سعودي ولي عهد محمد بن سلمان آمريڪي دوري بعد واشنگٽن پوسٽ کي هڪ
انٽرويو ڏيندي اعتراف ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته سويت يوين کي ڪمزور ڪرڻ لاء ان جو مقابلو ڪرڻ لاء اسان آمريڪا
ان جي حمايتن جي چوڻ تي وهابيت کي وڏي تقويت ترغيب ڏني انهن جي مالي مدد ڪئي جڏهن ته سعودي عربيه ۾ لبرل ازم سوچ پيدا ٿي رهي آهي آخر ڪير ٿو چاهي
ته ماحول تبديل ٿئي جيڪڏهن ملڪ اندر يورپ جي
طرز جي سوچ قائم ٿيو ته پوء اسان وٽ ڪجهه نه بچندو ، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ولي عهد
محمد بن سلمان جي ڏنل هن اٽرويو کان پوء ڪهڙا اثراب پيدا ٿيندا ، تبدلي آڻڻ لاء
انهن کي ڪير اڪسائي رهيا اهن اصل حقيقت ڇا ، سوال ڪافي اچي رهيا اهن جن جا جواب به
گهرجن جنهن ملڪ ۾ اسان جو خانه ڪعبه هجي اتي يورپ
جهڙي سوچ آمريڪي مداخلت هجي اسان
وٽ ڇا بڇندو ، ڪجهه به نه اسان کي گهرجي ته يهودي لابي کن پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مسلمان
ملڪن کي هڪ ٻيئي سان گڏي پنهنجي خانه ڪعبه جنت بقيه روزه رسول پاڪ صلم جن جي حفاظت
کي يقيني بڻايون اسان جو ايمان آهي ته اسان پنهنجي خانه ڪعبه جي پاڻ حفاطت ڪيون
برحال جيڪڏهن سعودي عربيه جي سوچ تبديل ٿي آهي ته ان پويان ڪهڙي وجوهات آهن انهن
تي پڻ غور ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اسان ان تي ويچار نه ڪيو ته پوء يهودي لابي وڏي سازش ڪري جنگ ڪرائي سگهي ٿو ان ڪري انهن جي سوچن کان
پري رهي ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ جي بقا لاء سوچڻ گهرجي ، پوري دنيا سعودي عربيه کي
اسلام جو وڏي ۾ وڏو ڳڙهه سمجهيو وڃين ٿو مسلمانن جي سب کان وڏي مقدس زيارات حج ۽ حضرت محمد پاڪ صلي الله واله وسلم جن جي مزار شريف سان گڏ جنت
بقيه ۽ ٻيون ڪئي اصحاب ڪرا۾ نبين
پاڪ جون پڻ زيارات آهن ،جن مٿان مسلمانن جو پختو يقين آهي ۽ هر مسلمان اها ڪوشش
ڪندو آهي ته مان سعودي عربيه وڃين حضور پاڪ صلم جن جي زيارت ڪيان ۽ حج عمرو به ادا
ڪيان جتي اسلامي قانون لاڳو ٿيل آهي ته جيڪو جهڙو ڏوهه ڪندو ان کي اسلام جي قانون
آئين جي روشني ۾ سزا ڏني ويندي اسلام جي اهڙي اصول قانون کان پوء پوري دنيا پڻ ان
تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جيئن ڪنهن سان بي انصافي نه ٿئي هر هڪ کي اسلام جي
روشني ۾ انصاف ملي سگهي ، سعودي عربيه ۾ بادشاهت جو رواج اڄ به قائم آهي پر اهو
مان ضرور چوندس جيڪو 10 سال اڳ سعودي عربيه جي حڪومت جي سوچ هئي اڄ اها سوچ پڻ
تبديل ٿيندي پئي نظر اچي ، جيڪڏهن انهن جي سوچ تبديل ٿي وئي ته ڪافر يهودي ملڪ
جيڪي سدائين اسان جي پاڪ مقدس زيارات خلاف سازشون ڪري رهيا آهن جن کي پوء روڪڻ ممڪن ناهي اهو ان ڪري جو
سعودي عربيه عربيه سدائين آمريڪي سپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي ۽ پاڙيسري ملڪن
سان ان جي سدائين محاذ آرائي رهي آهي جنهن کان پوء انهن جي وچ ۾ چڪتاڻ جاري آهي
پورء ڪويت هجي يا ايران هجي يا ٻيا
به ڪئي ملڪ آهن جيڪي اسلامي بنيادن تي سعودي سان اختلاف رکن ٿا جيڪو هر هڪ جو
بنيادي حق آهي مان سمجهان ٿو ته مسلمانن خلاف هي پڻ وڏي سازش هوندي جيڪوهن سعودي
عربيه ۾ يورب جيان سوچ تبديل ڪئي وئي ته پوء اسان وٽ ڪجهه نه رهندو جيڪو پهريان
کان ئي اسان مٿان الزامات آهن ته توهان اصل دين تي نه پيا هو جيڪو ڪافي حد تائين
سچ آهي ان سان گڏ سعودي عربيه جي سدائين پاليسي رهي آهي ته آمريڪا ڀارت کي ويجهو رکيو ويو آهي ۽ جن جا هن ملڪ سان روح جسم جان جا رشته
آهن انهن کي ڪافي پري رکيو ويو آهي جيڪو پڻ ڪڙو سچ اهي ان ڪري مان سمجهان ٿو ته
جيڪوهن هن وقت سعودي بادشاه شاه فيصل شاه فهد کان پوء نوجوانن کي قيادت اڳواڻي ملي
آهي ته انهن کي پنهنجي سوچ کي پوئتي رکڻ گهرجن جديد دور آهي ڪو دشمن موقعي جو
