لالا پٺاڻ چوي ٿو تـ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ ناھي, سنڌ ۾ ٽيلينٽ ناھي. شايد لالا
پٺاڻ کي اها ڪل ناهي تـ سنڌ ڌليرن جي ڌرتي آهي جتان دنيا ۾ پاڻ مڃرائندڙ شخصيتون
پيدا ٿيون. آفريدي صاحب جيڪڏھن توهان کي سنڌ جا قابل شخص ڳڻايا وڃن تـ اوهين پورا
ڪو نـ پئجي سگهندوو, جنگهن جي ميدانن ۾ تـ اسان جا سنڌي, دودو، هوشو، هيمو ۽ سورھيـ
بادشاھ جهڙا عظيم ليڊر هميشـ سوڀ حاصل ڪندا رهيا. پر جي ڳاله ڪجي راندن جي تـ صدر
ايوب جي دور ۾ سنڌ جو انٽرنيشنل ملھ پلوان "شير"جنهن کي شيرسنڌ بـ چيو
ويندو هو , جنهن دنيا جي ڪيترن ئي ريسلرن کي شڪست ڏني ۽ ان جي باري ۾ ان وقت جي
صدر ايوب چيو هو تـ ”جهڙا شير ٻڌا تهڙا شير ڏٺا “۽ شايد توهان موئن جي ڌڙي کان
اڻواقف آيو, جهنجون ايجادون قديم مثال آھن , ان وقت ان شھر جي نالين وارو سسٽم,
تجارت جو سسٽم , ڦيٿي جي ايجاد ۽ ڪلچر وغيره سنڌين جي قابليت جو ثبوت ڏين ٿا, ۽ جڏھن دنيا جا ڪئي ملڪ وجود ۾ ئي
نـ هئا تڏھن سنڌ ھئي, ۽ توهانکي ياد رهي تـ پاڪستان ۾ ائٽم بم آڻڻ وارو ذولفقارعلي
ڀٽو سنڌي هئو, آفريدي سنڌين ۾ قابليت ٻين صوبن جي ماڻھن کان بـ وڌيڪ آھي ۽ هر هنڌ
ھميشـ سنڌين پاڻ مڃرايو آھي.باقي دراصل ڳالھ اھا آھي
تـ سنڌين سان هميشـ جيان تعصب وارو عمل اختيار ڪيو پيو وڃي، ڪڏهن ڪو پٺاڻ چوي ٿوتـ
ڪراچي ۽ سنڌ، ڪڏهن ڪو ڊاڪٽر سنڌي ڳالهائڻ تي نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ٿو. سنڌ جي ماڻھن
کي موقعن کان محروم رکيو پيووڃي ائين ئي پاڪستان جي پي ايس ايل ۾ پنجاب جون ٽي
ٽيمون, ڪي پي ڪي جون ٻ ٽيمون ۽ سنڌ جو صرف هڪ ٽيم جيڪو پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو
صوبو آھي ۽ افسوس تـ بلوچستان جو ٽيم ئي ڪو نـ هئو. جيڪا سنڌ جي ٽيم هئي ڪراچي ڪنگز جي نالي سان ان ۾ صرف هڪ ئي سنڌي هئو
جيڪو پنوعاقل جو ھڪ غريب سنڌي ڪرڪيٽر مشتاق احمد ڪلهوڙو جنھن جو تعلق
ھڪ غريب گهراڻي سان آھي جنھن ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ سان چاھ رکيو ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو
حصو بڻجڻ ان لاءِ ھميشه خواب رھيو جنهن لا۽ هو مسلسل محنت ڪندو رهيو ۽ وقت گذرندو رھيو آخر پي ايس ايل ليگ شروع ٿي ۽ هن نوجوان جي لاءِ
ھڪ روشن اميد تڏنهن پيدا ٿيو جڏنهن هو سنڌ جي گادي واري ٽيم ڪراچي واري ٽيم ۾
شامل ٿي ويو , پر افسوس سد افسوس ته پھريان وانگر ھن ليگ ۾ به سنڌين سان اھڙو رويو
آخر ڇو ڪيو ويو, ھن پي ايس ايل ۾ سنڌ جو هڪ غريب سنڌي رانديگر پنھنجي قابليت ۽
محنت سان منتخب ٿي ليگ جي مشھور ٽيم ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجي ته ويو پر ان سان ايڏي
وڏي زيادتي جو ان کي ھڪ مئچ ۾ کيڏڻ جو به موقعو فراهم نـ ڪيو ويو آخر ائين ڇو
......؟ اھو سوال سنڌ جي ھر باشعور ماڻهون جي ذھن ۾ گردش ڪري ٿو ڇاسنڌ پاڪستان جو
حصو نه آهي؟ ڇا ڪنهن سنڌيء کي آھو حق نه آھي ته پنھنجي ٽيلنٽ جي ذريعي ھو سنڌ ۽
ملڪ جو نالو روشن ڪري .. ؟ صرف پٺاڻ ۽ پنجابي قومي ٽيم ۾ ڇو آھن ۽ پاڪستان ليگ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي رانديگرن
جو نـ هجڻ ان ڳالھ کي ظاهر ڪري ٿو تـ پاڪستان ليگ پنجاب ليگ آھي, ۽ مٿان وري لا لا
پٺاڻ جي بيان سنڌ جي ماڻھن ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي آھي, ۽ لالا پٺاڻ کي گهرجي ت
سنڌين کان معزرت وٺي نت هيرو مان زيرو ٿي ويندو
اٽلي۾ واڱڻ چور کي9سال سزا/حميدشڪيل
هڪ ڏينهن
پهريان روز جي معمول مطابق جيئن
اخبار هٿن ۾ آئي جڏھن مطالعو ڪرڻ لڳس ته هڪ خبر اکين اڳيان گذري جنهن کي پڙھندي
منهنجو دماغ گهڙي کن لاء چڪرائجي ويو هوش کتا ٿي ويو ڄڻ ته ڪو مجبور مسافر گهڻن
ڏينهن کان ريل گاڏي جي انتظار ۾ ڦاٽڪ تي ويٺل هجي, شايد اهو وقعو اکين اڳيان
پهريون دفعو گذريو آھي جنهن جي ڪهاڻي ڪجھ هن طرح آھي ٻاهرين ملڪ روم اٽلي جي
علائقي ۾ 2009ع ڌاري هڪ بي روزگار نوجوان جوابدار کي هڪ فصل مان صرف 20سينٽ يعني جنهن جو مقصد
ڪجھ روپيا قيمت جو واڱڻ چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد عدالت ۾ پيش
ڪيوويو اتان جي عدالت جوابدار کي پنج مهينا قيد ۽ 300يورو ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏھن
ته انکانپوء سزا ۾ گهٽتائي ڪري ٻه مهينا قيد ۽
120يورو ڏنڊ وڌو ويو وڪيلن ان ڪيس بابت اپيل ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو اهڙي طرح ھڪ ٻيئي ۽
ٽئين عدالت ۾ اھو ڪيس پورا 9 سال جاري رهيو جنهن بعد واڱڻ چور کي 2018ع ۾ بري ڪري
ڇڏيو, صرف 20سينٽس جو واڱڻ چوري ڪرڻ جي ڪيس
تي 7000 کان 8000هزار يورو خرچ ٿيا جنهن ڳالھ جي جج به تصديق ڪئي, هاڻي انهن
ڳالهين کي مدنظر رکي ڪري پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ڳالھ ڪنداسين ته اسان جي ملڪ ۾ واڱڻ چوري ڪرڻ واري
