ڊکڻ جو بيمار نوجوان مسيحا جو منتظر/ درياءُ خان جهتيال/دادو


سنڌ جا ماڻهن دردن جي ڪهاڻين سان ڀريا ويا آهن، ڪٿي هو پنهنجو حال اورن ٿا تہ ڪٿي وري هُنن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ئي سڀ ڪجهہ بيان ڪري ٿا ڇڏين، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي بس جيون کي جيارن پيا باقي تہ اهي جهڙا آهن تهڙا ناهن، سنڌ جي ماڻهن کي تڪليفون ڄڻ تہ هر ڏينهن تي مليل آهن، انهن تڪليفن جو ختم ٿيڻ بہ ڏاڍو ڏکيو آهي، هن ڌرتي جا ماڻهو انهن تڪليفن کا ڇوٽڪار حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپندا رهن ٿا، روئندا رهن ٿا پر اهي تڪليفون انهن کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙينديون وڃن ٿيون، دردن سان، تڪليفن سان، ڏُکن سان ويڙهہ ڪندڙ هڪ ڌرتي ڌڻي جا اڄ دردن وارا ڳوڙها سڀني اڳيان ڏيکارجن ٿا، جيڪي ڳوڙها غربت سبب اکين مان وهندا رهن ٿا، ان ماڻهو جي درد ڪٿا پڙهڻ بعد ان ڳالهہ پڪ ڏياري تہ سنڌ دردن ۾ ويڙهجي وئي آهي، ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ لاشاري جي رهواسي پوليس اهلڪار منير چانڊيو جو 18 سالن جو ڳڀرو نوجوان پُٽ تنوير چانڊيو هڪ اهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي جو هو ڪيتري ئي وقت کان هڪ کٽ تي پئجي ويو آهي، 18 سالن جي جواني ۾ پُٽَ پنهنجي والدين جو سهارو ٿيندا آهن پر بيماريون اِهو ڪٿي ٿيون سهن جو هڪ سهڻو نوجوان پُٽ پنهنجي والدين جو سهارو بڻجي انهن جي اميدن کي پورو ڪري سگهي، ڳڀرو نوجوان تنوير چانڊيو جيري جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب هلڻ ڦرڻ کان بہ لاچار ٿي ويو آهي، پنهنجي ڳوٺ جي ڪچي گهر جي ڇاپري هيٺان بيماري واري زندگي گذاريندڙ تنوير چانڊيو پنهنجي والدين اڳيان روئيندو رهي ٿو ۽ والدين بہ هُن جي تڪليف ڏسي اکين مان ڳوڙها نٿا روڪي سگهن، تنوير جي والد منير چانڊيو پنهنجي ڳڀرو پُٽ جو وس آهر علاج ڪرايو آهي پر تنهنجي باوجود بہ ان جو ڳڀرو پُٽ اڃا ٺيڪ نہ پيو ٿئي، سندس والد پوليس اهلڪار آهي پر ''ڏُکئي کي ڏُک بہ گهڻا'' واري ڳالهہ آهي جو هُن جي گهر جو گاڏو ئي مشڪل سان هلندڙ آهي، جنهن سبب هو پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي بيماري جو پورو علاج نٿو ڪرائي سگهي، نوجوان تنيور اڄ 18 سالن جي ڦوهہ جواني ۾ هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جو هُن جي جواني هڪ ئي کٽ تي پئجي وئي آهي، هُن جون خواهشون ختم ٿي ويون آهن، هُن جي والدين جون اميدون ٽُٽي چڪيون آهن، هو نہ هلي سگهي ٿو، نہ اٿي سگهي ٿو ۽ نہ ئي وري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچي سگهي ٿو، هن وقت هُن جي عمر ڦوهہ جواني واري آهي پر هو بي وس بڻجي هڪ ئي هنڌ محدود ٿي ويو آهي ۽ ٻاجهاري کي پڪاري رهيو آهي، هُن جي تڪليف لکڻ وقت اهي ئي ڳوڙها اچن ٿا جيڪي هُن جو بابا هُن جي بيماري واري حالت ڏسي ڳاڙي رهيو آهي، انهن ڳوڙهن سان ئي تنوير جي دردن کي لکي سگهجي ٿو، نوجوان تنوير اسان نوجوانن جيان زندگي گذارڻ جو خواهشمند آهي، تنوير پنهنجي جواني کي خوش بڻائي پنهنجي والدين جو سهارو بڻجڻ چاهي ٿو پر غربت هُن کي سُڪائي ڇڏيو آهي، غربت هُن جي والدين جي بيوسي جي اڳيان بہ مسلسل رڪاوٽ بڻيل آهي، پوليس اهلڪارن جي بہ ڀلا ڪهڙي زندگي آهي؟ ڏکن سان ڀريل، دردن سان ويڙهيل، تڪليفن سان ڪڙهيل زندگي گذاريندڙ آهن اُهي، انهن مان منير چانڊيو بہ هڪ آهي جيڪو پنهنجي ڳڀرو پُٽ جي علاج لاءِ ڏاڍو پريشان آهن، هُو پنهنجي گهر جو گاڏو ئي مشڪل سان ٿو هلائي تہ پوءِ هو پنهنجي نوجوان پُٽ جو علاج پورو ڪيئن ڪرائي؟ ڪنهن جو سهارو وٺي؟ هو پنهنجا ڏک ٻاهر نٿو ڪڍي، بس پُٽ جي تڪليف ڏسي روئندو رهي ٿو، دردن کي ميڙيندو رهي ٿو، هِن وقت تنوير چانڊيو جي هڪ ئي خواهش آهي تہ ان جو علاج ڪرايو وڃي، هو ٻيو ڪجهہ نٿو گهري بس پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ سڀني اڳيان جهول جهلي ٿو، ڊکڻ جي ڳوٺ لاشاري جو نوجوان تنوير چانڊيو هر اُن سنڌ واسي کي پڪاري ٿو جيڪي انسان دوست آهن، سنڌ جي خوش ماڻهن، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ پوليس، گهرو وزير، ڳڙهي ياسين، ڊکڻ جا چونڊيل نمائندن ۽ ٻين سرندي وارن کي پوليس اهلڪار منير چانڊيو جي نوجوان پُٽ جي علاج لاءِ مدد جي اپيل آهي، هُن نوجوان جي علاج جو خرچ ڊاڪٽرن موجب 50 لک آهي پر ڦڙي، ڦڙي تلاءُ آهي، اوهان سڀ هڪ ٿي هڪ زندگي بچائي سگهو ٿا، بيمار نوجوان تنوير اسان منجهان آهي جنهن کي هن وقت اسانجي ضرورت آهي، سنڌ جا وس وارا ماڻهو تنوير جي علاج لاءِ اڳيان اچي ڳڀرو نوجوان جي زندگي بچائن.

No comments:

Post a Comment