ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لکي خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪري ڇڏيو شاگردياڻي کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ھندو برادري جو جروار ٿاڻي آڏو احتجاج مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن جو شاگردياڻي جي وارثن کي خاموشي اختيار ڪرڻ جون ڌمڪيون جروار پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار شھر جي مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خميسو بوزدار پاران مليل اطلاعن موجب ڪيترن ئي ڏينھن کان ھندو برادري سان تعلق رکندڙ معصوم نياڻي ساڪشي ڪماري کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو پر گزريل ڏينھن ھن شاگردياڻي کي ھڪ لو ليٽر لکي ڪري سندس ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ خفيه جڳھ تي ملڻ جو اظھار ڪيو ته ھندو برادري سان تعلق رکندڙ ناري ساڪشي ڪماري فوري طور تي اسڪول ڇڏي گھر پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ گھر وارن کي استاد جي ڪيل بد تميزي جي حقيقت ٻڌائي اھڙي واقعي بعد جروار سان تعلق رکندڙ ھندو برادري جي ماڻھن جروار ٿاڻي آڏو پڻ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر خميسو بوزدار خلاف سخت احتجاج ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن بعد جروار سان تعلق رکندڙ بااثر ڀوتارن پاران ناري جي والدين کي خاموشي اختيار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر آخري اطلاعن تائين ماستر خلاف ڪابه ڪارروائي ڪون ٿي سگھي آھي نه ھي ڪو ڪيس داخل ٿي سگھيو ھيو جروار شھر جي ھندو برادري جي ماڻھن ۾ ماستر خلاف سخت تاءُ پکڙيل ھيو ٻي طرف سياسي ڀوتار مسئلي کي دٻائڻ ۾ مصروف ھيا..
ميرپورماٿيلو ۾ استاد پاران شاگردياڻي کي لو ليٽر لکڻ تان ڇڪاڻ
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment