پــي ايــس 7 تــي ٿـيـنـدڙ دنـگـل!!... (نادر حسين ڀٽي )



        نه اهــي سيــاســي اڳــواڻ رهيــا آهــن جيڪي ماضي ۾ پنهنجي عوام جي پرگهور لهندا هئا ؟ سنڌ ۾ اها سالن کان روايت هلي رهي آهي ته اليڪشن جا ڏيهاڙا ويجهو ايندي ئي سنڌ غريب عوام کي بي وقوف بڻايو ويندو آهي سنڌ جا ماڻهو ظلم ، ستم ۽ دردن جا ستايل هوندا آهن ۽ ان آسري ۾ هوندا آهن ته اڳئين دفعي نه ئي سهي پر هن دفعي وڏيري ۾ ڀلائي جي اميد ڪجي ، پر جيڪر وڏيرا صفا سٺو هندو نه ته سڄڻ کي آسرو نه ته وري دشمن کي ڀئو ! پر ان ڳالهه کي ڪير به غلط نٿو ڪري سگهي ته وڏيرن کي ۽ چونڊيل نمائيندن کي پنهنجي تڪ ۽ ڳوٺن ۽ شهر جا غريب ماڻهو تڏهن ياد ايندا آهن ، جڏهن  انهن کي اسيمبلي ۾ ٻيهر وڃڻ جا ڏينهن ويجهو ايندا آهن ائين کڻي چئجي ته اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندي هو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي عذرخواهين وارو فارمولو استعمال ڪري اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ائين ئي سنڌ صوبي جي ضلعي گهوٽڪي اندر زمين تپائيندڙ سياست جو انوکو انداز آهي، يا ائين کڻي چئجي ته يونان جي وار ڪندڙ ليڊرن جهڙو آھي، جتي عوامي خدمتن کان وڌيڪ شخصيت پرستي جو اثر وڌيڪ آهي ۽ ڊپلوميٽڪ (مفاهمت واري پاليسي) سياست سميت مذھبي اڻ ڀڻ جو مقدار وڌيڪ آھي، پنج مارچ جي چونڊ تعلقي ميرپور ماٿيلو ڏھرڪي جي تڪ تي ٿي رهي آھي، هڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيٽ تي بيٺل اميدار مرحوم احمد علي جي فرزند عبدالباري پتافي کي نامزد ڪيو ويو آھي، ته ٻئي پاسي فنڪشنل ليگ طرف ميان مجن سائين اميدوار آهي. مرحوم سردار احمد علي پتافي جي وفات کان پوءِ خالي ٿيل تڪ تي موجوده صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته ٻئين اميدوار پر اميد آھن، جڏھن ته عبدالباري پتافي سان لنڊ گروپ جو سربراهه خالد احمد خان جي وفاداري گڏ آھي، ساڳي ئي پارٽي جي ايم اين اي علي گوهر مهر سميت مهر لابي فنڪشنل ليگ اميدوار جي مڪمل پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ عبدالباري پتافي پنهنجي تڪ تي مختلف ڳوٺن سميت شھر ميرپور ۽ ڏھرڪي تي تيزي سان ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڏي عوامي لاڙو ظاهر ظهور نظر اچي ٿو، هندو ڪميونٽي جو پڻ ساٿ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سان آھي، مذھبي پيشواه ميان مجن سائين سميت درگاه ڀرچونڊي جا مريد ۽ اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو پڻ مجن سائين جي ورڪ ۾ ميدان تي لٿل آهي، هندو ڪميونٽي جي هن وقت مڪمل همدردي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ماڻهن سان آھي، جڏھن ته شر قبيلي ۽ بوزدار قبيلي سميت مهر گروپ جي حمايت مڪمل طور تي فنڪشنل ليگ جي اميدوار سان آھي، جنهن ڪري ٻنن ڌرين وچ ۾ چوٽي جو دنگل ٿيڻ جا امڪان آهي ، ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اندر ڏھن سالن جي سياست ۾ ڪو به عام ماڻھو کي فاعدو نه ڏئي سگهي آھي، اسڪول، روڊ رستا، اسپتالون، واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن ، جن کي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت ۾ اسڪولن ۾ تبديل نه ڪرائي سگهي آھي ، هتان جي عام ماڻھن جي حالت پ پ پ حڪومت مڪمل برمين جهڙي ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ناقص ڪارڪردگي سبب هن وقت مخالف وڏي پئماني تي ان موقعي جو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي اندر به ڌڙابندي آهي، جنهن ڪري اهي ڌڙا به عبدالباري پتافي جي لاءِ چئلينج بڻجي سگهن ٿا، پر تنهنجي باوجود به ڏٺو وڃي ته عبدالباري پتافي کي جيڪا عوامي موٽ آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چونڊن جا نتيجا آخر ڇا نڪرندا. ميرپور ڏھرڪي سميت ميان مجن سائين طرفان ورڪ به مڪمل تيزي سان جاري آهي، جڏھن ته سائين مجن گادي جو فائدو وٺندي پنهنجي مريدن جي مدد حاصل ڪري رهيو آهي، انهن ذريعي به ڀرپور نموني سان اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي، ان حوالي سان مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران فنڪشنل ليگ جي اميدوار ميان مجن جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پي ايس 7 تي پي ٽي آءِ پنهنجو اميدوار نه بيهارڻ سبب ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي آهي پي ايس 7 جي عوام پيپلز پارٽي پاران ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ توڙي بي روزگار نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ سبب هتان جي عوام پيپلز پارٽي کان باغي ٿي وئي آهي ، پنج مارچ جي تاريخ تقديرن ۽ تعبيرن جو فيصو آھي، جيڪو عوام جي هٿ ۾ موجود آھي، جڏھن ته ٻنن ڌرين سان عوامي همدرديون ساڻ آھن، ۽ سندس مان تمام گهڻو خوش آهن، ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن عبدالباري پتافي ڪامياب ٿي به وڃي ته ڇا هو عوامي خدمت ڪندو يا وري روايتي سياستدانن وانگر پنهنجي مفادن کي عزيز ڪري ويهندو، ٻنهي ڳالهين جا نتيجا سولا آهن، جيڪڏهن توهان عوام سان گڏ هلندا ته بيشڪ عوام توهان سان گڏ آهي، پر جيڪڏهن توهان عوام سان گڏ بيهڻ پسند نه ڪندا ته بيشڪ عوام به توهان کي ٺڪرائي ڇڏيندي ، تنهنڪري پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جي وچ ۾ دنگل ٿيڻ جو امڪان آهي

مان باغي هان، مان باغي هان جو تخليقڪار راشد مورائي (گل مورو)

ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾،
اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾.
سائين راشد سان راجپوتانه اسپتال ۾ ان ڏينهن صبح جو سوير عيادت ڪري چنڊ جي چانڊاڻ جون ساروڻيون ساري کائنس موڪلائي پنهنجي شهر نوشهروفيروز پهتس ته اوچتو مئسيج آيو ته سائين راشد زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو آهي. اهو ٻڌي نيڻن مان نير وهڻ شروع ٿي ويا. اڃان سنڌ مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ شهيد مقصود قريشيءَ جي جنازي نماز دوران ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي ته مٿان وري راشد جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي روئاري ڇڏيو هو.
مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ 5 مارچ 1944ع تي سائين سعيد علي شاهه “خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي جوڀن وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس جواب ڏيندو هو ته:-
آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي،
هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾!
سائين راشد 1974ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجندو رهيو. سندس ڪڙڪيدار آواز جي گوجن صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو، ڪڏهن به انهيءَ آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر هوندو هو. اهي ساروڻيون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيون آهن:-
وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون،
ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون،
وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون،
ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون،
اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون،
اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون،
سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد،
ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون.
سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به متارا موت کان ناهن ڊڄندا.
راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته:
پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو،
لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو.
قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن واري سفر هميشهه شامل رهيو سڄي عمر اهوئي فڪر سندس رت ۾ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي شاهه ‘خادم’ سندس ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان. چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ ته هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا نوجوانن جي رهبري ڪئي اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا.
سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (1) سنڌڙيءَ جو سوداءُ شاعري (2) مينديءَ سندا کيت شاعري ٻه ڇاپا (3) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (4) ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (5) درد ۾ دلجوئي شاعري (6) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (7) ڪافيون گيت غزل شاعري (8) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (9) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا (10) خط خوشيءَ مان کول، خط (11) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات  (12) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) (13) سڄڻ جي موڪلاڻي شامل آهن.
لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان ڌرتيءَ سان ڪميٽ مينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري تان مون گل مورو ۽ ٻين دوستن کي بنا جواز معطل ڪري جعلي شاخون موري نوشهري ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ته پاڻ احتجاجن استعيفا ڏئي ڇڏي. هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي ٻوليندو رهيو:-
اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي،
ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي.

ڪين چريي کي چور چڱو آ،
چوري چاڪ چڪائي وجهندين،
هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
مستقبل تي سوچيان ويٺو،
ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان،
دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان.
هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو. بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي جهوري وڌو هو. اهي درد و سور کڻي 71 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻي، خوشبوءِ واري واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. اڄ هو جسماني طرح هت موجود نه آهي پر لطيف ۽ جي ايم موجود آهن. جن جي ٻنهي اکين ۾ سائين راشد وارو تيج ۽ پاڻي آزاديءَ وارو عشق موجود آهي.
راشد مورائي جي مشهور نظمن ۾ ضمير چهنڊڻيون هيون، مون کي ياد ڪندو ڪر، آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان، مان باغي آهيان، مان هڪڙو ماستر آهيان عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. راشد مورائيءَ 1966 کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪا مسلسل لکندو رهيو. سنڌ جو هي انمول شاعر راشد شهيد عبدالرزاق سومري اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري، باک رسالي جو ٻانهه ٻيلي، پ ٽ الف سکر ڊويزن جو چيئرمين، ۽ آئيني ڪميٽي جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو سيڪريٽري رهيو. راشدي مورائي جي شاعري ريڊيو ٽي وي تان نشر ٿيندي رهي. سرمد سنڌي جي آواز ۾، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، آ پهچ سگهو دلدار، ۽ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي بيحد مقبول ٿيا. ان کان سواءِ جلال چانڊئي ۽ سنڌ جي هر فنڪار سندس شاعري ڳائي. هن ڪيترن شاعرن ۽ اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا.
راشد مورائي کي ماروي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ايوارڊ، شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل پاران ايوارڊ، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران گوبند مالهي 2006 ۾ ايوارڊ پڻ مليا سنڌ جو هي عوامي قومي ۽ باغي شاعر آهي هن قومي تحريڪ کي پنهنجي عمل ۽ شاعري جي ذريعي وڏي هٿي ڏني استاد بخاري جيان اسٽيج جو راڻو رهيو. جن ۾ سندس ڪيترائي قوامي تحريڪي توڙي ادبي شاگرد اڄ به موجود آهن جن ۾ خاڪي جويو ۽ تاج جويو جا نالا نمايا آهن سائين راشد مورائي جي اڄ 73هين سالگرهه تي کيس سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي.

ھڪڙو ناھي يار منھجا درد ھزار؟(عاجز انور لاشاري)



انسان رشتن ناتن کان ويندي دوستي نالي محبتن ۾ ته جڪڙيل ھو ئي پر وري سياسي تنظيمن سان لاڳاپا رکڻ بعد انسان جو ذھن دل دماغ خود انسان لا۽ ئي ھڪ بوج بڻجي رھجي ويندو آھي زميواريون وڌي وينديون آھن پر پنھجي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪي ڪوتاھيون ھرگز برداشت ناھي ڪري سگھندو اھڙي طرح ئي تلھار شھر ۾ پ پ پ جو مثالي ڪردار اھو پ پ جيالو پ پ ورڪر لڪل ۽ نظر انداز رھيو جيڪو گذريل ۽ موجود تعلقي تلھار جي قيادت خلاف سراپا احتجاج ڪندي پ پ پ کان پري رھيو گذريل دور کان اڳ به ھو تعلقي ۾ ڪٿي به ايڊجسٽ نه ڪيو پر نيٺ جڏھن ھن دفعو پاڪستان پيپلز پارٽي جي تعلقي قيادت ۾ نوجوان آيا انھن نوجوانن ۾ ھڪ نئون جذبو ۽ جوش پارٽي لا۽ جاکوڙ جدوجھد لا۽ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو انھن مان ئي ھڪ نوجوان اڳواڻ ٻيو ڪوئي نه پر گادي نشين درگاھ الله اوٻايو شاھ رضوي سيد منتظر عباس رضوي آھي جنھن پ پ پ ۾ اچي پنھجون سرگرميون جاري رکيون صدارت جا اميدوار ته کوڙ ھئا انھن ۾ ھڪ سيد منتظر عباس رضوي پڻ اميدوار ھو پر پارٽي قيادت طرفان تعلقي انفارميشن سيڪريٽري جي عھدي تي سيد منتظر عباس رضوي کي مقرر ڪيو ويو ۽ اھو ئي آ واحد اھو ئي آھي جنھن ڪافي سالن کان پ پ پ جا باغي جيالا نظر انداز جيالا اڄ واپس پيپلز پارٽي ۾ واپس آندا آھن بلڪل غلام مسلم عرف پپني جتوئي ھي اھو پ پ پ جيالو آھي جيڪو ايم آر ڊي جي دور ۾ جيالن سان گڏ ئي رھيو ان دور ماما نواز جتوئي ۽ زاھد حسين خواجه پڻ جيلن ۾ واڙيا ويا پر وقتن به وقت ماما نواز آخرڪار پ پ پ جي باغي جيالي سابق صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان نڀاء ڪيو ۽ زاھد حسين پ پ پ ڇڏي مسلم ليگ ن جوائن ڪئي پر آخرڪار زاھد حسين خواجه به واپس پنھجي اباڻي پارٽي ۾ واپسي ڪئي سال 2017 ۾ زاھد حسين به پ پ پ ۾ واپس آيو پر ماما نواز مرزا گروپ ۾ ئي شامل رھيو پر ھي غلام مسلم عرف پپني جتوئي جنھن پ پ پ ۾ رھي پ پ پ تعلقي قيادت سان ڀغاوت جاري رکي پ پ پ ڇڏي نه سندس بغاوت ڪٿي به قيادت ايڊجسث جو موقعو نه ڏئي سگھي نه ئي پپني پرچائڻ ۾ تعلقي ۾ قيادت جا اڳواڻ ڪامياب پڻ ٿيا پر نيٺ سيد منتظر عباس رضوي جي پ پ پ ۾ اچڻ بعد ناراض جيالن ۾ وٺ پڪڙ ۽ واپسي جي ڪرن نظر آئي پپني جتوئي پنھجي بيان ۾ ھڪ دفعو چيو ھو ته 1986 ۾ مونکي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ھڪ سرٽيفيڪيٽ ڏنو ھو اھو ئي مليل پيار کڻي تعلقي قيادت ڏانھن وڃي ڏيکاري پٽ لا۽ نوڪري گھريم جيڪا پيسن عيوض ڏني وئي پر سا به ريگيولر نه ڊيلي ويجز اھو ڏک کڻي جڏھن وري تعلقي قيادت سان مليس ته سرٽيفيڪٽ اڇلائي ڏنا ويا انھي ڏينھن سال 2010 کان ئي تعلقي قيادت خلاف احتجاج جاري رکيا تازو پپني جتوئي احتجاج درد جاري رکيو پر تنھن جو سيد منتظر عباس رضوي نوٽس وٺندي پاڻ گھر وڃي ملاقات ڪئي ۽ سمورن مسئلن کي حل ڪري ڏيارڻ جو يقين پڻ ڏياري واپس پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ لا۽ تيار ڪري ورتو پپني پنھجو درد سيد منتظر اڳيان روئي نيان ڪيو پپني چيو ته پٽ جي نوڪري لا۽ گھرواري جون سون جون واليون گروي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو تعلقي قيادت کي پ پ پ جي آئين منشور تي ھلڻ گھرجي ايم آر ڊي دور ۾ جڏھن پ پ پ جيالا جيلن ۾ واڙيا ويا تڏھن پارٽي جا چيرمين ۽ اڳواڻ جيلن ۾ ھند بسترا پڻ ڏيڻ ايندا ھئا حال به پڇندا ھئا پر ھي تعلقي تلھار جي قيادت نارآض جيالن جي دروازن تي وڃي ڪڏھن پرچايو نه سيد منتظر عباس رضوي پ پ پ ۾ ھڪ نئون چھرو آھي جنھن پارٽي ۾ ايندي پنھجون سرگرميون سچائي سان جاري رکيون آھن منھجو درد سوشل ميڊيا تي پڙھي پرچائڻ آيو ۽ اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراھ جو جنم ڏينھن ملھائڻ جي ڪلھ ئي دعوت پڻ ڏني جنھن تي اڄ عوامي پريس ڪلب ۾ سالگراھ تقريب ۾ شامل پڻ ٿيا آھيون سالگراھ تقريب ۾ رٺل جيالا غلام مسلم عرف پپني ۽ پورو پريوار استاد محمد رحيم سولنگي سميت ٻيا به جيالا موجود رھيا سيد منتظر عباس رضوي ھڪ نه ٻه ڪيڪ وٺي آيو جيڪو ھڪ پنھجي نالي سان ۽ ھڪ پپني جتوئي نالي سان عاجز ڌامراھ جي سالگراھ جو ڪيڪ ڪاٽيو سالگراھ جي موقعي تي سيد منتظر عباس رضوي جيڪي سٽون چيون اھي ھي آھن پ پ پ جو ڪو به جيالو نظر انداز يا پري نه رکيو ويندو ۽ جيالو يا ڪارڪن يا پارٽي جو اعلي عھديدار ڇو نه ھجي انھي جي ھر خوشي ۾ شريڪ ٿينداسين ۽ ڏکن ۾ به پپني سالگراھ جي موقعي تي پ پ پ پرچم تي ھٿ رکي سيد منتظر عباس رضوي سان وچن ڪندي چيو ته مرشد اوھان سان تاعمر نڀاء جاري رکبو اوھان جو ھر حڪم اکين تي جيڪو ڪم تعلقي اڳواڻن کي ڪرڻ گھرجي ھا سو اھو ھڪ ئي منتظر عباس رضوي ڪري ڏيکاريو اڃان به ھڪ آھي گادي نشين درگاھ عمر شاھ پير محفوظ الاھي شاھ قادري جيڪو به تلھار ۾ پ پ پ سان وابسته تعلقي صدارت جو اميدوار ھو پر عھدن جو جڏھن فصل لٿو تڏھن ونڍي مان پير محفوظ کي صدارت ته نه ملي پر پنھجا پير جھلي سائيڊ وٺي ويھي رھيو ھاڻ پير محفوظ آھي پ پ پ ۾ پر اعلي قيادت جي فيصلي کانپو۽ دلي ڏک مليو شايد پر پو۽ پ پ پ نه ڇڏي اٿس سيد منتظر عباس ۽ سيد پير محفوظ الاھي شاھ ھي ٻه نوان پ پ پ ۾ چھرا ھئا نوجوان به ٻن مان ھڪ ئي سيد منتظر عباس رضوي کي پ پ پ تعلقي ۾ انفارميشن جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو جڏھن ته پير محفوظ الاھي ۽ زاھد حسين خواجه کي ڪو به تعلقي يا سٽي ۾ عھدو ملي نه سگھيو في الحال تعلقي انفارميشن سيڪريٽري اڪيلي سر پنھجون سرگرميون جاري رکندو اچي خبر ناھي ڇو نواجوان اڳواڻ سيد منتظر عباس رضوي ۾ تعلقي قيادت خوش به آھي يا وري نه ھي وري ايندڙ وقت ۾ پتو پوندو في الحال ڪافي سالن کان نظر انداز جيالن پ پ پ ۾ واپس انٽري ڪئي ۽ جشن پڻ ملھايا آھن وديڪ ايندڙ اليڪشن ۾ ئي پتو پوندو ته ڪھڙا ٿا رسن ۽ رٺلن کي پرڇائيندا ڪھڙا..

