مسلم امت اڳيان وعدهه معاف گواهه/عزيزالله ٻوهيو


اڄ ۽ ڪالهه جي اخبارن ۾ ولي عهد سعودي حڪومت شهزادي محمد بن سلمان جو بيان ڇپيو آهي ته اسان حڪومت سعودي وارن اولهه جي ملڪن جي چوڻ تي اسلام جي اندر وهابيت کي پکيڙيو ۽ مختلف ملڪن ۾ مسجدن ۽ مدرسن ۾ سوويت يونين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ فنڊ ڏناسون ۽ سعودي رياست ۾ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ هر حڪمران مغربي ملڪن جي انهيءَ گمراهه ڪندڙ فرمانن پٺيان ڀٽڪي ويون. هاڻي اڳتي جي لاءِ اسان کي وري موٽ کائڻي آهي ان لاءِ قدامت پسند مذهبي اڳواڻن کي وڏي مشڪل سان راضي ڪيو آهي. پڙهندڙن کي ڄاڻ هوندي ته وهابيت نالو سعودي حڪومت جي شيخ الاسلام محمد بن عبدالوهاب جي نالي جي مناسبت سان مشهور ڪيل آهي جيڪو سعودين جو اهو مذهبي تعارف وهابيت ۽ حنبلي فقه جو مڪسچر آهي ۽ امام احمد بن حنبل ائمه اربعه اهل سنت جو چوٿون امام آهي ۽ انهن چئن امامن جو وڏو امام ابو حنيفو آهي ۽ اهل سنت جا اهي چارئي امام زيدي شيعه طور تاريخ ۾ سڃاتا وڃن ٿا اميد آهي ته پڙهندڙن کي ڄاڻ هوندي ته وهابيت جو ٻيو نالو “اهل حديث” به آهي. هونئن ته مسلم امت جي اندر علم حدي کي سرڪاري طور علمي نصاب لاءِ بنو عباس جي خلافت قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو نصاب نافذ ڪيو ويو آهي ۽ جناب خاتم الانبياءَ عليه السلام کان وٺي قريش خلافت جي پڄاڻي هڪ سئو ٻٽيهه هجري تائين امت جي اندر دين اسلام جا قانون سمجهڻ ۽ هلائڻ لاءِ صرف ۽ صرف ڪتاب قرآن جا اصول ۽ باءِ لاز نصاب تعليم جو حصو هو. پوءِ ان خلافت قريش خلاف ان کي بنو اميه جي گار سان آل رسول جي استحقاق جي نعري تي انهن خلاف تحريڪ هلائي وئي جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ بنو عباس جيئن ئي حڪمران بڻيا ته انهن امت مسلمه لاءِ نئون نصاب تعليم علم حديث جي نالي سان امامي روايات تي مشتمل آندائون جيڪو انهن ڪجهه قريش خلافت واري دور ۾ انڊر گرائونڊ جيلن سان جوڙيو هو ۽ ڪجهه ٻين ٽين ۽ چوٿين صدين تائين حديثون ۽ فقه جوڙيندا رهيا جيڪي اڄ پندرهين صدي هجريءَ تائين مذهبي ۽ عربي مدرسن ۾ پڙهايا پيا وڃن مطلب ته قرآن منجهان قانون جو علم سکڻ ٻين صدي هجري جي ٻئي ٽهاڙ کان وٺي اڄ تائين بند آهي. مطلب ته اڄ اندازن چوڏهن سئو ست سال گذري گذري وڃڻ تائين قرآن حڪيم تي عدالتن لاءِ قانون طور حوالا ۽ رفرنس ڏيڻ تي بندش آهي. قرآني قانون سازيءَ جي عمل کي تالا چڙهيل آهن. زندهه الله جو قرآن صرف مئل ماڻهن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ آهي ۽ جيئرن ماڻهن لاءِ مئل فقه ساز دانشورن جون روايتون آهن عباسي اصل ۾ ڪير هو انهيءَ سوال جو جواب تمام ڊگهو آهي پر ڪير هن ٿوري ڳالهه منجهان پاڻ اندازو لڳائي ته عباسي دور جي آخري خليفي جو وزيراعظم ۽ عباسي حڪومت کي ڊاهڻ واري عيسائي بادشاهه هلاڪو جو وزيراعظم اهي ٻئي ملڪ فارس جا اسماعيلي باطني مذهب وارا هيا جيڪي پاڻ ۾ گهرا دوست به هيا مصر ۽ آفريڪا مٿان فاطمي خلافت قائم ڪرڻ وارو عبيدالله به فارسي النسل ماڻهو آهي بغداد جي عباسي خلافت جڏهن ترڪي ۽ فارس ۾ ورهائجي وڃي ٿي تڏهن به انهن سڀن مسلم ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ امامي علمن جون غير قرآني رواياتي علمن جو نصاب تعليم هلي ٿو. پندرهين سورهين صدي عيسوي ۾ انگريز جڏهن برصغير ۾ اچي واپار جون ڪوٺيون کولين ٿا پوءِ هوريان هوريان سياسي مالڪي به قائم ڪري وڃن ٿا ته انهن خلاف 1857ع تائين مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي سرپرستي هيٺ وڏي بغاوت کڙي ٿئي ٿي ان جنگ ۾ شامليءَ جي محاذ تي هندستان جوهڪ وڏو عالم دين مولانا محمد قاسم نانوتوي ويڙهه ڪندي شڪست کائي ٿو. انگريزن وٽ انهيءَ جنگ ۾ هر وڙهندڙ باغيءَ جي سزا سر قلم ڪرڻ ۽ ڦاسي هئي ايترو جو خود مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي به انگريزن لال قلعي مان سندس ٻن پٽن سميت پهريائين گرفتار ڪري رنگون ۾ وڃي قيد ۾ رکيو پوءِ اتي سڀن جون منڍيون ڪپي انهن کي قتل ڪيو ويو. انگريزن لاءِ هي مشهور آهي ته هو سئو سال لاءِ اڳي سوچيندو آهي سو ان هتي ننڍي کنڊ ۾ رهندي مسلمانن جي هتي حاڪم ٿي رهڻ ڪري انهن جي ذهني وڏائيءَ جو اندازو ڪري ڇڏيو هئو وري ان جو عملي مظاهرو 1857ع جي بغات جي شڪل ۾ به ڏٺائون پوءِ انهن اهو به سوچيو ته مسلمانن جي مذهبي ديني مدرسن جي درس نظامي واري سليبسن ۾ علم حديث جي موضوع منجهان خاص ۽ اهم خلاف قرآن ڪتاب ته نصاب ۾ آهن ئي ڪو نه سو انهن مولانا محمد قاسم نانوتويءَ سان ڳالهايو ته اوهان ڏسي رهيا آهيو ته اسان پنهجي باغين جو سر قلم ڪري کين موت جي سزا ڏئي رهيا آهيون سو جيڪڏهن اوهان اسان جا ٻه شرط قبول ڪندا ته پوءِ اوهان اسان جا دوست آهيو. جيڪڏهن اهي شرط قبول نه ڪندا ته پوءِ توهان جي به سزا ٻين وانگر موت جي سزا آهي. نانوتوي صاحب اهي ٻه شرط پڇيا ته ڪهڙا آهن انگريز سرڪار ٻڌايا ته هڪ ته اوهان هڪڙو ديني تعليم جو مدرسو کوليو جنهن ۾ علم حديث جا ڇهه ڪتاب بخاري، مسلم، ابو دائود، ترمذي، نسائي ابن ماجه، صحاح سته جي نالي سان پڙهائي اهڙا ته عالم پيدا ڪيو جو هو سڄي هندستان جي ديني مدرسن ۾ وڃي انهن ڪتابن جي تعليم ڏين. ٻيو شرط هي آهي ته اوهان هڪڙي فتويٰ جاري ڪيو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص پاڻ کي نبي سڏائڻ جي دعويٰ ڪري ته محمد عليه السلام جي ختم نبوت کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي. نانوتويءَ صاحب انگريز حڪومت جا اهي ٻئي شرط قبول ڪيا پوءِ ديوبند شهر ۾ مدرسو کولي هي به مشهور ڪيو ويو ته نبي سائين جن خواب ۾ اچي نانوتوي صاحب کي هڪ لڪڻ سان ديوبند شهر جي اندر موجوده مدرسه جي پلاٽ واري زمين تي ليڪو ڪڍي ڏنو ته هن جاءِ تي اوهان مدرسو کوليو ۽ انهيءَ مدرسي منجهان ئي سڄي هندستان جي مدرسن ديوبندين، بريلوين سڀن کي علم حديث جا استاد اتاهون تيار ڪري سپلاءِ ڪيا ويا ۽ اڳتي هلي اهل حديث فرقي نالي سان ماڻهو به خود ديوبند جي شاگردن منجهان ئي بڻيا ۽ انگريزن جي ٻئي شرط لاءِ به مولانا نانوتوي صاحب هڪ ڪتاب تحذيرالناس جي نالي سان لکيو جنهن ۾ هڪڙو هي ڪوڙ لکيائون ته ستن آسمانن وانگر زمينون به ست آهن هر زمين ۾ مٿين زمين جي آدم وانگر آدم آهي نوح وانگر نوح آهي، ابراهيم وانگر ابراهيم آهي موسيٰ ۽ عيسيٰ وانگر موسيٰ ۽ عيسيٰ به آهن ۽ محمد وانگر به محمد آهي ۽ اهي هيٺين زمينن وارا به مٿين وانگر سڀ نبي آهن مطلب ته ڪل ست عدد محمد عليه السلام آهن ۽ ست ئي خاتم الانبياءَ آهن. مطلب ته نانوتوي صاحب اسان جي آخري خاتم الانبياءَ عليه السلام اڪيلي جي ختم نبوت ڇهه عدد ٻين کي به نبي بنائي ڇڏيو سو به اهڙو جو مٿين زمينن واري محمد عليه السلام جي ختم نبوت کي ڪو به لهر لوڏو نه آيو ۽ ٻيا ڇهه عدد نبي به ٺاهي ڏنائين سي به نه رڳو صرف نبي نه پر انهن کي به خاتم النبين به ٺاهي ڏنائين ۽ اها سڄي ڳالهه حديث جي ڪتاب ترمذي جي هڪڙي حديث جي حوالي سان لکي ڏنائين. نانوتوي صاحب جو اهو ڪتاب اردو بازر ڪراچي جي مڪتبه دارالاشاعت وارن جو ڇپرايل مارڪيٽ ۾ موجود آهي. بهرحال انگريز ايتري ته راضي ٿي ويا جو ٿوري عرصي کان پوءِ پنجاب جي ضعي گورداسپور جي شهر قاديان منجهان مرزا غلام احمد قادياني کي آخري نبي محمد عليه السلام جو ظلي بروزي “شيڊو” نبي بنايائون جنهن جو بزنس اڃا تائين پيو هلي. انگريزن اهو ڪم ان ڪري ڪيو ته انهن جو ٺاهيل نئون نبي اسلام ۾ مسلمانن ۾ حڪومت برطانيه سان وفادار ٿي هلڻ ۽ رهڻ لاءِ مسلمان امت منجهه ايترو ته ڪم ڪري جو هو وري ٻيو ڀيرو 1857 جهڙي بغاوت ۾ ٻيو ڀيرو وري نه ڪو ڪردار ادا ڪن پوءِ جڏهن مولانا محمد قاسم نانوتوي ديوبند ۾ دارالعلوم جي نالي سان علم حديث کي عام ڪرڻ لاءِ مدرسو قائم ڪيو ته ان لاءِ هي مشهور ڪيائون ته مون جيڪا شامليءَ جي محاذ تي انگريزن کان ميدان جنگ ۾ شڪست کاڌي هئي هاڻي مون ساڳي جنگ کي علم جي چادر اوڙهي مدرسي جي آڙ ۾ اهو ڪم شروع ڪيو آهي سندس انهيءَ پڌرائي منجهان ان جو هڪڙو شاگرد شيخ الهند محمودالحسن کي ته فڪري طور مولانا ابوالڪلام آزاد انگريزن جي باغي ڪئمپ ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان تي انگريزن اکيون کوليون ته هي ڇا پيو ٿئي جو مدرسو ته اسان جي ڳجهن فنڊن تي قائم ٿيو آهي ۽ اتي تيار ٿيندڙ ماڻهو وري مخالف ڪئمپ ۾ پيا وڃن پوءِ انهن نانوتوي صاحب جي پٽ ۽ جاءِ نشين مهتمم مولانا محمد احمد کي شمس العلماءِ هند جو لقب ڏنو جنهن اهڙي لقب ۾ هڪ جاگير بطور مالي مدد جي شامل هئي انگريزن جي اهڙي امداد سان مولانا شبير احمد عثماني، مولانا اشرف علي ٿانوي به پنهنجي استاد شيخ الهند محمود الحسن جي آزاري واري نظرئي جي خلاف ٿي پيا ۽ انگريزن جو ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ يو پي جي گورنر جيمس مسٽن کي مدرسي دارالعلوم ديوبند ۾ دعوت ڏئي ان کي سپاس نامون پيش ڪيائون ته اسان سڀ اوهان جا وفادارا آهيون ۽ يورآنر جي ترقي لاءِ دعاگو آهيون. نه صرف ايترو پر نانوتوي صاحب جي فرزند جانشين وقت بوقت انگريز سرڪار کي شيخ الهند جي انگر دشمن سرگرمين، ڪارگذارين ۽ عبيدالله سنڌي جي سرگرمين لاءِ خبرون پئي پهچايون ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي جي ڀاءَ جيڪو انگريز حڪومت ۾ سي آءِ ڊي انسپيڪٽر هئو انهي مولانا شيخ الهند جي حج تي وڃڻ کان پوءِ حڪومت کي ٻڌايو ته مولانا حج جي بهاني شهر مڪي ۾ جڏهن ترڪي خليفي جو نائب نور پاشا به اتي ايندو ته ان کي هن ڳالهه لاءِ تيار ڪندو ته اوهان جي خلافت بچائڻ ۽ هندستان کي آزادي وٺي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان هندستان مٿان حملو ڪيو ته جيئن برطانيه منجهان جان ڇڏايون. پوءِ انگريز مڪي ۾ ترڪن جي غدار عرب گورنر شريف هٿان مڪي شهر منجهان شيخ الهند کي گرفتار ڪرائين پهريائين ملڪ مصر جي جيل ۾ موڪليو پوءِ وري مالٽا جي جيل ۾ موڪلي قيد ڪيو ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي جي ڀاءَ کي اهڙي خبر پهچائڻ ڪري انسپيڪٽر منجهان ترقي ڏئي ڊي ايس پي ڪري ڇڏيو ۽ نانوتوي جي جاءِ نشين فرزند پنهنجي ٽولي سميت مدرسي منجهان شيخ الهند جي گروپ وارن خلاف انهن جي انگريز دشمن سرگرمين جون هر وقت خبرون سرڪار کي پئي پهچايون. پوءِ جڏهن 1917ع ۾ لينن سوويت يونين نالي يورپ ۾ مارڪس ازم جي فڪر تي انقلاب آندو ته برطانيه وارن سعودي ولي عهد جي چوڻ مطابق جيئن مڪي مديني ۾ وهابي اهل حديثن کي مسجدون ۽ مدرسا ٺاهي انهن کان سوويت انقلاب کي ڊاهڻ لاءِ ڪم آندو اهڙي طرح انگريز سرڪار مدرسي ديوبند ۾ درس نظامي ۾ حديثن جو موضوع شامل ڪرائڻ جو فائدو وٺندي ان علم جي عالمن کان به اهل حديث وهابي فرقو تيار ڪرايو جيڪو سڄي هندستان ۾ سعودي وهابين سان گڏ عالمي سامراج جا ٻانهن ٻيلي ٿي سوويت انقلاب خلاف ڪم ڪرڻ لڳا ۽ اڳتي هلي پاڪستان ۾ سوويت انقلاب خلاف ديوبندي عالمن جي اثر هيٺ حلقي وارن کان طالبان جي نالي تي افغانستان ۾ نور محمد ترهه ڪي جي انقلاب کي ڪافر سڏي جهاد ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيل خاص ڪري عربي مدرسن جي طالبن ۽ مولوين کان سامراجي سپاهه جو ڪم ورتو ويو جنهن سان لينن جي انقلاب جو خاتمو سعودين جي ريال ۽ سامراج جي عقلمندي ۽ انهن جي شو پيس اهل حديثن ۽ ٻين حديث پرست مذهبي فرقن جي تنظيمن ذريعي ڪرايو پوءِ ڪابل ۾ ملا عمر جي حڪومت کان شايد ترت ئي پوءِ برطانيه سرڪار جي وزارت دفاع، پاڪستان جي سڀن مذهبي فرقن جي ديني مدرسن جي تنظيمن جي سربراهن کي لنڊن اچڻ جي سرڪاري خرچ تي دعوت ڏني ۽ اتي انهن سان ميزبان سرڪار ڪيئي اجلاس ڪيا جن سڀن ۾ کين طالبان سازي جي نصاب تعليمي ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ نرمي، رواداري ۽ هڪ ٻئي کي برداشت جي سکيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. لنڊين ۾ مولوين سان ڪيل اهڙان اجلاسن جي سموري رپورٽ هتي هڪ ملڪي اخبار ۾ ڇپي هئي جيڪامون وٽ اڄ به محفوظ آهي. وري ان کان پوءِ آمريڪي حڪومت وڏي داٻ ڌڙڪي سان پاڪستان سرڪار کي حڪم ڏنو ته سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ هاڻي اوهان به پنهنجي ديني مدرسن جي نصاب تعليم منجهان جهادي حديثون ڪڍي ڇڏيو. سو غور ڪيو وڃي ته تازو جيڪو سعودي حڪومت جي ولي عهد پاڻ قبول داري ڪئي آهي ته مغربي ملڪن اسان کي لينن انقلاب جي ختم ڪرڻ لاءِ وهابيت کي جنم ڏيڻ، مولوي پالڻ، مسجدن جي هٿان فنڊ ۽ بجيٽون خرچ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هيو جيڪو هاڻي سوويت يونين انقلاب جي خاتمي کان پوءِ ضروري ناهي سو هاڻ اسان سعودي حڪومت جي مذهبي پيشوائيت کي وڏي جفاڪشي سان مڃائي ويا آهيون ته هينئر پراڻيون سوچون ختم ڪيو. پڙهندڙ مهربان غور ڪن ته قريش خلافت جي 132 هجري ۾ خاتمي کان پوءِ جيڪو عباسي دور خلافت ۾ غير قرآني نصاب تعليم اسان کي ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين امت مسلم جي مدرسن ۾ پڙهايو پيو وڃي انجون اصل واڳون ڪنهن وٽ آهن؟ ۽ اهي پنهنجي مفادن لاءِ مسلم مذهبي پيشوائيت کي ڪيئن پيا ٿا ميدان تي آڻين پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اطلاع آهي ته جڏهن سعودي حڪومت شهر مديني ۽ علم حديث جي تعليم لاءِ مدينه يونيورسٽي قائم ڪئي هئي ته پاڪستان منجهان مولانا مودوديءَ کي ان يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جو ممبر بنايو ويو هئو ۽ پاڪستان ۾ جڏهن افغانستان ذريعي نور محمد ترهه ڪي جي حڪومت جي خاتمي سان سوويت يونين انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽي کي هٽائي جنرل ضياءُالحق کي هتي صدر بنايو ويو هئو ته جامعه مدينه يونيورسٽي جي سڀن پاڪستاني شاگردن کي موڪل ڏئي سرڪاري خرچ تي هت پاڪستان موڪليو ويو هو ته هو ملڪ جي عوام ۾ هي پروپيگنڊا ڪن ته ضياءُ الحق جي حڪومت الله جي طرفان پاڪستان سرڪار لاءِ وڏي نعمت ۽ رحمت آهي.

باهه جا واقعا ۽ عوام جي ذميواري/ عزيزالله ناريجو )خيرپورميرس(


ڪراچي جي علائقي پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ لڳل باهه ۾ ڪيترائي دڪان ۽ گهر ته سڙي رک ٿي ويا هئا، پر ان سان گڏوگڏ ڪاٺ جي مارڪيٽ ۾ مختلف دڪانن ۾ رکيل اربين رپين جو قيمتي عمارتي ڪاٺ پڻ سڙي رک ٿي ويو هو اها باهه ڪيئن لڳي يا باهه هٿن سان لڳائي وئي، تنهن بابت جاچ هلندڙ آهي. اها باهه جيڪا هڪ اهڙي ڳتيل بازار ۾ لڳي جتي باهه وسائيندڙ گاڏيون ته پري جي ڳالهه آهي پر ٻه ماڻهو گڏجي پنڌ به انهن گهٽين مان لنگهي نه ٿا سگهن، ان ڪري گاڏين جي نه پهچڻ ڪري ايڏ وڏو جو نقصان ٿي ويو. ان باهه بابت جيتوڻيڪ هڪ لساني جماعت پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي باهه کي موضوع بڻائيندي سنڌ جي وڏيرن کي اهو چئي گهٽ وڌ ڳالهايو ته ڪراچي کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ تمام اڻ ٽر بڻجي چڪو آهي جيئن ته ڪنهن علائقي ۾ باهه لڳڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، ان ڪري فوري طور تي پنهنجي دل جي باهه ڪڍڻ ۽ نفرت پکيڙڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا به ڌر ڪنهن قسم جي ڪوشش ڪري ٿي يا ان کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اهڙي ڪوشش جي ڪو به ساڃاهه وند حمايت ڪري نه ٿو سگهي. ڪراچي ۾ لڳل باهه واري معاملي تي اڃا گهڻي ڏي وٺ ٿيئي ها ۽ سنڌ ۾ ان معاملي تيڏي جواب ۽ وٺ جوابوارو سلسلو هلندو رهي ها ليڪن لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ ۾ لڳل باهه ان سڄي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ لڳل باهه ۾ ڪو به ماڻهو زخمي يا فوت نه ٿيو هو، جڏهن ته لاهور جي انارڪلي مارڪيٽ کي لڳل باهه ۾ 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ باهه لڳڻ ڪو ننڍو وڏو حادثو يا دهشتگردي واري ڪا ڪارروائي وارو واقعو سامهون اچي ٿو ته ان تي ڪو فوري ر د عمل ڏيکارڻ يا پنهنجا پراڻا وير پارڻ بجاءِ هجڻ ته ائين کپي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون و ڃن ته جيئن ڪنهن آفت کان متاثر ٿيل ماڻهن جي دادرسي ٿي سگهي ته ٻئي طرف اهڙن خوفناڪ واقعن بابت ٿيندڙ جاچ ۾ ساٿ ڏيئي اهو ڏسڻ گهرجي ته اهو خوفناڪ واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ ان جا ذميوار ڪير ڪير آهن. لاهور ۽ ڪراچي ۾ لڳل باهين وارا واقعا اڃا بحث هيٺ ئي هئا ته ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳڻ وارو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ به لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ ڪارخاني کي پڻ باهه لڳي آهي، جنهن ۾ ڪيترو ئي نقصان ٿيو آهي، اهڙي ريت ٺٽي لڳ ڳوٺ کي باهه لڳي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت سڙڻ جا اطلاع مليا آهن. جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا آهن. انهن واقعن کي ڏسندي اسان سمجهون ٿا ته حفاظتي انتظامن بابت اسان جي حڪومت ته پنهنجيون ذميواريون ڄڻ ته وساري ڇڏيون آهن، جڏهن ته عام ماڻهو به ان سلسلي ۾ لاتعلق ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. مثال طور اڳ سئنيمائن، ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن وغيره ۾ باهه وسائڻ وارا آلات موجود هوندا هئا، جيڪو به ماڻهو ڪنهن سئنيما تي ويندو هو ته ان کي ڀت تي ٽنگيل هڪ ڳاڙهي رنگ جو سلينڊر ضرور نظر ايندو هو اهڙي ريت ريلوي اسٽيشن ۽ اسپتالن ۾ به اهي سيلينڊر لڳل نظر ايندا هئا. جڏهن ته مٽي سان ڀريل ڪيتريون ئي بالٽيون پڻ ٽنگيل نظر اينديون هيون. جيتوڻيڪ انهن سلينڊرن کي استعمال ڪرڻ جو شايد ئي ڪنهن کي