽريڪٽر رڪشا۽ ٽراليون ھجڻ جي باوجود شھر صفائي واري عمل ۾ نہ اچي سگھيو پر ضلعي جي تاريخي ماڳ مڪلي بہ لاوارثي جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي مڪلي ٺٽو جي رھواسين شھر کي صفائي
ڪرائڻ خاطر ڪيترا ڀيرا ضلعي انتظاميا سميت ميڊيا کي پڻ ڌانھون ڏنيون آھن پر ان جي
باوجود ڪرپٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڪامورن کي ڪا جوءِ نه سري جو ھو پنھنجي شھر کي صفائي
سٿرائي ۾ آڻين ٻي پاسي ٺٽي جي ميونسپل انتظاميه ٺٽي شهر جو سڄو گندو ڪچرو کڻي هاءِ اسڪول ٺٽو
سميت شهر جي اندر واري علائقن ڀرسان ڦٽو ڪري رهي آهي جنهن ڪري هاءِ اسڪول ٺٽو سميت
سڄي علائقي ۾ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلجي رهي آهي ۽ مردن، عورتن سميت معصوم ٻارڙا توڙي
اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد دم، چمڙي، خارش، کنگھ، مليريا سميت ٻين موذي بيمارين ۾ وٺجي
ويا آهن. ميونسپل ڪميٽي انتظاميه پاران شهر اندر ۽ هاءِ اسڪول ڀرسان ڦٽو ڪيل گند ۾
جانور جا هڏ، ڪڪڙن جا آنڊا ۽ کنڀ، مئل جانور شامل آهن. جنهن جي ڪري علائقي ۾ بدبوءِ
پڻ ڦهلجي رهي آهي ۽ گنديون ٿيليون، ڪاغذ پڻ هاءِ اسڪول ڀرسان ڦٽا ڪيا ويا آهن.
جڏهن ته گند ڪچري سبب رولو ڪتن جو پڻ آزار وڌي ويو آهي، جيڪي اسڪول ايندڙ شاگرد
توڙي آسپاس جي ڳوٺن جي رهواسين لاءِ عذاب پڻ بڻجي ويا آهن اهڙي صورتحال صرف هڪ
سرڪاري کاتي جي بي دياني سبب عي رهي آهي جنهن ڪري واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراھمي ۽
ٺٽي شهر ۾ ميونسپل انتظاميه جي بدانتظامي سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بحران جي صورت
اختيار ڪرڻ سميت ميونسپل انتظاميه جي بي توجي ۽ لاپراوهي سبب سنڌ جي تاريخي شهر
ٺٽو جي ڏيڍ لک شهر جي آبادي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿي رهي آهي ٺٽي شهر جي
ميونسپل ڪميٽي جي پراڻي واٽر سپلاء جي تلائن سميت پبلڪ هيلٿ ۽ سنڌ حڪومت پاران
برانچ موري ڀرسان ٺهرايل واٽر سپلاء جي نئين تلاء واري اسڪيم ۾ به پاڻي جو ذخيرو
مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪي بي فيڊر برانچ ٺٽي شهر جي بلڪل ويجهي کان گذرڻ
باوجود ميونسپل انتظاميه شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، اهڙي صورتحال
سبب ٺٽي شهر جي بخاري محلي کان ويندي آگر پاڙو، ڪچي آبادي، ڳوٺ گل حسن سولنگي،
پلنگ پاڙو، ڀٽواڻو محلو، شيخ فريد چوڪ، شاهه ڪمال محلو، سوناره بازار، مڇي مارڪيٽ
سميت شهر جي 80 سيڪڙو شهري آبادي کي پاڻي جي
فراهمي سخت متاثر هجڻ ڪري شهري پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جي ور چڙهي ويا آهن ۽ ٺٽو شهر
جي شهري آبادي
کي گڏهه گاڏين تي وڪرو ٿيندڙ واٽر ڪينن ۽ ٽينڪر مافيا جي ور چاڙهيو ويو آهي،
ايستائين جو ٺٽي شهر ۾ پاڻي جي بحران مان ناجائز فائدو وٺندي پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا
پاران الهکائي مائينر شاخ، فقير جو ڳوٺ روڊ ۽ برانچ موري وٽ هينڊ پمپ لڳائي موٽر
مشينن ذريعي گڏهه گاڏي وارن ۽ ٽينڪرن کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪي شهرين کي 20
کان 30 روپيه في ڪين ۽ هڪ هزار کان 15 سئو تائين في ٽينڪر پاڻي خريد ڪرڻو پئجي رهيو
آهي، شهرين موجب ڪي بي فيڊر برانچ ويجهو هجڻ باوجود ميونسپل انتظاميه هٿ وٺي پاڻي
جو بحران پيدا ڪري ٽينڪر مافيا کي هٿي ڏياري کانئن ڀتو اوڳاڙي رهي آهي، ٻئي طرف
ٺٽي جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراھمي سبب سڄي ضلعي جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاء
سڪي رھيا آھن جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي نااهل ايڊمنسٽريٽر جي مقري بعد تاريخي
شهر ٺٽو مڪمل طور تي گند جي لپيٽ ۾ اچي پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي هوڏانهن ضلعي
ٺٽي جي سياسي سماجي علمي ادبي توڙي سڄاڻ حلقن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي
ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪاروائي ڪري شهر کي صفائي ۾ آندو وڃي ته جئين شهري مختلف موتمار
مرضن کان نجات حاصل ڪري سگهن.
