سرڪاري لٽيرن هٿان تباهه ڪيل ٺٽو ضلعو..!!راجا تنوير خاصخيلي/ٺٽو


اسلام به چئي ٿو صفائي ادب ايمان آھي پر افسوس سنڌ جي لاڙ پٽ جي ضلعي ٺٽي ۾ انساني زندگين کي گندگي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ٺٽي شھر جي تمام ننڊن وڏن علائقن ۾ گذريل ڪافي عرصي کان وٺي گند ۽ ڪچري جا ڍير ٿي وڃڻ توڙي گلين روڊن رستن تي گندو ڪچرو ۽ گٽرن جو پاڻي بيھڻ سبب ۽ مسلسل صفائي نہ ٿين ڪري ھڪ وڏو انگ ماڻھن جو مختلف مرضن ۾ وڪوڙجي رهيو آهي پر سرڪاري ناڻي کي صفائي جي مد ۾ لٽيندڙ اھي سرڪاري ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن بہ نور نظر وڃائي ڇڏيو آھي  ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي سوين جي تعداد ۾ عملو ھئڻ ۽ گند ڪچرو کڻڻ لا۽ ٽريڪٽر رڪشا۽ ٽراليون ھجڻ جي باوجود شھر صفائي واري عمل ۾ نہ اچي سگھيو پر ضلعي جي تاريخي ماڳ مڪلي بہ لاوارثي جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي مڪلي ٺٽو جي رھواسين شھر کي صفائي ڪرائڻ خاطر ڪيترا ڀيرا ضلعي انتظاميا سميت ميڊيا کي پڻ ڌانھون ڏنيون آھن پر ان جي باوجود ڪرپٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڪامورن کي ڪا جوءِ نه سري جو ھو پنھنجي شھر کي صفائي سٿرائي ۾ آڻين ٻي پاسي ٺٽي جي  ميونسپل انتظاميه ٺٽي شهر جو سڄو گندو ڪچرو کڻي هاءِ اسڪول ٺٽو سميت شهر جي اندر واري علائقن ڀرسان ڦٽو ڪري رهي آهي جنهن ڪري هاءِ اسڪول ٺٽو سميت سڄي علائقي ۾ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلجي رهي آهي ۽ مردن، عورتن سميت معصوم ٻارڙا توڙي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد دم، چمڙي، خارش، کنگھ، مليريا سميت ٻين موذي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ميونسپل ڪميٽي انتظاميه پاران شهر اندر ۽ هاءِ اسڪول ڀرسان ڦٽو ڪيل گند ۾ جانور جا هڏ، ڪڪڙن جا آنڊا ۽ کنڀ، مئل جانور شامل آهن. جنهن جي ڪري علائقي ۾ بدبوءِ پڻ ڦهلجي رهي آهي ۽ گنديون ٿيليون، ڪاغذ پڻ هاءِ اسڪول ڀرسان ڦٽا ڪيا ويا آهن. جڏهن ته گند ڪچري سبب رولو ڪتن جو پڻ آزار وڌي ويو آهي، جيڪي اسڪول ايندڙ شاگرد توڙي آسپاس جي ڳوٺن جي رهواسين لاءِ عذاب پڻ بڻجي ويا آهن اهڙي صورتحال صرف هڪ سرڪاري کاتي جي بي دياني سبب عي رهي آهي جنهن ڪري واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراھمي ۽ ٺٽي شهر ۾ ميونسپل انتظاميه جي بدانتظامي سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بحران جي صورت اختيار ڪرڻ سميت ميونسپل انتظاميه جي بي توجي ۽ لاپراوهي سبب سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽو جي ڏيڍ لک شهر جي آبادي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿي رهي آهي ٺٽي شهر جي ميونسپل ڪميٽي جي پراڻي واٽر سپلاء جي تلائن سميت پبلڪ هيلٿ ۽ سنڌ حڪومت پاران برانچ موري ڀرسان ٺهرايل واٽر سپلاء جي نئين تلاء واري اسڪيم ۾ به پاڻي جو ذخيرو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪي بي فيڊر برانچ ٺٽي شهر جي بلڪل ويجهي کان گذرڻ باوجود ميونسپل انتظاميه شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، اهڙي صورتحال سبب ٺٽي شهر جي بخاري محلي کان ويندي آگر پاڙو، ڪچي آبادي، ڳوٺ گل حسن سولنگي، پلنگ پاڙو، ڀٽواڻو محلو، شيخ فريد چوڪ، شاهه ڪمال محلو، سوناره بازار، مڇي مارڪيٽ سميت شهر جي 80 سيڪڙو شهري آبادي کي  پاڻي جي فراهمي سخت متاثر هجڻ ڪري شهري پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جي ور چڙهي ويا آهن ۽ ٺٽو شهر جي شهري آبادي کي گڏهه گاڏين تي وڪرو ٿيندڙ واٽر ڪينن ۽ ٽينڪر مافيا جي ور چاڙهيو ويو آهي، ايستائين جو ٺٽي شهر ۾ پاڻي جي بحران مان ناجائز فائدو وٺندي پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا پاران الهکائي مائينر شاخ، فقير جو ڳوٺ روڊ ۽ برانچ موري وٽ هينڊ پمپ لڳائي موٽر مشينن ذريعي گڏهه گاڏي وارن ۽ ٽينڪرن کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪي شهرين کي 20 کان 30 روپيه في ڪين ۽ هڪ هزار کان 15 سئو تائين في ٽينڪر پاڻي خريد ڪرڻو پئجي رهيو آهي، شهرين موجب ڪي بي فيڊر برانچ ويجهو هجڻ باوجود ميونسپل انتظاميه هٿ وٺي پاڻي جو بحران پيدا ڪري ٽينڪر مافيا کي هٿي ڏياري کانئن ڀتو اوڳاڙي رهي آهي، ٻئي طرف ٺٽي جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراھمي سبب سڄي ضلعي جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاء سڪي رھيا آھن جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي نااهل ايڊمنسٽريٽر جي مقري بعد تاريخي شهر ٺٽو مڪمل طور تي گند جي لپيٽ ۾ اچي پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي هوڏانهن ضلعي ٺٽي جي سياسي سماجي علمي ادبي توڙي سڄاڻ حلقن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪاروائي ڪري شهر کي صفائي ۾ آندو وڃي ته جئين شهري مختلف موتمار مرضن کان نجات حاصل ڪري سگهن.

No comments:

Post a Comment