ٿيندي چانڊاڻ هن چوڦير ۾،
اچ ته نڪري هلون، جلد منهن ڦير ۾.
سائين راشد سان راجپوتانه اسپتال ۾ ان ڏينهن صبح جو سوير عيادت ڪري
چنڊ جي چانڊاڻ جون ساروڻيون ساري کائنس موڪلائي پنهنجي شهر نوشهروفيروز پهتس ته
اوچتو مئسيج آيو ته سائين راشد زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو آهي. اهو ٻڌي نيڻن مان
نير وهڻ شروع ٿي ويا. اڃان سنڌ مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشيءَ جي
ڀاءُ شهيد مقصود قريشيءَ جي جنازي نماز دوران ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي ته مٿان وري راشد
جي وڇوڙي سڄيءَ سنڌ کي روئاري ڇڏيو هو.
مهراڻ جي ڪپ ڀرسان ڳوٺ جوڻالي ۾ 5 مارچ 1944ع تي سائين سعيد علي شاهه
“خادم” جي گهرڙي ۾ اک کوليندڙ سائين راشد مورائيءَ کان پنهنجي اباڻي جنم ڀوميءَ جي
جوڀن وارن ڏينهن ۾ جڏهن به دنيا جي ريتن رسمن بابت ڪو سوال ڪندو هو ته هڪدم کيس
جواب ڏيندو هو ته:-
آ دنيا جي رسم ڪين ناراض ٿي،
هرڪو ڇاڙپ هڻي ٿو پڪل ٻير ۾!
سائين راشد 1974ع ڌاري موري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. سائين جي
ايم سيد جي فڪري دان سان قومي عشق جي آلاپن کي پنهنجي گيتن نظمن ۽ واين توڙي
تحريرن ۾ سمائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻيجل جو آواز بڻجي گونجندو رهيو. سندس ڪڙڪيدار
آواز جي گوجن صدين کان پوءِ به قائم رهندي، هن باغي شاعر جو ايمان، سنڌ ۽ سيد هو،
ڪڏهن به انهيءَ آزاديءَ جي ڪنڊائين واٽ تي هلڻ کان انڪار نه ڪيو. هن کي پنهنجي
اولاد کان وڌيڪ سنڌ جي آزادي ۽ آجپي ۾ ايمان رکندڙ فڪري اولاد جو تمام گهڻو فڪر
هوندو هو. اهي ساروڻيون هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيون آهن:-
وڃن شال وسري وسارڻ جون ڳالهيون،
ڪيون اچ ته الفت اجارڻ جون ڳالهيون،
وري دل ۾ آڻي ڌنارن جون ڳالهيون،
ڌڪاري ڪڍي ڇڏ، ڌڪارڻ جون ڳالهيون،
اوهان وٽ مرڻ ۽ مارڻ جون ڳالهيون،
اسان وٽ جيئڻ ۽ جيارڻ جون ڳالهيون،
سڏي ڪي سڄڻ سان سڄي رات راشد،
ڪبيون سنڌڙيءَ جي سنوارڻ جون ڳالهيون.
سنڌ جي سنوارڻ جون ڳالهيون راشد جي روح ۾ سمايل هيون، هن ڌرتيءَ سان
عشق ڪيو هو، هي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر هو، هي ته موکيءَ جو متارو هو، هونئن به
متارا موت کان ناهن ڊڄندا.
راشد جي اڏول ڪردار سندس اٽل ارادن ۽ اصولن کيس تمام وڏو ماڻهو بڻائي
ڇڏيو هو. دوستن جو دوست، هيڻن جو همدرد، ڌرتي ماتا جي عشق ۾ سرشآر، هر ماڻهوءَ سان
محبتون ونڊڻ وارو انسان هو. سندس موري وارو مهمان خانو قومي ورڪرن ۽ قومي سوچ جو
درسگاهه هو، اهڙي ئي تصور ۾ پنهنجي غزل ۾ لکيائين ته:
پرين پنهنجي عزت جو خيال رکجو،
لکن جي ڪارپت جو خيال رکجو.
قومي تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي سن واري سفر هميشهه شامل
رهيو سڄي عمر اهوئي فڪر سندس رت ۾ گردش ڪندو رهيو. ڪڏهن مايوسي کي ڀرسان اچڻ ئي نه
ڏنائين، سائين راشد شاعر ابن شاعر هو، سندس والد صاحب سيد سعيد علي شاهه ‘خادم’ سندس
ٻئي وڏا ڀائر سيد روشن علي شاهه “روشن” ۽ معصوم علي شاهه “نماڻو” پڻ شاعر هئا. هن
شاعريءَ جي علم جي الف ب به پنهنجي والد صاحب کان سکي ۽ انهيءَ وٽان ئي شاعريءَ جا
ديوان پڙهيا، سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙيل هجڻ ڪري، ون يونٽ، ٻولي تحريڪ، ايم آر
ڊي، پاڻي جدوجهد پورهيت تحريڪ يعني ته هر تحريڪ ۾ مان باغي هان. مان باغي هان.
چوندو رهيو، ماٺ ڄڻ ته هن اڏول انسان لاءِ مهڻو هجي، هن جيڪو اتساهه بخشيو ۽ جيڪا
نوجوانن جي رهبري ڪئي اها اسان سڀني لاءِ اڄ به اوتري اهم آهي، ادب جي حوالي ۾
شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون، مضمون، مقالا به لکيا.
سائين راشد سنڌي ادب کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن تن ۾ (1) سنڌڙيءَ جو
سوداءُ شاعري (2) مينديءَ سندا کيت شاعري ٻه ڇاپا (3) دل جو شهر شاعري ٻه ڇاپا (4)
ديوان راشد شاعري ٻه ڇاپا (5) درد ۾ دلجوئي شاعري (6) شعلا شعلا واءُ ۾ شاعري (7)
ڪافيون گيت غزل شاعري (8) پاڻيءَ تي پهرو (ڪهاڻي) (9) اڳتي تاڻ امنگ جي مضمون خاڪا
(10) خط خوشيءَ مان کول، خط (11) ڏات جي ڏيهه ۾ راشد بابت تاثرات (12) راشد سان رهاڻ (راشد جا انٽرويو) (13) سڄڻ جي موڪلاڻي شامل آهن.
لڳ ڀڳ ايترائي ڪتاب سندس اڻ ڇپيل پڻ آهن. سائين راشد جي واتان هي لفظ
گونجندا هئا ته ڌرتي به زندگيءَ جي سچائي مان هڪ آهي. راشد پنهنجو پاڻ کي سنڌ
ڌرتيءَ جي ملوڪ ماڻهن لاءِ ارپي ڇڏيو هو. سندس شاعري توڙي ڪردار ۽ اصولن مان
ڌرتيءَ سان ڪميٽ مينٽ جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو جڏهن ڊاڪٽر
ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري تان مون گل مورو ۽ ٻين دوستن
کي بنا جواز معطل ڪري جعلي شاخون موري نوشهري ۽ ٻين شهرن ۾ کوليون ته پاڻ احتجاجن
استعيفا ڏئي ڇڏي. هن مهان شخص کي نه عهدي نه خوشامد جي ڳڻتي هئي هن جو ايمان سنڌ
هئي، جدوجهد ۽ جاکوڙ آزادي ۽ آجپي جو حوصلو ڏيندڙ راشد آخري گهڙين تائين ٻيجل بڻجي
ٻوليندو رهيو:-
اٿو ته ظلم جي خلاف هاڻي علم کوڙجي،
ڪو نئون سماج جوڙجي، ڪو نئون جهان جوڙجي.
ڪين چريي کي چور چڱو آ،
چوري چاڪ چڪائي وجهندين،
هوريان ڏاڍيان لوچيان ويٺو،
مستقبل تي سوچيان ويٺو،
ڏاڍو آءُ ڏکايل آهيان،
دوست گهڻو ڪجهه گهايل آهيان.
هي گهڻو گهايل هو، ديس جي دردن ۽ سنڌوءَ جي سڪ هن کي نهوڙي ڇڏيو هو.
بيماري واري حالتن، پنهنجي جوان پٽ شاهه عنايت جي جدائي، هن جي جيءَ کي جهوري وڌو
هو. اهي درد و سور کڻي 71 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٿڌڙا ٿڌڙا
ساهه کڻي، خوشبوءِ واري واءَ گهلڻ جيان هليو ويو. اڄ هو جسماني طرح هت موجود نه
آهي پر لطيف ۽ جي ايم موجود آهن. جن جي ٻنهي اکين ۾ سائين راشد وارو تيج ۽ پاڻي
آزاديءَ وارو عشق موجود آهي.
راشد مورائي جي مشهور نظمن ۾ ضمير چهنڊڻيون هيون، مون کي ياد ڪندو
ڪر، آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان، مان باغي آهيان، مان هڪڙو ماستر آهيان عوام ۾ ڏاڍا
مشهور آهن. راشد مورائيءَ 1966 کان ڊائري لکڻ جي شروعات ڪئي جيڪا مسلسل لکندو
رهيو. سنڌ جو هي انمول شاعر راشد شهيد عبدالرزاق سومري اڪيڊميءَ جو سيڪريٽري، باک
رسالي جو ٻانهه ٻيلي، پ ٽ الف سکر ڊويزن جو چيئرمين، ۽ آئيني ڪميٽي جو ميمبر، سنڌي
ادبي سنگ سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ موري شاخ جو سيڪريٽري رهيو. راشدي مورائي
جي شاعري ريڊيو ٽي وي تان نشر ٿيندي رهي. سرمد سنڌي جي آواز ۾، دل جي ويران رڻ تي
ڪڪر بانورا، آ پهچ سگهو دلدار، ۽ مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي بيحد مقبول ٿيا. ان کان
سواءِ جلال چانڊئي ۽ سنڌ جي هر فنڪار سندس شاعري ڳائي. هن ڪيترن شاعرن ۽ اديبن جي
ڪتابن جا مهاڳ ۽ مضمون پڻ لکيا.
راشد مورائي کي ماروي اڪيڊمي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ايوارڊ،
شاهه عبداللطيف آرٽ سرڪل پاران ايوارڊ، ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز پاران
گوبند مالهي 2006 ۾ ايوارڊ پڻ مليا سنڌ جو هي عوامي قومي ۽ باغي شاعر آهي هن قومي
تحريڪ کي پنهنجي عمل ۽ شاعري جي ذريعي وڏي هٿي ڏني استاد بخاري جيان اسٽيج جو راڻو
رهيو. جن ۾ سندس ڪيترائي قوامي تحريڪي توڙي ادبي شاگرد اڄ به موجود آهن جن ۾ خاڪي
جويو ۽ تاج جويو جا نالا نمايا آهن سائين راشد مورائي جي اڄ 73هين سالگرهه تي کيس
سڄي سنڌ عزت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿي.
No comments:
Post a Comment