پاڪستان جي
سياست اندر سينٽ جي چونڊن کي وٺي ڪري وڏو سياسي هلُ هنگامو هلي رهيو هوُ،هڪ پاسي
سينٽ جي چونڊ جو چرچو عام هو جنهن اندر سموري جماعتن مان عمران خان ۽ آصف علي
زرداري حڪومتي سياسي پارٽي توڙي ٻين سياسي پارٽين تي ڀاري نظر اچي رهيا هئا ته
انهي پاڪستان جي سياست اندر پاڪستان ملسم ليگ ن جي اڳواڻ ميان نواز شريف ۽ سندس
پارٽِي جي وزيرخارجه مٿان مس ۽ ميان نواز شريف مٿان موچڙن جو وسڪارو هو،ميان نواز
شريف جي هڪ جسلي اندر موڇڙو لڳو ته هڪ جلسي اندر خواجه آصف مٿان مس هاري هئي جيڪو
عمل سياسي توڙي عوامي ماحول جي لحاط کان مذمت جوڳو عمل آهي،جنهن جي نه رڳو پاڪستان
ميڊيا توڙي پاڪستاني عوام به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ته سياسي جا رنگ روپ اصول ڀلي
ڪهڙا به هجن ته انهن جي موچڙن ۾ نه ٿو تورِي سگهجي،جڏهن ته سنيٽ جي چونڊن کان
پهرين پاڪستان جي سياست اندر وري پئسن واري سياست جو رواج ۾ عام نظر اچي رهيو هو. ڏٺو
وڃي ته سينٽ جي چونڊن کان پهرين پاڪستان جي سياست اندر هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري
تمام گهڻو شور هو ۽ جئين ئي سينٽ الڪيشن ٿي ته کٽڻ ۽ هارائڻ وارين پارٽين هڪ ٻئي
مٿان هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳائڻ شروع ڪيا . پاڪستان جي سياست اندر الزام بازي ڪا
نئي ڳالهه ناهي.! اها الزام تراشي واري سياست پراڻي آهي. پر هن وقت جيڪي هارس
ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڪري پارٽِيون هڪ ٻئي جي خلاف جا سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ توڙي
اليڪٽرونڪ ميڊيا تي اچي باهه باري رهيو آهن ۽ الڪيشن ڪميشن کان اهو مطالبو به ڪري
رهيون آهن ته هوُ انهي هارس
ٽرِيڊنگ معاملي تي تحقيقات ڪري. انهي ڳالهه کي سامهون رکندي الڪيشن ڪميشن وچ وارو
ڪرادر ادا ڪندي 14مارچ تي انهن سمورين پارٽيون کي طلب ڪندي اهي نوٽيس جاري ڪيا آهن
ته هوُ ثبوت ساڻ کڻي اچن. جنهن جي ڪري هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام هڻي رهيا
آهن،پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڇڏي ڪري بقايا سمورين پارٽين اهو مطالبو ڪيو ته تحقيقات
ڪئي وڃِي. انهي ڪري انهي کي ڇڏي ڪري باقي سمورين جماعتن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن
ته هوُ هارس ٽريڊنگ جا الزام ساڻ کڻي ڪري 14مارچ تي پيش ٿين.مان يقين سان چوان ٿو
ته هارس ٽريڊنگ کي وٺي ڪري هن وقت پاڪستان ۾ جيڪا تاريخ لکي ويندي اها زندگي ۾
ڪڏهن به نه وسرندڙ تاريخ هوندي ڇو ته انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينٽ جي چونڊ
اندر ڪنهن به هڪ پارٽي جي ايتري گرفت مظبوط ئي هئي ۽ نه ئي وٺس ايترا سينٽ جا
ميمبر موجود هئا جو هوُ اڪيلي سر ويهي ڪري سينٽ چيئرمين جي چونڊ ڪن ها.ان وقت جيڪو
فيصلو سمورين پارٽين کي اڪيلي سر ايوان ۾ ويهي ڪرڻ گهرجي ها اهو فيصلو هنن پارٽين
اليڪشن ڪمشن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.انهي ڪري جيڪڏهن هارس ٽريڊنگ جو ڪو ثبوت
ڪنهن ٻن يا چار ميمبر تي ثابت به ٿي ٿو وڃي ته پوءِ ڇا انهن سنيٽر جي سزا ملندي يا
نه.؟اپوزيشن ليڊر سائين خورشيد شاهه پهرين کان اهو چوندو پيو اچي ته هارس ٽريڊنگ
واري معاملي کي ايڏو اشو نه بڻايو وڃي.برحال هاڻي سينٽ جي الڪيشن ٿي چڪي آهي ۽
انهي سنيٽ جي الڪيشن اندر پاڪستان جي اتحادي پارٽين پاڪستان پيلزپارٽي ۽ پاڪستان
تحريڪ انصاف جي پارٽي جي چونڊيل اميدوار ميدان ماري ورتو آهي ۽ سندس چونڊيل صادق
سنجراڻي سينٽِ جي اليڪشن کٽي ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي چونڊيل
اميدوار راجه ظفرالحق انهي ميدان ۾ شڪست کاڌي آهي،پاڪستان جي اتحادي پارٽي جي
اڳواڻ ٽوٽل 57 ووٽ سان راجه ظفرالحق کي شڪت ڏني جڏهن ته انهن اتحادي پارٽين جي ڪل
ووٽن جي تعداد 52 هئي،۽ انهي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي ووٽن جي تعداد 53 هئي
۽ ٽوٽل پنج اهي ووٽ جيڪي عين ٽائيم تي ميان نواز شريف جو ساٿ ڏئي ڪري اتحادي
پارٽين ۾ شريڪ ٿيا انهن يقين پڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته سڄو ڪمال پئسي جو آهي
سمورو سينٽ پسئي سان خريد ڪيو ويو آهي،سنيٽ جي الڪيشن جي لاءِ ٽوٽل 104مميبرن کي
ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو پر هڪ ووٽ جيڪو اسحاق ڊار جي صورت ۾ بيمار هجڻ سب پاڪستان نه اچي
سگهيو انڪري ٽوٽل 103ميمبرن ئي ووٽ ڪاسٽ ڪيا.103ووٽن مان ٽوٽل ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ هڪ
به ووٽ اهڙو به هو جيڪو نه آيو ۽ ان ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو هجي ٽوٽل جا ووٽ ڪاسٽ ٿيا
جڏهن ته سينٽ جي چونڊ هلي رهي هئي ان وقت پاڪستان جي سموري ميڊيا انهي سنيٽ جي
اليڪشن کي فوڪس ڪري رهي هئي ۽ وڏا وڏا تجزيڪار انهي اليڪشن کي سامهون رکندي پنهنجا
تجزيا ڏئي رهيا هئا،مان پريشان آهيان ته جنهن پارٽي جا ٽوٽل 53ووٽ هئا انهي 47ووٽ
حاصل ڪيا ۽ جنهن پارٽي جا ٽوٽل 51ووٽ هئا انهي 57ووٽ حاصل ڪيا،۽ وڏي آرام ۽ اطمنان
سان اهي تجزيڪار انهي تي بحث ڪري رهيا هئا ڄڻ ڪا معمولي ڳالهه هجي،جڏهن ته ڏٺو وڃي
ته پاڪستان مسلم ليگ ن جا ٽوٽل ڇهه اهڙا ووٽ جيڪي مخالف ڌر ڏانهن ويهي ويا.جيڪا
هارس ٽريڊنگ جي ڳالهه هڪ معمولي ڳالهه سمجهي ڪري انهي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو پئي ويو اهو
هارس ٽريڊنگ ته شڪ مان پڪ ۾ تبديل ٿي ويو،ڇو ته اها ڳالهه سڀني جي سامهون آهي ته
ميان نواز شريف جا ٽوٽل ووٽ 53هئا جنهن مان کيس صرف 47ووٽ پيا ته باقي جا ووٽ ڪنهن
جي حصي ۾ وڌا ويا ۽ ڪنهن وڌا،سنيٽ جي چونڊن دوران پرائيڊنگ آفسير يعقوب ناصر صادق
سنجراڻي کي 57ووٽ کڻي ڪري ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ۽ اعلان ڪيو جڏهن ته يقوب
سنجراڻي جي يعقوب ناصر حلف نامو پڻ کڻايو ۽ کيس پروٽوڪول جي ذريعي سندس ڳوٺ پڻ
پهچايو ويو،سنيٽ جي الڪيشن کان پهرين سينٽ جي چونڊ لاءِ چار ڪاميٽيون ٺاهيون ويون
هينون،سنيٽ جي الڪيشن کان آصف علي زرداري ۽ عمران خان هڪ ٻئي تمام گهڻا مخالف هئا
پر عمران خان ڪهڙي به صورت ۾ اهو نه ٿي چاهيو ته سنيٽ جي چيئرمين پاڪستان مسلم ليگ
ن جو هجي انهي ڪري عمران خان آصف سان سموريون رنجشون ختم ڪري سينٽ جي چونڊن ۾ سندس
ساٿ ڏنو،برحال اها به ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته هت پاڪستان جي سياست اندر ڪجهه ٿيندي
دير ناهي ٿيندي ڪالهوڪو ڏينهن آهي اڃان جنهن ڏينهن عمران خان اهو صاف چئي رهيو هو
ته زرداري هاڻ اوهانجي واري پر سياست جي انا ۾ عمران خان اهو سڀ ڪجهه وساري نواز
شريف سان هلندڙ جنگ ۾ آصف علي زرداي جو ساٿ ڏنو.برحال عمران خان به هڪ سياسي ليڊر
آهي کيس پاڪستان جي جهوريت اندر اهو حق حاصل آهي ته هوُ ڪهڙي به طرف پنهنجي سياست
جو رخ موڙي سگهي ٿو،انهي سياسي اندر عمران خان ۽ آصف علي زرادي سينٽ جي چونڊن اندر
پنهنجو اتحاد مظبوط ڪيو ۽ انهي مظبوط اتحاد سنجراڻي کي سنيٽ جو چيئرمين بڻائي
ڇڏيو.برحال سنيٽ جو چونڊ ٿي وئي ۽ حڪومت ڌر اڪثريت سان هارائي وئي ۽ اتحادي پارٽين
سينٽ جي چونڊ کٽي ورتي،ڪالهه سينٽ جي چونڊ کي وڏي ڪري اتحادي پارٽين نعرا هڻي
رهيون هنيون ۽ جيت جو جشن پڻ ملهائي رهيو هنيو ته ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن
انهي کي هارس ٽريڊنگ جو الزام ڏئي رهي هئي ۽ ن ليگ اڳواڻ اهو چئي رهيا هئا ته
ڪالهه جيڪي هڪ ٻئي لٽيرو ۽ ڌاڙيل چئي رهيا هئا انهن ملڪ اندر هڪ نئي سياست متعارف
ڪرائي آهي جيڪا هارس ٽيڊنگ جي جنم ڏئي ٿي،برحال سنيٽ ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي هٿن
مان ويو هليو ۽ آصف ۽ اتحادي کڻي ويا پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا 14مارچ تي سياست
پارِٽيون هارس ٽريڊنگ جا ثبوت کڻي الڪيشن ڪميشن وٽ پيش ٿين ٿيون يا نه..
