شفاف احتساب ۽ اليڪشن 2018 کانپوءِ/ راهب علي سولنگي


جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾ فلاح انسانيت جو شعور هوندو آهي. ته معاشري ۾ بهتري پيدا ٿيندي آهي ۽ جڏهن اهو سلسلو گهٽ يا ختم ٿنيدو آهي به پوءِ معاشري ۾ برائي  ۽ بردباري ڏسڻ ۾ ايندي آهي ڪٿي ڪوئي حادثو ٿيندو آهي ته اتي ماڻهن جا ميڙ نظر ايندا آهن.هر ڪوئي ٻئي جي طرف ڏسندو رهندو آهي.جهڙوڪ تماشو لڳل هجي انهن کي اهو سمجهه ۾ ناهي ايندو ته کين ڇا ڪرڻ آهي.اهو سبق سندن کان ياد وسري ويندو آهي. ته ڏکويل انسانن جي مدد ڪرڻي آهي.پرانهن جي دلين ۾ پوليس جو خوف پهري کان موجود هوندو آهي.تٿ ڪٿي اسان بيگناهه نه ڦاسي پئون انهيءِ جي ڪري زخمي هن دنيا مان هليو ويندو آهي.جيڪڏهن زخمي کا وقت تي اسپتال پهچايو وڃي ها ته شايد هو بچي وڃي ها.سندس گهروارا انهيءِ صدمي جو شڪار نه ٿين هان.سندس معصوم ٻار يتيم نه ٿين هان.پر ان جو لاش گهر پهچايو ويندو آهي.پوءِ سڄو خاندان انهيءِ غم مان نڪري ناهي سگهندو دنيا جون قومون ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪيون آهن.پر اڄ اسان ڪٿي بيٺل آهيون ڇا ها فڪري جي ڳالهه ناهي؟ جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ نفرت جي سياست ڪرڻ جو وڏو نقصان عوام جو ٿيو آهي. اقتدار ۾ رهڻ واري سياسي پارٽي پنهنجو اقتدار بچائيندي نطر اچي رهي آهي.جنهن جي ڪري عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿا ٿين.تڏهن ملڪ جي عوام هن وقت اذيت واري زندگي گذري ٿي.اسان جي ملڪ ۾ جهموريت کي عزت واري نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي.تڏهن ته عوام کي ايماندار ليڊرشپ ناهي ملي سگهي.جنهن سان ملڪ ۾ عوام جي قسمت بدلجي سگهي.هن وقت وفاقي حڪومت پنهنجن مسئلن ۾ الجهيل آهي.حڪمران پنهنجي حڪمراني جو حق استعمال ڪرڻ ۾ خراب طرح ناڪام ٿي چڪا آهن. دنيا جون قومون ڪٿا کان ڪٿي پهچي چڪيون آهن.جڏهن اسين پاڻ ڏسون ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون. پاڪستان ۾ سياست وارو ماحول ڏسنداسين ته سياستدان هڪ ٻئي جي ڪردار ڪشي ڪندي نظر اچن ٿا.جنهن جي ڪري ملڪي عوام گهڻو پريشان آهي.پاڪستان جي عوام دنيا جي ترقي ڪندڙن ملڪن جي صف ڪڏهن بيهندي ملڪ ۾ خالي نعرن سان ڪجهه به نه بدلبو.ملڪ جي عوام جيستائين پاڻ کي تبديل نه ڪندو عوام جي تعريف اهي سياسي ماڻهو زبان سان ته ڪندي نظر اچن ٿا.پر سندن ۾ سچائي وارو  جذبو نه نظر نه ٿو اچي.2018 اليڪشن ۾ ڪجهه مهينا بچا آهن.2018 اليڪشن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ سڀڪجهه اهڙي طرح هلندو جيئن هلي رهيو آهي. يا 2018 اليڪشن ۾ ڪابه تبديلي اکي سگهي ٿي.تبديلي جي خواهش رکندڙ عوام جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن اسان انهن ئي ڀوتارن، سردارن، ميرن، پيرن، سرمائيڪارن، ۽ وڏن ڏوهارين کي ووٽ ڪيو ته پوءِ جيڪي تبديلي جي دل اندر خواهش موجود آهي اها خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿي سگهندي ايندڙ اليڪشن نصفاڻيون هجڻ گهرجن.ايندڙ اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن آرٽيڪل 62- 63 ڏنل معيار تي اميدوار لهي سگهن ته اسيمبلين ۾ 50سيڪڙو اهرا ماڻهو اچن جيڪي صاف سٺي ڪردار جا مالڪ هجن. جيئن ملڪ جي عوام کي هڪ واضح فرق محسوس ڪري سگهي.جيڪڏهن اسيمبلين ۾ جيڪڏهن سٺي ۽ سهڻي ڪردار وارا عوامي نمائيندا ايندا جن جي دل ۾ الله تعاليٰ جو خوف ڪندي نظر اچن اهي ئي ملڪي مسئلن جي طرف ڏسي سگهن ٿا.