فائدو وٺندي اسان جي مقدس زيارات کي نقصان پهچائي سگهي ٿو پوء شايد جيڪڏهن ائين
ٿيو ته هي جيڪا عالمي جنگ گهر گهر جنگ لڳندي اها هن دنيا کي ئي تباهه ڪري سگهي ٿي
اهو ان ڪري به جو هي ايٽمي جنگ جديد ميزائلن جي جنگ هوندي ان ڪري پنهنجي سوچ کي
محدود رکڻ گهرجي اهو به ڪڙو سچ آهي ته هر هڪ ملڪ جي پنهنجي خارج بيروني پاليسيون
هونديون آهن جيڪو ملڪ جي بقا سلامتي کي مدي نظر ان وقت جي صورت حال کي ڏسندي ڪئي
ڪٽر به فيصلا ڪيا ويندا آهن جيئن اسان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر رهن ، ڀارت
سدائين خارجه پاليسي بهتر رکي آهي پر جيڪڏهن پاڪستان
جي خارجه پاليسين تي نظر وجهون ته انه کي ڄڻ هن وقت تائين ڪو وزير خارجه نه ٿو ملي
جيڪڏهن ملي ٿو ته ان کي ڪا به خبر ناهي ته خارجه پاليسيون ڪيئن جڙنديون آهن ، جيئن
پاڪستان اندر هارس ترينڊنگ پڻ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن پيسن جي عيوض چيئرمين سينيٽ
چونڊيو آهي جنهن کي قانون جي جھاڻ ناهي ته هو اجلاس ڪيئن هلائيندو ان سان گڏ
قانوني ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن سعودي به سدائين پنهنجي مفاد کي ملڪ جي مفاد کي
ڏسي پالييون جوڙيندو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن کي پري رکي هو آئريڪا ،
ڀارت کي انتهائي ويجهو رکيو ويٺو آهي ۽ هڪ وڏي سازش تحت سعودي عربيه کي جديد دور ۾
يوپين آمريڪين سوچ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، مقدس زيارت ڪٿي به هجن اسان
جو فرض آهي ته انهن جي حفاظت ڪيون پاڪستان هجي ڪشمير هجي يا ايران هجي شام هجي جتي
به هن وقت به دهشتگردي ٿي رهي آهي خودڪش حملا ٿي رهيا آهن انهن جو تعلق وهابيت سان
آهي اهي طالبان هجن داعش هجن لشڪر جهنگوري هجي يا ڪي ٻيا دهشتگدي گروپ انهن اسان
مسلمانن کي ويڙحائڻ سان گڏ هن وقت تائين لکين شريف النفس انسان شهيد ڪيا اهن جن کي
اها به خبر ناهي ته انهن کي قتل ڇو ٿو ڪيو وڃين ، طالبان داعش ۽ ٻين اهرن گروپن جي
اڄ به اسلام دشمن لابي مالي مدد سان گڏ انهن کي ٽرينگون ڏنيون ٿيون وڃن مان هڪ نڊوڙو ڪام نگار سان مسلمان هئڻ جي حيثيت ۾ ولي عهد سعودي
عربيه کي هٿ ٻڌي اپيل ڪندس ته اسان جي خابه ڪعبه سميت ٻين مقدس زيارات تي هر يهودي
سوچ رکندڙ لابي انهن کي نقصان ڏيڻ چاهي ٿو جيڪڏهن الله سائين خير ڪري هڪ مرتبه ڪو
واقعو ٿيو ته اسان وٽ ڪجهه نه بچندو ، ان ڪري پنهنجي سوچ کي اسلامي سوچ دين اصل دين تائين قائم رکو انسان گنهگار آهي
معاف به رب ڪائينات ڪندو ، اسان جي مقدس زيارات سميت مسلمانن خلاف تمام وڏيون
سازشون ٿي رهيون آهن جن کي ناڪام ڪرڻو پوندو ، ان لاء اسان کي گڏجي تمام ملڪن کي
گڏجي خارجه پاليسيون سوچي سمجهي ٺاهڻ گهربيون جيڪڏهن دير ٿي وئي ته سواء افسوس جي
ڪجهه به نه بچندو ان ڪري داعش طالبان لشڪر جهنگوي سان گڏ ڪهڙي به مذهب پارٽي سان
تعلق رکي جيڪڏهن هن خلاف ملڪ جي بقا مقدس زيارات خلاف کي به ثبوت آهن ته فوري انهن
کي پڪڙي عوام جي سامهون پيش ڪيو وڃين يورپ ملڪ مغربي سوچ رکندڙ ملڪن کان محتاط رهڻ
گهرجي ، اسالم خلاف ٿيندڙ تمام سازشون ختم ٿيڻ گهرجن گڏجي اسلام جي پرچار ٿيڻ گهرجي
جيڪڏهن هن وقت اسان وهابيت طالبان داعش کي نه روڪيو ته انهن کي هٿ سان دڳ
ڏيکاريندڙ انهن کي پناهه ڏيندڙ مالي مدد ڪندڙ انهن کي دهشتگردين جون ٽريننگون
ڏيندڙ هڪ ئي وار سان وڏي ۾ وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿا ، ان ڪري اهڙن عناصرن تي ڪڙي
نظر رکڻي پوندي ۽ سعوديه عربيه جي ولي عهد محمد بن سلمان کي اهڙين تبدلين کان پاسو
ڪرڻو پوندو جنهن ۾ عورت کي چادر
نه هجي جتي عورت جي عزت نه هجي جتي زيارات جو تقدس پامال ٿئي اهيو اسلام مذهب هرگز اجازت نه ٿو ڏيئي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment