سنڌ حڪومت ٿر
واسين کي اپريل کان جون تائين هر مهيني هڪ گهر کي في مڻ ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو
آهي.سٺِي ڳالهه ته سنڌ حڪومت کي ٿر واسين تي رحم ته آيو جتي سنڌ حڪومت ٿر واسين کي
ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي اتي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هوُ ٿر اندر صحت جي صحولتن جي
به فراهمي لاءِ صحت کاتي کي پابند ڪري.سنڌ جو صحرا هن وقت سڪل آهي ته ٿر اندر موت
معصوم زندگيون ڳڙڪائيندو اچي پر ڏسجي ته ٿر ريگستان جيڪو ڪيترن ئي معدني وسلين سان
مالا مال آهي.پر انهي معدني وسلين سان مالا مال ٿر جي سڌاري ۽ عوام کي سندن وسلين
مان رليف ڏيڻ ۾ حڪومتون ناڪام ٿي رهيون آهن.ڪو سال اهڙو ناهي گذريو جنهن سال اندر
ٿر جي معصوم عوام مٿان ڪهر جا ڏينهن ناهن ڪڙيا.ڪڏهن کين بک ۽ اڃ وگهي تڙپائي
تڙپائي مرڻ جهڙي زندگي تي مجبور ڪيو ويندو.ته ڪڏهن برساتن جا بادل نه وسڻ ڪري حسين
ٿر ويرانين جي ور چڙهي ويندو آهي.جت موت جو راڪاس رنجيرون ٽوڙي ٿر جي معصوم ٻارن
جي زندگين کي ڳڙڪائيندو رهي ٿو.هن سال به ٿر جي ڪجهه اهڙي صورتحال آهي.جنهن اندر
ٿر جي ڪيترائي معصوم ٻار غّذائي کوٽ هجڻ سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن.جڏهن ته
سموري ٿر جون ننڍيون وڏيون اسپتالون انهي غذائي کوٽ سبب بيمار ٿيندڙ معصوم ٻار سان
ڀريون پيون آهن.ڪالهه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خد پنهنجي بيان ۾ چيو ته مٺي ۾ موت جو
چريو راڪاس معصوم زندگين جي ڳڙڪائي رهيو آهي،اعلاج هو سهولتون ڪٿي آهن.؟سپريم ڪورٽ
آف پاڪستان ٿر جي معصوم ٻارن جي مرڻ جو نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت جي اهو چيو ته مٺِي
۾ ٻار مري رهيا آهيون ۽ صحت جون سهولتون ڇو ڪون پيون ڏنيون وڃن.؟انهي مان سمجهان
ٿو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٿرجي معصوم ٻارن جي مرڻ جو نوٽيس وٺڻ جو بهترين فيصلو
ڪيو آهي ڇو ته هن وقت ٿر جي حالت اها آهي جو هر ٿري زندگي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي
رهي آهي ۽ معصوم ٻارڙن جو مرڻ روز جو معصوم بڻجي ويو آهي،هڪ ڏينهن پهرين هڪ نجي وي
چيئنل تي ڏيکاريو پئي ويو ته آءِ سي يو نه هجڻ ڪري رڳو عمرڪوٽ جي ضلعي اسپتال اندر
هر هفتي پندرهن ٻار موت جو کاڄ بڻجن ٿا.انهي ڪري مان سمجهان ته وڌيڪ معصوم زندگيون
ضايع ٿيڻ کان حڪومت کي گهرجي ته انهي ٿر واري معاملي تي سنيجدگي سان ويهي غور
ڪري.ٿر اندر هن وقت معصوم ٻارن اندر جيڪو غذائي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جو
سلسلو هلي رهيو آهي.انهي کي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڇو ته هن وقت ٿر اندر190کان
وڌيڪ ٻار انهي غذائي کوٽ جي بيمارين سبب مري چڪا آهن.جڏهن ته ان کان علاو ٿر اندر
صاف پاڻي جي به تمام گهڻي قلت آهي.۽ ضحت جي مرڪزن جي دوائن ۽ ڊاڪٽر جي کوٽ.جڏهن ته
ٿر جي نالي تي ڪروڙين رپين جي بجٽ وٺندڙ اين جي اوز به صرف ڪاغذي ڪاروايون ڪري
رهيون آهن.۽ سرڪار سڳوري به انهي ٿر جي معاملي تي دلچسپي نه وٺي رهي آهي.جنهن جي
معاملو روز به روز بگڙندو پيو وڃي.۽ ڪيترن ئي مائرون جون جهوليون خالي ٿينديون
پيون وڃن.جڏهن ته ٿر اندر موجده کوهن جا پاڻي وسڪار نه ٿيڻ ڪري سندس جر کارو ۽
زهريلو ٿي ويو آهي.جڏهن ته انهي زهريلي پاڻي واپرائڻ سبب به انساني زندگيون زيان ٿي
رهيون آهن.جڏهن ته ٿر جي معصوم ٻارن جو موت جون خبرون ٽي وي توڙي اخبارن ۾ هر روز
اچي رهيون آهن.جڏهن ته مٺي،۽ ٿر جي ٻين مختلف شهرن جي اسپتالن اندر ڪيترائي ٻار
