شام ۾ عورتن سان خوراڪ بدلي جنسي ڏاڍائي (سيد زوار حسين شاه)




انسانيت جا علمبردار  شام ۾ ٿيندڙ ظلم تي پنهنجو اکيون بند ڪري ڇا ثابت ڪرڻ چاهي ٿي  هون ته جيڪڏهن ٿور ڪشميرين مٿان ٿيندڙ انها پسندي بربريت عورتن مٿان ٿشدد زهريلو گيس استعما ڪري  ڪشميرين جي بينائي ختم ڪرڻ ان سان گڏ فلسطين ۾ ٿيندڙ درندگي لاقانونيت ڪنهن کي نظر اچي ٿي ، اها به ٺيڪ پر شام اندر جنهن طرح سان شهري آبادي مٿان جديد هٿيار استعمال ڪري ميزائل ٽيڪنالاجي استعمال ڪري  معصوم ٻارڙن ان هن جي مڪمل گهر ڊاهي تباهه ڪيا وڃن ٿا اڪثريت شهيد ٻار ٿي رهيا آهن ايتري قدر جو هاڻي ته جن وٽ گهر به ناهي انهن مٿان قيامت صغرا برپا ڪري رهيا آهن  برحال وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته خورڪ ڏيڻ جي بدلي ڪافي عورتن جي عصمت دري ٿي رهي آهي انهن جي عزت لٽي پئي وڃين ۽ اسان سب هڪ تماشائي ورارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون عورتن جي عزت به نه ٿا بچائي سگهون  ڪئي ملڪ خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن  ڪئي ملڪ هاڻي جڏهن سوشل ميڊيا پنهنجو ڪردارا دا ڪري ظلم جي ڪهاڻي براه راست ڏيکاري آهي  شام جي دارلحڪومت دمشق جي هڪ شهر غوطه ۾ مسلسل بمباري آباد گهر اجڙي ڇڏيا  اها ته انهن جي قسمت پر جنهن طرح سان  اتان جا شهري بک مري رهيا آهن  ۽ درندا انهن کي خوراڪ ڏيڻ جي بدلي انهن جي عزت لٽي رهيا آهن هيومن رائيٽس لا ڪائونسل پاڪستان پاران انٽرنيشنل پريس ڪلب ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي جنهن جو عنوان شام ۾ معصوم ٻارڙن جي شهادت تي دنيا خاموش  ۽ عورتن سان جنسي ڏاڍائين ۾ واڌ جي عنوان تي ڪئي سنڌ جي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ پير سيد فرزند علي شاو عبدالله پير زادو ميان فدا حسين ، ملڪ قاسم بدر ابڙو ايدوڪيٽ  سيد اظهار حسين  سليم رضا سومرو شرف الدين تمراڻي حنيف عباسي منور حسين ۽ ٻين  جن پوري دنيا جي انهن ملڪن جي سربرهان کي هٿ ٻڌي مخاطب ٿيندي چيو ته انسانيت جي ناتي انسانيت کي بچائڻ لاء شام ۾ جنگ بندي تي مڪمل عمل ڪرايو اسان سمجهون ٿا ته ڪئي ملڪ ڪن ۽ اکيون بند ڪري تماشائي جو ڪردارا ادا پيا ڪن  عورتن جي جان مال جي به اسان جي توهان جي مٿان زميواري آهي   جيڪڏهن توهان اسان هن وقت ڪردار ادا نه ڪيو ته .
