هُن
اهي ٽي سال ڪهڙي اذيت ۾ گذاريا آھن، سا اذيت فقط هوء ئي ڄاڻي سگهي ٿي، هُوء سمجهي
ٿي ته مڙس جي سيوا ڪرڻ سان ڀڳوان ملي ٿو وڃي، پر هوء ڀڳوان جي ويجهو وڃڻ لاء مڙس
جي سيوا نه پئي ڪري، هوء ته اهڙو فرض پئي نڀائي جيڪو فرض قضا به ٿي سگهي ٿو، پر
هُن ٽن سالن ۾ هڪ پل به قضا ناهي ڪيو، هُن جڏھن ديپڪ جي نالي جو منگل سوتر پاتو
هو، تڏھن هُن جي حياء دار اکين ۾ ڪيترائي خواب لهي آيا هوندا، هُن پنهنجي سينڌ ۾
ديپڪ جي نالي جو سندور هڻڻ وقت ديپڪ سان ساه جي آخري هڏڪي تائين وفا ڪرڻ جا وچن
ضرور ورجايا هوندا، پر هن خواب ته خوشين جا ڏٺا هُئا، هن ته ڪڏھن خيال ۾ به ديپڪ جي اکين ۾
ڳوڙھا نه ڏٺا هُئا، هُن ته جڏھن به ديپڪ کي تصور ۾ ڏٺو ته مسڪرائيندي ڏٺو، هُن
جڏھن به تصور ڪيو ته ديپڪ کي پاڻ سان گڏ مندر جون سيڙھيون چڙھندي ڏٺو، هُن جڏھن به
تصور ڪيو ته پاڻ کي ديپڪ سان گڏ علامه آء آء قاضي جي قبر تي پيار جا نينهن نڀائڻ
لاء ويندي ڏٺو، هُن جڏھن به تصور
ڪيو ته ديپڪ هُن جي چيچ پڪڙي المنظر تي گهمندي نظر آيو، هن ديپڪ کي رڳو پتي
پرميشور نه مڃيو پر هُن کي يقين هو ته هر قدم تي ديپڪ ڏک توڻي سک ۾ مونسان ساٿ
نڀائيندو، هن جڏھن ديپڪ سان پرڻجڻ کانپوء مائٽن جو گهر ڇڏيو ته هن کي ديپڪ جي صورت
۾ هڪ آٿت هڪ حوصلو مليو، هوء ڄاڻي وئي ته مان هاڻ دنيا ۾ وارث واري آھيان، ڪو ته
زندگي ۾ منهنجو سهارو ٿيو، اهو رڳو سنيتا نه پر
هر اها عورت سمجهندي آھي، جيڪا مائٽن جو گهر ڇڏڻ وقت مڙس تي ماڻ ڪندي آھي، سچ به
مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت مڙس جي ٻل تي هر محاذ تي جنگ جوٽي سگهي ٿي، پر شايد ائين ٿيڻو نه هو، زندگي کي شايد
امتحان سنيتا کان وٺڻو هو، پر اهڙو امتحان جنهن امتحان ۾ نه رڳو ديپڪ ۽ سنيتا جي
آزمائش هجي پر سندن معصوم پُٽ جو مستقبل به ڄڻ ديپڪ جي گوڏي جيان اپاهج جي ٽياس تي
ٽنگيل هجي، ديپڪ اپاهج ڪيئن
ٿيو، ؟ هو ته سماج ۾ قانون تي عمل ڪرائيندڙن جي منهن تي چماٽ آھي، اپاهج ته هتان
جو قانون آھي، اپاهج ته اهي ادارا آھن، جيڪي قانون جي هام هڻڻ کانپوء به قانون تي
عمل نٿا ڪرائي سگهن، اهي اختيار هتان جي
پوليس آفيسرن کي ڪنهن ڏنا آھن ته هو هڪ عام شھري سان بندوق جي ٻولي ڳالهائڻ کانپوء
به شرمنده ٿيڻ بجاء چون ٿا ته هاف فراء ٿيل هتان جو پرامن شهري نه بلڪه شريف پنهور
جي نالي پويان بدنام ڏوهاري هو، پوليس جي بندوق مان
نڪتل گولي رڳو ديپڪ جي گوڏي جي ڍڪڻي کي نه چيريو، پر اها گولي ته سنيتا جي خوابن
جو سينو به چيري وئي، اها گولي ته هنن جي معصوم پُٽ جي مستقبل جي پُٺيء ۾ به لڳل
نظر ٿي اچي، پر سنيتا جهڙي بهادر
عورت شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ملي، جيڪڏھن هوء بهادري سان ڪنهن ملڪ جي آزادي جي جنگ
وڙهي ها، تڏھن به هُن جي حصي ۾ ايتري شجاعت نه اچي ها، سنيتا جي ڪردار کي
ڏسڻ کانپوء چئي سگهجي ٿو ته عورت سنيتا جي روپ ۾ واقعي عظيم آھي، عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته عورت ئي وارث جي
سهاري جيئندي آهي، پر هتي سنيتا پنهنجي وارث جو سهارو ٿي بيٺل آھي، سنيتا هن دور جو اهڙو ڪردار آھي جنهن ڪردار
تي اگر لطيف زنده هجي ها ته ضرور پنهنجي رسالي ۾ ڪنهن سر کي سنيتا جو نالو ڏئي ها، اهو پنهنجي ونيء سان ديپڪ جي پيار جو ئي اثر
آھي جو سنيتا اڃان تائين هانءُ ناهي هاريو، عام طور تي اصول اهو
هجڻ گهرجي ته هاف فراء ۽ فل فراء جهڙو هٿرادو قانون متعارف ڪرائيندڙ پوليس آفيسرن
خلاف هتان جو ڪورٽون پاڻ مرادو نوٽيس وٺن، هاف فراء ۽ فل فراء جي شوقين آفيسرن کان
گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇاڻو ڪجي ته اگر ننڍي ڏوھ جي سزا هاف فراء ۽ فل فراء سزا حد جي
ايس پي کي تجويز ڪرڻي آھي ته پوء ڪورٽون ڇالاء آھن، ضرورت ان جي ڳالھ جي
آھي ته نه رڳو ديپڪ جي خاندان کان خوشيون کسيندڙ پوليس آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي، پر گڏو گڏ پوليس گردي سبب هڪ ڄنگھ وڃائيندڙ ڊاڪٽر ديپڪ
راج جي ٻي ڄنگھ جو زخم به ناسور ٿيندو ٿو وڃي، ڊاڪٽر ديپڪ جا ڪل ڏھ
کان ٻارهن آپريشن ٿي چُڪا آھن، سنڌ حڪومت کي گهرجي
ته ڊاڪٽر ديپڪ جي ٻي ڄنگھ بچائڻ لاء سرڪاري مد ۾ ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو ذمو
کڻي، ياد رکڻ گهرجي ته هڪ
سنيتا رڳو سُٺي گهر واري نه بلڪه هڪ ماءُ به آھي، ڊاڪٽر ديپڪ جي خوشين
۾ ئي سنيتا ۽ سوهن جي خوشي لڪيل آھي، اميد ته وزير اعلي
سنڌ انسان دوستي جو ڪردار نڀائيندي اسان جي اميدن تي ضرور پورو لهندو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment