سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو ڪارڻ اصل کان وفاق ئي رهيو آھي اڳ جيئان هاڻ
به ارسا1991ع واري ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو انڪار ڪيو جنهن جي ڪري سنڌ
جي زراعت ۽ ھن ڀومي ۾ جنم وٺندڙ ماڻھن کي وڏي نقصان ٿيڻ جو خدشو لاحق آھي, ڪڏھن پاڻي جا ڪٽڪ ڇوڙ
ڪري لطيف ۽ لعل جي نگري کي ٻوڙڻ جو سازشون ڪيون ته وري ڪيترائي ڀيرا سوڪهڙي ۽ اڻاٺ
جو نشانو بڻايو ويو,پراڻي زماني وادي مهراڻ جي سيني ۾ وهندڙ درياھ بادشاھ جون ٻئي ڪنڌيون سرسبز
شاداب ۽ دلفريب نظارن سان
ان وقت ڏيک ڏينديون آھن جنهن وقت پاڻي جون موج مستيون, کيڏ خوشيون اُٿل پٿل
ٿيندڙ لهرون ج ڏھن
خوشڪسالي سبب جهيرون جهيرون ٿيل زمين, پياسي ڌرتي جي اڃ
اجهائي ڇڏينديو آھن ۽ جڏھن ساوڪ نڇار ٿيندو آھي ته پورهيت آبادگار جي دل به گلاب
جي گل وانگي خوشي مان مهڪي پوي ٿي , سڪون, راحت , کل, خوشي , پنهنجي پورهيئي سان
لڳاءُ ۽ چاھ به من کي موهيندڙ ھجي ٿو پر جڏھن پاڻي جو وقت سر نه پهچڻ, آبادي جو
ٽائم سان نه ٿيڻ سبب وڏي نقصان جو ازالو ڀري ٺيٺ زمينن مٿان ويهي پنهنجي رب کي
ٻاڏائن ٿا, هوئن به ملڪ جي معيشت کي مظبوط ڪرڻ ۾ زراعت ۽
آبادگارن جو اهم ڪردار رهيو آھي ان کان هر ماڻھون واقف به آھي پر هن وقت جڏھن پاڻي
جي حوالي سان سيڊا طرفان
زارعت سنڌ آفيس ۾ اجلاس رکيو ويو ۽ ان گڏجاڻي بابت جڏھن
خبرپئي ته سنڌو درياھ ۾ هن سال پاڻي جو مام گهڻو بحران رهندو ۽ زراعت لاء زمينون
آباد ڪرڻ ته هڪ پاسي پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ هوندو هاڻي, ۽
اهيا اڳڪٿي به چئي سگهجي ٿي, سنڌ جي پاڻي جيڪا هٿچراند ڪئي پئي وڃي ۽ پنجاب طرفان
بلاجواز ڏاڍ ڪري سنڌ جي حقن مٿان ڌاڙا هڻي چار هزار ڪيوسڪ وهايو پيو وڃي ته ان کي
ڪو به روڪڻ وارو ڇو نه آھي,ان کان علاوه اٺ ملين ايڪڙ فٽ پاڻي شڪور ڍنڍ ذريعي
هندستان ڏانهن ڇوڙ ڪيو پيو وڃي اگر ان متعلق سوچجي ته اهو فائدو ڪنهن کي رسي ٿو, نقصان
ڪهڙي صوبي کي پوندو هوندو ۽ اهو ڪنهن جو حصو آھي, ڇا سنڌ واٽر پاليسي ٺھڻ سان پاڻي جي
مقدار ۾ اظافو ايندو يا پنهنجي حصو جو پاڻي صحيح نموني سان وقت سر ملندو يا وري
پنجاب سنڌ جي حقن ۾ ڌاڙو هڻڻ بند ڪندو, منهنجي سوچ مطابق جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آھي سنڌ
سان جيڪا ويڌن ڪئي پئي وڃي ته اهو صرف وڏي صوبي جي حڪمرانن وفاق ۽ پاڻي ورڇ
ڪندڙن طرفان وزنائتا ۽ ڳرا فيصلا مڙھي سنڌ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي, ٻي
طرف وري هميشه بلوچستان به اظافي کڻڻ جو الزام سنڌ مٿان مڙھندو رهي ٿو جيڪا هن جي
ڀُل ئي چئي سگهجي ٿي,زراعت تي گذرسفر ڪندڙ مسڪين پورهيتن جو اهيو دروازو به بد ڪيو
پيو وڃي هوئن ته ازل کان سنڌ ۾ بيروزگاري, بک, بدحالي جو رجهان گهڻو رهيو آ ڇو ته
ڊگريون ماڻي پاس ڪندڙ
نوجوانن کي سرڪار طرفان ميرٽ تي نوڪريون ته نه مليون
پر تنهن باوجود پنهنجي زمينن ۾ ڪُڙمت ذريعي پنهنجي پيٽ گذر ڪرڻ لاء ڌرتي کي زرخيز ڪري روزگار حاصل ڪن ٿا اُن۾ به شايد
پاڻي نه ملڻ ۽ آباديون نه ٿيڻ جو خطرو لاحق ٿي ويو, اجلاس ۾ زراعت جو
پاڻي معطل ڪري صرف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي ڳالھ نڪتي ته هڪ سوال اڀري ٿو ته ڇا
اهو پيئڻ جو پاڻي ڏاکڻي يعني پوچڙي جي ماڻھن تائين باقائدا رسائي ڪندو جو جنهن سان
اُڃ اجهائي سگهجي, مثال طور تي اهو پاڻي سکر بئراج جي ساڄي پاسي ۽ کاٻي طرف وارن
شاخن توڙي جو روهڙي ڪئنال, خيروپرو , کيرٿر ڪئنال , دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال ۾
صرف پيئڻ جو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو اهو پاڻي انسان جي پيئڻ لائق هوندو, شايد ڪڏھن به
نه اهو ان ڪري جو ڪئنالن ۾ صرف پيڻ جيترو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو جيڪو بلڪل به اڳ جي
ڀيٽ کان گهٽ ھوندو ته ان ۾ شروعات,کان گدلاڻ, ملن جو ميرو ۽ ڪيميڪل مليل پاڻي , گٽر
۽ نالين جو گندو زهر ڀريل ڪن ڪچري وارو پاڻي ملي ڪري بيماريون پکيڙيندڙ موت جو
ڪارڻ بنجي سگهي ٿو وري جي سوچجي ته اهو پاڻي پوڇڙي تائين پهچڻ به مشڪل آھي مُنڍ ۽ اُتر وارن
جي ڀيٽ ۾ ڏسجي ته ڏکڻ واري پوڇڙي جي علائقن کي يا ته ٻوڙيو ويو يا وري هٿ سان
سڪايو وڃي پيو جنهن جا مثال ته ڪيترائي آھن جنهن ۾ 2007
۽ 2010 جي مها ٻوڏ کان وٺي هٿراڌو ٻوڏ آڻائي پوڇڙي جي علائقن کي ٻوڙايو ويو جيڪو
پنجاب جي سازش ۽ اسان جي حڪمرانن جي نا اهلي جو سبب بڻيا جنهن جي ڪري اربين کربين
روپين جو نقصان پيو ۽ سنڌ ڪيترائي سال پوئتي هلي وئي, هن وقت وري سنڌ جي معيشت,کي
تباھ ڪرڻ جا سانباھا ڪيا وڃن پيا چيو وڃي ٿو برساتن جي نه پوڻ ڪري ڊيمن مان پاڻي
جو زخيرو ختم ٿي ويو منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي نه هجڻ جي برابر۽ انقريب ختم ٿيڻ
وارو آھي ان لاء پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو, چوڻ جو مقصد ته وفاق هجي يا ٻيا
صوبا هجن جن سنڌ سان هميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري هر ڳالھ ۾ نظرانداز ڪيو ويو,
جهڙي ريت گڏيل مفادن واري اجلاس ۾ بلوچستان جي وزير اعلي عبدالقدوس وڏي وزيرتي ڇوھ ڇنڊيدي
پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي ايوز ۾ پئسا گهري ورتا ان بعد جڏھن سنڌ جي وڏي وزير
ڪراچي لاء پاڻي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ته ان موقعي تي به پنجاب جو ناڻي وارو وزير
ڏمرجي پيو ۽ جواب ۾ لاهور جي
شھرين لاء جدا پاڻي گهرڻ جو مطالبو ڪري وڏن ڊيمن کي تيار ڪرائڻ لا زور ڀريو ڊيم
ٺھي به وڃن ته به سنڌ فائدو ته نه رسندو پر ٻيڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو , سنڌ جيڪا
قدرتي وسيلن سان مالا مال ۽ هن جي مٽي سون برابر آھي تمام گهڻي عرصي کان گئيس, تيل,
ڪوئلي معدنياتي ذريعن جهڙي انمول نعت مٿان وفاق قابض رهيو آھي جنهن جو صحيح نموني
سان سنڌ ۽ سندس جي جي عوام کي نه مليو ۽ نه ئي ڪو فائدو پهتو ,,
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment