سونهاري سنڌ
علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب، صحافي ، شاعر
، سگهڙ ، وقت به وقت سنڌي ادب منجهه پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي
،جڏهن شاعرن جي صف ۽ موتين جي مالها کي ڏسبو ته ته ڪيترائي ماڻڪ ان مالها جي زينت
بڻيل نظر ايندا .اهڙن شاعرن منجهان سڄي ڌرتي سان
پيار ڪندڙ ڌرتي جو وڏي مان وڏي عظيم شاعر جو نالو اسين فخر سان وٺنداسون ته لڄادار
لطيف سائين سڀني شاعرن کان اعلي ۽اتم درجي جو نظر پيو ايندو ، مڱر ويهين صدي تي
نظر ڪبي ته لطيف سائين جو سڪون وري شيخ اياز پيو لاهڻ ۾ چٽو پٽو نظر پيو ايندو اڄ
کان 20 سال اڳ تاريخ 28 ڊسمبر 1997ع آچر
ڏينهن سنڌي ادب ۽ جديد شاعري جو مهان شاعر سموري سنڌي ادب کي سوڳ ۾ ڇڏي راهه رباني ٿيو مڱر ڪافي عرصو گذري وڃڻ
باوجو هن جي گيتن جي گونج ۽ شاعري جو لفظ لفظ اڄ به سماج جي ترجماني پيو ڪري ، اڄ به ان ئي زماني جيان سندس شاعري گونجي ٿي جئين پاڻ پنهنجي زباني چئي ويو ته
ڇني گل گلاب جا ، ڪيئي ڌارو ڌار ،
اڙي موت ميار ، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان .
سنڌ جو هي مهان شاعر سنڌ
جي سهڻي ،قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور
جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت محترم شيخ غلام حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ
جي گهر پرهه ڦٽي مهل 2 مارچ 1923ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن پهريون ساهه کڻي هن رنگا به
رنگي جهان ۾ پيدا ٿيو سندس تربيت علمي
،ادبي گهراڻي منجهه ٿيڻ سبب ننڍي هوندي کان کيس الله تعالي وڏي ڏات سان نوازيو هو پڙهڻ جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شڪارپور جي
اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان بنيادي
تعليم پرائي وڌيڪ انٽر جي تعليم
شڪارپور جي مشهور ڪاليج جي _سي _ ائيڊ _ ايس ڪاليج مان 1942ع ڌاري حاصل ڪيائين وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جو
رخ ڪيائين 1944ع ڏاري ڊي _جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين تنهن بعد سندس کي قانون
جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو
پاڻ ان زماني ۾ ايل ،ايل ،بي سال 1950ع ڌاري ايس _ايم لا ڪاليج منجهان حاصل ڪري
وڪالت جي ڪرت ڪرڻ شروع ڪيان ڪجهه عرصو ڪراچي شهر ۾ وڪالت ڪرڻ بعد سکر شهر اچي وسايائين ۽ اتي وڪالت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو . هن ننڍي هوندي کان ئي
شاعري ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن ڇوٿون درجو پڙهندو هو ته هڪ رسالي ۾ سندس جو (نظم) ڇپيو
هو مڱر باقائده طور سال 1946ع کان ادبي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيائين سندس ڇٺي جو نالو (
شيخ مبارڪ علي ) جي نالي سان ڪوٺيو ويو مڱر جڏهن شاعري ڪيائين ته علمي ۽ ادبي دنيا
جي رنگ ۾ وري ( شيخ اياز) جي نالي سان پاڻ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين جيڪو نالو
اڄ تائين هزارين ماڻهن جي دلين زنده ۽ جاويد آهي ۽ سڃاڻپ پڻ آهي سنڌ جي هن مهان شاعر شعر و شاعري جي شروعات (کيئلداس فاني ) جي
اثر هيٺ ڪئي. جيڪا سال 1947ع کان وٺي 1997ع تائين جاري ساري رهي ، هو ڪڏهن به نه
ٿڪيو . سندس شاعري جو پهريون مجموعو سڀ کان اول اردو (شعرن ) جو ننڍڙو مجموعو (بوئي گل نالئه دل) سال 1954ع ڌاري ڇپجي پڌرو
ٿيو تنهن بعد سال 1962ع ڌاري سندس شاعري پهريون سنڌي زبان منجهه مجموعو (ڀوءَنر
ڀري آڪاس) پاڪستان رائيٽرز گلڊ ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو .شيخ اياز کي الله تعالي
شاعري جي اهڙي ته ڏات عطاءَ ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي پنهنجي ڏات سان
جرڪائي نروار ڪرايو پوءِ اهو غزل ، هجي
يا وائي دهو هجي يا نظم ، آزاد نظم هجي يا نثراڻو نظم گيت هجي يا لوڪ گيت ٽيڙو هجي
يا بيت سڀئي صنفون سندس محتاج نظر اچن ٿيون سندس سڀني ادبي رنگن ، صنفن تي وڏي
دسترس حاصل هئي. شيخ اياز سنڌي ادب جي سمورين وصفن تي قلم کڻي جهجي انداز سان لکيو
آ سندس خاص موضوع سونهن ، ڏک ، درد ، عشق ، پيار ، امن ، سلامتي ، وصل ، وڇوڙو ،
ڌرتي جا مسئلا ، ڌرتي سان پيار پنهنجي اندر جو آواز هڪ سهڻي سليڪي سان ظاهر ڪيو آ
سندس شاعري ۾ موضوع رڳو سنڌ ڌرتي ناهي هن جي شاعري منجهان مظلوم قومن جي ڳالهه
ظاهر آهي شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان اتم ۽ اعلي ۽ اهم آهي شيخ اياز محبوب جي هر
انداز کي پنهنجي ڏات سان ظاهر ڪري بيان ڪري ٿو
ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کٽي ، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي ،
ائين وقت ڪٽيو ، ائين عمر لٽي ، سڀ سانگ سجايو آ پيارا .
شيخ اياز پرين جا پير ڏسي ماڳ جو رستو منجهيو ٿو پوي ۽ پنهنجي من
اندر جي ڳالهه هن طرح ظاهر ڪري ٻڌائي ٿو ته
چمڪي وڄ وجود ۾ ،ڏٺم پرين جا پير ،
اونده ۾ اوير منجهايو هو ماڳ کي
شيخ اياز جي شاعري رومانيت جي پهلو سان ٽم ٽار لکي پئي آهي سندس
رومانيت واري پهلو ۾ لفظن جو سٽاءَ موتين جي مالها جيان چٽيو اٿس ، سندس لفظن جي چونڊ به اعلي درجي جي آهي شيخ
اياز جي گيت واري صنف به نهايت اعلي درجي آ هو گيت جي صنف ۾ مومل جي واتان راڻي کي
انتظار ۾ پنهنجي زباني چوائي ٿو ته
رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي ،
ماڪ ۾ مينڌرا ، ڪاڪ روئندي رهي
شيخ اياز سنڌي زبان جو محبوب شاعر هو سندس شاعري سنڌ جي هر طبقي جي
دل جي ڌڙڪن آهي شيخ اياز هڪ بهترين اعلي درجي جو نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ
، سٽ لفظ، لفظ سهڻي ۽ لاجواب
آهي سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي
لفظن جو لغت جو رهبر آهي شيخ اياز جي نثري صنفن ۾ سفرنامه ، تقريرون ، آتم ڪهاڻي ،
نوٽ بوڪ ، ٽڪرا ، ادبي خط ، افسانا ڪهاڻيون ، ڊائري ۽ انٽرويو تمام اعلي نموني جا
آهن ، شيخ اياز جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ناهن شيخ
اياز کي عالمگير شهرت حاصل هئي شيخ اياز سنڌي ادب جي پنهنجي پورهي سان جهول ڀري
ويو آهي سندس وفات مهل تائين 65 ڪتاب مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ڪيترائي اڻ
ڇپيل ڪتاب پڻ ڇڏي ويو ، شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترن
ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي جن ۾ اردو ، انگريزي ، سرائڪي ، جرمني ، گريڪ ، روسي
، وغيره شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي جو اردو ۾ مڪمل منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي ، شيخ
اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ کي نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو شيخ اياز پاڻ کي
لطيف سائين جي پيرن جي پڻي سڏيو آهي ،لطيف سرڪار کان علاوه حضرت سچل سرمت رح ۽
سامي کي ۾ مڃتا ڏئي پنهنجي شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو ته
سچل سامي ڀٽ ڌڻي
جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي
آءُ انهي جي پير پڻي
ڇو ته اهو هي ڌرتي آ
ڇو ته ڇپر مان ڇاٽ ڇڻي
هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي
هونئن ته مون ۾ آءُ گهڻي
شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري ڪتاب لڳاتا ڇپجندا رهيا آهن جن ۾
ڀونر ڀري آڪاس ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين ، ڪلهي پاتم ڪينرو ، اڪ جون
ڦلڙيون ، ڀيڄ ڀيني ، پتڻ ٿو پور ڪري ، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ، ڪپر ٿو ڪن ڪري ، جڳ مڙي سپنو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب
ڇپجندا رهن ٿا شيخ اياز مڃتا طور ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا جن منجهه 23 مارچ 1994ع
تي پاڪستان سرڪار پاران ملڪ جو سڀ کان وڏو ادبي اعزاز (هلال پاڪستان ۽ 16 آڪٽوبر 1994ع
تي (فيض احمد فيض ) ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو شيخ اياز جو فن ۽ فڪر انهن سڀني
اعزازن کان تمام گهڻو مٿانهون آهي شيخ اياز پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيو جن
منجهان چار پٽ ۽ چار ڻياڻين جي اولاد اٿس هي دنيا بي بقا آهي ڪهڙا به من موهيندڙ
انسان هجن مڱر آخر سندن خاڪي پتلو مٽي ۾ ملڻو آهي شيخ اياز به 74 سال 9 مهينا 26
ڏينهن زندگي جا گذاري اسر ويل 4 وڳي
ڌاري ڪراچي جي مڊليسٽ اسپتال منجهه دل بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ 28 ڊسمبر 1997ع آچر
ڏينهن سڀئي ادبي مصروفيتون ڇڏي پنهنجي ڏاڏڻي
ڏيهه واري سفر تي روانو ٿي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو،سنڌ جي هن مهان اديب ،شاعر
شخصيت جي ميت کي هزارين اديبن
جي سڏڪن ۽ لڙڪن سان ڀٽ شاهه تي آڻي دفن ڪيو ويو سندس آخري آرم گاهه ڀٽائي سڳوري جي پاڙي ڪرار ڍنڍ جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه
۾ آهي سندس جنازي جي نماز ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پنهل فقير ادا ڪرائي سندس اڄ 2 مارچ
2018ع 95 سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جا اديب ، ڏات ڌڻي مختلف شهرن ۾ سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا ۽ لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش
ڪندا شيخ اياز اڄ به سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي هو شاعري واري زبان سان پاڻ
ڳالهائي چوي ٿو ته
مرڻو آهي سڀ کي مرندو
هت هرڪو ،
گنگا جي گود ۾ ، ڪو سنڌ ڀرڪو ،
اهڙو ڪم ڪر ڪو ، جيڪو ماري موت کي .
No comments:
Post a Comment