موقعو مليو هجي ڇاڪاڻ ته باهه کان بچڻ لاءِ جن حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي هئي اهي اڳواٽ ڪرڻ جي ڪري باهه وسائيندڙ آلاتن کي استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي هئي هاڻ جيئن ته اڪثر ميونسپالٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ فائربرگيڊ جون گاڏيون موجود آهن، ان ڪري عام ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪو باهه جو واقعو پيش آيو ته پوءِ فائربرگيڊ کي فون ڪري گهرائي وٺبو. ليڪن ٿيو ائين آهي ته باهه لڳڻ کانپوءِ جيسين فائربرگيڊ اچي ئي اچي تيستائين باهه لڳل دڪان يا گهر سڙي خاڪ ٿي چڪو هوندو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته باهه وسائيندڙ گاڏي اطلاع ملڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تي پهچڻ لاءِ جيستائين عملو تيار ٿيئي. گاڏي ۾ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ۽ وا قعي واري هنڌ تي پهچي تيستائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ ضرور لڳيو وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر باهه ڪيترو ڪجهه ساڙي ڇڏيندو، تنهن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. ان هوندي به فائربرگيڊ پهچي باهه کي ٻين گهرن يا دڪانن کي باهه لڳڻ کان بچڻ وارو ڪم شروع ڪندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچي ويندو آهي. ساڳئي ريت اسان وٽ ڳوٺن ۾ ته خاص طرح ڪو به بندوبست نه هوندو آهي، ايتري تائين جو ڪڻڪ جي کرن کي لڳندڙ باهه لکين رپين جو نقصان ڏيئي ڇڏيندي آهي ۽ آبادگارن جي سال جي ڪمائي هڪ منٽ ۾ سڙي رک ٿي ويندي آهي. جڏهن ته فائربرگيڊ کي شهر کان واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن، اسان ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ عام ماڻهن کي صلاح ڏينداسين ته اهي ان سلسلي ۾ حفاظتي اپائن بابت قدم کڻن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ اهو لازم ڪن ته اهي باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪن ته جيئن باهه جي لڳندڙ واقعن کي فوري طور تي روڪي سگهجي. اهڙي ريت ڳوٺن ۾ به حڪومت کي اهڙا بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جڏهن ته هر ڳوٺ ۾ جيڪي به سرندي وارا شخص آهن يا جن جون پنهنجيون اوطاقون آهن، تن تي جيڪڏهن باهه وسائڻ وارا آلات خريد ڪري، اهڙي هنڌ تي رکن جتان اهي آساني سان دستياب ٿي سگهن يا کرن کي باهه لڳڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن اهي آلات کرن جي ڀر ۾ رکيل هجن ته شايد ڪيترن ئي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومتي سطح تي حفاظتي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪا مهم هلائي وڃي ته باهه لڳڻ وارن واقعن جي امڪانن کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ وڏن نقصانن کان بچي سگهجي ٿو

آبادگارن جون باردانو نه ملڻ جون دانهون/ راهب علي سولنگي )راڌڻ اسٽيشن(


سنڌ صوبو خوشحال زرعي صوبو آهي جتي موسم جي تبديلي سان گڏوگڏ معاشي تبديلي ايندي آهي.جڏهن جڏهن آبادگارن جون نئون فصل لهندو آهي هن وقت نئي ڪڻڪ مارڪيت ۾ اچي چڪي آهي پر افسوس سنڌ جي هارين کي نسدن فصل جو صحيح اگهه نه ٿو ڏنو وڃي ڇا اهو آبادگارن سان ظلم ناهي؟بي رحم واپاري پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪندي نظرايندا آهن جن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي هوندو هن وقت تائين ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر به ناهن کلي سگهيا. سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ سرڪاري سينٽرن کلڻ سان ڪڻڪ جي اگهه ڪجه سٺو ملي پوندو هارين کي جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جي به سٺي پيداوار ٿيندي آهي.