بي گناهه ڪشمرين مٿان ڀارتي جارحيت...!!/غلام مصطفيٰ جمالي


جڏهن کان ڀارت خلاف ڪشمير ۾  آزادي جي لهر گهُلي آهي ان ڏينهن کان وٺي ڀارتي فوج ڪشمير ۾ ڪرفيو نافض ڪيو آهي.۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي نشي ۾ ڌت ڀارت فوجين مظلوم ڪشميرين تي ظلمن جا انبار ڪيرائي ڇڏيا آهن.۽ ڀارت جي ظلمن جي هڪ ڊگهي قطار شروع آهي جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي،هن وقت ڀارت جي جارحيت اندر مظلوم ڪمشرين جو انگ 20ٿي ويو آهي جيڪي ڀارت جي فوجين جي گولين جو نشانو بڻيا ۽ پنهنجي جان ڏني جڏهن ته 70کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. ۽ سندس مت وڃائجي چڪي آهي. هوُ هڪ زخمي نانگ وانگر جيڪو ڪنهن ماري کان موت جي ڊپ ۾ ڦونگارو  هڻي لڪي ويهي رهي ۽ پري کان صرف ڦونگارو هڻڻ ۾ پورو هجي، تنهن نانگ وانگر ڀارت ڦونگارو هڻي ويهي رهيو آهي. انڊيا جي وزير اعظم مودي سرڪار بيان ڏنو آهي  ته هنُ پاڪستان جي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.؟ تنهن ڪري ڀارت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته اڪيلو اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو ياردوست ناهي هوندو جڏهن ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن سان هر ملڪ دوستي جو هٿ وڌائڻ ٿو چاهي.ڀارت هن وقت جهڙي ريت بيان ڏئي رهيو آهي انهن کي ڏسي ڪري  دنيا حيرت ۾  آهي ته کيس آخر ڇا ٿي ويو آهي،بي گناهه ڪشميرن تي ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي،بي گناهه ڪشميرين کي هر روز ماريو پيو وڃي.جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته ڀارت يقينن چريو پاڳل ٿي چڪو آهي،ڀارت ۾ ايتري جنويت ڇو اچي وئي آهي.؟ سندس اندر جي باهه شعلا ٿي ڇو ڀڙڪي رهي آهي،؟ڇا مقبوضه ڪشمير ۾ هن وقت آزادي جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي ان ڪري.؟ يا انهي جو ڪو ٻيو سبب  آهي.؟  وضايت ڪندو هلان ته نريندر مودي تي اندورني طور تي هڪ دٻاءُ پئجي چڪو آهي. انهي جي ڪري هو ڪا چال وڙهي رهيو آهي. ڪشمير ۾ جيڪا آزادي جي تحريڪ هلي رهي آهي اها پهرين به هلي هئي. ها اها ڳالهه ضرور آهي ته انهي تحريڪ هاڻي زرو ورتو آهي، جنهن ڀارت جي فوجين کي رُڪ جا چڻا چِٻايا آهن،رهي ڳالهه ڀارت جي فوج مٿان حملي جو سوال.. ته اهي حملا پهرين کان ئي ٿيندا پيا اچن،جنهن ۾ ڀارت جا هزارين فوجي مارجي چڪا آهن،جنهن جا الزام ڀارت پهرين به پاڪستان تي ئي لڳائي چڪو آهي،ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ته اهڙو ڊارمي باز ماڻهو آهي جيڪو پنهنجي مٿان پوندڙ دٻاءُ جي باري ۾ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو اها به ڳالهه سچ آهي ته اها ڊرامو هوُ ڀارت ۾ اڪثر ڪندو رهندو آهي پر جنهن وجهه جي ڪري مٿس وڏي ۾ وڏو اندورني دٻاءُ پئجي رهيو آهي. اهو دٻاءٌ پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي آهي جيڪا ڀارت کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي.ڇو ته جڏهن پاڪستان اقتصادي راهدري منصوبو مڪمل ٿيندو ته ڀارت پاڪستان جي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويندو،ڀارت پاڪستان جي ڀيٽ ۾ هڪ وڏو ملڪ ضرور هوندو پر اهيمت جي لحاظ کان هوُ ڀوٽان جي برابر به نه هوندو.!! جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان، چين ۽ روس طاقت ۽ ترقي جي لحاظ کان سڀني ملڪن کان اڳ ڀرا هوندا.هي  اهي ملڪ هوندا جيڪي خطي جي معاملن تي ڳاليهون ڪندا، دنيا جي سموري تجارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت ڪئي ويندي،انهي سموري معاملن ۾ ڀارت هڪ تماشو ٿي ويندو، جيڪو صرف ۽ صرف ڏسندو رهندو جئين تيز هلندڙ ريل کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو اکيون کوڙي ڏسندا آهن ۽ ريل تيز رفتاري تان گذري ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي ويندو آهي،۽ ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي.ڀارت وقت انهي پاڪستاني جي ترقي جي راهه اقتصادي راهداري منصوبي کي روڪڻ لاءِ هر قسم جو حربو هلائي رهيو آهي ۽ پر هر حربي ۾ ناڪام ئي ويو آهي کيس پلي ۾ ڪجهه به نه پيو آهي پاڪستان ۾ هلندڙ  آپريشن جتي پاڪستان ۾ دهشتگردن جون هر ڪوششون ناڪام ڪري کين ختم ڪيو آهي اُتي پاڪستاني فوج ڀارت جي ڪيترن ئي سازشن کي پڻ ناڪام ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته پاڪستان امن پرست ملڪ ناهي جنهن ۾ اقتصادي راهداري منصوبو به ٿو جوڙي سگهجي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت جي هر ڪوشش کي ناڪام ڪيو آهي . اتر وزيرستان اندر دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباه ڪري انهن علائقن ۾ امن ڪرائي پاڪ چين منصوبي جو رستو آزاد ڪري ڇڏيو آهي . پاڪ افغانستان گيٽ کي تعمير ڪرائي ۽ ويزا سسٽم کي قائم ڪري دهشتگردن جي اچ وڃ کي به ملڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي ،۽ دهشتگردي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن.دهشگردن جي اچ وڃ به مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ ڀارت جي خفيه ايجنسي را جي دهشتگردي به بند ٿي وئي ۽ اهڙا اهڙا رستا به بند ٿي ويا آهن جن رستن جي ڪري ڀارت پاڪستان ۾  دهشتگردي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هوُ،جڏهن ته بلوچستان  ڀارت جو هڪ وڏو هدف آهي جتان هوُ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو آهي،جتي ايران ۽ افغانستان جي سرحدن وٽ پنهنجو موثر نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هوُ پر اُن وقت ڀارت جا هوش خطا ٿي ويا جڏهن انهن علائقن مان ڀارت جي ايجنسي را جو ايجنٽ ڪلهوبشن ياديو گرفتار ٿيو،جيڪو ڀارت لاءِ ڪم ڪري رهيو هوُ،جنهن سان نه رڳو ڀارت جا حوصلا ختم ٿي ويا پر کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوُ ڇا ڪري، پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ڀارت لاءِ اکين ۾ مرچ برابر آهي تنهن ڪري اهو منصوبو کيس هضم نه پيو ٿي، ڀارت چاهيو پئي ته الطاف سان ملي ڪري ڪراچي جو امن به خراب ڪجي جئين ڪراچي جو خراب ٿيندڙ امن پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ رڪاوٽ بڻجي پر ائين به ٿي نه سگهيو. الطاف کي ملڪ غدار قرار ڏنو ويو ۽ باقي بچيل ايم ڪيو ايم پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻڻ لڳي آهي،ان ڪري هاڻ ڀارت وٽ ڪو منصوبو رهيو ئي ناهي جنهن سان پاڪ چين اقتصادي منصوبي تي اثر پوي انهي ڪري هوُ ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي،جن جن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪندو انهن لاءِ اهو عرض آهي ته انڊيا پاڪستان سان جنگ ته پري جي ڳالهه آهي انهي جو تصور به نه ڪندو،هي سندس خالي ڀڀڪيون آهن ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي ڪاميابي انڊيا کان ڏٺي ڪون ٿي ٿئي انهي ڪري هوُ پاڪستان جو ڪسرون مظلوم ڪشميرين مان ڪڍي رهيو آهي،پر اُتي به کيس تمام گهڻيون پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن آزادي جي هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي آهي ۽ لڳندڙ ڪرفيو ۾  به ڪشميرين جي عوام روڊن تي نڪري ڀارتي فوجين کي پٿرن سان زخمي ڪريو ڇڏي آهي،پر انجي باوجود اڄ دنيا ۾ ڀارت کي ظالم ۽ جابر ملڪ تصور ڪيو پيو وڃي..۽ ڀارت مظلوم ڪشمرين مٿان مسلسل ظلم ڪري رهيو آهي،اهڙا ظلم ڀارت جي صرف ۽ صرف شڪت کي ظاهر ڪن ٿا ٻيو ڪجهه به نه،پاڪ چين  اقتصادي منصوبي کي روڪڻ لاءِ ڀارت ڪوششون ته تمام گهڻيون ڪري رهيو آهي پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿيندي پئي وڃي جنهن جي ڪري کيس پنهنجي ئي ناڪامي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن جي ڪري هوُ پنهنجو مٿو پاڻ پٽي رهيو آهي،

No comments:

Post a Comment