بجلي جو بحران ۽ وفاق جون ناانصافيون.!!!( غلام مصطفيٰ جمالي)



اسانجي موجوده سياستدانن جيڪي2013واري عام اليڪشن جي مهم دوران ۾ پاڪستاني قوم سان جيڪا وعده ڪيا هئا ته پاڪستان کي هڪ ترقياتي راهه جي طرف کڻي وڃبو،پاڪستان مان غربت جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو ڪيو ويندو،نوجوان کي نوڪريون ڏنيون وينديون قوم جي هر فرد کي سندس ضرورت زندگي جون سهوليتون فراهم ڪيون وينديون. جڏهن ته ميان برادرن صاحبن وڏي عام هڻي ۽ فخريه لهجي ۾ هر جلسي اندر اها ڳالهه بار بار دهرائي ته اسان جيڪڏهن اقتدار ۾ آياسين ته اسان جو پهريون فرض اهو هوندو ته ملڪ مان لوڊشيٽنگ جو هميشه هميشه لاءِ خامتو ڪيو ويندو.پر اڄ چار سال انهي حڪومت جي اقتدار هوندي ڏسجي ته ملڪ اندر اهڙي ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن جي ڪري موجوده سياستدانن جو گڻ ويهي ڳائجن.عوام اڄ به هڪ وقت جي لولي لاءِ پريشان آهي ۽ اڄ به انهي روڊن جي ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪري جي تلاش لاءِ پريشان ڦرندڙ نوجوان جون ڊگهيون قطارون ه ڏسڻ ۾ اچن پيون جيڪي کٽڻ بجاءِ هر ڏيهن وڌي رهيون آهن.جڏهن ته ملڪ اندر ڏسجي ته هر ماڻهو ڏکي زندگي گذاري رهيو آهي.هر انسان پنهنجي زندگي مان معطمين ناهي.ڪنهن کي گهريلو زندگي جي پريشاني ته ڪنهن کي بي بيروگاري جي پريشاني ته ڪنهن کي ملڪ اندر وڌندڙ مهنگائي جي پريشاني ته ڪنهن جي مارڪيٽ ۾ هر روز وڌندڙ قميتن جي پريشاني.ڪو به اهڙو ناهي جو چوي ته مان پنهنجي زندگي مان پريشان ناهيان.آخر عوام کي انهن پرشانين ۾ ڪنهن مبتلا ڪيو.انهي ئي حڪمرانن جن اقتدار ۽ اچي ڪري وڏين گاڏين جي هڪ ڊگهي قطار جي پروٽوڪول جي نشي اندر عوام جي دردن کي وساري ڇڏيو.نواز حڪومت اها ڳالهه ته وڏي هام سان ڪئي هئي ته اقتدار جي اچڻ سان ئي ٽن مهينن جي اندر ملڪ مان بجلي جي لوڊشينگ ختم ڪئي ويندي.پر ٽي مهينا ته پري رهيا پر ٽي سال گذري ويا آهن جو عوام بجلي جو لوڊشيٽنگ جو آزارڀوڳي رهي آهي ملڪ جي ٻهراڙين کي هڪ پاسي رکي ڪري پاڪستان جي روشين جي شهر ڪراچي تي هڪ نظر وجهو ته گذريل چار مهينن اندر ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ اندر گذريل سال به ڪيترائي شهرين مري چڪا هئا جڏهن ته ڏسجي ته انهن بي گناهن عوام جو اهين مري وڃڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ناهي جنهن کي اهين وساري ويهي رهجي.هن وقت به ڪراچي شهر اندر قهر جي گرمي آهي ۽ بجلي جي هڪ ڊگهي لوڊيشنگ عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هن سال به گرمي پد وڌي وڃڻ ڪراچي واسين جي زندگين جي ذيان ٿيڻ جو اهم سبب بڻجي سگهي ٿو.پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اڄ به ڪراچي جا شهر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊيشنگ خلاف رستن تي نڪتل آهي ،پر سندس ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ،انهي ڪري اهو سوال انهن کان به ته ڪجي ته اوهان ئي چيو هو ته ملڪ مان لوڊسيٽنگ جو خاتمو ڪيو ويندو پوءِ هي ڪراچي جي عوام جي موت ڪنهن جي کاتي ۾.؟؟ جڏهن ته ٽن مهينن اندر لوڊشٽنگ ختم ڪرڻ وارا هاڻ اهو چئي رهيا آهن ته 2018۾ لوڊشينگ ختم ڪئي ويندي پر 2018۾ لوڊشٽنگ ختم ٿئي اهڙي ڪا به هلچل ڏسڻ ۾ نه پئي اچي ۽ نه ئي حڪومت انهي معاملي ۾ سنجيدا آهي.