معصوم نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ تحفظ جو سوال…؟/)احسان مستوئي/ مبارڪپور(



سنڌ جيڪا صدين کان صوفين جي سرزمين رهي آهي ، اسان جي سون جهڙي سنڌ جيڪا سدائين امن ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏيندي رهي آهي، پر اڄ ان سنڌ ڌرتي جو امن تباھ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، هتي امن نالي ڪا بہ شئي نظر ئي نہ پئي اچي جنهن جي کڻي آءُ ڳالھ ڪيان،امن واري ڌرتي جيڪي اڄ ڪلور ٿي رهيا آهن ۽ اڄ سنڌ ڌرتيءَ تي جيڪي ڏينهن ڏسي رهي  آهي، اهو ڪنهن تصور ۾ بہ سوچو هيو ، هن امن واري ڌرتيءَ تي ٿينڌڙ هي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائيندڙ واقعہ انتھائي شرم جھڙي ڳالھ آھي، ڪٿي عورت کي ڪارو ڪرار ڏئي ماريو ويو، ڪٿي عورت کي باھ ڏئي ساڙيو ويو تہ ڪٿي وري عورتن ۽  معصوم نياڻين کي حوس جو شڪار بڻايو ويو هر روز سنڌي توڙي اردو اخبارن جي زينت بڻيل سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪجھ اھڙي شرمناڪ هن طرح جا واقعا انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏين ٿا جيڪي واقعا اسان جا صوفيت ۽ امن پرستي واري قوم مٿان هڪ سواليه نشان بڻيل آهن؟ سنڌ سميت پوري پاڪستان اندر معصوم گلن جهڙين نياڻين سان جنسي ڏاڍائين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هاڻ تہ اهو ڏينهن خالي نہ آهي جنهن ڏينهن ڪنهن نياڻي  جي عزت نہ لٽي وئي هجي، ڪنهن عورت کي ڪارو ڪري نہ ماريو ويو هجي، اهڙيون خبرون روز جي اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون،
هوس جا پوجاري انسانيت جي روپ ۾ ڇتا ڪتا بڻجي ويا آهن،  جيڪي ڇتا ٿي وتن پيا نياڻين کي ڏاڙيندا ۽ معصوم نياڻين جي لڄ لٽيندا،اهڙين ڇتي ڪتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪجھ بہ نہ ٿو ڪيو وڃي جنهن جي نتيجو وڃي اهو نڪري ٿو تہ اهڙي ٿيندڙ واقعين ۾ گهٽائي ٿيڻ بجاءِ اضافو ٿيندو پيو وڃي روز ڪنهن نہ ڪنهن نياڻي جي لڄ لٽي پئي وڃي، قانون الائي ڪٿي ننڊ ستل آهي جو هو جاڳڻ جو نالو ئي نہ پيو وٺي وحشي جوابدار نياڻين جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن، ، اسان کي ڪٿان نہ ڪٿان اهڙين واقعين جون خبرون شوشل ميڊيا ۽ يا پرنيٽ ميڊيا تي پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن جيڪي جيءَ کي جهوري وجهنديون آهن، اهڙي قسم جي ٿيندڙ واقعين مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي تہ انسانيت نالي ڪا شئي رهي ئي ناهي جنهن جو آءُ زڪر ڪيان ڇو تہ هتي انسانيت جي روپ ۾ بگهڙ گهمي رهيا آهن، جن جو نيشانو عام طور تي معصوم مالڪڻيون هونديون آهن،  انسان انسان هجڻ جون سڀ خوبيون  وڃائي ويٺل نظر اچي رهيو آهي، انسان ڏينهون ڏينهن حيوانيت وارو روپ اختيار ڪندو پيو وڃي، سندس ڪريل حرڪتن مان ائين پيو لڳي هي انسان نہ پر هڪ جانور آهي، ڏٺو وڃي تہ جانور بہ ائين نہ ڪندو جيئن اڄ جو انسان ڪري رهيو آهي، مونکي اهڙي وحشي انسان کي انسان چوڻ تي بہ شرم ٿو اچي جيڪي پنهنجي هوس جو شڪار معصوم نياڻين کي بڻائين ٿا انهن کي تہ جانور چوڻ تي دل ڪو نہ ٿي چوي منهنجي دل انهن کي جانور بہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آهي ،ڇو تہ جانور ۾ اهڙيون خرابيون  هونديون جهڙيون انسان اپنائي ويٺو آهي آهي،انسانيت جيڪو تمام وڏو نالو آهي، جنهن کي اعليٰ درجي تي رکيو ويو آهيهاڻي هتي وڏي غور جو مقام آهي تہ اهو انسان اشرف المخلوق آهي جيڪو اعليٰ درجي تي رکيل آهي، سو جڏهن نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو وڃي تہ هو حيوانيت وارو روپ وٺي ٿو وڃي تہ هو پنهنجي ان درجي تان تمام گهڻو هيٺ ڪري بي وقت ٿي وڃي ٿو “ لفظ “ انسانيت” انساني نيڪ خاصيتن جي مڪمل تصوير آهي ڪردار جون اعليٰ خوبيون، جن ۾ خاص طور پيار، محبت، رحم دلي، نيڪي، سادگي، شرافت، سچائي،همدردي، عدل ۽ انصاف، صبر ۽ شڪر، عزم ۽  امانت داري، مهمان نوازي، بهادري ۽ ٻيون خاصيتون کيس مٿانهين درجي تي پهچائين ٿيون، مٿين نيڪ خاصيتن ۽ عملن جو هي گڏيل گلدستو ”انسانيت“ سڏجي ٿو، جنهن جي هر گل جو واس وڻندڙ آهي،جيڪڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ مٿيون خوبيون نہ آهن بلڪہ ان جي بدران، ان ۾ ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، خود غرضي ۽ ظالميت جهڙيون خاميون سندس ۾  آهن  تہ هو انسان جي بجاءِ حيوان بڻجي ٿو وڃي ۽ سندس وجود انسانذات لاءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي،سندس مان انسانيت وارا اصول وسري ويندا آهن ۽ هو جنگلي جانور بڻجي ويندا آهن، نياڻين سان ڏاڍائي ڪندڙ وحشي قانون کان ڪيئن لڪل آهن، قصور جي زينب کان ويندي، شور ڪوٽ جي عائشہ تائين، عائشہ کان ويندي مبارڪپور جي مهرين ڀٽو تائين، مهرين ڀٽو کان ويندي ٽنڊو محمد خان جي روزينا تائين الئي تہ ڪيتريون نينگريون وحشت جو شڪار ٿي ويون آهن،سنڌ سميت پوري ملڪ اندر نياڻين لاءِ هِيءَ ڌرتي هڪ خوفناڪ جهنگل بڻجي وئي آهي، جتي انساني روپ ۾ جانور گهمي رهيا آهن، جتي سنڌ جي نياڻين جي عزت جو تقدس پامال ٿيندو رهي ٿو ۽ سندن عزت غير محفوظ ٿي وئي آهي، جيڏانهن بہ نظر ڦيرائي ڏسجي ٿو تہ نياڻين سان قهري ڪلور جاري آهن، خاص طور تي هن وقت سنڌ ۾ نياڻين سان ٿيندڙ ظلم انتها تي پهچي وئي آهي، هونئن تہ ان ظلم جا ڪيئي شڪليون  آهن پر سڀ کان وڌيڪ اُها وحشت آهي، جنهن نياڻين ٿيندڙ زيادتر واري خوف سندن جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اڳ نياڻيون روڊ رستن تي بہ محفوظ هيون ۽ هاڻي سندن جون عزتون گهرن ۾ لٽجي رهيون آهن ، سنڌ ۾ نياڻين سان زيادتيءَ جا واقعا ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان وڌي  رهيا آهن، روز  ڪٿان نہ ڪٿان اخبارن ۾ جيءَ کي جهوريندڙ ۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائيندڙ رپورٽون شايع ٿي رهيو  آهن، اُن ۾ بہ اهڙن وحشي بگهڙن جي وحشت جو نشانو خاص طور تي معصوم ٻارڙيون بڻجن ٿيون جيڪي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏين ٿيون ، جن جي عمر راند ڪرڻ جي هوندي آهي، جنهن جي عمر پنهنجي امان بابا سان انگل نکرا ڪرڻ جي هوندي آهي، پوري سنڌي تسماج ۾ سرعام گهمندڙ انساني روپ ۾ بگهڙ آهن  معصوم ڪلين کي هوس جو شڪار بڻائيندا رهيا آهن، پر اهي وحشت صف  بااثر هجڻ يا ڪمزور قانون سبب هو ڪنهن بہ نياڻيءَ سان اهڙو ڪِيسُ ڪري آسانيءَ سان ڇڏائجيو وڃن ٿا،  پنهنجي نئين شِڪار جي تلاش ۾  لڳي ٿا وڃن،وحشي جوابدارن کي زرا بہ شرم نہ آيو جنهن معصوم نينگري  سان لڄالٽ ڪئي، سنڌ جو ساڃاھ وند طبقو ڇو  چپ جو چپن تي تالو هنيون ويٺو آهي، نياڻين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ تنظيمون ڇو سڄو تماشو خاموشيءَ سان ڏسي رهيون آهن؟ يقين ڪريو  اڃا بہ جي اسين هن ننڊ مان سُجاڳ نہ ٿياسين تہ سماج ۾ سرعام گُهمندڙ اهڙن ذهني مريضن ۽ بگهڙن جي روپ ۾  انسانن جي خلاف آواز نہ اٿاريوسين تہ پوءِ اهو ڪلور سڀ ڪنهن سان ٿي سگهي ٿو، منهنجي هڪ نماڻو عرض آهن ان سنڌ ڌرتي جي حلالي فرزندن کي جن ۾ اديب، دانشور،وڪيل ، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اهڙن وحشين کي قانون جي ڪٽهيڙي ۾ آندو وڃي جئين هي اهم اشو اعلي ايوانن ۾ ويٺل بي ضمير حڪمرانن جي ضمير کي اجاگر ڪري ۽ سنڌ ڌرتي جي نياڻين کي انصاف ملي سگهي

No comments:

Post a Comment