سنڌ ۾ روز حادثن سبب مرندڙ ماڻهو، واهر ڪير ڪندو؟ درياءُ خان جهتيال / دادو
سنڌ
۾ حادثاتي موت روزاني وڌي رهيا آهن جن ۾ گهڻي لاپرواهي شهر جي انتظاميا جي هوندي
آهي، اسان اهڙا ڪيترائي حادثا ڏٺا ۽ اخبارن ۾ پڙهيا آهن جن ۾ خاص سبب انتظاميا جي
لاپرواهي جو هوندو آهي، حالانڪہ ٿوري حد
تائين اسان پاڻ بہ ذميوار
هوندا آهيون پر گهڻو ڪري انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب اهي حادثا ٿين ٿا، اهڙا حادثا
جنهن سان نہ رڳو
خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، پر گهرن ۾ روٺ راڙو مچي وڃي ٿو، جنهن سان گهرن
جي اڱڻن تي خوشبو ڏيندڙ گُلن جي خوشبو ختم ٿي وڃي ٿي، اهڙن حادثن سبب والدين تي
قيامت ڪڙڪي پوي ٿي، هوئن تہ حادثاتي
موت اڪثر روڊ حادثن جي سبب جي ڪري گهڻا ٿين ٿا پر گهڻا حادثا انتظامي نااهلي سبب بہ هاڻي معصوم ٻار بہ مري رهيا آهن، سنڌ
جي تقريبن ننڍن، وڏن شهرن ۾ اسان ڏٺو آهي تہ انهن شهرن ۾ نالن
جي گٽرن جا ڍڪڻ نہ تقريبن
کليل هوندا آهن ۽ اهي ڊگها واڳون جي وات جيان ڦاٽل گٽر معصوم جانيون ڳڙڪائي ويندا
آهن، ڪيترن ئي اهڙن واقعن مان ڪجهہ قيامت
جهڙا واقعا بيان ڪيون ٿا جيڪي ٿوري وقت جي اندر ٿيا آهن، اهڙن واقعن مان دادو شهر
جي پير بخش ڪالوني ۾ هڪ واقعو ٿيو پيش آيو هو، پير بخش ڪالوني جو معصوم گهران شئي
وٺڻ لاءِ نڪري ويو، اهو معصوم ٻالڪ ڪالوني جي هڪ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن
جي والدين مٿان قيامت ڪڙڪي هئي، اڃا سنڌ جو اهو سور تازو ئي هو تہ وري هڪ واقعو سکر ۾
پيش آيو، سکر ۾ ڪجهہ ڏينهن
اڳ هڪ ٻالڪ بنا ڍڪڻ واري گٽر ۾ ڪري پيو، جنهن سبب معصوم ٻارڙو پنهنجي ماءُ جي
جهولي مان هميشهہ لاءِ
کسجي ويو، اهو واقعو بہ قيامت
کان گهٽ نہ هو، هڪ
واقعو ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پيش آيو، اتي هڪ اونهي گٽر معصوم زندگي کي ختم ڪري ڇڏيو،
اڃا اُن ڏُک جا ڪڪر ئي آسمان تان نہ هٽيا تہ اوچتو وري سنڌ جو
هڪ ٻيو معصوم ٻچڙو حادثاتي موت جو شڪار ٿي ويو، اهو واقعو حيدر آباد ۾ پيش آيو، ٻہ ڏينهن اڳ حيدرآباد
جي علائقي قاسم آباد ۾ واقعو پيش آيو آهي، جنهن تہ والدين تي قيامت
برپا ڪري ڇڏي آهي، تازا ٿيل اهي چارئي واقعا والدين لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن،
ڪنهن آفت کان گهٽ ناهن، ڪنهن قيامت کان گهٽ ناهن، حيدر آباد شهر جي تعلقي قاسم
آباد ۾ جيڪو ٻہ ڏينهن
پهرين حادثو پيش آيو ان جي ذميوار بہ اتان جي
مقامي انتظاميا هئي جنهن جي لاپرواهي اها هئي جو انهن واڳون نمان گٽرن تي ڍڪڻ نہ لڳائڻ ضروري نہ سمجهيو ۽ جنهن سبب
هڪ معصوم زندگي هميشهہ لاءِ
پنهجي امڙ ۽ پنهنجي بابا کان جدا ٿي وئي، قاسم آباد جي علائقي سئي گئس سوسائيٽي ۾
ٻن سالن جو معصوم ٻالڪ محمد نايان کوکر پُٽ ڪامران علي کوکر شادي تقريب دوران راند
ڪندي تقريب جي پنڊال کان ٿورو ٻاهر نڪري ويو ۽ واڳون نمان گٽر ۾ ڪري پيو، ان گٽر
جو ڍڪ کليل هو، معصوم ٻالڪ محمد نايان کوکر جي ڳولا لاءِ وارث پريشاني ۾ وٺجي ويا
۽ ٻالڪ جي هڪ ڪلاڪ تائين ڳولا ڪندا رهيا تہ شادي تقريب ويجهو
ئي معصوم ٻالڪ محمد نايان جو لاش هڪ واڳون نمان گٽر مان مليو، ان وقت اهي قيامت جا
منظر ئي هوندا جيڪي معصوم محمد نايان کوکر جي والدين جي مٿان ڪڙڪيا هوندا، هُنن
لاءِ هي ڌرتي ڌُڏي هوندي، اکين جي اڳيان اونداهہ اچي وئي هوندي،
جنهن وقت معصوم زندگي جو لاش هُنن جي هٿن ۾ هوندو، معصوم محمد نايان کوکر جو ڪهڙو
ڏوهہ هو؟؟ هُن جي گُلن
واري خوشبو کي ائين ڪنهن نپوڙي ڇڏيو؟؟ هُن پنهنجي زندگي کي وڌيڪ ڇو نہ ڏٺو؟؟ هُن جون
خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ هُن جي بابا کي موقعو ڇو نہ مليو؟؟ بس ايئن ئي
ڪيترائي دِل ڏکوئيندڙ سوال پيدا ٿين ٿا، جنهن جا جواب شايد قاسم آباد جي مقامي
انتظاميا وٽ نہ هجن،
سنڌ ۾ اهڙا واقعا هر روز ٿين ٿا جن مان ڪجهہ واقعا اخبارن ۾
رپورٽ ٿين ٿا تہ جيئن
حڪومتي انڌي انتطاميا اهڙن حادثاتي موتن تي ڪجهہ نہ ڪجهہ محسوس ضرور ڪري، پر
حڪومتي نمائندن بہ اهڙن
موتن جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي، انهن پنهنجا احساس هيمشهہ ختم ڪري ڇڏيا آهن،
هي واقعا جيجل امڙ ۽ والدن لاءِ قيامت کان اڳ قيامت جا منظر آهن، اهڙن واقعن سبب نہ رڳو جيجل مائرن جي
جهوليون خالي ٿين ٿيون پر انهن جي گهرن ۾ گُلن جيان خوشبو ڏيندڙن گُلن جي خشبو کي
بہ هميشهہ لاءِ ختم ٿي وڃي
ٿي، اهي گُل هميشهہ لاءِ
ڪمائجي وڃن ٿا، اهڙن گُلن کي اهي واقعا هيمشهہ لاءِ ختم ڪري ڇڏين
ٿا، انهن جو ذميوار ڪيرآهي؟، انهن حادثن جو ڏوهي ڪير آهي؟، اهڙن واقعن جو ڪنهن کي
ڏوهي چئجي؟، دادو انتظاميا، سکر انتظاميا، سچل ڳوٺ انتظاميا، قاسم آباد انتظاميا
جي ئي اها لاپرواهي آهي، انهن سمورن کان بجيٽن جي انڌوڪار ۾ هڙپشن جي ڪري بس ايتري
بہ بچت نٿي ٿئي جو
پنهنجن علائقن ۾ ٻيو ڪجهہ يا ڪم نہ ئي سهي پر گهٽ ۾
گهٽ ڀلا علائقي جي گٽرن جا ڍڪ تہ لڳرائن،
انهن گٽرن کي تہ بند ڪرن
جن جو وات معصوم جانيون ڳڙڪائڻ لاءِ واڳون جيان ڦاٽل رهي ٿو، جيڪي معصوم محمد
نايان کوکر جهڙن ٻالڪن کي ٻوڙي ماري ڇڏين ٿا، سنڌ جي هر شهر ۾ هر ڏينهن اهڙي قيامت
برپا ٿئي ٿي، جيڪا قيامت ماءُ جي اکين مان ڳوڙهن جو قطارون وهائي ٿي، والدين جون
خواهشون ختم ڪرير ڇڏي ٿي، آخر سنڌ ۾ اهڙو نظام ڇو جيڪو رڳو موت سان گڏ بيٺل هجي؟
سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس ڪجهہ ڏينهن
اڳ حڪم ڪيا هئا تہ ڪجهہ ڏينهن ۾ ڪراچي صاف
کپي، نہ ڪاراوئي
تيز ڪنداسين، ان لاءِ اسان وري بہ اعليٰ
عدالت جي معزز چيف جسٽس سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کي هٿ ٻڌي، والدين جا
ڳوڙها اکين ۾ ساڻ ڪري اپيل ڪنداسين تہ سڀني
شهرن جي انتظاميا کي اهي حڪم ڪيا وڃن تہ اهي
صفائي سميت کليل گٽرن جا ڍڪ بہ لڳائن تہ جيئن جيجل مائرن
جون جهوليون ايئن خالي نہ ٿين،
انهن جون ٻچڙن جون معصوم جانيون ايئن ضايع ٿين، انهن جي بچڙن جون جانيون بچي سگهن.
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...