باقي لٽ مار ڪندڙ سياسي ماڻهو جن جي پارٽي جو منشور ڪرپشن وارو هجي جن سياسي ماڻهن تي ڪرپشن جا اسڪينڊل درجن جي تعداد ۾ هلندڙ هجن انهن عوامي نمائيندن ۾ 62-63 جي ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿي.اسيمبلين ۾ ايماندار عوامي نمائيندن جي اچڻ سان وڏو فرق اچي سگهي ٿو. انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ صرف 8 هزار انگريز سول آفيسرن جي ذريعي 100 سال کان وڌيڪ حڪومت ڪئي.انهن 8 هزار انگريزن آفيسرن کي جڏهن تقرري ڪئي وئي لاءِ موڪليو ويو ته انهن کي ٽي هدايتون ڪيو ويون. جن ۾ سول سرونٽ صرف ۽ صرف انصاف ڪرڻو آهي.جيڪڏهن توهان انصاف ڪندا ته هاڻي لکن ماڻهن جو اعتماد قائم ٿيندو.ٻئي هدايت انهن آفيسرن کي اها ڪئي وئي ته انهن کي ڪنهن به طرح جي بدعنوان ناهي ٿيڻو جيڪڏهن رشوت خوري ۾ پڪڙيو ويو ته ان ۾ توهان جا ساگ ٿباهه ٿيندي ۽ ٽئين هدايت اه ڪئي وئي ته مذهبي ثقافتي معاملن ۾ به مداخلت نه ڪئي وڃي.انهيءِ پاليسن جي ذريعي انگريزن 100 سال کان وڌيڪ لکن ماڻهن تي حڪومت ڪئي اڄ به اهي پوڙها ماڻهو جن انگريزن جو دور ڏٺو اهي هميشه چون ٿا ته انگريزن جو دور انصاف جو دور هئو هن وقت پاڪستان جي موجوده سول سروس جيڪا سياسي ڌڙي بازي جو شڪار آهي.۽ دولت ٺاهڻ م سياستدانن کين به ٻه هٿ اڳتي آهن.جيڪڏهن انهن جي اصلاح ڪئي وڃي.ته دربدر جون ٺوڪرو کائيندڙ پاڪستانين کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو.2018 جي اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو ديانتدار ماڻهو اسيمبلين ۾ اچڻ گهرجن. ۽ سول سروس جي اصلاح ڪئي وڃي. ۽ عدليه جي خودمختياري واري فيصلن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.عدليه جي فيصلن تي عمل ڪيو وڃي.جيئن ملڪ جي عوام کي انصاف تي يقين ٿي پوندو اڃي ڪرڻ سان پاڪستان م تبديلي اچي سگهي ٿي.انصاف مٿان تنقيد ڪندڙ سياسي ماڻهو انصاف ڏيندڙ ادارن جي ٽڪراءَ ۾ اچي ملڪي قانون کي هٿن کڻڻ شروع ڪيو آهي. پاڪستان ۾ مارشلا وارو نخسو ڪيئي دفعا استعمال ٿيو پر رياست جي لاءِ سٺا نتيجا ڏيئي نه سگهيو رياست مختلف مسئلن ۾ ڦاسندي رهي آهي. جهموري نخسو بي سٺا نتيجا ڏيئي نه سگهيو ڇو ته جهموريت اصولن تي نه هلايو ويو حڪمران عوام جي ووٽن جو ميڊيٽ حاصل ڪري بادشاھ ٿيا جن جهموريت جي ٻن بنياد اصولن آئين جي حڪمراني ۽ گڊگورننس کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن.جنهن جي نتيجي ۾ عوام پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رهي آهي. ملڪ جا رياستي ادارا غير فعال زوال طرف ٿيندا رهيا امن امان قائم جو بنيادي ادارو پوليس سياسي مداخلت سبب ناڪاري ٿي چڪو آهي.رياست جا معاون ۽ عوام جا خادم ٿيڻ بجائي رياست جي بار ٿيڻ لڳا آهن.پاڪسان جا مقدس اعليٰ طاقتور ادارا آئين نخسو آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جيئن ملڪ کي مڪمل بربادي کان بچايو وڃي انهيءِ نخسي جي مطابق جهموريت جو تسلسل به قائم ٿي سگهي ٿو. چونڊيل نمائيندن تي آئين رٿ به قائم ڪئي ويندي جيئن رياست جي مقدس ادارن ۾ گڊگورننس آئين حڪمراني هڪ جهڙو شفاش احتساب ۽ جهموريت جو تسلسل کي قيمتي بڻايو وڃي. جن ماڻهن تي عوام جو اعتماد ڪن ٿا. انهن جو به آئين فرض هوندو آهي.ته هو عوام جا بنيادي حق ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪن ڪرپشن جي پئسن مان پنهنجا گهر ڀرڻ کي اهميت نه ڏين ڪجهه عوام جي خدمت ڪن اهوئي آئين فرض آهي.پر هئي آئين شڪن مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياستدان جهموريت سان وفاداري وارو ساٿ نٿا نڀائين تڏهن ته گڊگورننس ۽ آئين جو حڪمراني ڪمزور ڪندڙ حڪمران آهن.تڏهن جهموريت جو فائدو عوام کي نٿو ملي پاڪستان ۾ خراب حڪمراني ڪرپشن بدامني لاقانونيت نظر اچي رهي آهي.مڪلي عوام بنيادي سهولت کان محروم اهي جنهن ۾ صاف پاڻي جو مسئلو معياري تعليم صحت جون سٺيون سهولتون موجود ناهن جلد انصاف ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. لکن جي تعداد نوجوان بيروزگار موجود آهن. غريب عوام کي جان مال جو تهفظ حاصل ناهي عوام پنهنجي ضروري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ ادارن سان عوام گڏيل آهي.آئين نخسو تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن عوام ووٽ صادق ۽ امين کي ڏيندو. جيڪو 62.23 تي پورو لهي رياست صحت مند تڏهن ٿيندي انهيءِ نخسي سان جهموريت به هلندي رهندي هن وقت پاڪستان ۾ روزاني ورز وڌنڌڙ مسئلا عام ماڻهو جڳ جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.وري هوڏانهن حڪمرانن جو اقتدار جي جنگ عام کي الڳ پريشان ڪيو آهي.نااهل حڪمرانن جي ڪري عوام رڳو سوچيندو رهي ٿو.اسان جيڪڏهن چوءِ طرف پنهنجي نظر فرائينداسين ته قدم قدم تي عام ماڻهو ظلم ستم جا شڪار ٿيندي نظر ايندو.عام جو پنهنجو وجود پنهنجي ذات تائين محدود رکڻ ٿو چاهي.اڄ به ماڻهو ماڻهو سان جهڙي ۾ مصروف آهي.اڄ به محنت ڪرڻ وارن کان وڌيڪ محنت ڪرڻ وارا عياشين واري زندگي گذاري رهيا آهن.اڄ هن ڌرتي تي حق ڇنبڻ واري جي گهٽ تائين ناهي رهي اڄ به مائين جا ڌرپٽ ڀنگ جي بدلي اغوا ڪيا وڃن ٿا.انهن امڙين جون سسڪيون دانهون ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي اڄ به ڪيترن مائن جا لال دهشتگردي جي نشاني تي اچي شهيد ٿين ٿا.انهن بي ڏوهي قتل ٿيل جو ڪوبه حساب وٺڻ وارو ناهي رهيو.اڄ به نوجوان نسل تعليمي ادارن ۾ غير محفوظ آهن.انهن جي حقن ڪوبه آواز اٿارڻ وارو ناهي رهيو اڄ به پوڙهو پيءُ ماءُ نوجوان اولاد جا لاش ڏسي رهيا آهن. لٺ جو سهارو وٺي ضعيف جهور پوڙهو انصاف جي خيرات وٺڻ لاءِ عدالتن جا چڪر ڪٽيندي نظر اچن ٿا. پر اڄ انهن کي موت جون ڌمڪيون ڏيندڙ ن جي گهٽتائي ناهي اڄ به والدين ڀائرن جي عزت آبرو جي لڄ رکڻ واريون نياڻيون بي آبرو ٿي رهيون آهن. ڪوبه انهن جي سر تي هٿ رکي سرپرست ٿيڻ لاءِ تيار ناهي اڄ به انهن سال جا سال عدالتن جا چڪر کائيندي ڏسو ٿا.اهو وطن جنهن جي بنياد مضبوط تي مستقبل تي رکي ويئي هئي.اڄ کان وطن جو بنياد دوکو کليون ڪرڻ وارا ان جا پنهنجا ئي سپوٽ آهن.پوءِ اهي ڪهڙي ڳالهه جا آزاد نعرا لڳائين ٿا. آخر ڪار اهو ڪيستائين تماشو هلندو رهندو ڪيستائين انهن جو ناٽڪ هلندو رهندو انهن کي ووٽ انهن ۾ اميدون رکڻ اسان جي بيوقوفي هوندي اها ڳالهه اسان جي لاءِ وڏي سوچڻ جي هوندي ڇو ته هن وقت اسان جو سماج اليڪٽرانڪ ميڊيا پرنٽ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جو دور هيٺ هلي رهيا آهن  جيڪو عام جي استعمال هيٺ آهي.انهن انساني زندگيءَ ۾ هم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت  به ظلم ڪرڻ وارا به پنهنجي ملڪي شهري آهن.۽ ظلم سهڻ وارا به پنهنجي ملڪ جا شهري آهن. اهڙيون غلط راهون ڇو اختيار ڪيو ويون آهن.اسان جي حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهي ادارن جي ٽڪراءُ واري سياست نه ڪن ادارن جي ٽڪراءَ واري جنگ ۾ ملڪ جي عوام جو وڏو نقصان ٿيندو.