بيماري واري بستري تي بي يارو مددگار موت جي اوسيڙي ۾ بسترن تي پيل آهن.جڏهن ته هن
گذريل سال به ٿر جي معصوم ٻارن مٿان موت جو راڪاس اچي ڪڙڪيو.جنهن اندر 350کان وڌيڪ
ٻارڙا فوت ٿي چڪا هئا.پر ان وقت انتظاميه هڪ غذر پيش ڪيو ته انهن معصوم ٻارن جي
زندگين جو زيان ٿيڻ صرف وقت تي سندس تعميزداري به ٿيڻ هو.پر هن دفعي اهين نه
ٿيندو.پر اهين ناهي حڪومت توڙي انتظاميه جون ڳالهيون صرف بيانن جي حد تائين.ڇو ته
هن سال بک وگهي ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارن جو انگ190کان مٿي ٿي ويون آهي.هن وقت انهي
ٿر جي معصوم ماڻهن جي ڪڻڪ جو آسرو ڏنو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان سنڌ پاران ٿر جي
هر خاندان کي في مڻ ڪڻڪ امداد طور ڏني ويندي.جڏهن ته اهڙو اعلان سنڌ جي وزيراعليٰ
سائين مرادعلي شاهه ڪيو آهي ته ٿر اندر ڏکار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽
برساتن ۾ به اڃان دير آهي انڪري ٿر جي ماڻهن جي مدد لاءِ هر مهيني کين ڪڻڪ جو في
مڻ ڏنو ويندو.اها ڪڻڪ اپريل کان وٺي جون تائين ڏني ويندي،جتي سنڌ سرڪار وقت تي
ڪوبه ڪم نه ڪري سگهي آهي اتي هڪ مهيني جو دوراني بعد ٿر واسين کي ڪڻڪ جو مڻ ملڻ
مشڪل لڳي رهيو آهي،ڇو ته اڃان تائين ٿر اندر خاندانن جي نالا نه لکيا ويا آهن جڏهن
ته اپريل ميهني ۾ باقي وڃي ست ڏينهن بچيا آهن ايتري ڏينهن ۾ پوري ٿر اندر سنڌ
سرڪار گهرن جي ڳڻپ ڪئين ٿي ممڪن ڪري سگهي.؟ٻيو ته في مڻ ڪڻڪ جو آسرو ته ٿر واسين
کي ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪري شهرن ۾ ڪمائيندڙ ٿر واسي ته شهر ڇڏي ڪري اچي ڳوٺڻ ۾ مڻ
ڪڻڪ جي آسري جي ويهي رهيا آهن، اهڙي سموري ماحول اندر ڇا ٿر واسين جي في مڻ ڪڻڪ جي
آسري سنڌ حڪومت اڃان ڪيترو انتظار ڪرائيندي.؟اها به حقيقت آهي ته اسان سنڌ واسين
جي اها بدقسمتي ته اسان ڪڻڪ جي مڻ يا امداد جي ملڪ ٻوري تي خوش ٿي ويندا آهن.برحال
سموري سنڌ جي هڪ پاسي رکي ڪري رڳو ٿرجي صورتحال تي نظر وجهون ته اکيون رت روينديون
آهن.ٿر واسين جي زندگي تمام گهڻي ڏکي گذرندي آهي.گرمي هجي يا سيارو پر ٿر اندر
هميشه کاڌو خوراڪ جي گهٽتائي رهي آهي.جڏهن ته انهي کان به وڌيڪ اهو حال آهي ته ٿر
جي هيلٿ جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي.، اھم مسئلو خوراڪ جي گھٽتائين ۽ پئيڻ لاءِ صاف پاڻي
فراهم نه ٿيڻ ڪري آھي، جيڪو خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن جي لاءِ تمام اھم آھي، ،
ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ ويمخانن جون سھولتون نه ھئڻ ڪري ڳورھارين عورتن کي پريشاني
جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، گھڻو ڪري 90 سيڪڙو عورتن جي ڊليوري گھرن ۾ ئي ٿيندي آھي، ڪٿي
ڪٿي پيچيده ڪيس ھجڻ ڪري عورت کي اسپتال آندو ويندو آھي، ان سبب به گھڻا ڄمندڙ
معصوم ٻارڙا موت جي منھن ۾ ھليا ويندا آھن، ان سان گڏوگڏ عورتن کي به جان جو خطرو
ھوندو آھي.ٿر ۾ ساڳيو موت جو راڪاس ڏڪار ۽ بيمارين جي روپ م ظاھر ٿيو آھي،هن وقت
ٿر واسين کي ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.انهي ڪري مان سمجهان ٿو ته جيتري قدر جي
ٿر جي صورتحال آهي ۽ غريب مسڪين ماڻهو هڪ وقت جي لولي لاءِ سڪي رهيا آهن،انهن جي
هن وقت امداد ڏيڻ جو اعلان سنڌ حڪومت لاءِ ساراهه جوڳو آهي پر اتي شرط اهو ئي آهي
ته اها امداد ٿر واسين کي فوري طور ڏني وڃي ۽ انهي امداد کي اعلان تائين محدود نه
ڪيو وڃي.هن وقت ٿر واسين جي حالت رحم جوڳي آهي ٿر جا ڪيترائي معصوم ٻار مرد توڙي عورتون
