گذريل 20 ڏينهن کان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي
جڏهن ته انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ دالر جي قدر ۾ اضافي سبب روپئي جي قدر هيٺ اچي وئي آهي.
انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۽ انٽربينڪ مارڪيٽ جي صورتحال کي نظر ۾
رکندي ملڪ ۾ ايندڙ مهيني لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 7 روپيا في ليٽر اضافي جو خدشو
آهي. انڊسٽري ذريعن مطابق ڊيزل جي قيمت ۾ 5 روپيا في ليٽر ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 6
رويپا في ليٽر اضافو ٿي سگهي ٿو. انڊسٽري ذريعن ٻڌايو ته ان صورتحال کي نظر ۾
رکندي حڪومت لاءِ تيل جي قيمت وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي رهيو جڏهن ته ان
حوالي سان اڃان تائين حتمي فيصلو حڪومت کي ئي ڪرڻو آهي. وفاقي سرڪار به هاٿي جيان
ڏند ڏيکاري ڇڏيا، 29 روپين کان مٿي پيٽرول اگهه گهٽجڻ باوجود يوٽليٽي اسٽورن تي پيل گيهه،تيل،
کنڊ،اٽو،چانور،دالون ۽ ٻين شيئن جو ريٽ آسمان سان ڳالهائڻ لڳا،بازارن ۾ کنڊ 53
روپيا ڪلو،يوٽليٽي اسٽورن تي 57 روپيا،بازارن ۾ چڪي اٽو 350،يوٽليٽي اسٽور تي 385
روپيا قيمت مقرر ٿيل، عوام وفاقي سرڪار جي يوٽيليٽي اسٽورن طرف اچڻ ئي ڇڏي ڏنو، وڏي سرڪار پاران شڪايتي نمبر به بند ريجنل توڙي ٽائونز
مينيجر فونن کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،اسٽور انچارجز سبزڊي نه ملڻ ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب صبح کان شام تائين اوٻاسيون ڏيڻ
لڳا.تفصيل موجب ملڪ ۾ وفاقي سرڪار پاران عوام کي سستي اگهه تي عام شيئن جي فرهائمي
لاءِ قائم ڪندڙ يوٽيليٽي اسٽور هن وقت وڏي ٻاڙائي جو شڪار آهن، جڏهن ملڪ ۾ پيٽرول
108 روپين مان 10 روپيا گهٽ ٿيو ته وفاقي سرڪار به 10 سيڪڙو يوٽيليٽي اسٽور ايٽم ۾
گهٽتائي ڪئي پر هن وقت 29 روپين کان پيٽرول جون قيمتون گهٽايون ويون آهن پر وفاقي
سرڪار پاران يوٽيليٽي اسٽور جي قيمتن کي هڪ روپئي جي به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي،ان
سلسلي ۾ روزاني پاڪ پاران ڪيل سروي ۾ جڏهن وفاقي سرڪار ماتحت هلندڙ يوٽيليٽي
اسٽورن تي وڃي ايٽمس جي قيمتن جو معائنو ڪيو ته خبر پئي ته اسٽور ۾ کنڊ جي قيمت 57
روپيا في ڪلو لڳل هئي جڏهن ته عام بازارن ۾ کنڊ 53 روپيا پڻ دستياپ آهي اهڙي طرح
ڪڻڪ جي 10 ڪلو واري اٽي جي ٻوري جي قيمت اسٽور تي 385 روپيا مقرر ٿيل هئي جڏهن ته عام
بازارن ۾ چڪي واري ساڳي ٿيلي جي قيمت 350 روپيا وڪرو ٿئي ٿو، جڏهن ته وفاقي سرڪار پاران عوام کي گهٽ قيمتن ۾ سهولت ڏيڻ واري
وائدي جي برخلافي پڻ جاري آهي، وفاقي سرڪار تحت هلندڙ يوٽيليٽي اسٽورن ۾ پيل عام
شيئن مان صابڻ، چانور، دالون،گيهه، پڪوان سميٿ ٻين شيئن جون قيمتون پڻ آسمان سان
ڳالهائي رهيون آهن پر وفاقي سرڪار جي پڻ جونءَ به نٿي چري، ٻئي پاسي شهرين پاران
شڪايتن جو پڻ سلسلو جاري آهي پر ان هوندي اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن کي
هلائڻ وارا ريجنلز، توڙي مقامقامي مينيجر پڻ عوام جون شڪايتون ٻڌڻ لاءَ تيار ناهين
۽ اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وفاقي سرڪار پاران يوٽيليٽي اسٽورس بابت شڪايتن نمبر پڻ
بدن ٿيل آهن جنهن سبب عام ماڻهو يوٽيليٽي اسٽورن مان سامان خريد ڪرڻ کان انڪار ڪندي وفاقي سرڪار کي يوٽيليٽي اسٽورن ۾ ريٽ گهٽ ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.
اپوزيشن ليڊر
خورشيد شاهه تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽
گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جي طوفان جا امڪان وڌي ويا آهن، اپوزيشن ليڊر
خورشيد
شاهه تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب
مهانگائي جو وڏو طوفان ايندو.تيل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي
خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ سان
مهانگائي جو نئون طوفان اٿندو،هن چيو ته حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسڻ چاهي
ٿي، جڏهن ته پنهنجي ڪمزور گورننس جو بدلو عوام کان ورتو پيو وڃي.اپوزيشن ليڊر چيو
ته حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڪليڪشن ۾ واڌ بدران عوام کي سزا ڏيڻ تي يقين رکي
ٿي.هن چيو ته اسان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واري فصلي کي رد ڪري چڪا آهيون. اسان جو
مطالبو آهي ته فيصلو واپس ورتو وڃي.خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جنهن نظام کي اڳتي
وٺي وڃي رهي آهي، ان ۾ امير، امير ٿيندو پيو وڃي، ۽ غريب غريب ٿيندو پيو وڃي
اڳوڻي
وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جيڪو ووٽ کي عزت نه ڏئي اسان ان کي عزت نه ڪنداسين.
ڪوٽ مومن ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان جي وڏن وڏن وڪيلن
چيو آهي ته نواز شريف کي هڪ اقامي جي بنياد تي ڪڍڻ جو فيصلو درست ناهي. هن چيو ته
نواز شريف کي وزارت عظميٰ جي عهدي تان ڪڍي رهيا آهن، مڃون ٿا ته ڪا ڪرپشن ناهي، نه
نواز شريف ڪو ٺيڪو کنيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف ڪرپشن نه ڪئي ته ڇو ڪڍيو، ايتريون
وڏيون ناانصافيون ڇو ٿي رهيون آهن، ڇا سرڪاري ناڻي ۾ گھوٻيون ڪيون هئون. سندس چوڻ
هو ته پاڻ درخواست داخل ڪندڙ عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف فيصلو ڪمزور آهي،
ٻُڌايو ته هاڻي ان فيصلي جي ڇا حيثيت آهي، وزيراعظم هائوس مان ڪڍيو، اتي به نه
بيٺا، انهيءَ فيصلي جي بنا تي ن ليگ جي صدارت تان هٽائي ڇڏيو. نواز شريف چيو ته
پهريئن فيصلي جي ڪري پاڪستان جي ڪروڙين ووٽرن جي توهين ٿي، سندن ووٽ پنج ماڻهو
ڦاڙي اُڇلي ڇڏن، ڪروڙين ووٽرن جي ڪا پرواهه ناهي، پُڇان ٿو ته توهان جي ووٽ جي
پاڪستان ۾ عزت ٿيڻ گھرجي يا نه، ووٽ کي عزت ڏيو، قوم فيصلو ڪري ورتو آهي جيڪو ووٽ
کي عزت نه ڏيندو اسان ان جي عزت نه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مون وِک
وڌائي آهي، توهان کي منهنجي وِک سان وِک گڏائي هلڻو آهي، پاڪستان مصيبتن مان ٻاهر
نڪرندو ۽ خوشحال ٿيندو، اڄ لوڊشيڊنگ دم ٽوڙي رهي آهي، چيو هو دهشتگردي ختم ڪندا
سين ۽ ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته اڄ ٻيهر ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ ۽ ان کي پوئتي ڌڪڻ جي
ڪوشش ٿي رهي آهي، جيڪو رويو پاڪستان سان ٿي رهيو آهي اهو ذيادتي آهي، شاهد خاقان
عباسي جو ان ۾ ڪو قصور ناهي، قصور انهن جو آهي جن فيصلو ٻُڌايو ۽ ملڪ کي ڏڦيڙ جو
شڪار ڪري ڇڏيو. ن ليگ جي قائد وڌيڪ چيو ته مون کي صدارت تان هٽايو ويو، ڇا توهان
کي اهو فيصلو منظور آهي؟ اهو معاملو ڌانڌلي ڏانهن وڃي رهيو آهي، سڀ کان وڏي پارٽي
سان اهو سلوڪ ٿي رهيو آهي، يقين آهي عوام ان کي ناڪام بڻائيندو. سندس چوڻ هو ته
پاڪستان سان محبت ڪندڙ ۽ حق تي ڄمي بيهڻ وارو انسان آهيان، پوئتي هٽڻ وارو ناهيان،
اڄ پاڪستان سان جيڪو ڪجهه ماڻهو سلوڪ ڪري رهيا آهن اهو اسان روڪيندا سين. نواز
شريف چيو ته هاڻي سوچيو پيو وڃي ته نواز شريف کي سياست مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، اهي
آئوٽ ڪري رهيا آهن ۽ عوام اِن ڪري رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪو نوازشريف ۽ ن ليگ
خلاف ٿي رهيو آهي اهو سڀ توهان کي قبول آهي؟ اسان کي ان خلاف وڙهڻو آهي، اسان اها
جنگ کٽينداسين، اها جنگ کٽڻ تمام ضروري آهي، اها ملڪ جي سلامتي جي جنگ آهي، توهان
منهنجو ساٿ ڏيو، جئين پهريان واعدا پوريا ڪيا اڳتي به گڏجي سمورا واعدا پورا
ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اهو سفر ٿورو ڏکيو آهي، آئون به برداشت ڪري رهيو
آهيان، عوام کي به مون سان گڏ ٿورو برداشت ڪرڻو پئي ته ڪري، ملڪ کي منزل تائين
پهچائڻ جو اهو ئي سفر آهي، ان ۾ اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو آهي، اڄ قوم تيار ٿيندي
نظر اچي رهي آهي.