انسانيت جي نالي کي شرمائيندڙ واقعا رونما ٿيندا  پهريان پاڪستان ۾ ننڍين نياڻين ڪن جي عمر 3 سال ڪنهنن جي چار سال  ڪڏھن لاڙڪاڻي جي مسڪان ڪڏھن فيض محمد موجائي سونيا ڪڏهن مريم ڪڏھن زينب برحال لکي لکي ٿڪجي پوي انسانيت جي نالي تي ڪارو داغ  هاڻي ان ملڪ جي ڳالهه ڪيون جنهن مٿان درندگي جي حد ٿي وئي پوري دنيا ظالم جو ظلم ڏسي اکيون بند ڪرر اگهور ننڊ ستل بي حس انسان ڪٿان ڪهاڻي شروع ڪجي جتان هڪ معصوم نياڻي جي عصمت دري عزت لٽي ٿي وڃين يا وري ڪنهن ڀوتار جي ور چڙهيل هڪ بي وس نياڻي جيڪا ڪوڪون ڪري پنهنجي عزت بچائڻ لاء وس ٿي ڪري صد افسوس لکان ته ڪٿان لکان برحال ڏک ان ڳالهه جو پيو ٿئي ته اسان جي دلين مان الله پاڪنجو خوف به نڪري ويو آھي مان هڪ انسان پرست آهيان روئيندڙ جا ڳوڙها ڏسي هي دل اداس ٿيو وڃين  ڇا حضرت انسان ايترو به ڪري سگهي ٿو منهنجو حوصلو جواب ڏئي بيٺو آھي ڇا انسان کي هاڻي تحفظ ملي سگهندو  سوال انتهائي وڏو آھي جنهن جي ڳولها ڪرڻي پوندي  هاڻي ته هر ملڪ جي مدد کان اعتبار ختم ٿي چڪو آھي  امداد جي بدلي ان ملڪ کي وڏي قرباني ڏيڻي پوي ٿي پوء ڪهڙيبروپ ۾ به هجي پر الله سائين جي سامهون هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪنداسين اي مالڪ ڪائنات وارث دوجهان پاڪ محمد صلي الله واعليه وسلم ھر نياڻي جي عزت محفوظ فرما شام سميت پوري دنيا ۾َهر شريف النفس عورت نياڻي جي عزت محفوظ فرما  شام اندر گزارين معصوم تڙپي تڙپي شهيد ٿي رهيا آھن آمريڪا سميت ٻيا اتحادي ملڪ شام کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان شام مٿان جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي شهيد ڪري رهيا آھن ڪنهن کي هٿ ناهي ڪنهن کي ٽنگ ناهي ڪنهن کي منڍهي ناهي ڪو جاء جنهن مٿان راڪيٽ لانچر ميزائل بم استعمال ڪري شام کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃين جيڪا ممڪن ناهي جر ملڪ جي پاليسي مختلف هوندي آهي پر آمريڪا اسرائيل روس ڪجهه ٻيون طاقتون مسلمانن کي ماري انهن ۾ نفرتون وڌائي رهيون آھن .اسان الله پاڪ کان  امن هن ملڪ جي سلامتي جون دعائون گهري رهيون آھن.،  اسلامي ملڪن جي سربرهان جي پڻ هن وقت ڪافي پنهنجي  پوزيشن مشڪوڪ ٿي چڪي آهي جيڪڏهن هن وقت به هو يڪجا نه ٿي سگهيا ته پوء جڏهن ڪو طاقتور ملڪ چاهيندو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي مرضي سان تباهه ڪري سگهي ٿو ۽ جهڙي ڪرني تهڙي ڀرڻي ، ان ڪري اسان کي سڄاڳ ٿيڻو پوندو اکيون کولڻيون پوندو جيئن ڪوئي به  ڪنهن ملڪ تي حملو نه ڪري سگهي ان سان گڏ خاص طور سعودي حڪومت جي جيڪا صورت حال آهي ان تي پوري مسلم امه کي ڳڻتي آهي جيڪي آمريڪا سان گڏجي مسلمان ملڪن مٿان حملي ۾ مالي مدد پڻ ڪري رهيا آهن  پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن مجموعي صورت حال تي نظر وجهون ته پوء پاڪستان جي پوزيشن پڻ انتهائي ڪمزور آهي پاڪستان اندر پڻ شام جيان عورتن سان جنسي ڏاڍائي پيون ٿين پر اسان وٽ به معصوم ٻارڙن سان پڻ جنسي ڏاڍائي جا ڪئي واقعا رڪارڊ ڪيا ويا آهن  ڪي جنسي ڪندڙ آزاد پيا گهمن ڪي جيل ۾ آهن پر مان سمجهان ٿو ته انهن کي ڪا ڪڙي سزا ناهي ملي جيڪڏهن انهن کي سري عام ڦاسيون ملن ها ته شايد وري ڪو ٻيو ڏوهه ڪري ها اسان پڻ شرمندا آهيون ،هاڻي ته ڪنهن عورت جي عزت به محفوظ ناهي  هڪ شام ۾ شامين مٿان قيامت صغرا  شهري آبادي شهر غوطه مٿان بمباري ڪري رهيا آهن  ٻئي طرف  پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي زندگي دربدري واري گزاري رهيا آهن  نه پيئڻ لاء پاڻي آهي نه جيئڻ لاء خوراڪ آهي ٻئي طرف انسانيت جي پرچار ڪندڙ انسان پرست جيڪي صرف ڦوٽو سيشن ۾ مصروف آهن تي وي يا ڪنهن پرنٽ ميڊيا تي ڏک جو افسوس ڪري وري غائب ٿيو وڃن ، آخر شام جي شهري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن کي ماريو ته وڃين پيو پر هاڻي خوراڪ ڏئي عورتن سن جنسي ڏاڍائي پڻ ڪئي وڃين ٿي جنهن تي پڻ پوري دنيا خاموش آهي ڪنهن سياڻي جي چوڻي آهي ته سائين جيڪو پوکيندين اهو لڻندين ان ڪري انساني حقن جون تنظيمون جيڪي صرف نعرا هڻي پاڻ کي هيروز سمجهن ٿا انهن کي شرم اچڻ گهرجي جيڪڏهن اسان انسان ذات کي بچائي نه ٿا سگهون اسان انهن سان ٿيندڙ ظلم ٿتي احتجاج به نه ڪري سگهون ته پوء اسان وٽ بچندو ڇا ؟ پوء اقوام متهده جي وجود جي هئڻ سان ڪهڙو فرق پوندو ، اسان مسلمان آهيون اسان جو ايمان آهي ته مظلوم سان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ جو حساب هن دنيا ۾ ئي خالق اڪبر وٺي ٿو  پوري دنيا ۾ انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاء اقوام متحده سميت ٻين ملڪن به قانون سازي ڪئي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي ، منهنجي ننڊري راء اها به هئي ته چوري ڪندڙ جو هٿ ڪٽيو زاني کي سنسار ڪيو ڦاسي ڏيو قاتل کي ڦاسي ڏيو ملڪ سان غداري ڪندڙ کي ڦاسي ڏيو 100 فيصد جرم ضرور گهٽجي ويندا پر جيڪڏهن ڪنهن  ظالم جي حمايت ڪيون آواز بلند نه ڪيون ته پوء ڇا رهندو ، بس هڪ عرض هٿ ٻڌي ته اهڙن ظالمن کي گڏجي ختم ڪري سگهون ٿا  هي وقت تمام مسلمانن جي گڏجي يڪجا ٿي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو آهي نه ته ڪو به ملڪ محفوظ نه رهندو اهو وقت سڀني ملڪن تي اچي سگهي ٿو  ان سان گڏ شام اندر عورتن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي خلاف تمام ملڪن کي نوٽيس وٺي انهن جي عصمت کي تحفظ مهيا ڪيو وڃين هو اڄ مجبور آهن سڀاڻي اسان به مجبور ٿي سگهون ٿا ان ڪري پنهنجا عاقبت کي سٺو بنائڻ الاء اسلامي قانون تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو     

No comments:

Post a Comment