ٿر جي ڪيترن ئي اسپتالن ۾ زيراعلاج آهن انهي ڪري جتي سنڌ حڪومٿ ٿر واسين کي ڪڻڪ
ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي انهي سان گڏ کين صحت جو سهولتون فرام ڪيو وڃن،ته جئين ٿر
واسين جي معصوم زندگين جا اهنج الجهامي سگهن.هن وقت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٿر جي
معاملي تي نوٽِيس ورتو آهي مان سمجهان ٿو ته ٿر واسين لاءِ انهي کان ٻيو ڪو به
خوشي جو لحمو نه هوندو انهي ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنهنجي نوٽيس کي عملي جامو
پارائي ڪري سنڌ حڪومت کي پابند ڪري ته هوُ ٿر جي اعلانيل ڪڻڪ جي فراهمي لاءِ سنڌ
حڪومت کي فوري عمل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ۽ اعلانيل ڪڻڪ سان گڏ ٿر واسين جي صحت جو
سهولتون فرام ڪرڻ لاءِ پڻ پابند ڪري جيڪو ٿر واسين جو اهم مسئلو آهي
شڪارپور جي سٻاجهڙي عوام جي حقن جي لتاڙ!!!محمد فاروق ٻرڙو
جيئن ته خاص
طور تي سنڌ صوبي ۾ صحت ۽ تعليم اھم مسئلا رھيا آھن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي
شاه سنڌ ۾ صحت تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جو وچن ڪيو هو، سنڌ ۾ جيڪڏهن صحت جي
سھولتن جي فراهمي تي نظر وجهبي ته تمام گھڻي ڏکائيندڙ صورت حال سامھون اچي ٿي،شڪارپور
سميت سنڌ جي ھر شھر ۽ علائقي ۾ قائم ٿيل سرڪاري اسپتالون تباه ۽ برباد ٿيل آھن, دوائن
جي کوٽ، ڪرپشن، عملي جو نه ھجڻ، ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ اسپتالن جي انتظاميا پاران
اسپتالن تي بيان نه ڏيڻ سبب شڪارپور جا ماڻهو وڏي تڪليف ۽ مشڪل کي منهن ڏين ٿا،
اسپتالن ۾ سهولتون نه هجڻ جي ڪري ماڻهو تڙپي تڙپي بيھوش ٿي وڃن ٿا شڪارپور سميت
سنڌ جي غريب سٻاجهڙي ۽ مسڪين عوام جو سھارو صرف سرڪاري سول اسپتالون ئي ھجن ٿيون،
سرڪاري اسپتالون به تباه ۽ برباد ھجن ته پوءِ غريب ماڻهو ڪيڏانهن ٿا وڃي سگهن،شڪارپور
جو عوام ھوءَ ته ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڏتڙيل آهي، شڪارپور جا اھم مسئلا صفائي، سٿرائي،
بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ صحت سميت ٻيا ڪيترائي اھم مسئلا آهن، جيڪي گذريل ڪيترن ئي
سالن کان حل نه ٿي سگھيا آهن، شڪارپور جي چونڊيل نمائندن عوام کي سنھرا خواب
ڏيکاري ووٽ وٺي غائب ٿي ويندا آهن، عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، انھن کي حل
ڪرڻ جي لاءِ ڪو به اڳتي نه ٿو وڌي، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ، واڌو بل، صحت جون سهولتون،
صفائي سٿرائي لاءِ عوام روڊن رستن تي نڪري مجبورن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھڻڻ تي
مجبور ٿي ويندا آهن، سنڌ حڪومت شھرين کي سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صفائي سٿرائي ۽
ڊرينيج سسٽم شڪارپور سميت اندروني سنڌ جي ضلعن جو نساسڪ حوالي ڪيو ويو، پر نساسڪ
کي انتظاميا به عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته شھر ۾ صفائي
سٿرائي نه ھجڻ جي ڪري گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن جنهن کي نساسڪ انتظاميا شھر مان
ڪچري جا ڍير نه کڻائڻ سبب روڊ رستا گندگيءَ جي ور چڙهي ويا آهن، صفائي سٿرائي عملو
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن نه اچڻ جي ڪري ڪچرو روڊن پيل نظر اچي رهيو آهي،نساسڪ
انتظاميا ڪچري جا ڍير جيڪي رستن ۽ گند پيٽي ۾ پيل ھوندو آھي ان کي کڻڻ بدران نئون
طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي، گندگيءَ جي ڍير کي باھ ڏيئي ساڙيو ويندو آهي، جنهن سان