کان به شايد گهٽ چور آھن جو انهن کي سزا نٿي ملي ڇو ته وڏين پارٽين سان
تعلق رکندڙ ڳورپٽ چورن
مٿان اربين روپيا ڪرپشن ڪرڻ جا الزام آھن ته جيل کان ٻاهر آھن ان کان علاوه چئني صوبن
۾ڪيترائي چور يا ته
ان کان وڌيڪ اهڙا به سياستدان ,حڪمران , وزير مشير آھن جيڪي ڪرپشن ڪري عوام جي پئيسي
تي ڌاڙو هڻي چوري ڪئي چاهي اهي نواز
ليگ جا ماڻھون هجن ,چاهي پ پ پ جا هجن يا چاهي ايم ڪيو ايم جا هجن يا کڻي پي ٽي
آئي۾ شفٽ ٿيا هجن مطلب
ته جنهن جنهن پارٽي سان تعلق رکندڙ ھجن ته انهن ڪڏھن به واڱڻ واري همراه جيان نون
سال تائين قيد جي سزا نه ڪاٽي, شايد ڪڏھن به نه, پاڪستان سميت سنڌ جي عوام کي پريشاني, غم ,سور
صدمن کان سواء ڪجھ به نٿو ملي واڱڻ جي ڳالھ ته الڳ ۽ پري جي خبر آھي جنهن ملڪ ۾
صرف واڱڻ جي چوري ڪرڻ تي ايڏي وڏي سزا ڏني وڃي ٿي ته ان ملڪ ۾ قاتل کي ڪيڏي نه وڏي
ڀيانڪ سزا ڏيندا هوندا اسان جي ملڪ ۾ قاتلن
کي ته پناھ ڏيڻ جا
بندوبست,ڪيا وڃن ٿا , پنهنجي
ملڪ ۾ هزارين
ڪوس گهر موجود آھن لکن جي تعداد ۾ ڪاسائي انسان جو بي گناھ رت وهائيڻ ۾ مصروف آھن
انهن خلاف ڇا ٿيو ڪجھ به نه اگر آھي ته اهو به وڏن ماڻھن لاء آخري طبقي وارن ماڻھن
لاء انصاف لفظ اڻلڀ ۽ گمنام آھي , ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا ڪات ڪهاڙا کڻي عوام جو رت
چوسيدا رهن ٿا, انصاف جي گهر ڪندڙ ويتر ناانصافين جي ور چڙھي ٿا وڃن سيڪڙن جي
تعداد ۾ ماڻھن کي کنڀي گم ڪيو وڃي پيو, مستقبل کي روشن ڪندڙ معصوم ٻارڙن کي
زيادتين جو
نشانو بڻائي بيگناھ قتل ڪيو
وڃي ٿو سندس جي
والدين جا روح مجروح ٿيو وڃن سواء پٽڪي, آھُن دانهن کان ٻيو ڪجھ نٿو ملي, پوليس
طرفان ڪوڙا مقابلا ڪري هاف ۽ ڦل ڦرائي ڄاڻائي ڪونڌر ڪسيا وڃن ٿا,ظلم ,بربريت جبر
,ڏاڍ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن , فضيلا سرڪي جي ماءُ پي سان هن وقت تائين ڪو
انصاف نه ڪيو ويو ڪيتري عرصي کان گهرگهاٽ ڇڏي روڊن رستن تي انصاف جي ڳولا ڪندي
فضيلا فضيلا ڪري رت جا ڳوڙھا ڳاڙي حڪومت جي بي حسي کي للڪارين ٿا, مٺي ۾ ٻن ڀائرن
کي قتل ڪيو ويو شھادت جو جام پيئڻو پيو جن جا عزيز قريب هن مهل تائين ڏک ۾ ورتل
آھن پر پو به ڪهاڻي کٽڻ جي ناهي انصاف ڏياريندڙ ادارا خاموش تماشائي بنجي ويٺل آھن
ان کان علاوه ميهڙ شھر ۾ رت جي راند ٿي ٽي ڪونڌر راھ گناھ ڏينهن ڏٺي
گولين جو کاڄ بڻجي ويا جيڪي اڄ به ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد جي رستن ۾
انصاف جي گُھر ڪندي ڀٽڪندي نظر اچن ٿا, ساڳي ئي جڳھ ميهڙ ۾ کوسا برادري جي جهيڙي ۾
ٻه ٻه الڳ الڳ واقعا
پيش آيا جنهن سبب ٻه ٻه خون ٿيا نوجوان گولين, ڇُرن ۽ ڪارتوسن جو شڪار ٿي ويا,
انهن ئي ڏينهن ۾ رات جي وقت وارھ ۾ ٻه ڀائر بيگناھ ظالمن جي نشاني ۾ اچي ويا انهن
جو بلاجواز گهر تي چڙھائي ڪري ماريو ويو ڇا انهن کي هن وقت تائين انصاف ملي سگهيو
آھي ڪڏھن به نه ۽ ويتر به انهن مظلومن کي ڌمڪايو وڃي پيو ته ٻي طرف الٽو انهن مٿان
ئي ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو, اباڻا ڪک,گهرگهاٽ ۽ ڳوٺ چڏائڻ تي ڌمڪيون ملڻ ڪا نئي ڳالھ
نه آھي انهي بابت هر ڪنهن ماڻھون
کي ڄاڻ حاصل هوندي پر پوء به ڀوتار , وڏيرا ۽ اعلي عهديدار هڪ طرفي راء ڏئي
انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي پاڻکي سرخرو سمجهن ٿا, غربت جي لڪير ۾ زندگي
گهاريندڙ ماڻھون دهشت ۽ وهشت جو شڪار ٿي خوفزده آھن چوريون ڌاڙا, ڦر جهيڙا, ڦڏا
ڦشريون ته عام جام آھن پر هتي شريف ماڻھن جو جيئڻ به جنجال آھي سڪون سان ساھ به
کڻڻ نٿو ڏنو وڃي ته انصاف ڪٿان ملندو ڪنهن سان ڪهڙي چڱائي ٿيندي, ڊگريون کڻندڙ بي
روزگار نوجوان آفيسن جا چڪر لڳائي لڳائي جتيون گسائن ٿا پر تنهن هوندي به ڪو لاڀ
نٿو ملي آخرڪار مجبورن ڇولا انڊا وڪڻي پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪن ٿا پر پوء به رياست
هلائندڙن کي ڪنهن
طرف غور فڪر نه آھي, مقصد ته پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان ۾ اهڙا لکين ڪروڙين مسئلا
آھن جنهن جي ڪنهن به پوئواري نه ڪئي نه ڪڏھن ڏوهي کي صحيح طريقي سان سزا ملي نه ئي ڪنهن بي گناھ
کي انصاف مليو آ ڇو ته انصاف فراهم ڪندڙ ادارن ۾ غلط ماڻھن جو هجڻ ئي نا انصافي آ
ته اميد به ڪهڙي ڪجي,,جيئن ڪنهن شاعر چيو ته ""ڏک جي نه پوڄاڻي آ هر شخص
ڪهاڻي آ"" هتي به سڀ ڪجھ ايئن لڳو پيو آ لکڻ لاء ملڪ ۽ سنڌ جي دردن
تي لکجي ته زمين آسمان ملائي پنا ڪجن سمنڊدرياه ڍنڍو واھ گڏائي مس ڪجن ۽ دنيا جا
سڀ وڻ قلم ڪري درد ۽ ڏک لکجن تب پورو نٿا پئي سگهن اگر اسان جي ملڪ ۾
اهڙو قانون اچي وڃي جيئن اٽلي جي رهواسي کي صرف هڪ واڱڻ جي چوري بدلي نون سالن جي
