شاه عبداللطيف ڀٽائي جي نظر ۾ عورت جو شان (سيد زوار حسين شاه)



شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آهي اهو ئي سبب هو جو حضرت پاڪ مٺڙي محمد صلي الله واله وسلم جن پنهنجي نياڻي کي ايترو ته وڏو شرف بّشيو جو سايد ڪنهن ٻئي کي حاصل هجي جڏهن به گهر داخل ٿيندا هيا پر پنهنجي نياڻي جي سر تي هٿ رکن ها بوسو ڏين ها پر جيڪڏهن سائين جن جي نياڻي اچي ها ته سائين جن ادب سان اٿي بيهن ها اها آهي عورت جي عظمت  پر انسان ڪجهه حدون اورانگهي به ويو آهي اسان ان عورت کي مظلوم ته چئون ٿا جنهن به عورت مٿان ظلم ٿئي ٿو پر پوء به پاڪستان اندر اهي عورتن لکي حقوق نه ٿا مهيا ڪيا وڃن عورتن جي تحفظ لاء هاڻي نوان نوان قانون به جڙي رهيا آهن پر عورت کي ان قانون مان هن وقت تائين فائدو ناهي پهتو جنهن لاء حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو ته هي گهر جي سونهن پي لاء ناياب تحفو ڀائرن لاء پڻ اهڙو رشتو جو ڇا ڳالهه ڪجي اسان ڪٿي بيٺا آهيون اسان پاڻ سان احتساب ڪيون ته منزل ڪافي پري آهي  برحال هاڻي اها ئي عورت پنهنجا حق احتجاج ڪري به وٺي ٿي هو سمجهي ٿي ته اسان کي هاڻي پنهنجا حق ڪهڙي ريت وٺڻا آهن ، 8 مارچ هون ء ته عورتن جو پوري دنيا ۾ عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃين پر افسوس ته اها هوا جي ڌي اڄ به احتجاج ڪري پنهنا حق وٺڻ لاء بي چين آهي اوهان توهان ڏٺوسين ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان نرس عورتون احتجاج ڪري رهيون آهن انهن جو ڪو آواز ٻڌڻ لاء ناهي برحا اهو وقت پري ناهي جڏهن عورتن کي پنهنجا حق ضرور ملندا ، ان ڪري عورت کي برابري جي بنياد تي حق ملنگهرجن انهن کي احتجاج نه ڪرڻ گهرجي                             
شاه عبداللطيف جي فڪر فلسفي شاعري کي ڪتابي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃين ها ته پوري دنيا ۾ نفرت ختم ٿي وڃين ها اها نفرت محبت ۾ پيدا ٿي وڃين ها ، برحال جيڪو ٿيو ان کي وساري اسان جديد دور ۾ شامل ٿي رهيا آهيون جتي امن مان سان رهڻ کي اوليت ڏيون جتي محبت کي اوليت ڏيون جتي انسان ذات جو قدر هجي ، شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ انسان ذات سان پيار محبت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي هن انسان کي جيئڻ جا طور طريقا پڻ ٻڌايا آهن ته جيڪڏهن شاه جي رسالي تي پڻ عمل ڪيو وڃين ته پوء ڏسو ته هي زندگي ڪيئن ٿي بهتر گذري حضرت انسان انسانيت جو درس وساري چڪو آهي اهو ان ڪري جو معصوم نياڻين سان جنسي ڏاڍايون اسان جي ملڪ ۾ عام آهن درندا گلڙن جهڙين نياڻين کي پڻ   حوس سان گڏ اجل جو شڪار بنائڻ ٿا جنهن تي پڻ پوري پاڪستان ۾ احتجاج ڪيا ٿا وڃن صد افسوس جو هي رياست جنهن ۾ هاڻي به 1973 وارو آئين دستور پاڪستان اڄ به لاڳو آهي پر  پوء به رياست جا  ڪجهه عناصر اڄ به آئين کان ڄڻ بي خبر آهن ، درگاهه شاه عبداللطيف ڀٽائي جي  سجاده نشين پير سيد وقار حسين شاه لطيفي پڻ شاه سائين جي پيغام کي ساڻ کڻي پوري دنيا جو دورو ڪيو جتي کيس ايتري ته موٽ ملي جو ڇا ڳالهه ڪجي شاه عدالطيف ڀٽائي جي شاه جي رسالي ان جي تنبوري پڻ پوري دنيا ۾ اهڙو ته پيغام پهچايو ته سواء محبت پيار امن کان سواء هي دنيا اڌوري آهي ، ان ڪري پوري دنيا هاڻي شاه جي رسالي تي پڻ تحقيقات ڪري رهي آهي ته جيئن ڪربلا جي ميدان ۾ آلي محمد عليه اسلام سان پيش آيل وقعي کي اهڙي طرح شاه سائين شاه جي رسالي ۾ پيش ڪيو آهي  جو ڄڻ شاه عبداللطيف ڀٽائي ڄڻ ان وقت واقعي ڪربلا دوران اتي بيٺا هيا واهه سائين لطيف سهڻا ڇا ڳالهه ڪجي ، ان سان گڏ زندگي جا اهي درد سور پڻ ظاهر ڪيا ته جيڪڏهن مان هن شاه جي رسالي کي اڃان به ظاهرن ان جي اهميت بيان ڪيان ته هي پوري دنيا هن رسالي کي آئين طور تسليم ڪري هڪ رياست هلائڻ جا طور طريقا استعمال ڪري سگهن ٿا شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سجاده نشين پير سيد وقار حسين شاه  لطيفي جڏهن ٻاهرين ملڪن جو دورو ڪري ٿو ته  اتان جا ٿنڪ ٽينڪ ملاقات ڪري شاه جي رسالي بابت آگاهي وٺن ٿا ۽ هو شاه جي رسالي تي تحقيقات ڪرڻ چاهين ٿا ، مان سمجهان ٿو ته شاه سائين جي پيغام کي هڪ زبردست طريقي سان شاه سائين جي فڪر فلسفي کي ڪنڊ ڪڙچ۾ پهچائين ٿا ، جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته انهن تحقيقات ڪندڙن ۾ شاه سائين جي پيغام جي گونج رهي ٿي جنهن پاڪستان ۾ ڪنهن غريب کي انصاف نه ملي جنهن پاڪستان ۾ عام ماڻهون کي صاف پاني پيئڻ لاء به نه ملي  جنهن پاڪستان ۾ نياڻين جي عصمت دري ٿئي جنهن پاڪستان ۾ مظلوم انصاف لاء دربدر هجي ، جنهن پاڪستان ۾ انسان زات جا بنيادي حقوق کاڌا وڃن ان ۾ ته  1973 آئين سان گڏ مان اهو به چوندس ته شاه جي رسالي کي پڻ تعليمي نصاب ۾ شامل ڪري ڏسو ته سهي ته انقلاب ڪيئن ٿو اچي ، شاه سائين جي عاشق  پير سائين وقار حسين شاه لطيفي جي اها پڻ سوچ آهي ته  جنگ ۾ ڪجهه به ناهي رکيو ڏاڍ ۾ ڪجهه به ناهي رکيو جڏهن ڪنهن ماڻهون کي موت اچي ٿو ته جسم ته هتي ظاهرن اسان جي هٿن ۾ هوندو آهي روح پرواز ڪندو آهي بس ٿوري دير کان پوء هر طرف کان اهو پيغام ملندو آهي ته سائين جلدي ڪيو لاش کي دفن ڪيو ها مالڪ ڪائنات جي امانت آهي ان ڪري ان کي جيڏاهن اچي ٿو اوڏانهن ئي ان کي موڪليو وڃين ٿو پر انسان جنهن کي الله پاڪ ڪجهه ڏيئي ٿو ته وڏي تڪبر ۾ اچيو وڃين هي دنيا فاني آهي هٿ خالي کنيو ويندين ان ڪري تڪبر نه ڪر صبر ڪر انسان زات سان پيار محبت ڪر انسان زات کي  لڄائڻ کان بهتر هيو آهي ته نيڪي جا ڪم ڪري الله پاڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ گهرجي ، شاه سائين جي رسالي تي پوري دنيا تحقيقات ڪري رهي آهي آمريڪا هجي فرانس هجي جرمني هجي روس هجي جاپان هجي ايران هجي پاڪستان هجي هن وقت پوري دنيا جي مجبوري آهي ته  شاه جي رسالي ۾ جنهن طرح سان انسان ذات جي وصف بيان ڪئي وئي آهي ان کي پڙهي ان تي مڪمل عمل ڪري سگهون جنهن طرح سان ڏکايل دردن کي ظاهر ڪري صبر جي تلقين ڪئي وئي آهي . مان  سمجهان ٿو ته جنهن طرح سان شاه عبداللطيف رحه ڏنل فلسفي فڪر تي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته محبت پيار امن سان ئي پوري دنيا دلي سڪون حاصل ڪري سگهجي ٿو  جديد دور جدت اچي هي آهي شاه جي رسالي جا جيئن جيئن ورڪ کلن ٿا يقين ڪيو ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ شاه سائين ان وقت جي مڪمل حالات کان واقف هيا يا وري شاه سائين جن ان جاء موجود هيا ، هي ڌرتي صوفين جي ڌرتي طور سڃاڻي ويندي آهي جتي درس صوفي ازم جي ڳالهه پرچار هلي اتي شاه جي رسالي جي حيثيت تمام وڏي ٿي وڃين ٿي ان ڪري هن وقت جيڪڏهن اسان اڃان به دير ڪئي سين ته پوء شايد وقت گذري وڃين پوء هٿ ۾ ڪجهه به نه هجي  شاه سائين شاه جي رسالي ۾ پڻ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي جنهن مان اسان کي ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرجي ها پاڪستان اندر عورتن سان تمام وڏي زيادتي رهي آهي اڄ به پاڪستان اندر سونيا راجپر مسڪان ناريجو سميت ڪئي سئو نه هزارين عورتون نياڻيون انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن اڄ به پاڪستان اندر ڪارو ڪاري جا الزامات هني بي گناهه شهيد ڪيو ٿو وڃين   پاڪستان ۾ قانون هوندي به عورتن جي حقن لاء ڪجهه ناهي ٿيو ، شاه عبداللطيف ڀٽائي ان جي عاشقن پڻ ڪافي ڪجهه ٻڌيو آهي پر ان جي ڏسيل فڪر فلسفي تي ڪير عمل ڪندو ان ڪري ته اسان سڀ متفق ٿي اهو چوڻ تي مجبور آهيون ته عورتن جو عالي ڌڏينهن هوندي به اسان جي عورت اڄ به بيوس آهي لاچار آهي انهن کي بنيادي حقن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي
(ليکڪ هيومن رائيٽس واچ پاڪستان اسلام آباد جو چيئرمين آهي)

فقير هدايت علي نجفي تارڪ صوفي شاعر علامه (ابراهيم لاشاري)



عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ،
عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ،
موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ،
ذڪر چپ، ۽فڪر چپ، اسرارچپ انوار چپ.
  پنهنجي سرسبز سنڌ هونئين به صوفين ،صالحن، ولين ،نيڪ مرد، پيرن فقيرن ،درويشن  جي ڌرتي صدين کان سڏجندي پئي اچي ،هن سڪ ۽ قرب واري مٺي مٽي هر دور ۾ املهه انسانن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي  اهڙن عظيم املهه درويشن جي مالها  ۾ اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي  ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ننڍڙي شهر لالورائنڪ ۾ صوفي فقير هدايت علي نجفي تارڪ ولد فقير الهداد عرف تراب علي تنيو  29جولاءِ1894 ع آچر ڏينهن مطابق 25 محرم الحرام 1312هجري  پره ڦٽي مهل   ۾ جنم ورتو . فقير هدايت علي نجفي تارڪ شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتي جيڪو وقت جو هڪ عالم ۽ صوفي بزرگ پڻ هو سندس والد سٺي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ کانپوءَ عربي ۽ فارسي جي تعليم مدرسي ٺوڙهي شريف ۾ مولانا محب الله تنئي کانپوءِ مدرسه دارالعلوم شهر کنڊو (وارهه) ۾ مولانا خاراني صاحب کان حاصل ڪرڻ بعد سلوڪن جي راهه ۾ نوشهري فيرو جي نقشبدي بزرگ ميان صفي الله جو مريد ٿيو درياءَ خان فقير ۽ فقير نواب ولي محمد لغاري سان پڻ خاص عقيدت ٿيس پنهنجي مرشد صفي الله کان فيض وٺي اچي لالورنئڪ ۾ لنڊ واهه جي ڪپ تي آستانو اڏي سڀ لاڳاپا ترڪ ڪري ( تارڪ الدنيا) ٿي پنهنجي شآعري وسيلي اندر جي اڌمن کي ظاهر ڪندو رهيو هميشه عشق الاهي ۾ ايتري قدر محو ٿي ويو جو هر و قت عبادت ۾ مشغول رهندو هو ستن زبانن  سنڌي ،سرائڪي ، فارسي ، عربي ، هندي ، پشتو ۽ اردو جي هن عظيم صوفي  شاعر پهريان (نجفي ) تخلص اختيار ڪيو بعد ۾ (تارڪ ) سڏايائين فقير هدايت علي نجفي تارڪ مڙني خوبين جو مالڪ هوندو هو، پاڻ سدائين عبادت الاهي ۾ عمر گذاريائين صوم صلوات جو پابند هوندو هو. انسان ذات سان بيحد پيار محبت ڪندو هو علامه صاحب کي سنڌي ادب جي سڀني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هوندي هئي سندس شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ ڪافيون، ربايون ، مثنويون ،قطعات، مرثيا ، مسدس، ڏوهيڙا ، غزل ،  بيت ، مرثيه ،سلام ،نوحه منجاجات ، جهجي انداز ۾ ڇپيل آهن تارڪ سائين کي جواني جي جوڀن ۾ مجازي عشق جي مهيز  (چوٽ ) لڳي جنهن جي اثر ڪري شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين سندس عشق پنهنجي ڪنهن عزيز سان هو عشق جي ڏاڪي جي ناڪامي سبب شادي ڪرڻ جو ارادو به هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيائين پاڻ الفي پائي فقير تارڪ نجفي پيرين اگهاڙي پنهنجو ديس ڇڏي گهر کي به خير آباد چئي ٻاهر هليو ويو پنهنجي من اندر جو اظهاري پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪيو اٿين
1 عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ ،
شهر چٽ ، دوڪان چٽ ، واپار چٽ ، بازار چٽ ،
جذبئه توحيد کان تارڪ رهيو ڪينڪي ،
دوستي چٽ، دشمني چٽ ، يار چٽ ، اغيار چٽ .
تارڪ نجفي هي صوفي عارف زبردست عالم ، اديب ، ۽ بهترين نثر نويسي جي سڀني خوبين جو مالڪ هو،  هن هفت زبان شاعر عمر جي ٿوري عرصي منجهه ٻه سو (200) کن ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو،  دنيا جي گردشن ۽ لوڏن ۽ سندس جي شاعري جي مالڪي نه ٿيڻ سبب گهڻو تڻون ڪلام ڇڙوڇڙ ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪري عام ماڻهن تائين نه پهچي سگهيو ، هيترن سارن ڪتابن منجهان (چاليهارو) کن ڪتاب سندس شاگرد محترم سيد اظهر گيلاني صاحب گهوٽڪي واري جي لائبريري ۾ ته ڪي ڪتاب وري عبدالڪريم (نصرت) وٽ ۽ ڪجهه ڪتاب وري محترم مرزا اسد بيگ صاحب ۽ سندس ڀاءَ محترم مرزا اجمل بيگ جي لائبريري جي زينت بڻيا .سندس شاعري جو ڪتاب (ديوان تارڪ) سنڌي ادبي بورڊ سال 1989ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي باقي سمورا ڪتاب قلمي صورت ۾ ناياب آهن ، فقير هدايت علي نجفي تارڪ پاڻ هفت (ستن)ٻولين جي شاعر ۽ وڏو عارف، سالڪ ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي ،سندس ڪيترن ئي لقبن سان سڏيو ويندو آهي جنهن منجهه تاج الشعرا، فخرالشعرا ،خادم الفقرا، زيدته العارفين ، قدوته السالڪين ، ساقي جام ، معرفت مالڪ مجتهدالعصر سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ،سندس شاعري اعلي قسم جي آهي ۽ ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس شاعري نرالي پڻ آهي علامه تارڪ نجفي شاعري جي صنف غزل جو ته بادشاهه هو غزل جي صنف ۾  به عشق جنون ۽ جوش سان پڻ ٽم ٽار لڳو پيو آهي سندس غزل ۾ پاڻ چوي ٿو ته
عشق عشرت رنج راحت وصل هجرت چار ڏينهن
عشق الفت يا عداوت آهي مدت جا چار ڏينهن
فرشاهي ڪج ڪلاهي سو سپاهي سڀ گذر
شان شوڪت ناز نعمت تاب حشمت چار ڏينهن
يار جاني جي جواني جا ودانيڪين آهه
محب مورت خوبصورت سروقامت چار ڏينهن
علامه تارڪ سائين کي الله تعالي  اهڙو ته علم ، عقل سان نوازيو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي پاڻ شاعري جي ميدان ۾ سڀني کان نرالو ۽ منفرد رنگ رچايو آهي سندس اهڙي جهلڪ سندس شاعري جي مطالعي ڪرڻ بعد  صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي عشق جي راهه تي ٻيو سڀ ڪجهه نابود ٿي وڃي ٿوفقط عشق وڃي بچي ٿو ڪثرت ۾ وحدت نظر اچي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته
عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ
عشق جي جذبن کي پاڻ بڙ جي پاڙ سان مشابهت ڏئي پنهنجي زباني چوي ٿو ته
عشق جو اڀڙائين دل ۾ وڌي ٿو وڃي
هيڏي هوڏي ٿو هڻي جيئن پاڙ بڙ
علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو بزم مشاعره لاڙڪاڻو بزم مشاعره بلبل ۽ مشاهره ناري شريف سان به واسطو رهيو،  سندس اکر موتين جهڙا هوندا هئا ، پنهنجي هٿن مبارڪن سان حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي رح ، ۽ صوفي  شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ،حضرت سچل سرمت رح ، بيدل فقير ، بيڪس فقير ، ۽ نواب ولي محمد لغاري جو ڪلام لکيائين ان کان علاوه تارڪ سائين کي اهيو به اعزاز حاصل  آهي ته هن ڪلام الله شريف جا (ٻه) عدد پنهنجن هٿن مبارڪن سان پڻ لکيا جنهن منجهان هڪ قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو پڻ ڪيائين ، هن صوفي بزرگ هستي کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري  تي اعلي ڊگري  (پي_  ايڇ _ڊي ) جي ٿيسز پڻ لکي وئي آهي سندس شاعري متعلق سنڌ جي نامياري اديب ،عالم ، محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب تحيقي مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (ڊاڪٽريٽ) جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي آهي ، هي فقير ۽ باڪمال  هفت (ستن) زبانن جو شاعر علامه محمد فقير هدايت علي نجفي تارڪ 17 محرم الحرام 1358هجري مطابق 9 مارچ 1939ع خميس ڏينهن معمولي بخار سبب پنهنجي عزيزن ،دوستن ،فقيرن ، شاگردن ۽ عقيدمندن کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي 44سال 7 مهينا 10 ڏينهن زندگي جا ڏينهن گذاري وڃي ابدي آرامي ٿيو  علامه تارڪ سائين رحلت کان ڪجهه گهڙيون پهريان آسمان ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو ،تنهن بعد چوڻ لڳو ته هينئر (تارڪ) جي وڃڻ جو وقت ويجهو آهي بعد ۾ هي شعر پڙهائين
اسان جو سر مرڻ جي وقت هوندو يار جي هنج ۾ ،
اسان جو دفن دلبر جي ڳلي هڪ وار ٿيڻو آ .
هن مشهور صوفي شاعر جو مقبرو لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارهه ۾ موجود  آهي سندس درگاهه تي هر سال محرم الحرام جي 17 تاريخ تي 3 ڏينهن ساليانو ميلو پڻ لڳندو آهي سندس مزار تي هر اسلامي مهيني جي 17 تاريخ تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل تي ٿيندي رهندي آهي ،سنڌ جي سر سنگيت جا ڄاڻو ۽ صوفي راڳي ڳائي داد حاصل ڪندا آهن ،علامه محمد فقير هدايت علي  تارڪ نجفي  کان ڪيترن ئي شاگردن فيض ورتو جن ۾ خاص طور تي صوفي شاعر دادن فقير جويو ، حڪيم عبدالڪريم قاضي صاحب ، محترم اجمل بيگ صاحب ۽ محترم سيد اظهر گيلاني جا نالا ورتا وڃن ٿا سندس نموني طور هي شعر عرض ڪجي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته
محبوب مک پسايو مخمور ڇو نه ٿيندس ،
 چيٽڪ اکين چلايو ، چڪچور ڇو نه ٿيندس ،
 ڪيو قرب تنهنجي ڪشفي ، نه ته محو هوس مخفي ،
ڪيو نينهن تنهنجي نجفي مشهور ڇونه ٿيندس.
9مارچ 2018ع تي هن صوفي اللهلوڪ شاعر جي 79 ورسي نهايت وڏي عقيدت سان لعلو رانئڪ ۾  ملهائي ويندي

سينٽ چئرمين جي چونڊ ۾ نئون وڳوڙ آهي..؟؟(غلام مصطفيٰ جمالي)



ڏٺو وڃي ته سينٽ جي چونڊن کان پهرين پاڪستان جي سياست اندر هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري تمام گهڻو شور هو ۽ جئين ئي سينٽ الڪيشن ٿي ته کٽڻ ۽ هارائڻ وارين پارٽين هڪ ٻئي مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائڻ شروع ڪيا آهن. پاڪستان جي سياست اندر الزام بازي ڪا نئي ڳالهه ناهي.! اها الزام تراشي واري سياست پراڻي آهي. پر هن وقت جيڪي هارس ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڪري پارٽِيون هڪ ٻئي جي خلاف جا سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ توڙي اليڪٽرونڪ ميڊيا تي اچي باهه باري رهيو آهن ۽ الڪيشن ڪميشن کان اهو مطالبو به ڪري رهيون  آهن ته هوُ انهي هارس ٽرِيڊنگ معاملي تي تحقيقات ڪري. انهي ڳالهه کي سامهون رکندي الڪيشن ڪميشن وچ وارو ڪرادر ادا ڪندي 14مارچ تي انهن سمورين پارٽيون کي طلب ڪندي اهي نوٽيس جاري ڪيا آهن ته هوُ ثبوت ساڻ کڻي اچن. جنهن جي ڪري هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻي رهيا آهن،پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڇڏي ڪري بقايا سمورين پارٽين اهو مطالبو ڪيو ته تحقيقات ڪئي وڃِي. انهي ڪري انهي کي ڇڏي ڪري باقي سمورين جماعتن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن ته هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام ساڻ کڻي ڪري 14مارچ تي پيش ٿين.مان يقين سان چوان ٿو ته هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا تاريخ لکي ويندي اها زندگي ۾ ڪڏهن به نه وسرندڙ تاريخ هوندي ڇو ته انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينٽ جي چونڊ اندر ڪنهن به هڪ پارٽي جي ايتري گرفت مظبوط ئي ناهي ۽ نه ئي وٺس ايترا سينٽ جا ميمبر موجود آهن جو هوُ اڪيلي سر ويهي ڪري سينٽ چيئرمين جي چونڊ ڪن انڪري جيڪو فيصلو سمورين پارٽين کي اڪيلي سر ايوان ۾ ويهي ڪرڻ گهرجي ها اهو فيصلو هنن پارٽين اليڪشن ڪمشن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.انهي ڪري جيڪڏهن هارس ٽريڊنگ جو ڪو ثبوت ڪنهن ٻن يا چار ميمبر تي ثابت به ٿي ٿو وڃي ته پوءِ ته سينٽ جي الڪيشن سنڌي سنئي متاثر ٿيندي.جڏهن ته اپوزيشن ليڊر سائين خورشيد شاهه پهرين کان اهو چوندو پيو اچي ته هارس ٽريڊنگ واري معاملي کي ايڏو اشو نه بڻايو وڃي پر مان سمجهان ٿه سندس ڪم واري ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ آخرڪار سموريون پارٽيون الڪيشن ڪميشن کي موقعو ڏنو آهي ته هُو هرون ڀرون انهن جي خلاف ڪاروائي ڪري.هن وقت هارس ٽريڊنگ جي الزام باري ايتري تي وڌي وئي آهي جو هر پارٽي جو ميمبر پنهنجي پارٽي جي ميمبرن تي هارس ٽريڊنگ جا الزام سڌا سنوان لڳائي رهيو آهي انهي الزام ۾ ڪا به لڪي پڇي راند نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ڳالهه رومال ۾ ويڙهي پئي هنئي وڃي جيڪو به الزام لڳايو پيو وڃي اهو سڌي ريت ڪنهن تي هٽ ڪيو پيو وڃي،هن وقت ڪي پي ڪي جي اڳواڻ عمران خان ۽ ڪي پي ڪي وزير اعليٰ پرويز خٽڪ سڌا سنوان اهي الزام لڳايا آهن ته انهن جي 17 کان 20 ميمبرن هارس ٽريڊنگ ۾ حصو ورتو آهي جيڪو بيان تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي.!ٻئي طرف پنجاب جي پ پ ميمبرن جي خلاف به پ پ اها ئي ڳالهه ڪئي آهي،جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ به اها ئي هارس ٽريڊنگ واري الزام بازي ڪئي آهي جنهن کي سامهون رکندي 14مارچ تي ميان نواز شريف،مريم اورنگزيب،اميرمقام،فاروق ستار،خواجه اظهارالحسن،رضا هارون،شهاب الدين(فاٽا وارو) ۽ اغظميٰ بخاري ۽ ٻين کي طلب ڪري ورتو آهي ته هو اچي ڪري الڪيشن ڪميشن جي اڳيان ثبوت پيش ڪن،جن جا کين نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن ٻئي پاسي  اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کي الڪيشن جي حوالي سان به حتمي نوٽس جاري ڪري ڇڏي آهي.نوٽس ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون 2 لک رپيا انلسٽمنٽ فيس جمع ڪرائن، سموريون پارٽيون 2000 ڪارڪنن جي فهرست جمع ڪرائڻ جون پابند آهن، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کي 2 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 2 ڊسمبر کان پوءِ قانوني تقاضا پورا نه ڪندڙ سياسي پارٽي اليڪشن وڙهڻ جي اهل نه هوندي، سياسي پارٽيون قانوني تقاضا پورا ڪن، نه ته ڊي لسٽ ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کان اين ميل، ٽيليفون نمبر ۽ رابطن جا ٻيا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو انگ 350 کان وڌيڪ آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون پاڪستان ۾ آهن هن وقت جيڪي هارس ٽريڊنگ کي سامهون رکي ڪري ٽي وي شو ٿي رهيا آهن انهن اندر وڏي ڌوم متل آهي ته ملڪ اندر وري هڪ نئون ٻڙتال مچڻ وارو آهي جيڪڏهن ته هر ماڻهو اهو سنجيدگي سان ويهي سوچي ته الزام الڳ شِيُ آهي ۽ انهي جي خلاف ثبوت لڳل شيُ انهي ڇا انهن پارٽين وٽ ڪي ثبوت آهن جيڪي هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي رهيا آهن يا اجائي واويلا مچائي پئي وڃي.؟جڏهن ته اهو به سوچ کي مطابق درست آهي ته جيڪڏهن پارٽين وٽ ثبوت به آهن هارس ٽريڊنگ جا ۽ هوُ اهي ثبوت الڪيشن ڪميشن وٽ پيش به ڪري ٿا ڇڏين ته پوءِ ڇا ٿيندو.؟ڇا سنيٽ جي ميبرن جي نااهلي ٿيندي.؟جيڪڏهن نااهلي ٿيندي ته ڇا سينٽ جي چونڊ واپس کان ٿيندي.؟جڏهن ته هن وقت سنيٽ جي چونڊ جي حوالي سان به پارٽيون ڪنهن ميمبر تي متفق ناهن تي سينٽر ڪير ٿي. ليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ اليڪشن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سينيٽ چونڊن کانپوءِ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن پاران هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳايو ويو، عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ڪي پي ڪي جي ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف به ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ پڌرنامو به جاري ڪيو آهي، پڌرنامي موجب سينيٽ چونڊن کانپوءِ مختلف پارٽي اڳواڻن ۽ ميمبرن جا بيان شايع ٿيا جنهن ۾هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه ڪئي وئي، سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائيندڙ ثبوتن سان 14 مارچ تي پيش ٿين ته جيئن مبينه هارس ٽريڊنگ خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي  سگهجي. اليڪشن ڪميشن 8 سياسي اڳواڻن کي 14 مارچ تي صبح جو 10هين وڳي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه فاروق ستار شامل آهن ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهارالحسن، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب امير مقام عظمي بخاري پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهاب الدين پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻ رضا هارون کي به پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيسن ۾ ڄاڻايل سياسي اڳواڻن کي ذاتي حيثيت يا وڪيل جي معرفت پيش ٿي سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ بابت لڳايل الزامن جا ثبوت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

پاڻي جو بحران ۽ سنڌ سرڪار جي ڪمزور حڪمت عملي (صاحب خان ڀٽي)

سڄي دنيا ۾ پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا ڊيم ٺاهيا ويندا  ۽ انهن ڊيمن سان عوام کي فائدو به ٿيندو آهي ۽  پاڻي جي ورڇ به منصافاڻي نموني ٿيندي آهي، جنهن تي  ڪنهن کي به ڪو اعتراض  نه هوندو آهي پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ ڊيم ته ٺاهيا ويا پر ان جو فائدو عوام تائين نه پهچي سگهيو آهي، نه ئي پاڻي جو بحران ختم ٿيو  ۽ نه صوبن کي وقت تي پاڻي ملي سگهيو آهي، رڳو پنجاب  کانسواءِ ٻيا سمورا صوبا  اهي ئي دانهون ڪري رهيا آهن ته کين حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي.
جيئن ته هن ملڪ ۾ سڀ کان وڏو صوبو پنجاب آهي، تنهن جي ڪري رڳو هڪ ئي صوبي جون گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن،باقي ٻين صوبن کي نه ته حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي ۽ نه ئي وري وقت تي سندن فصل ٿي سگهن ٿا، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته ڊيمن ۾ گڏ ڪيل پاڻي مان فائدو رڳو پنجاب کي ئي ملي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل  هوندا آهن، جيئن ته ماضي ۾ پاڻي جي کوٽ نه هوندي هئي ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو هو، جنهن سان سنڌ جي ڊيلٽا تباهه ٿيڻ کان بچي ويندي هئي پر جڏهن دنيا ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جو لاڙو وڌي ويو ته  هن ملڪ ۾ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهي ڊيم رڳو اهڙي هنڌ ٺاهيا ويا جو فائدو رڳو هڪ ئي صوبي کي پهچي رهيو آهي.
پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي نه رڳو انسان جي ضرورت آهي پر زراعت توڙي صنعتن ۽ جهنگلي جيوت توڙي ٻيلن لاءِ به تمام گهڻي گهرج آهي، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري ۾ چيو هو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي ورڇ لاءِ سنجيده آهي، صوبي ۾ پاڻي جا جيڪي مسئلا آهن اهي حل ڪيا ويندا، هن واٽر پاليسي ۾ ماهرن طرفان جيڪي به تجويزون اينديون اهي جيئن جو تيئن منظور ڪيون وينديون، اسان جي ڪوشش آهي ته واٽر پاليسي ۾ صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهڙا نڪتا شامل ڪيا وڃن، جن جو فائدو به ٿئي،
ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم هائوس ۾، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان  جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اختيارين جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي مهيا ڪرڻ وارو معاملو اٿاريو ويو. جنهن تي پنجاب جي نمائندي، وفاقي حڪومت جي نمائندي پاڻي معاملي تي بحث بدران جواب ڏئي ڏيندي چيو هو ته ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جون سموريون ضرورتون سنڌ پنهنجي حصي مان پوريون ڪري. بهرحال رڳو ڪراچي جو مسئلو نه  آهي، صوبي جا ٻيا ڪيترائي شهر آهن، جن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي، اهڙي صورتحال جي ذميوار سنڌ سرڪار به آهي،
جيڪڏهن سنڌ اندر ڊيم ٺاهيا وڃن ها ته اڄ اسان وٽ به پاڻي بحران نه هجي ها، جيڪي به وفاق طرفان ڊيم ٺاهيا ويا، ان سان ته رڳو سنڌ جي ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي، هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. جيڪڏهن هاڻ سنڌ سرڪار ڪي تڪڙا اپاءُ نه ورتا ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران سنڌ جي آجپي لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويندو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ظاهري طور ڊيمن سان سنڌ کي ڪو به فائدو نه پهتو آهي، نه ئي مستقبل وفاق پاران ٺاهيل ڊيمن مان ڪو فائدو پهچندو. ارسا ۾ به جيڪي سنڌ جا نمائندا  ويٺا آهن، اهي به اڄ تائين سنڌ جي بهتر نموني نمائندگي نه ڪري سگهيا آهن.
هاڻ ڏسڻو آهي ته ڊيمن مان ضرروتون رڳو پنجاب جون پوريون ڪيون وينديون يا وري سنڌ جي پاڻي جو مسئلو به حل ڪيو ويندو، هڪ ته سنڌ ۾ فصل کي پاڻي نه ملڻ ڪري هزارين ايڪڙ غيرآباد ٿي ويون آهن ته مٿان وري بلڊر مافيا ڪامورن جي سهڪار سان وڏا وڏا رهائشي پروجيڪٽ شروع ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪري رهيا آهن ۽ انهن ئي منصوبن  لاءِ پاڻي جون رٿائون به جوڙيون پيون وڃن، مطلب ته  جڏهن به ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ٿئي ته انهن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي رڪجي نه سگهي.
ان مان صاف ظاهر آهي ته سرڪار رڳو بلڊر مافيا لاءِ سوچي رهي آهي پر سنڌ جي عوام جي کين ڪا به ڳڻتي نه آهي. جنهن سبب سنڌ جا هاري اڄ به پاڻي کوٽ لاءِ هٿن ۾ بينر کڻي پنهنجن جائز مطالبن لاءِ دربدر آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي عوام جي ٿوري به ڳڻتي هجي ها ته ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جا منصوبا نه جوڙي ها پر  سنڌ جي ماروئڙن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ به پاڻي گڏ ڪرڻ جا منصوبا جوڙي ها. سنڌ جي سياسي ۽ قومپرست ڌرين کي گهرجي ته پاڻي جي کوٽ خلاف هڪ ٿي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو وڃي، سنڌ دشمن منصوبن خلاف انهن جو احتساب ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڪاموري کي سنڌ جا حق ٻين کي ڏيڻ جي جرئت نه ٿئي.