وزيراعليٰ پنجاب جيڪو پاڻ کي خادم وطن ٿو سڏرائي اهو ڇو خاموش آهي ۽ هاڻي ڇو مينار پاڪستان تي هٿ وار پنکا کڻي ڪري پنهنجي حڪومت خلاف احتجاج ڇو ڪون پيو ڪري.؟ وڏا دهل شرنايون وڄائي ڪري وڏي رقم پاڪستاني خزاني مان ڪڍي ڪري نندي پور پاور پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو ويو.۽ روشني فراهم ڪرڻ وارو منصوبو خد روشين کان محروم رهجي ويو.جڏهن ته انهي منصوبي جي بند ٿيڻ کان پوءِ ميان نواز شريف هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي ته هڪ مرده منصوبي ۾ جان ڪئين وجهي پر ڏسجي ته اها ڳالهه راءِ عمل ۾ اچي ٿي يا رڳو جان ڇڏائڻ جو چڪر آهي .!! جڏهن ته اهو منصوبو ق ليگ جو هو جيڪو سابق وزيراعظم محمد ميان سموري2007 ۾ شروع ڪيو هوجنهن جي شروعاتي خرچ39ملين آمريڪي ڊالر هو جئين ته هن منصوبي جي منظوري اي سي سي2007۾ ڏني جڏهن ته وزير خزانه انهي رقم جي قرضي جو يقين ڏياريو.پر ڏسجي ته انهي دور کان هن دور حڪومت کان صرف هڪ بجلي جو معاملو به حل ناهي ٿي سگهيو اها حڪومت عوام کي ڪهڙو لاڀ ڏئي سگهندي مان سمجهان ٿو ته وفاق هٿ سان سنڌ کي اونڌاهين کي طرف کڻي وڃي رهي آهي پر انهي وفاق کي ڪير سجهائي ته سنڌ ۽ سنڌين جو به هن ملڪ تي ڪو حق آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت خلاف ۽ سنڌ ۾ بجلي، گئس جي بندش ۽ پاڻي جي سپلائي ۾ ناانصافي خلاف چڪرا بازار موهني بازار نوابشاهه ۾ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪيو جنهن خطاب دوران چيو ويو ته نواز شريف صرف بجلي چور نه پر هتان جي مزدور، زراعت جي دشمن آهي، نواز شريف 2013 جي عام چونڊن ۾ عوام سان وڏي ۾ وڏو ڪوڙ ڳالهائي ووٽ ورتو هئو ته مان چونڊن بعد ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻيندس، پر ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بجاءِ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.سنڌ حڪومت جي ڳالهه اها اکين تي پر اهو سنڌ حڪومت کان به هڪ سوال آهي ته اوهانکي سنڌ جي عوام اڄ ڇو ياد آئي آهي جڏهن ته اوهان به اقتدار جا پنج سال پورا ڪري چڪا آهيو ۽ هن وقت صوبي سنڌ جا واڳ ڌڻي آهيو،پوءِ اوهان پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ صوبي کي ڪهڙو لاڀ ڏنو.؟ جڏهن ڏسجي ته اڄ به سنڌ جي  عوام لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻن هڻڻ تي مجبور،سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت سنڌ جي سرحدي ضلعي ٿرپارڪر ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي ڊگهي بندش ماڻهن جو جيئڻ تان روح کڻائي ڇڏيو آهي. ضلعي جي شهرن هيڊڪوارٽر مٺي، تعلقن ڏيپلي، ڇاڇري، ڏاهلي، ڪلوئي، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي،جڏهن ته سنڌ ته ٻين وڏن شهر جن ۾ لاڙڪاڻو،سکر،ميرپورخاص ۽ بدين اندر جي بجلي جي لوڊشِيٽنگ انساني زندگي کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي،جڏهن ته ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار رڪارڊ 17 هزار 720 ميگا واٽ تائين پهچي وئي آهي. گذريل سال رمضان ۾ 19 جون تي 17 هزار 430 ميگا واٽ جي رڪارڊ پيداوار ٿي هئي. ۽ ٻئي پاسي خواجا آصف اهو به  چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي، بجلي وافر هئڻ جي باوجود انهن علائقن کي بجلي نه ڏينداسين. 2018ع ۾ به بجلي بحران ختم ڪري ڇڏيندي،انڪري مان آصف خواجه صاحب کان صرف هڪ سوال اهو تو ڪيان ته بجلي چوري رڳو سنڌ صوبي ۾ ته نه ٿي رهي آهي،جيڪڏهن سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي ته ڇا پنجاب جا شهري بجلي چوري ۾ ملوث ناهن ڇا پنجاب ۾ بجلي چوري نه پئي،؟مان يقين سان چوان ٿو ته بجلي جيتري سنڌ ۾ چوري ٿيندي آهي اوتري ٻين صوبن ۾ چوري ٿيندي هوندي،پر ٻين صوبن سان اهڙو ويل ناهي جهڙو سنڌ صوبي جي عوام سان ڪيو پيو وڃي ۽ افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي عوام کي رڳو آسرن ۾ رلايو پيو وڃي ۽ هي قوم به رڳو آسرن تي پلجي رهي آهي سندس واهر ڪرڻ وارو ڪير ناهي

سر عام سماج جو قتل عام !؟(وقار عباسي/خيرپور ناٿن شاهه)



اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به جتي انسان ٻين سياره گرهن تي مريخ جيان نئيون دنيائون تعمير ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ اسان پراڻي دور جي ڳڌين ريتن رسمن ۽ منگڙت سوچن ۾ اڄ به اسان جو عوام هڪ ذهني معذور بيڻل آهي انهن رسمن جي پيروڪاري ڪندي اڄ به حوا ڄائي ۽ آدم جو رت وهي رهيو آهي، اسان وٽ جتي دنيا  ترقي يافته ملڪ کي ڏسي وري جڏهن پاڻ تي هڪ نظر رکون ٿا ته اڄ به اسان وٽ اهڙين ريتون رسمون منگڙت فيصلا عروج تي پهتل آهن اسان جو ايندڙ نسل انهن ڳڌين فرسوده رسمن جي ائين پيروڪاري ڪري رهيو آهي، ڄڻ وڏن کان مليل ڪو ڏاج هجي اها اسان جي سوچ جي ڪيڏي نه وڏي غربت آهي، اسان وٽ اڄ به ذهني معذور اڄ به انهن ڳڌن ڪمن کي رسمون سمجهي نڀائي رهيا آهن هڪ وڏو علميو اهو به آهي ته اڄ به اسان وٽ ڪارو ڪاري، نياڻي جي قرآن پاڪ سان شادي ڪرائڻ، سڱ چٽي ۾ نياڻي جا احساس مارڻ پر انهن مان ڪارو ڪاري نالي تي هڪ رسم عام ٿي آهي جنهن ڪيترن هي بيگناهن کي هن سماج جي ڏاڍن هٿان غيرت جي نالي تي مارائي ڇڏيو، جنهن ڪيترين ئي اڇي ۽ پاڪ پوتئر کير جهڙين نياڻين کي به ڪارنهن جو الزام ڏئي ڪارو ڪري ماريو آهي،  جيڪڏهن ڪو ڏوهاري به آهي ته سماج ۾ قانون نالي به هڪ ادارو هوندو آهي جيڪو اتان جي زميني حقيقتن جي رهڻي ڪرڻي جي امن جي ساک کڻي ان حلف تي هلندو آهي ته اتان جو امن امان اهي قانون جا رکوالا برقرار رکندا ۽ اڻوَڻندڙ واقعن کي منهن ڏئي عوام جي خوشين کي برقرار رکندا،
 پر هتي اسان وٽ اهو قانوني نظام ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ها اهي ٻه جيڪي عام لفظ آهن غريب ۽ امير غريبن لاءِ هڪ نظام هڪ قانون ته امير لاءِ ٻيو  قانون سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن اهو قانون ٻن حصن واري ڪٿا جو حصو بڻيو آهي ؟ آخر اسان وٽ اهڙي سڄاڳي ڇو نه ٿي اچي ؟ ماڻهون سجاڳ ٿي پون جڏهن ته اسان وٽ ڪيتري وقت کان فلاحي ادارا اين جي اوز کان ويندي انساني حقن جي پاسداري جا پيروڪار جن هنن ڳڌين ريتن  رسمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙيو انهن اڻٿڪيون محنتون ڪيون ان ۾ فنڪارن به پنهنجو ڪردار نڀايو ٿيٽر ڪري ۽ ان ڳڌين رسمن بابت ماڻهن کي آگهائي ڏئي اجاگر ڪيو ته وقت بدلجي ويو آهي اونداهي کي ڇڏي سج جي روشني جيان روشن جهان جو پاسو وٺي اهڙين رسمن جو خاتمو آڻيو ساڳي جڳهه تي سماجي تنظيمن پڻ پاڻ ملهايو ۽ سيميار ڪرائي ماڻهن کي شعور ڏيڻ واري واٽ ۽ گس تي هلڻ سيکاريو، جڏهن ته هڪ طرفان قانون هوندي به اهڙي برائين جي خاتمي لاء ڪي عمل جوڳيو اپاء ڇو نه ٿا ورتا وڃن جيڪو هن موضوع جو وڏو سوال بڻيل آهي ؟ ته آخر ڇو ڇا لاء ۽ ڪيستائين؟
  وقت بدلجندو رهيو ماڊرن دور آيو پر افسوس اڄ به اسان سوچ نه مٽائي سڳهياسين ۽ ان رسمن جي نالي تي حوا جون ڌِيون  ۽ آدم جا پٽ سرعام گولين، ڪهاڙين ۽ پٿرن  جو کاڄ بڻجن ٿا اهڙو کاڄ  جنهن جو ڪو والي وارث به ناهي ڇو ته اهڙي قيامت غريبن جي گهرن تي گهڻو ڪڙڪي ٿي، آخر ڪيستائين ؟قانون جنهن جي مٿي مان ڳالهه ڪئي اهو حفاظت بدران اگر ڌر بڻجي ته پوءِ ڪير دانهي ڪير عوام ڪير غريب ڪير امير ؟ ڪجهه ڏينهن پهريان رتيديرو ۾ ظهور نالي ڳڀرو نوجوان پنهنجي مامي جي دعوت تي ويو سندس وني به گڏ وئي، ته ماما جي دعوت آهي ۽ ننڍڙو ڀاءُ به ساڻس گڏ ويو، سڄو ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ظهور کي اها خبر نه هئي ته هي سماج ان کي اڄ کان پوءِ ساهه کڻڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ پنهنجا ئي هن جي رت جا پياسي ٿي پوندا هن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو، رات جي ٽائيم پنهنجي گهر واري سان  گڏ ستل نوجوان کي گهر واري سامهون قانون جي رکوالي اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ منظور سيانچ نوجوان ظهور سيانچ کي بيگناهه 50 سالن جي ڪراڙي عورت سان ڪارو ڪرار ڏئي پنهنجي گهرواري ۽ ننڍي ڀاءُ سامهون ماري ڇڏيو غريب هجڻ ڪري ڪير والي وارث به نه ٿيو ظهور جهڙا الائي ڪيترا نوجوان ان رسم جي نالي تي ڪٺا ويا، جيڪو ظلم ناحق ڪيتري ٽائيم کان اسان جي ارڌ گرڌ چڪر ڪاٽي رهيو آهي!  ظهور سيانچ جي گهرواري ۽ ڀاءۡ صدمي ۾ بيهوش نوجوان سان گڏ سندس جي ڀائرن، ماءُ ۽ سندس جي ڳورهاري وني جي اميدن جو قتل پڻ ٿيو، اهڙي قيامت برپا ڪندڙ سانحي تي آخر سرڪار طرفان ايڪشن ڇو نه کنيو ويو،؟  اسان وٽ وڏيرا شاهي نظام جي ذهن اهڙين رسمن جي نالي تي ذاتي پلاند ڪري غريبن جا گهر اجاڙين ٿا. ۽ پوءِ غيرت جو نالو ڏئي ان ڳالهه کي ائين ماٺ ٿا ڪرائن جو ڪجهه ٿيو ئي نه هجي ! ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ ڪٺو ويو، ته ڪنهن ماءُ جو جگر ڇِنو ويو، ڪنهن پيُ جو سهارو کسيو ويو. ڪنهن عورت جو جيون ساٿي ڏور ڪيو ويو ها اهو به سچ آهي ته  اسان وٽ مير پير ڀوتارن سامهون ڪنهن جي به نه هلندي آهي ڇو ته هو ان علائقي جا بادشاه هوندا آهن انڪري پوليس خاموشي جو مظاهرو ڪندي سنڌ پوليس جي عملدار جي ونگار وهندي نظر پئي اچي ها جي ٿيندو ته به ڇا ٿيندو اڄ اهو ڪيس لوڙهجي ويندو سڀاڻي وري ڪنهن ٻئي ظهور سيانچ کي ماريو ويندو ۽ انهن جي لاشن جي سرعام بيحرمتي ڪئي ويندي ها ان عورتن کي وري به بغير غسل  دفنايو ويندو! اسان جي سماج ۾ اهڙا وقعا روز جو معمول بڻيل آهن، اسان جي سماج ۾ اهڙي واقعن کي ڏسندي پري پري تائين انصاف جو نالو نشان ئي ڪونهي ڪو آخر ڇو ؟ آخر ڇو ؟ اڄ به سنڌ ۾ اهڙين رسمن کي ٿيندي ڏسندي اها سوچ پئي اچي ته اڃا سماج ۾ ذهني غربت موجود آهي الائي ڪڏهن سنڌ مان اهڙين رسمن جو انت ايندو ۽ ماروئڙا خوشين ۾ جهومندا اها سنڌ ڏسڻ لاءِ روح سِڪي پيو، موجوده دور ۾ اهڙين رسمن خلاف سرڪار سخت ايڪشن کڻي ته پوءِ ان تي ظابطو آڻي سگهجي ٿو شهيد نوجوان ظهور جي امڙ انصاف جي منتظر آهي ۽ ان جي گهر واري ان آس ۾ آهي ته شل ڪو اهڙو واءُ وري جو انصاف هن فاني دنيا ۾ ملي.
ڪڏنهن ديس تو ۾ سڌارا به ڏسبا
۽ پيرن تي بيٺل ادارا به ڏسبا