ڊگهي سزا ڀوڳڻي پئي, نظام اهڙو هجي سسٽم ۾ تبديلي اچي وڃي ماڻهون غلط ڪم ڪرڻ ڇڏي
ڏيندا حق سچ جو ساٿ ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪندا,,
پوليس گردي جو نشانو بڻيل ديپڪ راج/ گلزار ملاح )مانجهند(
هُن
اهي ٽي سال ڪهڙي اذيت ۾ گذاريا آھن، سا اذيت فقط هوء ئي ڄاڻي سگهي ٿي، هُوء سمجهي
ٿي ته مڙس جي سيوا ڪرڻ سان ڀڳوان ملي ٿو وڃي، پر هوء ڀڳوان جي ويجهو وڃڻ لاء مڙس
جي سيوا نه پئي ڪري، هوء ته اهڙو فرض پئي نڀائي جيڪو فرض قضا به ٿي سگهي ٿو، پر
هُن ٽن سالن ۾ هڪ پل به قضا ناهي ڪيو، هُن جڏھن ديپڪ جي نالي جو منگل سوتر پاتو
هو، تڏھن هُن جي حياء دار اکين ۾ ڪيترائي خواب لهي آيا هوندا، هُن پنهنجي سينڌ ۾
ديپڪ جي نالي جو سندور هڻڻ وقت ديپڪ سان ساه جي آخري هڏڪي تائين وفا ڪرڻ جا وچن
ضرور ورجايا هوندا، پر هن خواب ته خوشين جا ڏٺا هُئا، هن ته ڪڏھن خيال ۾ به ديپڪ جي اکين ۾
ڳوڙھا نه ڏٺا هُئا، هُن ته جڏھن به ديپڪ کي تصور ۾ ڏٺو ته مسڪرائيندي ڏٺو، هُن
جڏھن به تصور ڪيو ته ديپڪ کي پاڻ سان گڏ مندر جون سيڙھيون چڙھندي ڏٺو، هُن جڏھن به
تصور ڪيو ته پاڻ کي ديپڪ سان گڏ علامه آء آء قاضي جي قبر تي پيار جا نينهن نڀائڻ
لاء ويندي ڏٺو، هُن جڏھن به تصور
ڪيو ته ديپڪ هُن جي چيچ پڪڙي المنظر تي گهمندي نظر آيو، هن ديپڪ کي رڳو پتي
پرميشور نه مڃيو پر هُن کي يقين هو ته هر قدم تي ديپڪ ڏک توڻي سک ۾ مونسان ساٿ
نڀائيندو، هن جڏھن ديپڪ سان پرڻجڻ کانپوء مائٽن جو گهر ڇڏيو ته هن کي ديپڪ جي صورت
۾ هڪ آٿت هڪ حوصلو مليو، هوء ڄاڻي وئي ته مان هاڻ دنيا ۾ وارث واري آھيان، ڪو ته
زندگي ۾ منهنجو سهارو ٿيو، اهو رڳو سنيتا نه پر
هر اها عورت سمجهندي آھي، جيڪا مائٽن جو گهر ڇڏڻ وقت مڙس تي ماڻ ڪندي آھي، سچ به
مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت مڙس جي ٻل تي هر محاذ تي جنگ جوٽي سگهي ٿي، پر شايد ائين ٿيڻو نه هو، زندگي کي شايد
امتحان سنيتا کان وٺڻو هو، پر اهڙو امتحان جنهن امتحان ۾ نه رڳو ديپڪ ۽ سنيتا جي
آزمائش هجي پر سندن معصوم پُٽ جو مستقبل به ڄڻ ديپڪ جي گوڏي جيان اپاهج جي ٽياس تي
ٽنگيل هجي، ديپڪ اپاهج ڪيئن
ٿيو، ؟ هو ته سماج ۾ قانون تي عمل ڪرائيندڙن جي منهن تي چماٽ آھي، اپاهج ته هتان
جو قانون آھي، اپاهج ته اهي ادارا آھن، جيڪي قانون جي هام هڻڻ کانپوء به قانون تي
عمل نٿا ڪرائي سگهن، اهي اختيار هتان جي
پوليس آفيسرن کي ڪنهن ڏنا آھن ته هو هڪ عام شھري سان بندوق جي ٻولي ڳالهائڻ کانپوء
به شرمنده ٿيڻ بجاء چون ٿا ته هاف فراء ٿيل هتان جو پرامن شهري نه بلڪه شريف پنهور
جي نالي پويان بدنام ڏوهاري هو، پوليس جي بندوق مان
نڪتل گولي رڳو ديپڪ جي گوڏي جي ڍڪڻي کي نه چيريو، پر اها گولي ته سنيتا جي خوابن
جو سينو به چيري وئي، اها گولي ته هنن جي معصوم پُٽ جي مستقبل جي پُٺيء ۾ به لڳل
نظر ٿي اچي، پر سنيتا جهڙي بهادر
عورت شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ملي، جيڪڏھن هوء بهادري سان ڪنهن ملڪ جي آزادي جي جنگ
وڙهي ها، تڏھن به هُن جي حصي ۾ ايتري شجاعت نه اچي ها، سنيتا جي ڪردار کي
ڏسڻ کانپوء چئي سگهجي ٿو ته عورت سنيتا جي روپ ۾ واقعي عظيم آھي، عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته عورت ئي وارث جي
سهاري جيئندي آهي، پر هتي سنيتا پنهنجي وارث جو سهارو ٿي بيٺل آھي، سنيتا هن دور جو اهڙو ڪردار آھي جنهن ڪردار
تي اگر لطيف زنده هجي ها ته ضرور پنهنجي رسالي ۾ ڪنهن سر کي سنيتا جو نالو ڏئي ها، اهو پنهنجي ونيء سان ديپڪ جي پيار جو ئي اثر
آھي جو سنيتا اڃان تائين هانءُ ناهي هاريو، عام طور تي اصول اهو
هجڻ گهرجي ته هاف فراء ۽ فل فراء جهڙو هٿرادو قانون متعارف ڪرائيندڙ پوليس آفيسرن
خلاف هتان جو ڪورٽون پاڻ مرادو نوٽيس وٺن، هاف فراء ۽ فل فراء جي شوقين آفيسرن کان
گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇاڻو ڪجي ته اگر ننڍي ڏوھ جي سزا هاف فراء ۽ فل فراء سزا حد جي
ايس پي کي تجويز ڪرڻي آھي ته پوء ڪورٽون ڇالاء آھن، ضرورت ان جي ڳالھ جي
آھي ته نه رڳو ديپڪ جي خاندان کان خوشيون کسيندڙ پوليس آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي، پر گڏو گڏ پوليس گردي سبب هڪ ڄنگھ وڃائيندڙ ڊاڪٽر ديپڪ
راج جي ٻي ڄنگھ جو زخم به ناسور ٿيندو ٿو وڃي، ڊاڪٽر ديپڪ جا ڪل ڏھ
کان ٻارهن آپريشن ٿي چُڪا آھن، سنڌ حڪومت کي گهرجي
ته ڊاڪٽر ديپڪ جي ٻي ڄنگھ بچائڻ لاء سرڪاري مد ۾ ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو ذمو
کڻي، ياد رکڻ گهرجي ته هڪ
سنيتا رڳو سُٺي گهر واري نه بلڪه هڪ ماءُ به آھي، ڊاڪٽر ديپڪ جي خوشين
۾ ئي سنيتا ۽ سوهن جي خوشي لڪيل آھي، اميد ته وزير اعلي
سنڌ انسان دوستي جو ڪردار نڀائيندي اسان جي اميدن تي ضرور پورو لهندو.
ڊکڻ جو بيمار نوجوان مسيحا جو منتظر/ درياءُ خان جهتيال/دادو
سنڌ جا ماڻهن دردن جي ڪهاڻين سان ڀريا ويا آهن، ڪٿي هو پنهنجو حال
اورن ٿا تہ ڪٿي وري هُنن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ئي سڀ ڪجهہ بيان ڪري ٿا ڇڏين، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي بس جيون کي
جيارن پيا باقي تہ اهي جهڙا آهن تهڙا ناهن، سنڌ جي ماڻهن کي تڪليفون ڄڻ تہ هر ڏينهن تي مليل آهن، انهن تڪليفن جو ختم ٿيڻ بہ ڏاڍو ڏکيو آهي، هن ڌرتي جا ماڻهو انهن تڪليفن کا ڇوٽڪار حاصل ڪرڻ
لاءِ تڙپندا رهن ٿا، روئندا رهن ٿا پر اهي تڪليفون انهن کي وڻ ويڙهي جيان
وڪوڙينديون وڃن ٿيون، دردن سان، تڪليفن سان، ڏُکن سان ويڙهہ ڪندڙ هڪ ڌرتي ڌڻي جا اڄ دردن وارا ڳوڙها سڀني اڳيان ڏيکارجن ٿا،
جيڪي ڳوڙها غربت سبب اکين مان وهندا رهن ٿا، ان ماڻهو جي درد ڪٿا پڙهڻ بعد ان ڳالهہ پڪ ڏياري تہ سنڌ دردن ۾ ويڙهجي وئي آهي، ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ لاشاري جي رهواسي
پوليس اهلڪار منير چانڊيو جو 18 سالن جو ڳڀرو نوجوان پُٽ تنوير چانڊيو هڪ اهڙي
بيماري ۾ مبتلا آهي جو هو ڪيتري ئي وقت کان هڪ کٽ تي پئجي ويو آهي، 18 سالن جي
جواني ۾ پُٽَ پنهنجي والدين جو سهارو ٿيندا آهن پر بيماريون اِهو ڪٿي ٿيون سهن جو
هڪ سهڻو نوجوان پُٽ پنهنجي والدين جو سهارو بڻجي انهن جي اميدن کي پورو ڪري سگهي،
ڳڀرو نوجوان تنوير چانڊيو جيري جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب هلڻ ڦرڻ کان بہ لاچار ٿي ويو آهي، پنهنجي ڳوٺ جي ڪچي گهر جي ڇاپري هيٺان بيماري
واري زندگي گذاريندڙ تنوير چانڊيو پنهنجي والدين اڳيان روئيندو رهي ٿو ۽ والدين بہ هُن جي تڪليف ڏسي اکين مان ڳوڙها نٿا روڪي سگهن، تنوير جي والد منير
چانڊيو پنهنجي ڳڀرو پُٽ جو وس آهر علاج ڪرايو آهي پر تنهنجي باوجود بہ ان جو ڳڀرو پُٽ اڃا ٺيڪ نہ پيو ٿئي، سندس والد پوليس اهلڪار آهي پر ''ڏُکئي کي ڏُک بہ گهڻا'' واري ڳالهہ آهي جو هُن جي گهر جو گاڏو ئي مشڪل سان هلندڙ آهي، جنهن سبب هو
پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي بيماري جو پورو علاج نٿو ڪرائي سگهي، نوجوان تنيور اڄ 18 سالن
جي ڦوهہ جواني ۾ هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جو هُن جي جواني هڪ ئي
کٽ تي پئجي وئي آهي، هُن جون خواهشون ختم ٿي ويون آهن، هُن جي والدين جون اميدون
ٽُٽي چڪيون آهن، هو نہ هلي سگهي ٿو، نہ اٿي سگهي ٿو ۽ نہ ئي وري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچي سگهي ٿو، هن وقت هُن جي عمر
ڦوهہ جواني واري آهي پر هو بي وس بڻجي هڪ ئي هنڌ محدود ٿي ويو آهي ۽
ٻاجهاري کي پڪاري رهيو آهي، هُن جي تڪليف لکڻ وقت اهي ئي ڳوڙها اچن ٿا جيڪي هُن جو
بابا هُن جي بيماري واري حالت ڏسي ڳاڙي رهيو آهي، انهن ڳوڙهن سان ئي تنوير جي دردن
کي لکي سگهجي ٿو، نوجوان تنوير اسان نوجوانن جيان زندگي گذارڻ جو خواهشمند آهي،
تنوير پنهنجي جواني کي خوش بڻائي پنهنجي والدين جو سهارو بڻجڻ چاهي ٿو پر غربت هُن
کي سُڪائي ڇڏيو آهي، غربت هُن جي والدين جي بيوسي جي اڳيان بہ مسلسل رڪاوٽ بڻيل آهي، پوليس اهلڪارن جي بہ ڀلا ڪهڙي زندگي آهي؟ ڏکن سان ڀريل، دردن سان ويڙهيل، تڪليفن سان
ڪڙهيل زندگي گذاريندڙ آهن اُهي، انهن مان منير چانڊيو بہ هڪ آهي جيڪو پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي علاج لاءِ ڏاڍو پريشان آهن، هُو
پنهنجي گهر جو گاڏو ئي مشڪل سان ٿو هلائي تہ پوءِ هو پنهنجي نوجوان پُٽ جو علاج پورو ڪيئن ڪرائي؟ ڪنهن جو سهارو
وٺي؟ هو پنهنجا ڏک ٻاهر نٿو ڪڍي، بس پُٽ جي تڪليف ڏسي روئندو رهي ٿو، دردن کي
ميڙيندو رهي ٿو، هِن وقت تنوير چانڊيو جي هڪ ئي خواهش آهي تہ ان جو علاج ڪرايو وڃي، هو ٻيو ڪجهہ نٿو گهري بس پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ سڀني اڳيان جهول جهلي ٿو، ڊکڻ
جي ڳوٺ لاشاري جو نوجوان تنوير چانڊيو هر اُن سنڌ واسي کي پڪاري ٿو جيڪي انسان
دوست آهن، سنڌ جي خوش ماڻهن، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ پوليس، گهرو وزير، ڳڙهي ياسين،
ڊکڻ جا چونڊيل نمائندن ۽ ٻين سرندي وارن کي پوليس اهلڪار منير چانڊيو جي نوجوان
پُٽ جي علاج لاءِ مدد جي اپيل آهي، هُن نوجوان جي علاج جو خرچ ڊاڪٽرن موجب 50 لک
آهي پر ڦڙي، ڦڙي تلاءُ آهي، اوهان سڀ هڪ ٿي هڪ زندگي بچائي سگهو ٿا، بيمار نوجوان
تنوير اسان منجهان آهي جنهن کي هن وقت اسانجي ضرورت آهي، سنڌ جا وس وارا ماڻهو
تنوير جي علاج لاءِ اڳيان اچي ڳڀرو نوجوان جي زندگي بچائن.
