سنڌ جو عوام ''ڪوڙي جمهوريت''جو متبادل ڳولي/درياءُ خان جهتيال / دادو


سنڌ جي شهرن جي حالت تہ هاڻي قبرستانن کان بتر ٿيندي پئي وڃي، پنهنجي شهر جي حالت تہ ڏسون پيا پر سنڌ جي ٻين شهرن جي تباهہ ٿيل حالت اخبارن ۾ ڏسون پيا، هر شهر جي هر مين چوراهن تي گٽرن جا ڍڪ کليل، شهرن جي لنڪ روڊن ۾ کڏا پيل، انهن شهرن سان ڳنڍيل لنڪ روڊ ڪچن رستن ۾ تبديل ٿيڻ، شهرن ۾ گند جا ڍير، ايتري قدر جو پيئڻ جي پاڻي جو بهران بہ هاڻي هر شهر ۾ پيدا ٿي ويو آهي، اهو سمورو ڪجهہ ''جمهوري'' حڪومت ۾ ٿئي پيو، شڪر آهي جو هي حڪومت جمهوري آهي جيڪڏهن آمريت حڪومت هجي ها تہ جمهوريت پسند چون ها تہ اسانکي ووٽ نہ ڏيندڙن سان آمريت وارن اهڙو حشر ڪيو آهي، پر سنڌ ۾ 10 سالن کان جيڪي جمهوريت جي نالي تي ووٽ وٺي حلف کڻڻ وقت حلف واري سِٽن تي عمل ڪرڻ جي ڳالهہ ڪري اسيمبلي جي ڦرڻي ڪُرسي تي وڃي ويٺا انهن کان تہ ان وقت ئي وسري ويندو آهي تہ جنهن ڪُرسي تي ويٺا آهيون اها اسانجي تڪ جي عوام جي ووٽ سان اسانکي ملي آهي، اهي چونڊيل نمائندا اهو وساري ويهندا آهي تہ جنهن تڪ مان چونڊجي هتي پهتا آهيون اتي اسان اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ورڪ دوران شهر کي بهتر بڻائڻ، اتان جي شهرين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا، اهو سڀ ڪجهہ وسارڻ تہ پنهنجي جاءِ تي، وڏي بي حسي تہ اها آهي جو اهي چونڊيل نمائندا پنهنجي ويگو گاڏي تي چڙهي جڏهن تڪ ۾ پهچن ٿا تہ سڄي شهر جي ماڻهن کي روڊ کان پري ڪيو وڃي ٿو، پوليس جي ڪيترن ئي گاڏين جي پروٽوڪول ۾ ''صاحب'' شهر کان گهر پيا وڃن، ان مان ئي ان تڪ جي ووٽرن جي حيثيت خبر پئجي وڃي ٿي، اتان جا مااڻهو سوچيندا تہ اسان انهن کي ووٽ ڏنو ۽ هُنن ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ ورتو اڄ اهي ئي ڪارن شيشن واري گاڏي ۾ چڙهي شهر مان روب تاب سان ڪئين پيا گذرن، تڪ جا اهي ماڻهو اهو بہ سوچيندا تہ اسان پوئين ڀيري تہ غلطي ڪئي پر هاڻي انهن جي ڳالهين ۾ نہ اينداسين، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ بہ اهڙو ڪجهہ ٿيو هو جو ڪائونسلر جي سيٽون، ضلعي ڪاونسلر جون سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڪ اهو ڪم ڪيو ويو هو، ڪائونسلر ڏينهن جو تہ ورڪ ڪرن پيا پر رات جو بہ پاڙن، گهٽين، اوطاقن، دڪانن تي ويهي ماڻهن کان حمايت وٺن پيا ۽ چونڊجي ويا تہ هاڻي چون ٿا اسانجي اختيار ۾ ڪجهہ ناهي، جيڪڏهن ڪجهہ نہ آهي تہ ڪائونسلر ڇو ٿا سڏايو؟ يا کڻي پنهنجي ڪائونسلري تان استعفيٰ ڇو نٿا ڏيو؟ اهي آهن حڪومتي ڌر جي ڪائونسلر جا جواب جيڪي هو پنهنجي وارڊ جي ووٽر کي ڏئي ٿو، ان جاءِ تي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل مخالف ڌر جي ڪائونسلرن جي ڪهڙي پوزيشن هوندي؟ ظاهر آهي تہ ڪا بہ نہ!، ڇو جو اهو جيڪڏهن ڪنهن اجلاس ۾ ڪنهن ڳالهہ جي مخالفت ڪندو تہ ان جي ڳالهہ ٻڌي ئي نہ ويندي ۽ ان کي احساس ڏياريو ويندو تہ اسان ''جمهوري'' آهيون اجلاس ۾ صرف اسانجي ڳالهہ هلندي، مڪاني چونڊن کي 2 سال ٿي ويا، پر چونڊيل ڪائونسلر، يوسي چيئرمين، ٽائون چيئرمين، ميونسپل چيئرمين، انهن جا وائيس چيئرمين ''بيوسي'' جا هوڪا ڏيڻ ۾ پورا آهن، هاڻي وري عام چونڊون ويجهو آهن، سنڌ جو وڏيرو اڃا بہ پنهنجي ويگو گاڏي تي هلي پيو ۽ رستن تان ڌوڙ اڏائيندو پنهنجي شهر مان گهر وڃي پيو، اڃا بہ شايد هو ننڊ ۾ آهي تہ اليڪشن ويجهو آهي سجاڳ ٿيان يا وري ساڳيي لکيل اسڪرپٽ کي نئو ڊرامو ڪري پيش ڪيان، اليڪشن ۾ باقي ڪجهہ مهينہ آهن جيڪڏهن صورتحال بهتر رهي ۽ وقت تي چونڊون ٿين ٿيون تہ پوءِ تہ سنڌ جا چونڊيل نمائندا ويگو گاڏين تان ضرور لهندا ۽ پوءِ شروع ٿيندا ڊراما! ڪٿي ڪارنر گڏجاڻي ڪرائي انهن ماڻهن کان مسئلا پڇيا ويندا جيڪي هنن 5 سالن ۾ حل نہ ڪيا اهي پنهنجي ''منشي'' کي لکرائيندا تہ هي نوٽ ڪر جلد اهو مسئلو حل ڪرڻو آ، ڪارنر گڏجياڻين سان گڏ عذرخواهين جي سلسلي کي بہ تيز ڪندا، ايترو تيز جو رات جي وقت بہ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پوندا تہ دعا گهرڻي آهي، ماڻهن ۾ احساس ڏياريندا تہ اسان توهان سان هر وقت گڏ آهيون، هڪ ، هڪ ڪلو ميٽر جي روڊن جي افتتاح ڪري اهو ٻڌائيندا تہ هن سڄي شهر کي هن ئي ''جمهوري'' حڪومت ۾ اسان روڊ ڏنا اسان کي ووٽ ڏيو تہ وڌيڪ ڪم ڪنداسين، اليڪشن جي کٽڻ جي ڏينهن کان وٺي ويندي اليڪشن ويجهو اچڻ سان چونڊيل نمائندن کي تڪ جا ماڻهو، بنيادي مسئلا ياد اچڻ ۽ ڪوڙا واعدا ڪرڻ وارا ڊراما هاڻي ختم ٿيڻ گهرجن، سنڌ کي ڊرامي بازن ڏاڍو خوار ڪيو آهي، سنڌ جو ماڻهو تہ هڏڪين ۾ پيو ساهہ کڻي، سنڌ جو ماڻهو تہ هاڻي مفلسي واري زندگي مان ئي تنگ اچي خودخشيون پيو ڪري، سنڌ جو نوجوان تعليم يافتا هئڻ باجود ڇولا پيو وڪڻي، سنڌ جي ماڻهو کان هر حق کسي ان کي غلام بنائڻ واري روش هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، اليڪشني ''موسمي'' هاڻي ڪوڙ هڻڻ واري روايت کي ٽوڙن، مڪاني چونڊون هجي يا عام چونڊون هجن پر هر الڪيشن ۾ ڪوڙ جي سياست جي وڻ کي هاڻي پاڙ کان وڍي ڇڏين، صرف ڪجهہ وقت لاءِ اهو سوچن تہ سنڌ جا ماڻهن اسان کي ووٽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ نٿا ڏين، سنڌ جا ماڻهو اسان کي ووٽ ڦرڻي ڪُرسي تي ويهي رڳو ڦرڻ لاءِ نٿا ڏين، هي ماڻهو اسانکي ووٽ ان اميد سان ڏين ٿا تہ پوئين ڀيري جمهوي حڪومت ڪجهہ نہ ڪيو متان هن ڀيري ڪري، پر اسان 10 سال ۾ سنڌ کي ڳڙڪائي وياسين، هاڻي تہ ڪا بهتر پلاننگ ڏيون، هاڻي تہ ڪوڙ جي سياست نہ ڪيون، هاڻي تہ سنڌ جي عوام سان ويساهہ گهاتيون نہ ڪيون، جيڪڏهن چونڊيل نمائندا 10 سالن ۾ ٿورو بہ پنهنجي ضمير کي ڌوڻو ڏين ها تہ سنڌ بهتر ٿي سگهي پئي، سنڌ جو انفرا اسٽيڪچر بهتر ٿي سگهي پيو، پر ايئن نہ ٿيو ۽ ايئن نہ ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نہ پر سنڌ جي جمهوري حڪومت وارا ئي آهن، هن وقت سڀ ڪجهہ سنڌ جي عوام تي آهي تہ هو پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪيئن ٿا ڪن، اهو ووٽ جيڪو سنڌ کي پيئرس تہ نٿو بڻائي سگهي پر بهتر ضرور بڻائي سگهي ٿو، سنڌ جو عوام بہ هاڻي ان ڳالهہ تي سوچي تہ ووٽ ''جمهوريت'' جي ڪوڙن دعويدارن کي ڏيڻو آهي يا اُن کي ڏيڻو آهي جيڪو اسانجي حالت سڌاري سگهي، اسانجي شهرن کي بهتر بڻائي سگهي، سنڌ جو عوام هاڻي پنهنجي حالت تي رحم کائي، سنڌ جو عوام هاڻي پاڻ سان واعدو ڪري تہ 10 سالن کان جن اسانجي جي شهرن کي تباهہ ڪيو، انهن ذميوارن جو متبادل ڳولڻو آهي ۽ پنهنجي ووٽ جو استعمال صحيح ڪري''ڪوڙي جمهوريت''جي دعويدارن کي رد ڪرڻو آهي.