ملڪي ادارن کي سياسي ادارن جو بحرانن جو شڪار نه بڻايو هلندڙ سال ۾ عالمي بئنڪ اعلان ڪيو آهي ته مالي سال 2018 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي 5.2 سيڪڙو رهندي جيڪا گذريل 9 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.ورلڊ بئنڪ اهو به چيو آهي ته اها انهيءِ هلندڙ مالي سال ۾ اها شرح 5.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي.ايندڙ سال 2019ع ۾ انهيءِ جو 5.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جيڪو پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ هر مهيني ۾ اضافو ڪندي نظر اچي ٿي.پيٽروليم جي اسمن ۾ اضافو ڪرڻ سان عوام کي جهڙي طرح مهانگائي لي منهن ڏيڻو پوي ٿو.ڇوته حڪومت جي طرف کان چيڪ اينڊ بيلنس نه هجڻ جي صورت ۾ ٽرانسپورٽرز کان وٺي ذخيرا فروش تائين ڪرائين ۽ قيمتي من مان ۾ اضافو ٿيندي ڏسون ٿا. بهانو اهو ٺاهين ٿا ته پيٽرو جي قيمتي ۾ اضافو ٻڌايو وڃي ٿو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمتن ۾ اضافي جو اثر ٽرانسپورٽ ۽ عوام تي پوي ٿو.پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان عوام جا عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ به اثر پوي ٿو.جن جي قيمت وڌي وڃي ٿو. وڏو افسوس ان وقت ٿيندو آهي.ته پيٽرول جي قيمتن گهٽ ٿيڻ سان عوام جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي وڌيل قيمتن ۾ گهٽ تائين ناهي ٿيندي.اها هالت ٽرانسپورٽ جي هوندي آهي انهيءِ سان مهانگائي جو گراف وڏو نظر اچي ٿو.پر حڪومت انهيءِ تي ڪنٽرول جو ناهي سوچيندي اهڙي مهانگائي واري مسئلي تي ناڪام ٿيندي نظر ايندي آهي.وفاقي گھڪومت جي اهڙن غلط فيصلن جي ڪري سزا عوام کي ملندي آهي. هن وقت حد کان وڌيڪ مهانگائي ۽ ٽيڪسن جا بار عوم پٺيان آهن.عوام جي احتجاج بعد پيٽرول جا قيمتن ۾ به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي.هر مهيني پيٽرول جي قيمت وڌڻ وفاقي حڪومت پنهنجي شهنشاهي ۽ بادشاهت وارا فيصلا ڏيندي نظر اچي ٿي.اهو ڏاڍ مڙسي وارو شيڊول ڪيستائين عوام تي مڙهيو ويندو سياستدان حقيقت کي به چشم پوشي ڪندي نظر اچن ٿا.اوگرا جي طرف کان جاري ٿيل پيٽرول جون قيمتون هر مهني وڌڻ وارو سلسلو جاري آهي.جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 3.56 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 6.28 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 2.62 في ليٽر ۾ اضافو ٿيو آهي.لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت هڪ روپيو في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويوآهي. وفاقي حڪومت ملڪ جي ادارن کي هاڻي انهيءِ ڳالهه يقيني مڃڻو پوندو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمت ۾ اضافو ٿيل سان عوام لاءِ وڌيڪ مهانگائي ٿي سگهي ٿي.۽ ٽرانسپورٽرن جو مني سستيون وڌي وينديون جن جي ڏاڍ مڙسي کي روڪڻ حڪومت لاءِ به چئلينج هوندو. ٽرانسپورٽرن جي ايڏي تي وڏي ڏاڍ مڙسي ٿيندي آهي جو هو في ماڻهو تي 10 روپيه ڪرايو وڌائي ڇڏيندا آهن.جيڪڏهن ننڍو سفر آهي. ته وڏي سفر تي 50 روپيه في ماڻهو تي ڪرايو وڌايو ويندو آهي.جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽ ٿين ٿيون ته مجال آهي ڪرايو گهٽ ڪن ٽرانسپورٽرن جون اهي ماشيون هلنديون رهنديون آهن.

No comments:

Post a Comment