تــعـلـيـم جــي تـبـاهـيءِ جــو ذمـيــوار ڪــيـر ؟.... (نــادر ڀـٽـي/ گهوٽڪي )



 

    تعيلم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن سان انسان سان گڏ هر شيءَ سميت ملڪن جي تبديلي اچي سگهي ، تعليم هر انسان مرد توڙي عورت جو بنيادي حق هوندو آهي ، جيڪا حڪومت ان بنيادي مسئلي تعليم تي مڪمل ڌيان ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم نه ٿي ڪري ته ان کي ڪوبه حق ناهي ته اهي اهي غريب ماڻهن جي معصوم جي معصوم گلن جيهڙن ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪري اهي اقتدار جا نشا ماڻهن ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو پيو وڃي ، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي اندر تعليم جي زيور کان وانجهايل 2 صوبا ۽ انهن جي گهوٽڪي ضلعي انتهائي پوئتي پيل آهي ، جڏهن ته سنڌ اندر چاهي ڪهڙا به ضلعا هجن انهن جي ٻهراڙين جي اسڪولن جي حالت انتهائي خراب هئڻ ڪري تعليم جو ماحول گهٽ اسڪولن جي مين بلڊنگس ۾ شاديون غميون ، ڦٽين جا گودام ، ڪڪڙن ۽ مال جا وٿاڻ ۽ اسڪول اوطاقن سان سينگاريل نظر ائيندا آهن ، جڏهن تعليم کاتي ۾ استادن جي بائيوميٽرڪ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته گوسڙو استادن ۽ ذاتي ڪاروبار ڪندڙ استاد پنهنجا وٿاڻ ڇڏي اسڪول جي حاضري کي ڪجهه يقيني بڻايو آهي ، ۽ بائيوميٽرڪ جي ٽيمن ڪجهه ڏينهن ۾ ڄڻ تعليم کي سڌارڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ، پر ماضي جيان ساڳيا لاٽو ساڳيا چگهه تعليم کاتي مان پيچوهو جي وڃڻ بعد ڄڻ بائيوميٽرڪ مشينن جون بيٽريون ئي بند ٿي ويون ، استادن وري اسڪولن جا در بند ڪري ڇڏيا ، استادن اسڪولن کي وڏيرن ۽ ڀوتارن اوطاقن شادين ۽ ڀانڊن جي حوالي ڪري ڇڏيو ، جڏهن سنڌ جي عدالتي ججن ڇاپن جو سلسلو جاري ڪيو ته اڪثر ٻهراڙين جي اسڪولن جا ساڳيان پولهه پڌرا ٿي ويا ، اسڪول گهٽ پر اوطاقون مال جا واڙا ۽ شادي حال واضع نظر آيا ، جڏهن ته سنڌ جي ساهتي پر ڳڻي ضلعي گهوٽڪي ۾ به ساڳي صورتحال نظر آئي اوچتا ججن جا ڇاپن جو سلسلو ڇا جاري ٿيو ڄڻ ته گوسڙو استادن جا ڪن ڪيٽا ٿي ويا ، سنڌ جي تعليم جو ٻهڙو ٻڏي رهيو آهي جلد کان جلد جوڳا قدم کنيا وڃن نه ته اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل خراب ٿي ويندو ، پر سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي ، استادن والدين يا شاگردن کي جن وٽ تعليم جي لاءِ گورنمنٽ جي بلڊگس ته آهن پر وڏيرن جي لاءِ اوطاقون مال جا واڙا ، شادي هال بڻيل آهن هاڻ ڏسڻو ان ڳالهه کي آهي ته سنڌ حڪومت سجندگي سان ڪڏهن تعليم جي زيور کي نوازي ٿي يا صرف سکڻا اعلان ڪيا ويندا ، ۽ ٻهراڙين جي لکين غريب معصوم شاگردن جو مستقبل هميشه جي لاءِ اوڌاهي طرف هوندو .
      آخر ۾ آئون هڪ حق سچ

لکندڙ جي حيثيت سان اڄ هن ڪالم ۾ مان اوهان کي هڪ سچ ٻڌايان ٿو ته صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر جنهن کي سنڌ صوبي جي تعليم جي ذميواريءَ ڏني وئي آهي ان جي ئي پنهنجي تڪ پنهنجي ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي ڏهرڪي جي ڳوٺ ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالرشيد لغاري شادي حال ۾ تبديل ٿي ويو آهي اسڪول جي ڪلاسن ۾ شاگردن ۽ استادن بجاءِ وڏيرن جي شادي ۾ آيل وڏيرن جا مهمان مزيدار کاڌا کائي رهيا آهن هي صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر جي پنهنجي ضلعي گهوٽڪي جو حال باقي سموري سنڌ صوبي جو حال ڇا هوندو توهان آندازو لڳائي سگهو ٿا .  

No comments:

Post a Comment