ڀوري ڀيل کان پوءِ رحيم ڀيل کي مٽي به نصيب نه! گل مورو


سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين ليکي ويندي هئي اها هن وقت ٻٽي عذاب مان گذري پئي هڪ طرف مذهبي انتهاپسندي ته ٻئي طرف وري ڌارين جي آبادڪاري اهي ٻئي مسئلا سنڌي ماڻهن جي مستقبل جي حوالي سان ڏاڍا خوفنائتا نظر اچن پيا. اڳي امن ۽ شانتي جون هوائون گهلنديون هيون هندو توڙي مسلم، ڀيل توڙي باگڙي يعني سمورا ماڻهو گڏجي ڪري هولين جا ڏڻ هجن يا وري عيدون باراتون،  ڄاٽيون مشالا ٻاري گڏجي سڏجي ڪري اهي خوشيون ملهائيندا هئا پر اڄ اهڙي ته مذهبي متڀيد واري هوا گهلي آهي جو پنهنجي ئي ڌرتي ڌڻي کي پنهنجا ئي ڌرتي ڌڻي وارا مذهبي متڀيد واري بنياد تي پنهنجي ئي ممتا واري مٽي ۾ دفن به ڪرڻ نه ٿا ڏين. اهڙو واقعو چند سال اڳ ماتلي ڀرسان ڀوري ڀيل وارو واقعو هيو جنهن انسانيت جا ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيا هئا جو جنوني ملن گڏجي سڏجي ڪري ڀوري ڀيل جي لاش کي قبرستان مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن سڄي سراپا احتجاج بڻجي پئي ته پوءِ وڃي انهن انتهاپسند ڌرين ماٺ ڪئي پر اهڙو ئي شرم جوڳو واقعو پڊعيدن ڀرسان پيش آيو آهي هي پڊعيدن جو علائقو جيڪو ساهتي پرڳڻي جو علمي ادبي علائقو ليکيو وڃي ٿو پر خبر ناهي ته هن علمي ادبي خطي کي به ڪنهن ڏائڻ جي نظر لڳي وئي جو هتي به اهڙيون ئي انتهاپسند ڌريون هر وقت ڪر کنيو بيٺيون آهن شل نه ڪو غير مسلم ڌرتي ڌڻي جو ڪو عيب ڏسن ان پٺيان هٿ ڌوئي پئجي وڃن ٿيون. ايتري قدر جو پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ رائنڪون ۾ فوت ٿي ويل 60 سالن جي رحيم ڀيل کي جڏهن پنهنجا ڌرتي ڌڻي ۽ وارث پنهنجي ڳوٺ ڀرسان قديمي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ پهتا ته اها کوٽيل قبر انتهاپسند ڌرين ڏنڊي جي زور تي پورائي ۽ سندن لاش کي واپس ڪرائي ڇڏيو. ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڳالهه آهي جو رحيم ڀيل جا وارث اهو لاش کڻي سڄي پڊعيدن شهر ۾ سياسي سماجي ڌرين هندو توڙي مسلم سان گڏجي احتجاج ڪندا رهيا پر پوءِ به انتطاميه ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو نه وري کيس انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ اهو چيو ويو ته هي قبرستان صرف مسلم ڪميونٽي جو آهي جڏهن ته صدين کان وٺي انهيءَ قبرستان ڀرسان ڀيلن، باگڙين ۽ ٻين غير مسلم ڪميونٽي جون قبرون اتي موجود آهن پر جڏهن هنن وارثن کي ڏنڊي جي زور تي اهو لاش اتي پورڻ نه ڏنو ويو ته رحيم ڀيل جو لاش کڻي سندس وارث رات پيٽ ۾ چانهين منومل جي ڀرسان ڪنهن اوجهڙ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري روئندا رڙندا پنهنجي ئي ڌرتي تان مٽي هاڻا ڳوڙها ڳاڙيندا روانا ٿي ويا. سو هن وقت هڪ طرف اهڙي مذهبي انتهاپسندي جنهن ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري رياستي عملدارن جي اها سازش به ڏسڻ وٽان آهي جو تازو اهو حڪم نامون جاري ڪيو ويو آهي ته ڪراچي توڙي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جيڪا به ڌاري آبادڪاري بنگالي، برمي، بهاري يا افغاني هجن انهن کي فوري طور تي نادرا ڪارڊ جاري ڪري پاڪستاني بڻائڻ جو حڪم نامون جاري ڪري. حالانڪه ڏٺو وڃي ته جڏهن سڄي ملڪ اندر ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو ته ان وقت ۾ اهڙو نادر شاهي حڪم نامون جاري ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري پاڪستان جي ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌين ۽ بلوچن سخت احتجاج ڪيو هو ۽ ان وقت ۾ به سنڌين ۽ بلوچن ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلائي هئي اها به رڪارڊ جو حصو آهي ۽ ننڍن صوبن کان وٺي بنگالين کي پڻ اهڙي زنجير ۾ جڪڙيو پئي ويو ۽ ان زنجير خلاف گڏجي سڏجي ڪري ساڃاهه وندن عالم، اديبن توڙي قومي سوچ رکندڙ سياسي ڌرين اهم ڪردار ادا ڪيو هو اها تاريخ اڄ به هر ڪنهن کي ياد هوندي جو سائين جي ايم سيد کان وٺي مير حاصل بزنجو تائين سمورن قومي سوچ رکندڙ ڌرين جي اڳواڻن کي حيدرآباد سازش ڪيس ۾ حيدرآباد جي جيل ۾ واڙيو ويو هو ان عذاب کان سنڌ جو کاهوڙي ڪردار نه ڪامريڊ حيدربخش بچي سگهيو هو نه وري سنڌ جو جهونو ڪامريڊ ڄام ساقي بچيو هو ايتري قدر جو کوڙ سارن قومي سوچ رکندڙ قلمڪارن توڙي شاعرن کي به جيلن ۾ واڙي اها سزا ڏني وئي هئي اهو ان ڪري ته جيئن سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري واري مسئلي تي خاموشي اختيار ڪن ۽ هن وقت به اهڙيون ئي حالتون پيدا ڪيون وڃن پيون. تازو ملڪي ڪميشن اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته هن وقت تائين پنجاب توڙي سنڌ، بلوچستان کان وٺي سرحد تائين گم ٿيل ماڻهن جو تعداد وڌي 1710 ٿي ويو آهي خبر ناهي ته اهي زندهه به آهن يا هوا ۾ اڏامي ويا. اهڙي صورتحال هوندي اهڙا فيصلا ڪرڻ جيڪي وفاق ۽ ننڍن صوبن وچ ۾ نه اتفاقي پيدا ڪن ۽ وڇوٽيون وجهن اها دانائي نه پر ناداني چئي سگهجي ٿي ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڳالهه آهي جو ملڪي صدر ممنون حسين جنهن بيان جاري ڪندي نادرا کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي ڪراچي ۾ جيڪي به ڌاري آبادڪاري آهي ان کي فوري تي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن. حالانڪه ملڪي صدر رڳي هڪ صوبي جو نه پر يا هڪ رياست جو نه پر ننڍن وڏن صوبن ۽ فطري قومن جو سرواڻ ٿيندو آهي ان کي انهيءَ نظر سان پنهنجي پاليسي جوڙڻي پوندي آهي ۽ پنهنجو حڪم ڏيڻو پوندو آهي پر ڏٺو وڃي ته هي سندس بيان به ڄڻ ته سڌو سنئون ون يونٽ وارو منظر نظر اچي پيو جو ڄاڻي ٻجهي اهڙو بيان ڏنو ويو آهي جڏهن اهو ڏٺو به پيو وڃي ته سنڌ ۾ هن ڌاري آبادڪاري جي ڪري جيڪي مسئلا ڪر کنيا آهن اهي ڪنهن کان ڳجها ناهن اهي افغانستان مان آيل افغاني پناهگير جا مثال ئي ڪافي جن جي ڪري نه رڳي ڪراچي پر سڄي ملڪ اندر جيڪا دهشتگردي جي لهر پکڙجي اهو به ان جو سبب آهي ۽ هن ئي ڌاري آبادڪاري جي ڪري جيڪي روزگار جا وسيلا ڌرتي ڌڻين جا هيا اهي به هاڻي انهن کان کسجندا پيا وڃن ۽ سڄي سنڌ ۾ جيڪا مذهبي انتهاپسندي هن ڌاري آبادڪاري جي ڪري پکڙجي آهي جنهن سڄي ملڪ اندر امن امان جو مسئلو انتهائي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي جو اڄ ڪراچي جهڙي شهر مان به ڪڏهن ڪو داعش جو دادلو نڪري ٿو پوي ته ڪڏهن وري طالبان جو طوطو نڪري ٿو پوي جڏهن اهڙا خطرناڪ منظر اڳي ئي ڏسا چڪا آهيون ته پوءِ وڌيڪ فطري قومن کي ايترو مفلوج ۽ محڪوم بنائڻ جي آخر ڪهڙي سزا ڏني پئي وڃي جڏهن اها خبر به آهي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ مک ڪردار سنڌين جو هيو ته پوءِ سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي پکيڙي نفرتون وڌائڻ ۽ ڌاري آبادڪاري کي هٿ وٺي ڪري آباد ڪرائڻ اها ڪهڙي ملڪ سان سڄڻائپ آهي جو ملڪ اندر اهڙيون رانديون کيڏيون پيون وڃن آخر اهي ڪوتاهيون اهي ناڪاميون ۽ اهي سازشون جن جي ڪري اڳي ئي ملڪ جنهن بحران مان گذري رهيو آهي ان تي نظر ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ انهن کي ڇو پيو وڌايو وڃي. سو ڳالهه اها آهي ته جهڙي ريت هن وقت سنڌ انتهاپسندي ۽ ڌاري آبادڪاري جي حوالي سان عذاب ڀوڳي پئي ان مان اهو ثابت ٿئي پيو ته ڄڻ ته ملڪي مالڪن فيصلو ڪري ڇڏيو هجي ته ڌرتي ڌڻين کي ڪهڙي به صورت ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻو آهي ۽ انتهاپسندي جي ڀڙڪيل باهه  حوالي ڪرڻو آهي جو هڪ طرف ڀوري ڀيل کان پوءِ ساهتي جي رحيم ڀيل کي ڌرتي جي مٽي به نصيب نه ٿي ٿئي ته ٻئي طرف وري ڌاري آبادڪاري جي ڪري ڌرتي ڌڻين کي هڪ ويلو به نصيب نه ٿو ٿئي ان تي اسان جي عالمن، اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي سوچڻ گهرجي.

سعوديه م قانوني اصلاحات ۽ ولي عهد جو اعتراف/سيد زوار حسين شاه

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي دوري بعد واشنگٽن پوسٽ کي هڪ انٽرويو ڏيندي اعتراف ڪيو جنهن ۾ هن  چيو ته سويت يوين کي ڪمزور ڪرڻ لاء ان جو مقابلو ڪرڻ لاء اسان آمريڪا ان جي حمايتن جي چوڻ تي وهابيت کي وڏي تقويت ترغيب ڏني انهن جي  مالي مدد  ڪئي  جڏهن ته سعودي عربيه ۾ لبرل ازم سوچ پيدا ٿي رهي آهي آخر ڪير ٿو چاهي ته ماحول تبديل ٿئي  جيڪڏهن ملڪ اندر يورپ جي طرز جي سوچ قائم ٿيو ته پوء اسان وٽ ڪجهه نه بچندو ، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ولي عهد محمد بن سلمان جي ڏنل هن اٽرويو کان پوء ڪهڙا اثراب پيدا ٿيندا ، تبدلي آڻڻ لاء انهن کي ڪير اڪسائي رهيا اهن اصل حقيقت ڇا ، سوال ڪافي اچي رهيا اهن جن جا جواب به گهرجن  جنهن ملڪ ۾ اسان جو خانه ڪعبه هجي اتي يورپ جهڙي سوچ  آمريڪي مداخلت هجي اسان وٽ ڇا بڇندو ، ڪجهه به نه اسان کي گهرجي ته يهودي لابي کن پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مسلمان ملڪن کي هڪ ٻيئي سان گڏي پنهنجي خانه ڪعبه جنت بقيه روزه رسول پاڪ صلم جن جي حفاظت کي يقيني بڻايون اسان جو ايمان آهي ته اسان پنهنجي خانه ڪعبه جي پاڻ حفاطت ڪيون برحال جيڪڏهن سعودي عربيه جي سوچ تبديل ٿي آهي ته ان پويان ڪهڙي وجوهات آهن انهن تي پڻ غور ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اسان ان تي ويچار نه ڪيو ته پوء  يهودي لابي وڏي سازش ڪري جنگ ڪرائي سگهي ٿو ان ڪري انهن جي سوچن کان پري رهي ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ جي بقا لاء سوچڻ گهرجي ، پوري دنيا سعودي عربيه کي اسلام جو وڏي ۾ وڏو ڳڙهه سمجهيو وڃين ٿو مسلمانن جي سب کان وڏي مقدس زيارات حج  ۽ حضرت محمد پاڪ صلي الله واله وسلم جن جي مزار شريف سان گڏ جنت بقيه ۽ ٻيون ڪئي اصحاب ڪرا۾  نبين پاڪ جون پڻ زيارات آهن ،جن مٿان مسلمانن جو پختو يقين آهي ۽ هر مسلمان اها ڪوشش ڪندو آهي ته مان سعودي عربيه وڃين حضور پاڪ صلم جن جي زيارت ڪيان ۽ حج عمرو به ادا ڪيان جتي اسلامي قانون لاڳو ٿيل آهي ته جيڪو جهڙو ڏوهه ڪندو ان کي اسلام جي قانون آئين جي روشني ۾ سزا ڏني ويندي اسلام جي اهڙي اصول قانون کان پوء پوري دنيا پڻ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جيئن ڪنهن سان بي انصافي نه ٿئي هر هڪ کي اسلام جي روشني ۾ انصاف ملي سگهي ، سعودي عربيه ۾ بادشاهت جو رواج اڄ به قائم آهي پر اهو مان ضرور چوندس جيڪو 10 سال اڳ سعودي عربيه جي حڪومت جي سوچ هئي اڄ اها سوچ پڻ تبديل ٿيندي پئي نظر اچي ، جيڪڏهن انهن جي سوچ تبديل ٿي وئي ته ڪافر يهودي ملڪ جيڪي سدائين اسان جي پاڪ مقدس زيارات خلاف سازشون ڪري رهيا آهن  جن کي پوء روڪڻ ممڪن ناهي اهو ان ڪري جو سعودي عربيه عربيه سدائين آمريڪي سپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان ان جي سدائين محاذ آرائي رهي آهي جنهن کان پوء انهن جي وچ ۾ چڪتاڻ جاري آهي پورء ڪويت  هجي يا ايران هجي يا ٻيا به ڪئي ملڪ آهن جيڪي اسلامي بنيادن تي سعودي سان اختلاف رکن ٿا جيڪو هر هڪ جو بنيادي حق آهي مان سمجهان ٿو ته مسلمانن خلاف هي پڻ وڏي سازش هوندي جيڪوهن سعودي عربيه ۾ يورب جيان سوچ تبديل ڪئي وئي ته پوء اسان وٽ ڪجهه نه رهندو جيڪو پهريان کان ئي اسان مٿان الزامات آهن ته توهان اصل دين تي نه پيا هو جيڪو ڪافي حد تائين سچ آهي ان سان گڏ سعودي عربيه جي سدائين پاليسي رهي آهي ته آمريڪا  ڀارت کي ويجهو رکيو ويو آهي ۽ جن جا هن ملڪ سان روح جسم جان جا رشته آهن انهن کي ڪافي پري رکيو ويو آهي جيڪو پڻ ڪڙو سچ اهي ان ڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪوهن هن وقت سعودي بادشاه شاه فيصل شاه فهد کان پوء نوجوانن کي قيادت اڳواڻي ملي آهي ته انهن کي پنهنجي سوچ کي پوئتي رکڻ گهرجن جديد دور آهي ڪو دشمن موقعي جو فائدو وٺندي اسان جي مقدس زيارات کي نقصان پهچائي سگهي ٿو پوء شايد جيڪڏهن ائين ٿيو ته هي جيڪا عالمي جنگ گهر گهر جنگ لڳندي اها هن دنيا کي ئي تباهه ڪري سگهي ٿي اهو ان ڪري به جو هي ايٽمي جنگ جديد ميزائلن جي جنگ هوندي ان ڪري پنهنجي سوچ کي محدود رکڻ گهرجي اهو به ڪڙو سچ آهي ته هر هڪ ملڪ جي پنهنجي خارج بيروني پاليسيون هونديون آهن جيڪو ملڪ جي بقا سلامتي کي مدي نظر ان وقت جي صورت حال کي ڏسندي ڪئي ڪٽر به فيصلا ڪيا ويندا آهن جيئن اسان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر رهن ، ڀارت سدائين  خارجه پاليسي بهتر رکي آهي پر جيڪڏهن پاڪستان جي خارجه پاليسين تي نظر وجهون ته انه کي ڄڻ هن وقت تائين ڪو وزير خارجه نه ٿو ملي جيڪڏهن ملي ٿو ته ان کي ڪا به خبر ناهي ته خارجه پاليسيون ڪيئن جڙنديون آهن ، جيئن پاڪستان اندر هارس ترينڊنگ پڻ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پيسن جي عيوض چيئرمين سينيٽ چونڊيو آهي جنهن کي قانون جي جھاڻ ناهي ته هو اجلاس ڪيئن هلائيندو ان سان گڏ قانوني ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن سعودي به سدائين پنهنجي مفاد کي ملڪ جي مفاد کي ڏسي پالييون جوڙيندو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن کي پري رکي هو آئريڪا ، ڀارت کي انتهائي ويجهو رکيو ويٺو آهي ۽ هڪ وڏي سازش تحت سعودي عربيه کي جديد دور ۾ يوپين آمريڪين سوچ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، مقدس زيارت ڪٿي به هجن اسان جو فرض آهي ته انهن جي حفاظت ڪيون پاڪستان هجي ڪشمير هجي يا ايران هجي شام هجي جتي به هن وقت به دهشتگردي ٿي رهي آهي خودڪش حملا ٿي رهيا آهن انهن جو تعلق وهابيت سان آهي اهي طالبان هجن داعش هجن لشڪر جهنگوري هجي يا ڪي ٻيا دهشتگدي گروپ انهن اسان مسلمانن کي ويڙحائڻ سان گڏ هن وقت تائين لکين شريف النفس انسان شهيد ڪيا اهن جن کي اها به خبر ناهي ته انهن کي قتل ڇو ٿو ڪيو وڃين ، طالبان داعش ۽ ٻين اهرن گروپن جي اڄ به اسلام دشمن لابي مالي مدد سان گڏ انهن کي ٽرينگون ڏنيون ٿيون وڃن  مان هڪ نڊوڙو ڪام نگار سان مسلمان هئڻ جي حيثيت ۾ ولي عهد سعودي عربيه کي هٿ ٻڌي اپيل ڪندس ته اسان جي خابه ڪعبه سميت ٻين مقدس زيارات تي هر يهودي سوچ رکندڙ لابي انهن کي نقصان ڏيڻ چاهي ٿو جيڪڏهن الله سائين خير ڪري هڪ مرتبه ڪو واقعو ٿيو ته اسان وٽ ڪجهه نه بچندو ، ان ڪري پنهنجي سوچ کي اسلامي سوچ دين  اصل دين تائين قائم رکو انسان گنهگار آهي معاف به رب ڪائينات ڪندو ، اسان جي مقدس زيارات سميت مسلمانن خلاف تمام وڏيون سازشون ٿي رهيون آهن جن کي ناڪام ڪرڻو پوندو ، ان لاء اسان کي گڏجي تمام ملڪن کي گڏجي خارجه پاليسيون سوچي سمجهي ٺاهڻ گهربيون جيڪڏهن دير ٿي وئي ته سواء افسوس جي ڪجهه به نه بچندو ان ڪري داعش طالبان لشڪر جهنگوي سان گڏ ڪهڙي به مذهب پارٽي سان تعلق رکي جيڪڏهن هن خلاف ملڪ جي بقا مقدس زيارات خلاف کي به ثبوت آهن ته فوري انهن کي پڪڙي عوام جي سامهون پيش ڪيو وڃين يورپ ملڪ مغربي سوچ رکندڙ ملڪن کان محتاط رهڻ گهرجي ، اسالم خلاف ٿيندڙ تمام سازشون ختم ٿيڻ گهرجن گڏجي اسلام جي پرچار ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن هن وقت اسان وهابيت طالبان داعش کي نه روڪيو ته انهن کي هٿ سان دڳ ڏيکاريندڙ انهن کي پناهه ڏيندڙ مالي مدد ڪندڙ انهن کي دهشتگردين جون ٽريننگون ڏيندڙ هڪ ئي وار سان وڏي ۾ وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿا ، ان ڪري اهڙن عناصرن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي ۽ سعوديه عربيه جي ولي عهد محمد بن سلمان کي اهڙين تبدلين کان پاسو ڪرڻو پوندو جنهن ۾ عورت  کي چادر نه هجي جتي عورت جي عزت نه هجي جتي زيارات جو تقدس پامال ٿئي اهيو اسلام مذهب  هرگز اجازت نه ٿو ڏيئي                                           

بي گناهه ڪشمرين مٿان ڀارتي جارحيت...!!/غلام مصطفيٰ جمالي


جڏهن کان ڀارت خلاف ڪشمير ۾  آزادي جي لهر گهُلي آهي ان ڏينهن کان وٺي ڀارتي فوج ڪشمير ۾ ڪرفيو نافض ڪيو آهي.۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي نشي ۾ ڌت ڀارت فوجين مظلوم ڪشميرين تي ظلمن جا انبار ڪيرائي ڇڏيا آهن.۽ ڀارت جي ظلمن جي هڪ ڊگهي قطار شروع آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي،هن وقت ڀارت جي جارحيت اندر مظلوم ڪمشرين جو انگ 20ٿي ويو آهي جيڪي ڀارت جي فوجين جي گولين جو نشانو بڻيا ۽ پنهنجي جان ڏني جڏهن ته 70کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. ۽ سندس مت وڃائجي چڪي آهي. هوُ هڪ زخمي نانگ وانگر جيڪو ڪنهن ماري کان موت جي ڊپ ۾ ڦونگارو  هڻي لڪي ويهي رهي ۽ پري کان صرف ڦونگارو هڻڻ ۾ پورو هجي، تنهن نانگ وانگر ڀارت ڦونگارو هڻي ويهي رهيو آهي. انڊيا جي وزير اعظم مودي سرڪار بيان ڏنو آهي  ته هنُ پاڪستان جي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.؟ تنهن ڪري ڀارت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اڪيلو اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو ياردوست ناهي هوندو جڏهن ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سان هر ملڪ دوستي جو هٿ وڌائڻ ٿو چاهي.ڀارت هن وقت جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي انهن کي ڏسي ڪري  دنيا حيرت ۾  آهي ته کيس آخر ڇا ٿي ويو آهي،بي گناهه ڪشميرن تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي،بي گناهه ڪشميرين کي هر روز ماريو پيو وڃي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته ڀارت يقينن چريو پاڳل ٿي چڪو آهي،ڀارت ۾ ايتري جنويت ڇو اچي وئي آهي.؟ سندس اندر جي باهه شعلا ٿي ڇو ڀڙڪي رهي آهي،؟ڇا مقبوضه ڪشمير ۾ هن وقت آزادي جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي ان ڪري.؟ يا انهي جو ڪو ٻيو سبب  آهي.؟  وضايت ڪندو هلان ته نريندر مودي تي اندورني طور تي هڪ دٻاءُ پئجي چڪو آهي. انهي جي ڪري هو ڪا چال وڙهي رهيو آهي. ڪشمير ۾ جيڪا آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي اها پهرين به هلي هئي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته انهي تحريڪ هاڻي زرو ورتو آهي، جنهن ڀارت جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چِٻايا آهن،رهي ڳالهه ڀارت جي فوج مٿان حملي جو سوال.. ته اهي حملا پهرين کان ئي ٿيندا پيا اچن،جنهن ۾ ڀارت جا هزارين فوجي مارجي چڪا آهن،جنهن جا الزام ڀارت پهرين به پاڪستان تي ئي لڳائي چڪو آهي،ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ته اهڙو ڊارمي باز ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي مٿان پوندڙ دٻاءُ جي باري ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو اها به ڳالهه سچ آهي ته اها ڊرامو هوُ ڀارت ۾ اڪثر ڪندو رهندو آهي پر جنهن وجهه جي ڪري مٿس وڏي ۾ وڏو اندورني دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اهو دٻاءٌ پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي آهي جيڪا ڀارت کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي.ڇو ته جڏهن پاڪستان اقتصادي راهدري منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڀارت پاڪستان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويندو،ڀارت پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هڪ وڏو ملڪ ضرور هوندو پر اهيمت جي لحاظ کان هوُ ڀوٽان جي برابر به نه هوندو.!! جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان، چين ۽ روس طاقت ۽ ترقي جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان اڳ ڀرا هوندا.هي  اهي ملڪ هوندا جيڪي خطي جي معاملن تي ڳاليهون ڪندا، دنيا جي سموري تجارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪئي ويندي،انهي سموري معاملن ۾ ڀارت هڪ تماشو ٿي ويندو، جيڪو صرف ۽ صرف ڏسندو رهندو جئين تيز هلندڙ ريل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اکيون کوڙي ڏسندا آهن ۽ ريل تيز رفتاري تان گذري ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي،۽ ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي.ڀارت وقت انهي پاڪستاني جي ترقي جي راهه اقتصادي راهداري منصوبي کي روڪڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي رهيو آهي ۽ پر هر حربي ۾ ناڪام ئي ويو آهي کيس پلي ۾ ڪجهه به نه پيو آهي پاڪستان ۾ هلندڙ  آپريشن جتي پاڪستان ۾ دهشتگردن جون هر ڪوششون ناڪام ڪري کين ختم ڪيو آهي اُتي پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي سازشن کي پڻ ناڪام ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پاڪستان امن پرست ملڪ ناهي جنهن ۾ اقتصادي راهداري منصوبو به ٿو جوڙي سگهجي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪيو آهي . اتر وزيرستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪري انهن علائقن ۾ امن ڪرائي پاڪ چين منصوبي جو رستو آزاد ڪري ڇڏيو آهي . پاڪ افغانستان گيٽ کي تعمير ڪرائي ۽ ويزا سسٽم کي قائم ڪري دهشتگردن جي اچ وڃ کي به ملڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي ،۽ دهشتگردي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن.دهشگردن جي اچ وڃ به مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ ڀارت جي خفيه ايجنسي را جي دهشتگردي به بند ٿي وئي ۽ اهڙا اهڙا رستا به بند ٿي ويا آهن جن رستن جي ڪري ڀارت پاڪستان ۾  دهشتگردي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هوُ،جڏهن ته بلوچستان  ڀارت جو هڪ وڏو هدف آهي جتان هوُ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو آهي،جتي ايران ۽ افغانستان جي سرحدن وٽ پنهنجو موثر نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هوُ پر اُن وقت ڀارت جا هوش خطا ٿي ويا جڏهن انهن علائقن مان ڀارت جي ايجنسي را جو ايجنٽ ڪلهوبشن ياديو گرفتار ٿيو،جيڪو ڀارت لاءِ ڪم ڪري رهيو هوُ،جنهن سان نه رڳو ڀارت جا حوصلا ختم ٿي ويا پر کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوُ ڇا ڪري، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ڀارت لاءِ اکين ۾ مرچ برابر آهي تنهن ڪري اهو منصوبو کيس هضم نه پيو ٿي، ڀارت چاهيو پئي ته الطاف سان ملي ڪري ڪراچي جو امن به خراب ڪجي جئين ڪراچي جو خراب ٿيندڙ امن پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ رڪاوٽ بڻجي پر ائين به ٿي نه سگهيو. الطاف کي ملڪ غدار قرار ڏنو ويو ۽ باقي بچيل ايم ڪيو ايم پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻڻ لڳي آهي،ان ڪري هاڻ ڀارت وٽ ڪو منصوبو رهيو ئي ناهي جنهن سان پاڪ چين اقتصادي منصوبي تي اثر پوي انهي ڪري هوُ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي،جن جن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪندو انهن لاءِ اهو عرض آهي ته انڊيا پاڪستان سان جنگ ته پري جي ڳالهه آهي انهي جو تصور به نه ڪندو،هي سندس خالي ڀڀڪيون آهن ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي انڊيا کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي انهي ڪري هوُ پاڪستان جو ڪسرون مظلوم ڪشميرين مان ڪڍي رهيو آهي،پر اُتي به کيس تمام گهڻيون پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن آزادي جي هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي آهي ۽ لڳندڙ ڪرفيو ۾  به ڪشميرين جي عوام روڊن تي نڪري ڀارتي فوجين کي پٿرن سان زخمي ڪريو ڇڏي آهي،پر انجي باوجود اڄ دنيا ۾ ڀارت کي ظالم ۽ جابر ملڪ تصور ڪيو پيو وڃي..۽ ڀارت مظلوم ڪشمرين مٿان مسلسل ظلم ڪري رهيو آهي،اهڙا ظلم ڀارت جي صرف ۽ صرف شڪت کي ظاهر ڪن ٿا ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين  اقتصادي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڀارت ڪوششون ته تمام گهڻيون ڪري رهيو آهي پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري کيس پنهنجي ئي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن جي ڪري هوُ پنهنجو مٿو پاڻ پٽي رهيو آهي،