موسم جيان تبديل ٿيندڙ ڪامورن جو ڪرادار…؟؟\احسان مستوئي
سنڌ ۾ اليڪشن ويجهو ايندي
ئي سياسي سرگرميون تيز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ سياسي ڪامورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو
آهي، ڪامورن پاران پنهنجي رُٺل
اتحادن کي پرچائڻ وارو سلسلو شروع ٿيڻ سان گڏ عزرخوائن جو سلسلو بہ شروع ٿي ويو آهي،اليڪشن
جي موسم جو بہ هڪ عجيب
منظر هوندو آهي جنهن موسم جا رنگ ڏسڻ وٽان
هوندا آهن،جيئن برساتن جي موسم ۾ برسات
پوڻ کانپوءِ پوسل تي ڏيڏر نڪري ايندا آهن اهڙي ئي طرح اليڪشن واري موسم ۾ بہ وڏيرن، ڪامورن،
سردارن جي هوندي آهي،
جيڪي پنجن سالن بعد وري ڏيڏرن جيان پنهنجي تڪن تي نڪري پوندا آهن، هن اليڪشن واري
موسم ۾
ڪامورا، سردار ۽
وڏيرا مجبور ۽ بيوس لاچار بڻيل نظر ايندا آهن، جنهن سان هو ملڻ بہ پسند ناهين ڪندا
انهن سان وڏا وڏا
ڀاڪر پائي ملندا آهن ، سندن جي ڏکن ۾ شامل ٿي ڪري سندن جو همدرد ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش
ڪندا آهن، جيئن ئي اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندا آهن تہ ان ڏينهن کان هر
جڳهہ جيان پوري سنڌ ۾ بہ عزخوائن جي بهاني
ووٽ حاصل ڪرڻ جي ورڪ ۾ ڪامورا لهي پوندا آهن جنهن ڪاموري پوري
پنجن سالن ۾ تڪ تي واپسي نہ ڪئي اهي
وري انهن تڪن ۾ گاڏيون ڊوڙائيندي ڏسجن ٿا،جن ڪامورن کي جيئرا ياد نہ هئا اڄ انهن کي مئا
ياد اچي ويا آهن ۽ عزرخوايون ڪري رهيا آهن،سندن جي تڪ ۾ ٿيل فوتين جي
لسٽ پنهنجي کيسي ۾ رکي
گهمي رهيا آهن،ڪنهن عام ماڻهون کي سلام نہ ڪرڻ وارو ڪامورو ان
سان پيري پئي ملڻ تي
مجبور بڻيل ڏسجي ٿو، جيئن سرديءَ جي موسم ۾ گرم بسترن جي ضرورت پوندي آهي اهڙي ريت
ڪامورن کي اليڪشن ويجهو اچڻ سان
ئي ووٽن جي ضرورت هوندي آهي،سردي هجي ۽ گرم بسترو نہ هجي تہ ماڻهون سرديءَ ۾
ڏڪندو آهي ائين ئي ڪامورو بہ ووٽ نہ هجڻ جي صورت ۾
ڏڪندي نظر ايندو آهي،
اليڪشن ويجهو ايندي ئي ننڊ ۾ ستل ڪامورا
جاڳي پوندا آهن، جيئن گرميءَ جي موسم ۾
مڇر اچي ويندا آهن ائين ئي اليڪشن
جي موسم ۾ ڪامورا بہ مڇرن
جيان ڳوٺن ۾ گهرن جو گهيراءُ ڪندا آهن، اليڪشن جي ويجهو اچڻ شرت ئي سندن جي ننڊ
حرام ٿي ويندي آهي، هو ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن،اسان جي سهڻي سنڌ کي ڪامورن
تباهيءَ جي ڪناري تائين پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آهي، پوءِ بہ هو سنڌ ۾ ترقياتي
ڪمن جي ڄار وڇائڻ جي ڪوڙي دعوا ڪندي نظر ايندا آهن، سندن وٽ صرف پنهنجا نوازڻ وارو
فارملو هوندو آهي، ڪامورن بہ غريبن
جو مال کائي پنهنجا گهر ڀريا آهن ،غريبن جي ڪا بہ مدد نہ ڪئي آهي نہ ئي سندن کي بنيادي
سهولتون ڏنيو ويون آهن،
روزگار جا دلاسا ڏيندڙ ڪامورا ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ ٿي
ويندا آهن، وڏي افسوس جي ڳالھ تہ اها آهي
تہ هتي نوڪريون بہ پئسن عيوض ڏني ٿيون
وڃن جنهن جي ڪري اڄ جو غريب پڙهيل
لکيل نوجوان بيروزگاريءَ جي ور چڙهندي خودخوشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، اسين ذڪر
ڪيوسي پئي گذريل
اليڪشن جو جنهن ۾ عوام جن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري هنن کي اسيمبلين
تائين پهچايو
انهن کي اڄ اٽڪل پنج سال پورا ٿيڻ وارا آهن، پر انهن عوام جو گذريل پنجن سالن ۾ هڪ
بہ مسئلو حل نہ ڪيو آهي، نہ ئي پنهنجي تڪن تي
واپسي ڪئي آهي، جيڪي پنج سال اڳ جنهن تڪن تان هزارين ووٽ کڻي ڪامياب ٿيا هئا، ان
ڪامياب ڪامورن جي نااهلي سنڌ جا اهڙا ڪافي علائقا آهن جيڪي پوري طرح بنيادي سهلوتن
کان وانجهل آهن ۽ اتان جا رهواسي پٿر دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، دنيا وڃي
چنڊ تي پهتي آهي پر سنڌ
جا ٻهراڙي وارا علائقا اڄ بہ بنيادي
سهولتن کان محروم بڻيل نظر اچي رهيا آهن، ڪي تہ اهڙا بہ علائقا آهن جتي
اسڪول کان ويندي گيس تائين، گيس کان ويند روڊ تائين، روڊ کان ويندي بجلي تائين ڪا
بہ سهولت نہ آهي، آءُ پاڻ
ٻهراڙي جو رهواسي آهيان جنهن ڳوٺ ۾ آءُ رهندو آهيان ان ڳوٺ جو نالو آهي ڌڻي بخش
مستوئي ان جي ڀرسان ٻہ ڳوٺ
واقعي آهن هڪ ڳوٺ خير محمد مستوئي ۽ ٻيو وريام خان مستوئي آهي جنهن جو تعلق يونين
ڪائونسل مبارڪپور تعلقي ٺل ۽ ضلعي جيڪب آباد سان آهي اتي بہ ساڳيو حشر لڳو پيو
آهي، هن وقت تائين سندن کي ڪا بہ بنيادي
سهولت نہ ڏني وئي
آهي، جڏهن کان مون اک کولي آهي تڏهن کان هن ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ڪو بہ ترقياتي ڪم نہ ٿيو آهي ۽ اها ان
ڪامورن جي منهن تي چماٽ آهي جيڪي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي دعوا ڪري رهيا آهن، ٽي
اليڪشني دور منهنجي نظر آڏو گذريا آهن ان ٽنهي اليڪشني دورن ۾ ڪامورن کي وڏا وڏا
واعدا ڪندي ڏٺو آهي پر ان ڪيل واعدن مان هڪ بہ واعدو اڄ تائين وفا
نہ ٿي سگهيو آهي،هر
اليڪشني دور ۾ وفا جا جتن ڪندڙ ڪامورا اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد بيوفا ٿي ويندا آهن
۽ پنجن سالن لاءِ ويزا تي هليا ويندا آهن، وري پنج سال گذرڻ کانپوءِ ساڳيون ئي
ڳالهيون ڪيون وينديون آهن هن ڀيري اوهان کي نظر انداز ڪونہ ڪبو صرف هن ڀيري
ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو وري ڪاميابيءَ بعد ادو هوا ۾ اڏامي ويندو آهي سندن کي پر لڳي
ويندا آهن ۽ هو آسمان سان ڳالهائڻ لڳندو آهي، سندس جي هيٺ رهندڙ عوام تہ اک ئي ناهي ٻڏندي تہ هو جنهن کان ووٽ
وٺي ڪامياب ٿيو آهي اهي ڪهڙي مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن انهن کي ڪهڙي بنيادي سهولت
نہ ملي آهي جيڪا هنن
کي ڏيارجي اهو هو سوچيندا ئي نہ آهن
عوام ڄاڻي تہ عوامي
جي قسمت،جيڪي پنج سال پهريا ڪامياب ٿيا ان پنجن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ان ڪرپٽ
ڪامورن کان مٺي ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيندو آهي،جيئن ئي
اليڪشن ويجهو اچي ويندي آهي تہ اُهي
نظر نہ ايندڙ
ڪامورا ان اليڪشن واري ڏينهن ۾ ضرور ظاهر ٿيندا آهن، عوام سان همدردي جتائڻ لاءِ
سندن جي ڪکائي گهرن ۾ پهچندا آهن وري ساڳيا دلاسا سکڻا واعدا ڪندي نظر ايندا آهن ۽
هاڻي بہ ساڳيو
منظر نظر اچي رهيو آهي، سندن جي
نا اهلي جا اهي بہ چٽا
ثبوت آهن تہ سنڌ جو
غريب پڙهيل لکيل نوجوان، اڄ بہ
دربدريءَ جو شڪار بڻيل نظر اچي رهيو آهي، پڙهيل لکيل نوجوان اڄ بہ روزگار لاءِ در در
جون ٺوکرون کائي رهيا آهن،پر ڪنهن بہ سياسي
نمائندي سندن جي هڪ بہ نہ ٻڌي آهي،چونڊيل
نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ پنج سال غائب
رهڻ بعد اليڪشن واري موسم ۾ اجانڪ ظاهر ٿي پوندا آهن، وري پنجن سالن کانپوءِ
ڪامورن کي سندن جا تڪ ياد اچي ويا آهن، اليڪشن ويجهو ايندي ئي سندن جا رويا تبديل
ٿيندي ڏسجن ٿا، جيئن موسم تبديل ٿيندي آهي اهڙي طرح اليڪشن واري موسم ايندي ئي سياسي نظام ۾ بہ ڪافي تبديليون اچي
وينديون آهن،عوام کي وساريندڙن کي وري عوام ياد اچي ويندو آهي،اُهي ئي ڪامورا جيڪي
عوام سان ڳالهائڻ کان بہ
لنوائيندا هجن ۽ جيڪي سندن سان ملڻ بہ گواره
ناهن ڪندا اڄ اُهي ئي ڪامورا وري ووٽ جي
چڪر ۾ ان غريب عوام ڏانهن اچي مسئلن جي حل جون حاميون ڀري رهيا آهن،اُهي سڀ جون سڀ
تبديليون صرف ووٽ وٺڻ تائين محدود هونديون آهن ۽ پوءِ ساڳيا لاٽو ساڳيا چُگھ وارو
ڪم ٿي ويندو آهي، پورا پنج سال ڪامورن
عوام کي نظر انداز ڪندي ڪڏهن بہ انهن جي
دردن جي دانهن نہ ٻڌي نہ ڪڏهن سندن جي دردن
کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نہ ڪڏهن
عوام جي ڏکن ۾ شامل ٿيندا آهن، سندن جا گرم لهجا تبديل ٿيندي نرم لهجا ٿيندي ڏسجن
ٿا، ڪامورا وري غريب عوام کي بيوقوف بڻائيندي ٻٽا ڀاڪر پائيندي
نظر اچي رهيا آهن،گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ائين ئي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي،
هاڻي بہ اهائي
پوزيشن آهي،منهنجي خيال ۾ اليڪشن واري موسم ۾ ٻيو ڪجھ تبديل ٿيندي نظر نہ ايندو آهي سواءِ
سياسي ڪامورن جي لهجن
کان بس تبديلي ايندي آهي تہ انهن جي
لهجن ۾ پٿر دل
رکندڙ ڪامورا اليڪشن ۾ پنهنجي دل کي موم بڻائي ڇڏيندا آهن، اهو مون اليڪشن واري
موسم ۾ محسوس ڪيو آهي تہ سياسي
ڪامورو ڪيڏي بہ تيز
طبيعت جو مالڪ ڇو نہ هجي پر
اليڪشن ويجهو اچڻ کانپوءِ اهو تيز طبيعت رکندڙ ڪامورو برف جيان ٿڌو ٿي ويندو
آهي،ان ڪامورن جي چالاڪين کان اڻ واقف عوام ىان جي ٿڌي طبيعت ۽ واڳن واري ڳوڙهن
مان اهو سمجهي ويندو آهي تہ هاڻي
سائين جن ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي، لڳي ٿو هن کي خوفِ خدا ٿيو آهي تنهن ڪري هن
پنهنجو پاڻ ۾
ايڏي وڏي تبديلي آندي آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي هوندو جيئن ڪامورن جي لهجن جي تبديل ٿيڻ سان عوام سوچيندو
آهي ،بلڪہ منهنجي
نظر ۾ ان ڪامورن ۾ ڪا تبديلي ناهي ايندي نہ ئي ڪو سندن کي خوفِ