سينيٽ چيئرمين لاءِ سياسي ڌرين جي ڳٺ جوڙ/ اعجاز ممنائي
سينيٽ
چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ چونڊ اڄ ٿيڻي آھي ان سلسلي ۾ ايوان جي ٻنھي وڏين
پارٽين پي پي ۽ ن ليگ ۾ صلاح مشورا ٿي رھيا آھن ۽ اڳوڻي چيئرمين تي ٻنھي جو اتفاق
ٿي ويو آھي ان کان اڳ سينيٽرن جي چونڊ ۾ جيڪو ڪجھہ ٿيو اھو پوري دنيا پنھنجي
اکين سان ڏٺو ان تي ھن وقت راءِ قائم ڪرڻ وقت جو زيان ھوندو ڇوته انھن سينيٽرن جو
نوٽيفڪيشن به نڪري چڪو آھي ھاڻ اھي سينيٽر آھن پر ھتي اھا ڳالھہ
ضرور ڪرڻي پوي ٿي ته اسان وٽ ماضيءَ ۾ به اميدوار چونڊون وڙھندا رھيا آھن ۽ انڌا
منڊا فيصلا قبول ڪندا رھيا آھن پر ماضي قريب ۾ ھر چونڊ جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو
آھي ھر ھارايل اميدوار پنھنجي شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي ۽ اسان جي اليڪشن
ڪميشن به چئن يا پنجن سالن تائين ڪيس ھلائي ڪنھن ھڪ اميدوار جي حق
۾ فيصلو ڏيئي ٿي تيستائين اسيمبليءَ جي مدت به ختم ٿي وڃي ٿي سو اگر سينيٽرن سان به
اھا ئي ساڳي حالت آھي بھرحال پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان ته پنھنجي سينيٽرن
لاءِ واضح چئي چڏيو ته اھي پئسا وٺي سينيٽر ٿيا آھن جڏھن ته ايم ڪيو ايم نواز ليگ
۽ جماعت اسلامي سميت سمورين ڌرين اھو ساڳيو اعتراض واريو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪئي
آھي ۽ سينيٽرز خريد ڪيا آھن پر وري اھي ساڳيون پارٽيون پي پي جو چيئرمين آڻڻ
لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رھيون آھن عمران خان ته نواز شريف ۽ زرداريءَ سان ھٿ ملائي ھلڻ کي
گناھان ڪبيرا قرار ڏيندي چيو آھي ته ائين ڪرڻ سان سندن سموري جدوجھد ناڪام ٿي
ويندي پر يو ٽرن اھڙو ڏنو جو سڄي قوم کي ڏندين آڱريون اچي ويون پاڻ اھي سڀ ڪرپٽ ۽
ويڪو سينيٽر کڻي وڃي بلوچستان جي وڏي وزير جي ھٿ ۾ ڏنا ته ھنن کي سوگھو ڪر ان وزير
اعليٰ وري وڃي زرداريءَ سان ھٿ ملايو ۽ چيو ته اھي سڀ سينيٽر پي پي اميدوار کي ووٽ
ڏيندا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته غلط نہ
ٿيندو ته عمران خان اڻ سڌي طرح زرداريءَ جي اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي آھي ھتي
مونکي ھڪ قصو ياد اچي ويو آھي ته ھڪ راشي آفيسر عمري جي سعادت حاصل ڪري آيو سڀئي
کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ويا ۽ ھرڪو ڪانہ ڪا شيءِ پاڻ سان گڏ کڻي
ويو پر ان صاحب ڪابه شيءِ وٺڻ کان انڪار ڪيو ٽن ڏينھن کان پوءِ ھُو آفيس آيو ۽
سڀني ملازمن کي چيائين ته ھاڻي اھو ساڳيو ريٽ نہ ھلندو مان جيڪو خرچ ڪري
آيو آھيان اھو جلد ڪڍڻو آھي ايتري ۾ ھڪ شخص پنھنجو فائيل ۽ ھڪ لفافو کڻي آيو ته صاحب
فائيل وٺي ڏٺو ۽ لفافي ڏي نھاري چيائين اھو مونکي نہ ڏي اھو سامھون جيڪو ڪوٽ
ٽنگيل آھي ان ۾ وجھي اچ ڇوته مان رشوت وٺڻ کان توبھہ ڪري ڇڏي آھي اھي نانگ آھن
جنھن ڪري مان انھن ۾ ھٿ نہ وجھندس ھمراھہ
اھو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ کيس چيائين صاحب پوءِ اھي پئسا ڪير کڻندو چيائين اھو ڪوٽ
منھنجي زال گاڏيءَ ۾ رکندي آھي ۽ گاڏيءَ مان کڻندي آھي منھنجو ان ڪوٽ سان وسطو نہ
آھي سو عمران خان به ان زال وارو ڪردار اپنايو آھي انڪري سڀني سينيٽرن واري رقم
بني گالا واري گھر تي پھچائي ٽين شاديءَ وارو سمورو خرچ پورو ڪرڻ جو چيو ويو ھونءَ
به عمران خان جي پوري سياست يو ٽرن سان رھي آھي جنھن ڪري سندس پراڻا ساٿي به ساڻس
گڏ ھلڻ لاءِ تيار نہ آھن سندس سياسي سنجيدگيءَ جو اندازو
ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو پاڻ جنھن پارليامينٽ جو ميمبر آھي تنھن کي ئي گھٽ وڌ
ڳالھائيندو رھيو آھي جيڪو پارليامينٽ کي گاريون ڏيئي تنھن جا سينيٽر چوڻ ڪيئن ڪندا
انڪري قانون ساز اسيمبلي لاءِ سنجيدہ سياستدان ھجڻ ضروري آھن ۽
ٻيو ته چيئرمين لاءِ اھڙو برددبار ماڻھو ھجي جيڪو مخالف ڌر کي گڏ وٺي ھلڻ سان گڏ
ملڪي مفاد لاء ڪم ڪري جيڪڏھن ٻين ادارن وانگي ھن اھم عھدي تي به سياستدانن تجربا
ڪرڻ شروع ڪيا ته پوءِ ملڪ جو خدا ئي حافظ ھوندو ڇوته ڳچ عرصي کان پاڪستان ۾
صوبائي خودمختياري هڪ ٻرندڙ مسئلو پئي رهي آهي. 1973ع واري متفقه آئين ۾ واعدو ٿيل
هو ته ڏهن سالن ۾ يعني 1983ع تائين ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري صوبن کي مڪمل خودمختياري
ڏني ويندي. 1973ع وارو آئين جيئن ته چونڊيل ايوان،
سياستدانن ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ڌرين ڏنو هو پر 1975ع ۾ جمهوريت تي راتاهي ۽ اڳتي
هلي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي سولي چاڙهڻ بعد لاڳيتي
ضيائي آمريت جي ڪري آئين ۾ جيڪي جمهوري ڌرين واعدا ڪيا هئا سي اڻپورا رهجي ويا ۽
انهن واعدن کي وري اڳتي اچي جمهوري ڌرين ئي 2008ع وارين عام چونڊن کان پوءِ 18هين
آئيني ترميم منظور ڪري اڳتي وڌايو، ان آئيني ترميمي ۾ ميان رضا رباني جو ڪردار اهم
هو، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي انڪري مخالف ڌر به رضا ربانيءَ کي ٻيھر
چيئرمين بنائڻ جي تجويز سامھون آندي آھي پاڪستان اندر اڄ جي دور ۾ جيڪي چند غير
تڪراري ۽ سڀني لاءِ قابل قبول سياسي شخصيتون آهن، تن ۾ ميان رضا رباني جو نالو به
سرفهرست آهي. ميان رضا رباني هاڻوڪي سينيٽ جو چيئرمين هو جيڪو پنهنجو مدو پورو
ڪري ويو آهي پر پارٽي جي ٽڪيٽ تي سينيٽر وري به چونڊجي ويو آهي.
>
> عام چونڊون ھن ئي سال ٿيڻيون آھن ان کان اڳ سينيٽ جون چونڊون ٿي رھيون آھن، جنهن جي مرحلي دوران بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، حڪمران جماعت نواز ليگ جي سربراهه يعني اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي سپريم ڪورٽ جي طرفان نااهل ٿيڻ ۽ پارٽي صدر جي حيثيت ۾ هن طرفان ڪيل سڀئي فيصلا رد ڪرڻ کانپوءِ نواز ليگ جا سينيٽ اميدوار پارٽي ٽڪيٽ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهيا. هن وقت عددي لحاظ کان سينيٽ ۾ نواز ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. اصولي طور تي سينيٽ چونڊن لاءِ اها پنهنجي اتحادين سان گڏجي اميدوار آڻي سگهي ٿي پر صورتحال انتهائي مختلف آهي. هڪ ته آزاد اميدوار، ٻيو بلوچستان مان جيڪي سينيٽر چونڊيا آهن،سي ۽ ٽيون فاٽا جي سينيٽرن جي اهميت وڌي وئي آهي. جوڙ ٽوڙ جي عمل مان عوام تائين ۽ دنيا تائين ڪو سٺو نياپو ناهي ويو، بهتر ٿيندو ته سياسي ڌريون دل وڏي ڪري سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪن، ڇاڪاڻ ته هي جيڪي وقتي لوڏا ۽ لاها چاڙها آهن، لازمي آهي ته پاڪستان اندر چونڊيل ادارا، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ڌرين کي قبولڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو جو هتي جمهوريت ۽چونڊيل حڪومتون گهٽ عرصو پر اڻ چونڊيل ۽ جمهوريت تي راتاهون هڻندڙ ڳچ عرصو حڪومت ۾ رهيون آهن. پاڪستان کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ جو واحد طريقو جمهوريت ئي آهي. جنهن لاءِ سياسي ڌرين کي ڪنهن راند جو حصو ٿيڻ بدران پنهنجي ضمير، منشور ۽ نظرئي موجب، اڳتي وڌي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن ملڪ جو عوام پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري سگهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪالهه دير سان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين لاءِ بلوچستان سان تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي کي پارٽي طرفان اميدوار نامزدڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. صادق سنجراڻي، جنهن جي حمايت تحريڪ انصاف به ڪري چڪي هئي ته بلوچستان جو وڏو وزير قدوس بزنجو به ڪري چڪو آھي ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته قانون ساز اسيمبليءَ لاءِ صادق سنجراڻي ڪيتري قدر سنجيدگيءَ سان سسٽم کي ھلائي ٿو جيڪڏھن نواز ليگ ان تي اتفاق ڪيو ته پوءِ مخالف ڌر ۾ ڪير ويھندو ان جو اڃان فيصلو ٿيڻو آھي جيڪڏھن مخالف ڌر نہ بڻي ته پوءِ فيصلا ھڪ طرفہ ٿيندا ۽ اھي فيصلا ملڪ ۽ قوم لاءِ ھاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا
>
