ميرپورخاص ( رپوٽ خير
الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان سلهاڙيل آهي ڇا ڪاڻ ته پوليو وائرس اسان جي ايندڙ نسلن جي صحت مند زندگي تي اثرانداز ٿي انهن کي هميشه لاءِ معذور بڻائي ڇڏي ٿو . اهڙن ڳالهين جو اظهار هن ڪمشنر ڪانفرنس هال ميرپورخاص ۾ 30 نومبر کان 4 ڊسمبر 2020 تائين ٿيندڙ پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ جي حوالي سان ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ، صحت کاتي جي آفيسرن ۽ پي پي ايڇ آئي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان ويڊيو ڪانفرنس ذريعي گڏجاڻي صدارت ڪندي ڪيو . ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ وڌيڪ چيو ته صحت جي حفاظت جي بهتر معيار جي لاءِ فقط بهتر اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ اهميت رکي ٿو ان ڪري پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ ۽ تمام گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان اپاءُ وٺڻا پوندا . هن سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ، صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آئي جي آفيسرن تي زور ڀريندي چيو ته پوليو مهم جي حوالي سان جيڪي به مسئلا آهن انهن کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ پوليو مهم جي دوران نگراني واري نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ فعال بڻايو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي . ڪمشنر ميرپورخاص صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پنهنجي پنهنجي ضلعن جي داخلي رستن تي ويڪسينيٽرن کي مقرر ڪري ٻاهران کان ايندڙ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين ۽ انهن جي تفصيل پڻ گڏ ڪن ۽ چيو ته پوليو مهم دوران ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي حوالي سان ايس او پيز کي مڪمل عمل ڪيو وڃي ، هن اها پڻ هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ پوليو ويڪسين جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪن جيڪڏهن ان حوالي سان مسئلا ٿيا ته لاڳاپيل ضلعن جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي . گڏجاڻي ۾ ڊويزنل ڪمشنر پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻارن جي بهتر صحت لاءِ حفاظتي ٽڪن واري پروگرام کي مضبوط ڪرڻ سان پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ ۾ ڪافي حد تائين مدد ملي سگهندي ان حوالي سان به اپاءُ ورتا وڃن . گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ ، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت علي ميمڻ ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر سيد ڪبير شاهه ، ڊائريڪٽر صحت ميرپورخاص ڊويزن ڊاڪٽر محمد يوسف ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ميرپورخاص سيد مشتاق شاهه لڪياري ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر گورڌن داس ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر الله داد راٺوڙ ، ڊويزنل سرويلينس آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر ربنواز ، ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آئي ڊاڪٽر نجيب ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي ميرپورخاص ڊاڪٽر هدايت الله ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي .
No comments:
Post a Comment