ھڪ طرف شهر جي اندر فالودگي ڦھلجي رهي آهي، ٻئي طرف گاڏين لاءِ ايندڙ لکين رپين جي
پيٽرول جا بل ٺاهي ھڙپ ڪيا ويندا آهن، شھر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊرينيج سسٽم درست
نه ھجڻ جي ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي نڪري تلائن جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي،
جنهن ڪري شھرين جو روڊن رستن تي گھمڻ مھال بڻجي ويو آهي، شڪارپور جي سول اسپتال ۾
دوائن جي کوٽ سميت بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب مريض سخت گرمي ۾ بي حال بڻجي ويا،
ڪيترائي ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غائب صفائي سٿرائي جي به صورت حال به خراب آھي، اسپتال
جي اندر سڌارا اچڻ جي بدران صورتحال ويتر خراب ٿي وئي، اسپتال اندر دوائن جي کوٽ
ھجڻ ڪري داخل مريضن کي سھولتون ۽ دوائون نه ملڻ تي مريضن جون دانهون، بجليءَ جي
غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ اسپتال جي بجلي گھرن ۾ ڏيڻ ڪري وولٽيج ڊراپ ٿي وڃڻ ڪري
داخل مريض سخت گرمي ۾ بي حال بڻجي ويا آهن اسپتال اندر ھيوي جنيٽر ھجڻ باوجود
اسپتال انتظاميا جنيٽر ھلائڻ کان قاصر نظر اچي رھي آھي، جڏهن ته اڪثر ڊاڪٽر ڊيوٽين
تان غائب نظر اچي رھيا آھن اسپتال ۾ مڪمل نظام نه ھجڻ ڪري احساس نوعيت جي مريضن کي
مختلف وارڊن ۾ ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان رولائڻ ته ڊاڪٽرن جي عادت بڻجي وئي آهي،
جنھن ڪري ھو سخت عذاب ڀوڳي رهيا آهن،اسپتال جي بجيٽ جو سھي استعمال نه ٿيڻ ڪري
مريض سھولتن کان محروم آهن ۽ انھن کي سھولتون ملڻ مشڪل بڻجنديون پيون وڃن، سول
اسپتال شڪارپور جي ماڻهن جي لاءِ آسرو ۽ اميد آھي، ان اسپتال کي ھٿ سان تباه ڪري
شڪارپور جي غريب سٻاجهڙي عوام جي زندگيءَ تان راند ٿي رهي آهي، سڀ کان وڏي
ڏکائيندڙ اھا ڳالھ آھي ته ھيڏي وڏي شهر شڪارپور جي سرڪاري اسپتالن جي تباهيءَ جو
سبب خانگي اسپتالون به آهن جتي سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر به نوڪريون ڪن ٿا، جيڪي
سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن تي ڌيان ڏيڻ بدران خانگي اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري اسپتالن جي
مالڪن کي ماھوار لکين رپيا ڪمائي ڏين ٿا،
رائو انوار پيش ... رياست ناڪام انصاف جي گهر/سيد زوار حسين شاه
هون ته
پاڪستان ۾ ڪئي اهم اهڙيون شخصيتون آهن جن کي رياست هٿ وجهڻ جو سوچي به نه ٿي سگهي
، انهن کي سدائين مهلت ڏني وئي آهي ان جا سبب اهي پيا ظاهر ڪن ته مثال جيئن عمران
خان مٿان تي ڪيس دائر هيا ۽ عدالت سڳوري ان کي استهاري قرار پڻ ڏنو هو هو پاڻ
عدالت سڳوري ۾ پيش ٿيو قانون آئين مطابق ضمانت حاصل ڪئي ۽ ان سان گڏ ان سان گڏ ڊاڪٽر طاهر
القادري جنهن پڻ پوري ملڪ کي يرغمال بڻائي روڊ رستا بلاڪ ڪري اربين روپين جي معيشت
کي ڪاپاري ڌڪ هنيو پر ڪنهن کي جرئت نه هئي جو هن کي ڪير هٿ وجهي سگهي هڪ معاهدي
تحت ڌرڻو ختم ڪري هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هاڻي به جڏهن سرڪار جو موڊ ٿئي پاڪستان
اچن ٿا ڪجهه تفريح ڪري وري ٻاهرين ملڪ هليا وڃن ٿا ان سان گڏ ڪئي پاڪستان جو اهم
شخيصتون آهن جن مٿان احستاب عدالت ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ڪجهه جا سپريم ڪورٽ آف
پاڪستان ۾ پڻ ڪيس هلي رهيا آهن جن کي پاڪستان اند تمام سهولتون ميسر آهن اربين
رويپن جي ڪرپشن جا الزام پر هو وري به با عزت بري طور ضمانت تي آزاد آهن جيڪي
ٻاهرين ملڪ وڃين پنهنجو علاج ڪرائين ٿا ۽ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو غريب ڪنهن جي هڪ
ماني روٽي چوري ڪري ٿو ته بس پوء ڏسوس اسان جي پوليس ڪيئن ٿي ن جا گهر پٽ ڪري مال
ڍڳو ڪاهي وڃين هڻن ڍڪ ۾ ان سان گڏ ان کي اهڙو ته سوگهو ڪيو ٿو ُڇين ٺڻ هن هن ملڪ
کي داء تي لڳايو هجي ، ان غريب جي مٽ مائٽن جي زندگي اجيرن
نه ٿا ڏسن ته هن جو پي
چاچو ڪو بزرگ آهي نه ٿا ڏسن ته هن جي ماء ڀيڻ ڪا عورت آهي . ، برحال پاڪستان
اندر جيڪڏهن انهن امير ماڻهن جي لسٽ نالا ظاهر ڪيون ته لکي لکي ٿڪجي پونداسين انهن
جا نالا ختم نه ٿيندا
تازو عدالت سڳوري هڪ حڪم نالو جاري ڪيو ته فيض
آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ مولانا خادم حسين رضوي کي فوري گرفتار ڪري عدالت آندو وڃين اهڙي
حڪم نامي کان پوء ڪجهه ته آفيسرن جي هوا ئي نڪري وئي باقي ڪجهه رياست جا عملدار حڪمت عملي
جوڙي رهيا آهن ته مولانا خادم حسين رضوي سان ڪيئن ڳالهائجي هو ڊڄي رهيا آهن رياست
جيڪڏهن قانون آئين کي مدي نظر رکي اڳتي قدم وڌائي ته پوء نواز شريف جهڙا طاقتور
جيڪو هن ملڪ جو ٽي مرتبه زيراعظم رهي چڪو آهي هڪ عدالتي حڪم تحت هن کي ڪرسي ڇڏڻي
پئي ان سان گڏ پاڪستان م اسان جي اعلي عدالتن تاريخي فيصلا پڻ ڪيا آهن جن کي به
وساري نه ٿو سگهجي ، ان ڪري جيڪڏهن اسان هاڻي به اهو سوچينداسين ته مولانا خادم
حسين کي ڪير هٿ وجهندو ته سائين پوء هن ملڪ جو واهي الله آهي ان ڪري ڪنهن کي ته
اڳتي وڌڻو پوندو سنڌ پوليس جو هڪ اهڙن آفيسر جنهن ڪراچي ۾ امن مان بحال ڪرڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو آصف علي زرداري جي ويجهو رهندڙ رائو انوار ايس ايس پي ملير جنهن وڏن
وڏن دهشتگردن کي نيست نابود ڪيو ۽ پوري پاڪستان سميت ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهون
پڻ رائو انوار جا شيدائي هيا برحال ان مٿان تارگيٽ ڪلنگ جا پڻ ڪئي الزامات لڳا سچ
ڇا اهي اسان فيصلو نه ٿا ڪري سگهون ان جو فيصلو صرف الله پاڪ ڪري سگهي ٿو يا وري
رياست جو اهم ادارو عدالت سڳوري جنهن ۾ عوام کي اها اميد آهي ته بي گناهه شهيد ٿيلن جو انصاف صرف عدالت سڳوري ڪندي
، پاڪستان جي تاريخ ت ينظر وجهون ته غريب کي انصاف گهٽ مليو آهي امير کي سدائين
تمام سهولتون مليون آهن جڪي انهن کي گهرن ۾ به ملن ٿيون برحال هاڻي به جيڪڏهن
رياست چاهي ته ڪوئي ان کان طاقتور ناهي ان ڪري ڀلي سابق وزيراعظم هجي ڀلي ڪنهن
پارٽي جو اعلي قيادت هجي ،رائو انوار جنهن هڪ مهينو اڳ ڪراچي ۾ نقيب الله مسعود سميت ٽن ٻين کي ماري پريس ڪانفرنس
ڪري انهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو جنهن کان پوء نقيب الله مسعود جي وارثن سميت
پوري پاڪستان ۾ شهيد نقيب الله مسعود جي بي گناهه مارجڻ جي حق ۾ احتجاجي مظهرو ڪري
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نقيب الله مسعود کي مارڻ جا ڪئي ٻيا ڪارڻ هيا هن جو
ڪو ڏوهه ناهي برحال سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار پاڻمرادو
نوٽيس وٺي رائو انوار کي هڪ انڪوائري رپورٽ کي سامهون رکندي رائو انوار جي گرفتاري
جو حڪم نامو ڏنو جنهن کان پوء رائو انوار اچانڪ غائب ٿي ويو ان دٻئي وڃڻ جي پڻ
ڪوشش ڪئي جتي هل ايف آئي اي آفيسراڻي روڪي ورتو
جنهن کان پوء سوال آهو آهي ته
پاڪستان جون ايجنسيون دنيا جي ٻين ايجنسين کان بهتر آهن جن تي هي پاڪستاني قوم فخر
ڪندي آهي انهن جي اکين کان به اوجهل ڪيئن ٿي ويو برحال هاڻ هڪ سوال ته پيدا ٿئي ٿو
ته هن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو آهي ان کي ڪي به سهولتڪار لينڊ ڪروزر ۾
کڻي آيا برحال رائو انوار بابت اي ڊي خواجه آئي جي سنڌ