خدا هوندو آهي،اُهي ڪامورا سڀ جون سڀ تبديليون صرف ووٽ وٺڻ تائين اپنائيندا آهن،
ووٽ وٺڻ کانپوءِ اهُي ئي
ڪامورا جيئن پهريا پٿر دل هئا وري اُهڙي طرح پٿر دل بڻجي ويندا آهن ۽ وري پوري
پنجن سالن لاءِ گم ٿي ويندا آهن ۽ چوندا آهن تہ عوام ڄاڻي تہ عوام جي قسمت ڄاڻي،
جيڪي اليڪشن کان اڳ ۾ چوندا هئا تہ اسان
توهان کي ڪڏهن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين نہ ئي توهان تي ڪو
ڏکيو وقت اچڻ ڏينداسين اُهي سڀ جون سڀ ڳالهيون صرف اليڪشن کان اڳ جون هونديون آهن
اليڪشن کانپوءِ اُهي ڪامورا سندن کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏيندا آهن، مونکي حيرت تہ ان ڳالھ جي آهي تہ عوام آخر سياسي
ڪامورن کي ڪڏهن سمجهندو ۽ ڪڏهن سندن جي چنبي مان نڪري ايندو ۽ تبديلي جي سفر ڏانهن
وکون وڌائيندو جيڪڏهن تبديلي آڻڻ چاهيون ٿا تہ پوءِ هاڻ اليڪشن
اچڻ واري آهي اچو تہ هاڻي
تبديليءَ جي سفر جي شروعات اِتان ٿا شروع ڪيون کوڙ ئي بيقوف بڻايو ويو اسان کي
هاڻي اسان کي ووٽ سوچي ۽ سمجي ڏيڻ جي ضرورت آهي جڏهن اسان ووٽ جو استعمال صحيح
ڪنداسين تہ پوءِ
تبديليءَ جي منزل پري نہ آهي
اسپتالن ۾ ڪرپشن ڪڌا ڪم شراب نوشي مريضن کي ڌڪا/سيد زوار حسين شاهه
سنڌ ۾ اسپتالن جي ڪارڪردگي مڪمل ختم ٿي چڪي آهي ڪافي سالن کان وٺي سنڌ جي عوام سان وڏي ٻي
اکيائي ڪئي پئي وڃين سنڌ جي اسپتالن جو اهو حال آهي جو اڪثر ڊاڪٽر
ڊيوٽي ڪرڻ بجاء ڀوتارن جي چاپلوسي ڪرڻ ۾ پورو آهن سنڌ جا اٻوجهه ماڻهون هڪ سرنج
لاء تڙپي رهيا آهن هزارين مريض مريا وڃن انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي صرف افسوس
ڪري سگهجي ٿو سنڌ جو عوام دانهن ڏيئي ته ڪنهن کي ڏيئي سنڌ
جو عوام هٿ ٻڌي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس جناب
ثاقب نثار کي عرض ڪيون ٿا ته پنجاب جي مختلف اسپتالن جا توهان دوره ڪيا آهن جنهن
کان پوء پوري پاڪستان جي تمام اسپتالن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهو فرق ضرور ٿيو آهي ته اتي ڊاڪٽر ڊيوٽيون ڪرڻ لڳا آهن صفائي جو نظام انتهائي خراب هو اهو
هاڻي ڪافي حد تائين بهتر ٿيو آهي ، سائين جن جي خدمت ۾ عرض ڪندس ته سائين سنڌ جي اسپتالن اندر ٿيل عوام
سان ويسا گهاتي تي هڪ نظر وجهو اسان جي مٿان رحم ڪيو وڃين ڏک جي ڳالهه اها آهي ته
اسان ووٽ به ڏنو پر اسان جي مٿان چونڊيل نمائيندن سميت اعلي افيسرن ڪو به رحم نه
ڪيو جنهن جي دانهن اسان خدا پاڪ کي به ڏيئي رهيا
آهيون سنڌ جي وڏن شهرن جي اسپتالن جو اهو حال آهي جو اتي مريض هزارين انهن کي
هاڻي ته بيڊ به نه ٿو ملي پر ان سان گڏ اهو به چوندس ته هڪ بيڊ تي ٽي ٽي مريض داخل
ڪن ٿا دوا به انهن کي مور ملي ئي نٿي جنهن تي به عوام سڄي سنڌ صحت جي
اهڙين سهولتن کان پوء سراپا احتجاج آهن ، جنهن کي پڻ نظر انداز ڪيو ٿو ُڇين ڪو ٻڌڻ
لاء ناهي ، ، سنڌ جي اسپتالن ۾ وڏي ظلم
جي ڳالهه اها آهي ته مريضن کي ڊاڪٽر چيڪ ڪرڻ لاء به تيار ناهي جنهن لاء پڻ عوام ڪافي
احتجاج ڪيا آهن پر ڪو به کڙ تيل نه ٿو نڪري ، سنڌ جي اسپتالن کي اپ گھريڊ ڪرڻ جي
مدد ۾ پڻ ڪروڙين خرچ ٿين ٿا پر اهو پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته ان جي مد ۾ پڻ ڪرپشن ڪئي
ٿي وڃين ، ڪراچي ۾ ته مريضن کي ابتو ٽنگيو ٿو وڃين آپريشن ڪرڻ کان پوء ان مريض
سان جيڪو حشر ٿئي ٿو الله پاڪ ڪنهن دشمن سان به نه ڪري ، سنڌ جو اسپتالون ڪوس گهرن
۾ تبديل ٿي ويون آهن سرڪاري اسپتال جا اڪثر داڪٽر نجي اسپتالون کولي ويٺا آهن جتي
هو مريضن جي پڻ ابتي کل لاهين ٿا ، انهن کان ڪير به وڇڻ وارو ناهي راڻي پور ۾ پڻ
انٽرينڊ ڊاڪٽر نيون بلڊنگون ڪرائي تي وٺي جنهن جو ڪرايو 50
هزار کان مٿي هوندو بجلي مفت ٻاريندو اهو مريضن جي ابتي کل لاهڻ ۾ مصروف عمل آهي جيڪڏهن اهڙن اسپتالن
کي فوري بند نه ڪرايو ويو ته پوء هي سنڌ مڪمل ڪوش گهرن ۾ تبديلي ٿي ويندي ان ڪري
مان اهو چوندس ته هاڻي ائين نه ٿيندو پاڪستان جا اداره جاڳي رهيا آهن هو هر ان
ڊاڪٽر خلاف آپريشن ڪندا جيڪي به غريب مريضن جي ابتي کل لاهين ٿا سچ ته اهو
آهي ته مريصن کي هاڻي ڌڪا ملن ٿا، سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ جڏهن ڪو مريض پهچي ٿو ته ان کي فوري ڪنهن ٻي
اسپتال ۾ منتقل ڪيو ٿو وڃين ٿو اسپتالن مٿان عوام کي پاڻ نظر رکڻ گهرجي ، ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو پنهنجي حق لاء گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو
، ضلعي خيرپور ۾ صحت جي حوالي سان يعني ٽوٽل 13
تيرانهن رورل هيلٿ سينٽر آهن جن جي گذريل 9 مهينن کان مڪمل بند آهن جنهن جي
مد ۾ ڪروڙين رويپن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي پر معلوم ته اهو ٿيو آهي ته ٻين شهرن ۾ به
دوا نه ملي آهي مريض لکين آهن صرف ضلعي خيرپور جي آبادي تي نظر وجهنداسين ته معلوم
ٿيندو ته 25 لک روپين جي لڳ ڀڳ هوندي هڪ ڇڏي ٻيو بيمار ضرور آهي جڏهن هو اسپتال
پهچي ٿو ته ان کي نه ڊاڪٽر ٿو ملي يا جيڪڏهن ملي ٿو ه بس ڏسي ان کي پرچي لکي ٿو
ڏيئي جيڪا ٻاهر ڪنهن پرائيويٽ اسٽور کان دوا وٺڻي پوندي آهي ، مريض شفاياب ته نه
ٿو ٿئي رهندو بيمار ضرور ٿئي ٿو جنهن طرح سان ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ جي حڪومت عوام
کي نظر انداز ڪيو آهي جنهن جي به دانهن ڪنهن کي ڏيون ، سنڌ جي اسپتالن ۾ نظر رکڻ
جي ضورت آهي ، سنڌ جي عوام تي رحم ڪرڻ جو وقت آهي ضلعي خيرپور ۾ 13 رورل هيلٿ سينٽر آهن جنهن
مان سواء ڪوٽ ڏيجي جي ٻين رورل هيلٿ سينٽرن کي هڪ گوري به نه ٿي ملي اهڙي صورت حال
۾ ڪروڙين رويپن جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي اهڙي مڪمل حالات کان پوء مريض
آپي کان ٻاهر نڪري ويا اهن تازو راڻي پور سرڪاري اسپتال ۾ هڪ ٽاپر محنتي سدائين پوزيشن
۾ امتحان پاس ڪندڙ هاڻي جو ميڊيڪل آفيسر مشرف حسين وساڻ جنهن جو 4 مهينا
اڳ راڻي پور اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوء هو نئين جذبي تحت مريضن کي چيڪ
ڪرڻ سان گڏ دوائون به لکي ڏيندو رهيو پر دوائون ڏيڻ کان اسپتال استورڪيپر نه ڏني
جنهن جو پ۾ڻ موقف هو ته دوا ملي ئي نه ٿي پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته من پسندن ماڻهن
کي دوا ملي ٿي پئي پر راڻي پور اسپتال ۾ هڪ به مريض کي هڪ ٽيبليٽ به نه پئي ملي جنهن
کان پوء ڊاڪٽر مشرف وساڻ ايم ايس محمد رمضان ميمڻ کي ٻڌايو ته اسٽور ڪيپر غلام
اصغر ملاح نه ٿو ڏيئي مريضن کي موٽايو ٿو وڇين ان سان گڏ جيڪڏهن ڪو امير ٿو اچي ته
ان کي فوري دوائون ڏيون ٿيون وڃن برحال جهيڙو وڌندو ويو ايتري قدر جو گار گند تائين ڳالهه پهتي جنهن
کان پوء ڊاڪٽر ضمير حسين کوکر رمضان ميمڻ ٻين داڪٽرن سان مشاوت ڪري ڊاڪٽر کي بحڪم
ڊي ايڇ او نثار ڦلپوٽو فوري رليو ڪيو ويو جنهن کان پوء سول سوسائيٽي سماجي
ٽنطيمن جا ڪارڪن اڳواڻ جنهن ۾ ٽائون چيئرمين پير سيد فياض حسين شاه ، جيلاني سماجي رهنما
انسان پرست پير سيد فرزند علي شاه جيلاني پير سيد حمزه شاه حاجي
عبدالله پيرزادو وائيس چيئرمين غلام اصغر وساڻ اڪبر شاهاڻي ملڪ قاسم نانڪ رام
ديدار عباسي ماهويل مغيري جگنو عباسي الطاف عباسي مدد علي ملاح امداد لاڙڪ بدر ابڙو اختيار وساڻ ياشين
راجپر سرمد نثار ڀٽو جي سامهون هڪ اهڙو ته انڪشاف ٿيو ته راڻي پور اسپتال ۾ قائم هڪ نجي ميڊيڪل
اسٽور ۽ اسپتال ۾ شرب نوشي پڻ ڪئي ويندي آهي ان سان گڏ عورتن سان پڻ بدسلوڪي ڪئي
ويندي آهي جنهن کان پوء سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا فوري نوٽيس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير
سيد مراد علي شاه ، وزير صحت ، سيڪريٽري صحت ، هيومن رائيٽس لا ڪائونسل پاڪستان ۽
ٻيا ادارو فوري انهن ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪن جن به اهڙيون ڪڌيون حرڪتون هن
اسپتال اندر ڪيون آهن ان سان گڏ جڏهن با خبر ذرائعن کان پڻ معلوم ڪيو ويو ته انهن پڻ
ڇڙڪائيندڙ انڪشاف ڪيا جنهن کان بعد هڪ هفتي اندر پڻ تحقيقات ڪري سول سوسائيٽي شهرين شهري
فورم راني پور صحافين آڏو رکي ويندي مان هٿ ٻڌي اهو سوال سنڌ جي وڏي وزير کان ڪندس ته ڇا
توهان هاڻي سنڌ جي نياڻين جي عزت جي رکوالي کان ڪاثر آهيو ڇا عوام ڪوڪون ڪري احتجاج ڪري ڪري مري وڃن ڪو نوٽيس به نه ٿو
ورتو وڃين جيڪڏهن سفارش تي رکيو ضلعي خيرپور جو ڊي ايڇ او توهان کان ڏاڍو آهي ته هن
اليڪشن ۾ عوام توهان کي عبرناڪ احتساب سان گڏ شڪست پڻ ڏيندو سنڌ جو عوام لاورث
يتيم ٿي چڪو آهي اسان جي مٿان رحم ڪيو سنڌ اندر صحت جون تمام سهولتون مهيا ڪيو ٿر
واري صورت حال توهان سنڌ جي اندرئين عوام سان پيدا نه ڪيو اسپتالن مٿان سول
سوسائيٽيز کي قانوني اختيار ڏيو ته هو هر اداري جيان هن صحت اسپتال جي مٿان به نظر
رکن جنهن ۾ نه شراب نوشي هلي نه ڪنهن مظلوم جي عزت داء تي لڳي.
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...