> عام چونڊون ھن ئي سال ٿيڻيون آھن ان کان اڳ سينيٽ جون چونڊون ٿي رھيون آھن، جنهن جي مرحلي دوران بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، حڪمران جماعت نواز ليگ جي سربراهه يعني اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي سپريم ڪورٽ جي طرفان نااهل ٿيڻ ۽ پارٽي صدر جي حيثيت ۾ هن طرفان ڪيل سڀئي فيصلا رد ڪرڻ کانپوءِ نواز ليگ جا سينيٽ اميدوار پارٽي ٽڪيٽ بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهيا. هن وقت عددي لحاظ کان سينيٽ ۾ نواز ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. اصولي طور تي سينيٽ چونڊن لاءِ اها پنهنجي اتحادين سان گڏجي اميدوار آڻي سگهي ٿي پر صورتحال انتهائي مختلف آهي. هڪ ته آزاد اميدوار، ٻيو بلوچستان مان جيڪي سينيٽر چونڊيا آهن،سي ۽ ٽيون فاٽا جي سينيٽرن جي اهميت وڌي وئي آهي. جوڙ ٽوڙ جي عمل مان عوام تائين ۽ دنيا تائين ڪو سٺو نياپو ناهي ويو، بهتر ٿيندو ته سياسي ڌريون دل وڏي ڪري سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪن، ڇاڪاڻ ته هي جيڪي وقتي لوڏا ۽ لاها چاڙها آهن، لازمي آهي ته پاڪستان اندر چونڊيل ادارا، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ڌرين کي قبولڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو جو هتي جمهوريت ۽چونڊيل حڪومتون گهٽ عرصو پر اڻ چونڊيل ۽ جمهوريت تي راتاهون هڻندڙ ڳچ عرصو حڪومت ۾ رهيون آهن. پاڪستان کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ جو واحد طريقو جمهوريت ئي آهي. جنهن لاءِ سياسي ڌرين کي ڪنهن راند جو حصو ٿيڻ بدران پنهنجي ضمير، منشور ۽ نظرئي موجب، اڳتي وڌي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن ملڪ جو عوام پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري سگهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ڪالهه دير سان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين لاءِ بلوچستان سان تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي کي پارٽي طرفان اميدوار نامزدڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. صادق سنجراڻي، جنهن جي حمايت تحريڪ انصاف به ڪري چڪي هئي ته بلوچستان جو وڏو وزير قدوس بزنجو به ڪري چڪو آھي ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته قانون ساز اسيمبليءَ لاءِ صادق سنجراڻي ڪيتري قدر سنجيدگيءَ سان سسٽم کي ھلائي ٿو جيڪڏھن نواز ليگ ان تي اتفاق ڪيو ته پوءِ مخالف ڌر ۾ ڪير ويھندو ان جو اڃان فيصلو ٿيڻو آھي جيڪڏھن مخالف ڌر نہ بڻي ته پوءِ فيصلا ھڪ طرفہ ٿيندا ۽ اھي فيصلا ملڪ ۽ قوم لاءِ ھاڃيڪار به ٿي سگھن ٿا
سنڌ يونيورسٽي جا اداس پاڇا ؟/ سرمد ڀرڳڙي
ڄامشوري جي
هوائون جي شهر ۾.جنم وٺندڙ سنڌ.يونيورسٽي جٿي شاگرد سياست جو جنم.ٿيو جٿي اديب
دانشور جو پڻ سنڌ.يونيورسٽي اندر ڪافي وقت کان شام جا اداس پاڇا رقص پيا ڪن سنڌ.يونيورسٽي
اندر هاڻي پوليس اسٽيشن جو بنياد رکڻ.جو فيصلو افسوس.جهڙو آهي سنڌ يونيورسٽي جي
گذريل وقت تي نظر جيڪڏهن وجهجي ته اسان کي اها به پڻ.خبر پوندي ته ، اڄ کان ڪافي
ڪجه وقت پهريان يونورسٽي اندر فورس جو اچڻ روز جو معامول هيو ۽ فورس جي ڇاوڻي پڻ.هئي
جنهن ڪري سنڌ.يونيورسٽي اندر ڪو به سماجي سائنسي يا وري ثقافتي پروگرام ڪونه ٿيندو
هيو اهو ان ڪري جو فورس اهي پروگرام.ملهائيڻ به ڪونه ڏيندين هئي تاريخ شايد آهي ته
دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ فورس کي اها اجازت ناهي ته ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ اچي
پر اسان ان بيوس معاشري ۾ پيا رهو جٿي اسان جي تعليم تي به پابندي لڳل هوندي آهي
فورس جي ڇاوڻي کان پو هاڻي پوليس اسٽيشن جو بنياد وجهڻ افسوس جوڳو عمل آهي.تعليمي
ادارن اندر جٿي نوجوان طبقي کي اظهار جي آزادي هوندي آهي جٿي سياست جي آزادي هوندي
آهي پر سنڌ اندر ۽ ناهي سنڌ جي هر تعيلمي ادارن ۾ فورس جا پاڇا هن ، تازو ڪاله
واري اخبار ۾ ايا ڳاله پڙهڻ لاء ملي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ
ڪٿان جو قانون آهي پهريان فورس آهي نوجوان طبقي جي سياست تي پابندي لڳي ۽ سياسي
سماجي پروگرام ۾. پڻ.هاڻي پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ وارو
فيصلو ۽ جيڪڏهن قائم ٿي به وئي.ته پو اسان جو نوجوان طبقيو ڊاڪٽر يا انجنئير ٿيڻ.بجائي
باغي ٿيندو سو هي فيصلو پوري سنڌ.لاء ناقابل برداش آهي جيترو جلدي ٿي سگهي هن
فيصلي کي واپس ورتو وڃي هن سان رڳو پروگرام ته پابندي نه پر نوجوان طبقو ڊپريشن جو
شڪار ٿيندو سو ان ڪري سنڌ ۾.جيڪي به تعليمي ادار آهن اسڪول جا ڪاليج يا يونورسٽي
انهن سڀني مان فورس کي نيڪالي ڏني وڃي ڇو ته يونورسٽي ڪو دهشتگردن جو گهر ناهي جو
ان مٿان فورس ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪئي وڃي يونيورسٽي علم ادب اخلاق ۽ تاريخ جو گهر
آهي جٿي شعور ۽ محبت پيار جو پڙاڏو.ملندو آهي جٿي ڪو دهشتگرد نه پر ايجوڪيٽ نوجوان
هوندا آهن جيڪي پنهنجي سماج کي تبديل ڪرڻ جا.خواب ڏسندا آهن ،
دهشتگر يونيورسٽي ۾ نه پر اوهان جي شهرن ۾ هن انهن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت آهي مدرسن اندر ٻارن تي ذهني جسماني تشدد جيڪو ڪيو وڃي ٿو انهن کي گرفتار ڪرڻ.جي ضرورت آهي سنڌ اندر جنسي حراسا ڪندڙ بي لغام وڏيرن جي پٽ آزاد گهمن پيا انهن خلاف ڪارووائي ڪرڻ.جي ضرورت آهي باقي علم.جو درس ڏيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليس اسٽيشن جي ڪا به ضرورت ناهي ، اسان اهو سمجهون ٿا ته هي اسان جي اظهار جي آزادي تي پابندي هوندي هي اسان جي علم.شعور اسان جي ثقافت.تي پابندي هوندي هي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب ته پابندي هوندي ، هڪڙي ڳاله واضع آهي ته پنجاب اندر ڪنهن به يونورسٽي ۾ فورس ناهي بس سنڌ ۾ جيڪي به يونورسٽيون آهن انهن ۾ فورس ڇو مطلب سنڌ لاء ٻيو نظام اوهان اسان جي تعليمي ادارن ۾ فورس ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪري اهو دنيا کي ٻڌايو ٿا ته سنڌ جو نوجوان طبقو دهشتگرد آهي ، پر هي عمل ڪڏهن به سنڌ جو با شعور نوجوان برداش نه ڪندو ،جيڪڏهن سنڌ يونورسٽي ۾ پوليس اسٽيشن قائم.ٿي ته پو يونيورسٽي اندر راڪاس جو رقص هوندو جٿي بي گناھ نوجوان.هر روز گرفتار ڪيا ويندا جٿي نوجوانن کي سياست ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويندو جٿي ثقافت جو ڏينهن ملهائيڻ ته نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ پو شاگرد ته بچندا ڪونه ڇو بس فورس جو رقص هوندو ، ۽ يونيورسٽي جو ماحول پڻ خراب ٿي ويندو.
دهشتگر يونيورسٽي ۾ نه پر اوهان جي شهرن ۾ هن انهن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت آهي مدرسن اندر ٻارن تي ذهني جسماني تشدد جيڪو ڪيو وڃي ٿو انهن کي گرفتار ڪرڻ.جي ضرورت آهي سنڌ اندر جنسي حراسا ڪندڙ بي لغام وڏيرن جي پٽ آزاد گهمن پيا انهن خلاف ڪارووائي ڪرڻ.جي ضرورت آهي باقي علم.جو درس ڏيندڙ سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليس اسٽيشن جي ڪا به ضرورت ناهي ، اسان اهو سمجهون ٿا ته هي اسان جي اظهار جي آزادي تي پابندي هوندي هي اسان جي علم.شعور اسان جي ثقافت.تي پابندي هوندي هي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب ته پابندي هوندي ، هڪڙي ڳاله واضع آهي ته پنجاب اندر ڪنهن به يونورسٽي ۾ فورس ناهي بس سنڌ ۾ جيڪي به يونورسٽيون آهن انهن ۾ فورس ڇو مطلب سنڌ لاء ٻيو نظام اوهان اسان جي تعليمي ادارن ۾ فورس ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪري اهو دنيا کي ٻڌايو ٿا ته سنڌ جو نوجوان طبقو دهشتگرد آهي ، پر هي عمل ڪڏهن به سنڌ جو با شعور نوجوان برداش نه ڪندو ،جيڪڏهن سنڌ يونورسٽي ۾ پوليس اسٽيشن قائم.ٿي ته پو يونيورسٽي اندر راڪاس جو رقص هوندو جٿي بي گناھ نوجوان.هر روز گرفتار ڪيا ويندا جٿي نوجوانن کي سياست ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويندو جٿي ثقافت جو ڏينهن ملهائيڻ ته نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ پو شاگرد ته بچندا ڪونه ڇو بس فورس جو رقص هوندو ، ۽ يونيورسٽي جو ماحول پڻ خراب ٿي ويندو.
ارڙيءَ جي راڪاس جا سنڌ مٿان لامارا ..!!/احسان مستوئي
سنڌ ۾ هڪ
اهڙو مرض تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي جيڪو معصوم جانين جو دشمن بڻجي ويو آهي،
سرديءَ جي موسم ختم ٿيندي ئي گرمي جي موسم اچڻ سان گڏوگڏ هيءَ جان ليوا مرض به سنڌ
۾ داخل ٿيندو آهي، جيڪو هن وقت معصوم ٻارڙن جي جان جو دشمن بڻجي
سنڌ اندر داخل ٿي ويو آهي، جيڪو معصوم ٻارڙن
موت جو شڪار بڻائي رهيو آهي، ان خطرناڪ مرض يعني ان موت
جي راڪاس جو نالو آهي ارڙي جيڪو هن وقت سنڌ جي معصوم ٻارڙن تي موت جو راڪاس بڻجي
سندن مٿان لامرا ڏيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ٿوري عرصي ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون
ڳڙڪائي چڪو آهي، هن مرض ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي ورتيون آهن، ڪيترن
ئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون ارڙيءَ جهڙي مرض سبب زندگيءَ ۽ موت جي ٻي واٽيءَ تي
بيٺل آهن،هن سون جهڙي سنڌ جي مختلف علائقن مان روزانو ٻارن جي صحت خراب ٿيڻ ۽ ارڙي
سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃڻ سبب ٻارڙا موت شڪار ٿي رهيا آهن،
جنهن جون
خبرون هر روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿي رهيون آهن، ارڙي واري موت جي راڪاس کان بچڻ لاءِ
هڪ ويڪسن هوندي آهي اها ويڪسن لڳڻ سان ان موت جي راڪاس کي مات اچي ويندي آهي، پر
سنڌ ۾ صحت کاتي جي نااهلي سبب اها ويڪسن به اڻلڀ بڻيل آهي، جنهن
سان ارڙي جهڙي موذي مرض مان جان آجي ٿي سگهي ٿي، پر اهي ارڙي جي بچاءُ
واريون ويڪسن اڻلڀ هئڻ ڪري سنڌ جي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جون حياتيون ضايع ٿي رهيون
آهن، سنڌ جي مختلفن شهرن ۾ ڪجھ عرصي کان وٺي روز ڪٿي نہ ڪٿي ارڙي وگهي معصوم
ٻارڙا مري رهيا آهن ۽ سنڌ جي صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي ڪن تي جونءَ به ڪو نہ
چري آهي ،سنڌ سرڪار پاران صحت کاتي کي بهتر بڻائي لاءِ صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو
ڪري عوام کي پوري طرح رليف ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون پر صحت کاتي ۾ موجود
ڪرپٽ عملدارن جي ڪري سنڌ حڪومت جي ان ڪيل ڪوششن ۽ سندن جي ڪئي ڪمائي تي پاڻي ڦري
ويو آهي، هن وقت پوري سنڌ اندر ارڙي وبائي صورتحال اختيار ڪندي تيزيءَ سان ڦهلجي
رهي آهي،ڪيترائي معصوم نينگر توڙي جو نينگريون حياتيون وڃائي چڪيون آهن،اهڙي صورت
ٿي وڃڻ کانپوءِ به صحت کاتي جي عملدارن جي ڪن لاٽار ڇو آهي؟، سنڌ سرڪار پي پي ايڇ
آءِ ۽ هينڊز وارن کي سرڪاري اسپتالن جو
وهنوار به سوپي ڇڏيو آهي ڇا انهيءَ ٻنهي ادارن مٿان اها ذميواري نہ
آهي ته هنن پاران ارڙي کان بچاءُ واريون ويڪسن ٻارڙن کي ڪيون وڃن جيئن ٻارڙن جون
حياتيون بچي سگهن، پر اهي به خاموشيءَ جو روزو رکيون ويٺل آهن، جيڪڏهن اڃان به ائين
ئي رهيو ته الاءِ ڪيتريون معصوم حياتيون ضايع ٿي سگهن ٿيون ،هن وقت اخبارن ۾ ايندڙ
خبرن مطابق سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾
ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙيءَ ۾ مبتلا ٿيل آهن جن جو پورو جسم رت سان لال ٿي ويو آهي
، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ان معصوم ٻارڙن جي پيٽان رت اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان
معصوم ٻارڙن کائڻ پيئڻ پڻ ڇڏي ڏنو آهي، اهڙي صورتحال هوندي به ۽
هر پاسي کان ويڪسن اڻلڀ هئڻ جو شڪايتون اچڻ سان گڏ ٻارڙن جي موت جون خبرون به اخبارن
۾ اچي رهيون آهن، پر صحت کاتو ڪي به اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ تيار نہ
آهي، سنڌ
جي صحت کاتي جي نااهليءَ جو اهي چٽا ثبوت آهن ته ارڙيءَ
کان بچاءُ جي ويڪسن اڻهوند لڳي پئي آهي ۽ سنڌ
۾ رڳو ارڙي جهڙي هڪڙي مرض تي به هن وقت نتائين ڪنٽرول نہ ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب
ڪيترائي معصوم گلن جهڙا ٻالڪ موت جي منهن ۾ هليا
ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءُ لڳي ويون آهن، ڇا ڪاڻ ته سنڌ