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي معزز جسٽس جي سامهون پنهنجي ڄاڻ مطابق ان ڪيئمره بريفنگ
ڏني جنهن ۾ جيڪا آئي جي سنڌ پوليس کي خبر هوندي اها ان معزز جج صاحبان کي ٻڌائي
هوندي ، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هي جديد دور آهي هو ايئرپورٽ تي اچي ٿو هو هن کي
ڪنهن ته ڏٺو هوندو سي سي ٽي وي ڪيئمره لڳل هونديون تحقيقات ٿيندي پوء معلوم ٿيندو
جيڪڏهن پاڪستان جي آئين جي
بقا کي مدي نظر رکندي عام ماڻهون ته جان قربان ڪرڻ لاء تيار آهي پر جن ملڪ کي
نقصان پهچايو جن ملڪ کي بدنام ڪيو انهن کي باعزت طور غائب ڪيو ٿو وڃين، سوال اهو
پيدا ٿيندو ته پوء ائين چئون ته رياست اهم ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي
وئي آهي اهو رياستي عملدارن کي تسليم ڪرڻو پوندو ، اسان کي پاڪستان جي بقا سڀ کان
عزيز هئڻ گهرجي ، اسان کي پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪرڻ گهرجي ، پاڪستان آهي ته اسان
آهيون ان ڪري پاڪستان جي هر ماڻهون جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ، هاني رياست جو
امتحان آهي ته هو خادفم حسين رضوي جنهن مٿان جلائو گهرائو باهه ڏيڻ ماڻهن کي رياست خلاف اڪسائڻ جا الزام آهن ته هن فيض آباد ڌرڻو
هڻي اربين روپين جو پاڪستاني معيشيت سميت پاڪستان جي پراپرٽي کي نقصان پهچايو ، پر
مان سمجهان ٿو ته خادم حسين رضوي عدالت سڳوري ۾ پاڻ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪندو ۽
ضمانت ڪرائي وٺندو جيڪو ان جو قانوني حق آهي ان سان گڏ رائو انوار جيڪو رياست لاء چيلينج آهي هو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾
پاڻ پيش ٿي قانوني ڪافي رعايت حصل ڪئي هوندي
ان سان گڏ سابق جنرل پرويز مشرف جنهن خلاف پڻ
عدالت عظمي اهو حڪم نامو جاري ڪيو آهي ته انٽروپول ذريعي ان کي گرفتار ڪري عدالت
سڳوري ۾ پيش ڪيو وڃين ، رياست جي عزت عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاء رياست لاء
وڏو امتحان شروع ٿيڻ وارو آهي ، رائو انوار پڻ سپريم ڪورٽ جي ڏنل آڇ کي تسليم ڪندي
پاڻ پيش ٿي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ته آخر هي جيڪي ڏينهن پردي تان غائب هو ڪنهن وٽ
هو ۽ هو ڪيئن سپريم ڪورٽ وٺ پهتو ، ملڪي سلامتي جا سوال آهن ڪيس هلي رهيو آهي
انصاف لاء پوري پاڪستان قوم ڏسي رهي آهي ته ڇا ٿيندو
23مارچ تاريخ سازيوم قراردادپاڪستان!/جاويد احمد چانڊيو
23مارچ تاريخ ساز ڏينهن بر صغير مسلمانن اڳواڻن جي جدوجهد جنهن
تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا،دنيا جي نقشي تي پياري وطن پاڪستان جووجود ظاهر ٿيڻ وڏي
خوشخبري ۽ سندن وڏي ڪاميابي هئي،وکريل قوم جواتحاد۽ تاريخي ساز جدو جهد جوش جذبو
حمٿ حوصلو۽ ڏنل لازوال بي مثال قرباني آزاد وطن جي خواب کي حقيت ۾ بدلائي ڇڏيو
هو،عظيم تاريخ ساز جدوجهد جيڪا بيشمار قربانين جي بدلي آزاد وطن جو وجود عمل ۾
آيو،شهيد ۽ غازين جي جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي،23 مارچ 1940ع بر
صغيرمسلمانن جي تاريخ ساز جدوجهد عوام جي تقدير بدلائي ڇڏي هئي،لکين عوام وڏيون
منزلون ڪري اچي پنهنجي محبوب محسن اڳواڻن سان اهو عهد دهرايو هو ته آزاد وطن جي
قيام لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي،هرحال ۾ پنهنجي نسلن کي غلامي جي زنجيرن کان آزاد
ڪرائبو،آزاد وطن جي قيام خاطر ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائبو،آزاد وطن جي خود
مختياري خوشحالي ترقي،امن انصاف،بنا فرق برابري جا قومن جا حقوق، ۽ قومي خدمتن جا
عزم ڪيا ويا هئا،سچ ۽ حقيقت آها آهي ته آزادي الله پاڪ جو ڏنل عظيم تحفوهوندو
آهي،جيڪو به الله پاڪ جو شڪر ڪجي اهو گهٽ آهي،آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪو
بنا تاخير ملڻ به گهرجي،انسان جي لاءِجياپي لاءِآزادي جو حق هجڻ ضروري آهي،غلامي
واري زندگي موت مثال هوندي آهي، جنهن کي خراب زندگي به کڻي چئجي،محسن ملت قومي اڳواڻن
جي تاريخ سازجدوجهد جي نتيجي ۾ آزادي جو بهترين تحفوعوام کي مليو،آزاد وطن
خاطرجدوجهد ڪندڙ مرد مجاهدن وطن جي قيام ۽ آزادي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي
هئي،اهاعظيم تاريخ ساز جدوجهد جنهن بر صغير جي مسلمانن کي وڏي سياسي طاقت
بخشي،،سچا بهادر مخلص محسن اڳواڻ عوام جو حقيقي درد سمجهندا آهن،سچا هڏڏوکي اڳواڻ
جيڪي عوام کي غلامي جي اندهيرن مان ڪڍڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن،ڏتڙيل ۽ وکريل ۽
بي سهارا قوم کي کي وڏو سهارو ملي ويندو آهي،سچائي،بهادري،جاکوڙ عوام دوستي،انصاف ۽
اصولن جا علمبردار ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي عظيم منزل ماڻيندا آهن،ناڪامين کي ڪاميابين
۾ بدلائي ڇڏيندا آهن،عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا
آهن،جدوجهد جاکوڙذريعي نئين تاريخ رقم ڪندا آهن،پوءِ ڪاميابي انهن جا قدم چمندي
آهي،23 مارچ جو تاريخ ساز يادگار قومي ڏينهن به ڪري ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن تي
قرارداد پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو،23مارچ کي يو م پاڪستان به سڏيو ويندوآهي،تاريخ
ساز جدوجهد ۽ جاکوڙمان ثابت ٿيو ته هي قوم باشعور قوم وطن پرستي ۽ آزادي جي طاقت
رکندڙ آهي،همٿ حوصلو عزائم وفا جفا جدوجهد جو عوام کي ثمر ضرور مليو،23مارچ تاريخ
ساز يادگار ڏينهن قومي سطح تي ملهائڻ جو مقصد عظيم اڳواڻن جي قربانين کي ياد رکڻ
به آهي، محسن ملت اڳواڻن جو عملي نمونوقوم کي غلامي کان نجات ڏياري، سرڪاري توڙي
خانڪي سطح تي قومي جوش جذبي تحت ان يادگار ڏينهن تي خاص پرو گرام ڪيا ويندا آهن،مختلف
سياسي سماجي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن خطاب ڪندا آهن،انهن محسن ملت اڳواڻن جي وطن
جي آزادي ۽ تاريخ ساز جدوجهد ڪندڙ قومي هيرن خراج تحسين به پيش ڪيو ويندوآهي،23
مارچ 1940تاريخ ساز جدوجهد بر صغير مسلمانن آزاد وطن جي نئين اميد پيدا ڪري ڇڏي
هئي، وطن جي آزادي لاءِعظيم قومي اڳواڻن ۾ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي
جناح،محترمه فاطمه جناح، شهيدسيد سورهيه بادشاهه (پير صاحب پاڳارو) سائين جي ايم
سيد،نواب لياقت علي خان،بيگم رانا لياقت علي،سر سيد احمد،محمد اقبال،سر چودري
ظفرالله خان،مرزا بشرالدين، مولانا محمد علي جوهر،مولانا ظفرعلي خان،حاجي عبدالله
هارون،ميان شبير احمد، حڪيم آفتاب احمد قريشي،خواجه نظام الدين،نواب اسماعيل،چوڌري
خليق الزمان،سردار اورينگ زيب،ذاڪرعلي شاهه، سر غيبي خان چانڊيو،خان صاحب
عبدالحميد جتوئي صاحب سميت ٻيون بيشمار قابل احترام شخصيتون آهن،قومي سطح تي انهن
محسن ملت اڳواڻن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن،23مارچ 1940يادگار تاريخ ساز ڏينهن
تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ ٻيا ڪيترائي آل انڊيا مسلم ليگ جا اڳواڻ
قافلي صورت ۾ دهلي انڊيا کان سفرشروع ڪيو،هن يادگار سفردوران هر اسٽيشن تي بر صغير
مسلمانن پنهنجي عظيم قائد اڳواڻن تاريخي پرجوش مانائتواستقبال ڪيو،لاهور۾ آمد جي
موقعي تي گلن جي ورکا ۽ وڏو والهانه شاندار استقبال ڪيوهو،اجلاس جو تياريون پهريان