وفاقي گھرو
وزير احسن اقبال چيو آهي ته چيني شهري پاڪستان جي تعمير ۾ اسان جي مدد ڪري رهيا
آهن، اسان چين جو قدر ڪريون ٿا ۽ سندن ڪنٽربيوشن تسليم ڪريون ٿا. تفصيل موجب احسن
اقبال سماجي رابطن واري هڪ ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سي پيڪ
پراجصيڪٽس تي ڪم ڪندڙ چيني اسان جا مهمان آهن. هن چيو ته چيني شهري پاڪستان جي
تعمير ۾ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، اسان سندن ڪنٽربيوشن تسليم ڪريون ٿا. گھرووزير
چيو ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي 2012ع ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو، ايف اي ٽي ايف
پاڪستان کي 2012ع ۾ ٻيهر بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو. هن چيو ته 2014ع ۾ پاڪستان کي بليڪ
مان گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، 2015ع ۾ گري لسٽ مان هٽائي وائٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، 2018ع
۾ ٻيهر پاڪستان کي گري لسٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو. حضرت پير سائين پاڳاري پير صبغت
الله شاه راشدي سان ڪنگري هائوس تي فنڪشنل مسلم ليگ شهدادپور اڳواڻ سيد خير شاهه لڪياري. تعلقه صدر خليل احمد سنجراڻي.سيد ڪاظم شاه لڪياري
زيارت ڪئي ۽ دعا ورتي.پير سائين پاڳاري شهدادپور جي موجوده سياسي صورتحال بابت ڄاڻ
ورتي ۽ تنظيم سازي جو رڪارڊ ڏسڻ بعد تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي
تي پير سائين پاڳاري چيو ته ايندڙ وقت توهان ۽ اسان جو آهي. ملڪ مان لٽيرن جو سج لهي چڪو آهي.پير
سائين پاڳاري هدايت ڪئي ته پنهنجن ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ۽ ايندڙ
اليڪشن جي لاءِ تياري ڪري پارٽي جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ جي ڪوشش ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي وي آءِ پي پروٽوڪول خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش
ڪندي چيو ته وي آءِ پي ڊيوٽين تي مقرر 6 هزار پوليس اهلڪارن تي ساليانو 2 ارب رپين
کان وڌيڪ خرچ ٿي رهيو آهي. کٽارا پوليس موبائل عوام لاءِ هونديون آهن جڏهن ته
پروٽوڪول تي نيون ۽ چمڪندڙ گاڏيون هونديون آهن، ڇا اهو سڀڪجهه عوام لاءِ صرف
ڏيکاءُ لاءِ رهجي ويو آهي، سڄي صوبي ۾ 10 هزار اهلڪار پروٽوڪول تي مقرر ٿيل آهن. فريال
ٽالپر وٽ 50، علي نواز مهر وٽ 10، عمر رحمان ملڪ وٽ 18، شرميلا فاروقي وٽ 14،
جاويد ناگوري وٽ 17، رحمان ملڪ وٽ 17، جڏهن ته مرتضيٰ وهاب وٽ پڻ 12 اهلڪار مقرر
ٿيل آهن. عوامي پئسن سان پگهارون ڏنيون وينديون آهن جڏهن ته اهلڪار وي آءِ پي
ڊيوٽين تي مقرر ٿيل آهن جيڪو وڏو ظلم آهي. ان دوران اسپيڪر نصرت سحر عباسي جو
مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو ايوان ۾ موجود سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير هڪ نجي ٽي وي
چئنل پاران سندس جي ڊيوٽي ۾ مقرر ٿيل 78 اهلڪارن واري انگ جي ترديد ڪندي چيو ته
ائين بلڪل ناهي ان حوالي سان هڪ نجي ٽي وي چئنل غلط خبر نشر ڪئي آهي، هن چيو ته
مان جيڪڏهن ڳالهائيندس ته هي ناراض ٿي ويندي، نصرت سحر عباسي کي مخاطب ٿيندي سهيل
انور سيال جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪلاشنڪوف کڻي تصوير ڪڍرائڻ تي انهن خلاف ڪيس داخل ٿيو
ته هو عدالت پهچي وئي ۽ چيو ته اها رانديڪي واري ڪلاشنڪوف هئي. ان موقعي تي نصرت
سحر عباسي ۽ سورٺ ٿيٻو شور شرابو شروع ڪيو. (ن) ليگ جي امير حيدر شاهه پاران ڌيان
ڇڪايو نوٽيس تي سهيل انور سيال وڌيڪ چيو ته ٺٽي ۾ جيڪڏهن پوليس جي سرپرستي ۾ شراب
وڪرو ٿي رهيو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي
وزير ايوان ۾ شراب، ڪچو شراب، ڀنگ ۽ چرس پڪڙڻ جا تفصيل پڻ پيش ڪيا.
No comments:
Post a Comment