۾ ارڙي جي بچاءُ واريون ويڪسن اڻلڀ آهن، ارڙيءَ جو مرض خطرناڪ آهي ارڙيءَ جو
مرض ڇا آهي ان بابت علائقي جي ڊاڪٽرن کان ٿوري گهڻي مليل
ڄاڻ مطابق ارڙي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي،جيڪا هڪ
وائرس جي صورت اختيار ڪندي ٻارڙن ۾ ڦهلجي ويندي آهي، هن بيماريءَ جو شڪار خاص طور
تي 5 سالن تائين جا ٻار ٿيندا آهن، هن ارڙيءَ جو وائرس ڳلي ۽
ڦڦڙن تي تمام گهڻو اثر ڪندي آهي، تنهن ڪري
ارڙي ساھ جي سرشتي کي نقصان پهچائيندي آهي، جنهن جي بچاءُ لاءِ وقت سر ويڪسن نہ
لڳڻ سبب ارڙي جي بيماريءَ ۾ وتل ٻار حياتيءَ جي جنگ هارائي ويهندو آهي،جڏهن ته ارڙيءَ
جي پهرئين علامت هيءَ آهي ته معصوم ٻارڙن کي تيزيءَ سان تيز
بخار وڪوڙي ويندو آهي،جيڪو هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾
کنگھڻ جي ذريعي ٽرانسفر ٿي ويندو آهي، اهو خطرناڪ وائرس لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن کان
ستن ڏينهن ۾ ٻين ٻارڙن کي وڪوڙي ويندو آهي ،ان سان گڏ نڪ مان پاڻيءَ جو وهڻ، کنگھ،
ڳاڙهيون لال ۽ پاڻيءَ سان ڀريل اکيون ارڙيءَ جي شروعاتي علامتن مان
هونديون آهن، ان سان گڏوگڏ ڳلي يا وات جي پٺئين پاسي ۾ اڇا ننڍڙا زخم جا نشان پيدا
ٿي ويندا آهن ، جنهن کان پوءِ مُنهن ۽ ڳچيءَ تي به ساڳيا ننڍا ننڍا ڳاڙها نشان
ظاهر ٿي ويندا آهن، جنهن کان پوءِ اهي ساڳيا ئي نشان هٿن پيرن ۽ پوري جسم تي ظاهر
ٿي پوندا آهن، ارڙيءَ جو شڪار عام طور تي اهي ٻارڙا
ٿيندا آهن جنهن ۾ ڪمزوري هجڻ سان گڏوگڏ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي هوندي آهي، ڏٺو وڃي ته
ڪمزور ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽاتيءَ وارن ٻارن کي ارڙي وڌيڪ
اثر انداز ٿيندي آهي، ان سان گڏ جن ٻارن ۾ وٽامن اي جي کوٽ هوندي آهي، ارڙيءَ جي
بيماريءَ ۾ اهي ٻار تمام گهڻو متاثر ٿيندا آهن،
ارڙيءَ جي سبب ڪنهن به ٻار جو موت نہ ٿي سگھندو،جيڪڏهن ان
ارڙيءَ ۾ جڪڙيل معصوم ٻارڙن کي وقت سر ان بيماريءَ جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ ان سان
گڏوگڏ سندن جو علاج به وقت سر ڪرايو وڃي ته ان
معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچي سگھن ٿيون،
ارڙي موت جو ڪارڻ ان ڪري به ٿيندي آهي جو ، ارڙيءَ جهڙي خطرناڪ مرض جو وائرس ڳلي ۽
ڦڦڙن تي تمام گهڻو اثر ڪندو آهي، وقت سر علاج نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اهو وائرس
ڦڦڙن جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾ رڪاوٽون وجھي ڇڏيندو آهي ۽ ڦڦڙن ۾
پاڻي ڀري ڇڏيندو آهي، جنهن کي ڊاڪٽرن پاران نمونيا چيو
ويندو آهي، پوري جسم جي رت رڳن ذريعي پهريان دل ۾ ايندي آهي ۽
دل کان پوء ڦڦڙن ۾ آڪسيجن ذريعي صاف ٿيڻ لاءِ اچي ويندي آهي جتان
وري اها رت واپس دل ڏانهن هلي ويندي آهي ۽ دل منجھان رڳن جي ذريعي پوري جسم ڏانهن
پڻ ويندي آهي، جڏهن ڦڦڙن جو اهو وائرس رت جي ذريعي دماغ تائين پهچي ويندو آهي ته
مريض جي دماغ جي پردن ۾ سوڄ پيدا ٿيڻ لڳندي آهي، جنهن سان ان ارڙيءَ ۾
مبتلا مريض گردن ٽوڙ بخار جو شڪار ٿيندو آهي،ان مريض جي موت جو سبب اهو گردن ٽوڙ
بخار بڻجي ويندو آهي،
،هن
وقت ارڙي جي مرض سنڌ کي چئني طرفن کان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي پر اُن صورتحال هوندي به
صحت کاتو ۽ سنڌ جا ڪامورا اکيون ٻوٽيون ويٺل آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي
شاھ صاحب جن کي ارڙي وگهي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارڙن واري معاملي جو جلد کان جلد نوٽيس
وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ جي صحت کاتي کي پابند بڻايو وڃي ته
جيئن متاثر علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻيون وڃن ۽ ان متاثرين جو علاج ٿيڻ سان
گڏوگڏ اهو به جائزو ورتو وڃي ته ٻارڙن جو موت ارڙي سبب ٿي رهيو آهي يا سنڌ ۾ ٻي ڪا
پر اسرار بيماري ڪاهي پئي آهي
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...