ئي مڪمل ڪيون ويون هيون،هڪ سازش منصوبي تحت بدقسمتي سان پوليس عوام جي مٿان ڪڙڪي
پئي،لاٺي چارج دوران ڪيترن فوت ۽ زخمي ٿيڻ جا واقعا ٿيا، تنهن هوندي به صبرهمٿ بهادري سان مقابلوڪيوويو، قانون جي پاسداري
به ڪئي وئي،لکين عوام پنهنجي محبوب اڳواڻن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ بي قرار هئا،دهلي کان
آيل اڳواڻن کي مينار پاڪستان بادشاهي مسجد ڀرسان منٽو پارڪ جيڪو هن وقت علامه
اقبال پارڪ سان سڏيو ويندو آهي،23مارچ تاريخ ساز ٿيندڙاجلاس جي صدارت باني پاڪستان
قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي،هن تاريخ ساز اجلاس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ته مسلمان
جدا قوم آهي،جنهن جي رهڻي ڪهڻي مذهب ثقافت به انگريزن ۽ هندن کان الڳ آهي،انهي
موقعي تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي پر جوش خطاب ۾ چيو ته
هندستان جو مسئلو فرقيواريت تي ٻڌل نه آهي،جنهن قوم جي اڪثريت آهي انهن لاءِ الڳ
وطن جو قيام ضروري آهي،اسان چاهيون ٿا ته برابري جا حقوق هر ڪنهن کي بنا دير ملڻ
گهرجن،مسلمان قوم آزاد خود مختيارجي حيثيت سان پنهنجي پاڙيسرين سان بهتر مظبوط
تعلقات امن ڀائيچاري وارو رشتو هميشه برقرار رهي،هر ڪنهن فرقي کي مڪمل عبادت جو حق
حاصل آهي،مسلم ۽ هندو جدا قومون آهن،هندستان ۾ انتهاپسندي وڌي وڃڻ ڪري هن وقت
حالات گهڻا نازڪ آهن،فسادن جي نتيجي ۾ مسلمانن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو
آهي،ناپاڪ سازشن جو عمل جاري آهي، مسلمانن کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو. سخت قسم
جا نقصان ڏنا ويا،۽ مختلف وقتن تي سازشن جو چار وڇايو ويوته جيئن قومي اتحاد کي
نقصان پهچي،مسلمانن کي مختلف قسم جون اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪو ناقابل برداشت ۽
مذمت جوڳو عمل آهي،،هندن جي انتها پسندي عروج ۾ هجڻ باوجود به صبر امن شرافت جو
دامن برقرار ۽ قانون جي پاسداري ڪئي آهي،آزادي خدا جو بهترين تحفو۽ نعمت پڻ
آهي،عوام جو ايڏو جوش جذبوڏسي يقين ٿي ويو آهي ته اسان پنهنجي عظيم مقصد ۾ ڪامياب
آهيون،بزرگن ۽ پوڙهن جا حوصلابه جوان آهن، نوجوان قوم جو سرمايوآهن جيڪي تعليم تي
وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته تعليم کان سواءِاسان پنهنجي عظيم مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي
نه ٿا سگهون،اسان جون ڪوششون محنتون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه ٿينديون،اسان پنهنجي
وطن ۽ نسلن لاءِگهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي،خدا تي ڪامل يقين آهي، خدا اسان جوهر وقت
مددگارآهي، ،خداجي تائيد مدد اسان سان هروقت گڏآهي، ۽ ضرور پنهنجي عظيم مقصد ۾ ڪامياب
ٿينداسين،آخر ڪار بر صغير مسلمانن جي جدوجهد ڪامياب ٿي،پاڪستان جي قيام کان
پوءِ13سال عرصو گذري وڃڻ کان پوءِبرصغيرمسلمانن جي هنڌ يادگار جوڙايو ويو جنهن کي
مينار پاڪستان چيو ويندو آهي،ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته باشور قومون ملڪ جي ترقي
خوشحالي لاءِپنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن،جيئن پنهنجي ڇڏيل محسن عظيم اڳواڻن جو
پروگرام اڳتي وڌائجي،وطن سان پيار۽ قومي خدمت به بهترين مثال آهن،قومي جذبي تحت ملڪ
جي ترقي خوشحالي ۽ ڪرپشن جي ناسور خلاف ٿي متحد ڪم ڪرڻو پوندو،۽ يقينن عظيم مقصدن ۾
ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا،ملڪ جي ترقي خوشحالي لاءِسڀني ڪردار ادا ڪرڻوپوندو،
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...