حڪومت سنڌ جو ڪڻڪ خري ڪرڻ جو الائي ڇا ٽارگيٽ بيهندو هارين ۽ آبادگارن هر سال اهو يقين ڏياري ويندو آهي ته ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو حڪومتي سينٽر خريد ڪندا پر افسوس سڀ اهي دعوائون ڪوڙ ثابت ٿينديون آهن. ڇو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري سينٽرن تان باردانو ناهي ملي سگهيو. بارداني نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر ايندا آهن. ۽ احتجاج ڪندي به نظر ايندا آهن. ڪڻڪ وارو سڀ باردانو ڪڻڪ جي انهن واپارين کي ڏنو وڃي ٿو. جيڪي هارين جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کان سٺي اگهه ۾ ڪڻڪ خريد ناهن ڪندا انهن منافعي خور واپارين ۾ هاري دوست وارو جذبو ناهي نظر ايندو هر سال سنڌ هارين سان هر فصل لهڻ سان انهن سان مسئلا پيدا ڪي ويندا آهن. واپارين هڪ هٽي جي ڪري آبادگارين کي پنهنجي محنت جو اصل معاوضو نه ٿو ملي ان کان علاوه آبادگارن کي ڪڻڪ جي لاءِ بارادنو نه ملڻ جون شڪايتون به هونديون آهن. سنڌ جي سرڪاري سينٽرن تي ايتري قدر بدعنواني ۽ ڪرپشن جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. هر سينٽرن تي سياسي بنياد تي سياسي ماڻهن کي باردانو ونڏ ويندو آهي. عام هاري کي اهو چيو ويندو آهي ته توهان پنهنجو باردانو استعمال ڪري ڪڻڪ سنٽرن تي کڻي اچو ته خريد ڪنداسين ڇا اهو بدعنواني جو مطاهرو ناهي فود ڪنٽرول ۽ خوراڪ کاتي جا بالا آفيسر ۽ انسپيڪٽر ڪهڙي مرض جي دوا آهن . جو ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڪڻڪ لاءِ باردانو به  نه ٿو ملي جنهن تي آبادگران دانهون ڪوڪو ڪندا رهن ٿا. پر انهن جي دانهن جو ڪوبه فرق نه ٿو پوي. آخر اهي غريب هاري پنهنجي دانهن ڪنهن کي ڏين ته سندن سان اهو ظلم آهي. سنڌ جي محنت ڪندڙن هارين کي پنهنجو هر فصل جو صحيح اگهه نه ملڻ جي ڪري سنڌ جو هر آبادگار پريشاني جو شڪار آهي. ڪڻڪ جي پيداواري جي حوالي سان صوبو سنڌ جي ذخيرن مٽي کي خصوصي شهرت مليل آهي.سنڌ جي 15 سيڪڙو ڪڻڪ جي پيداوار ٿئي ٿي. هن وقت سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ ڪڻڪ جو فصل لهي چڪو آهي. پر خوارڪ کاتي بدران هارين ۽ آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ ۾ سستي جو شڪار آهي. خوراڪ کاتي جو اهڙو ارهه زواريون وڏڻ ڪري هري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته ڪڻڪ جوسرڪاري اگهه 1300 سئو روپيه في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي. آبادگارن ۽ هاري بارداڻو نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر اچن ٿا.جنهن جي ڪري هاري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ کليل مارڪيٽ ۾ سستي اگهه ۾ ڏيندي نظر اچن ٿا. اهو معاملو ڪو پهريو ڀيرو پيش نه آيو آهي. سنڌجي آبادگارن سان هر سل هر فصل لهڻ سان جيڪو ظلم ٿيندو آهي. انهيءِ ظلم کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي هر فصل لهڻ سان هاري ۽ آبادگار وڏي مشڪلات جو شڪار ٿيندي ڏسو ٿا. جيڪڏهن ڪمند لهندو آهي. ته شگر ملز وارن جي ڏاڍ مڙسي وارو ظلم آبادگران ۽ هارين کي ڪمند جو اگهه ڪيرائي ڏيندا آهن. پنهنجي مرضي جو اگهه مقرر ڪيو ويندو آهي. ڪڻڪ لهندي آهي بارداڻي تي لٺ لڳي ويندي آهي. با اثر ۽ واپارين کي بارداڻو ڏيئي ڪڻڪ سرڪاري ريٽ تي  خريد ڪئي ويندي آهي.عام غريب هاري ۽ ننڍڙو آبادگار اوپن مارڪيٽ ۾ ظالمن جي هٿا ظلم جو شڪار ٿي ويندو آهي. سارين جي سينٽرن ۾ به اهي چنگ ۽ اهي لاٽو وارو ماحول پدا ڪيو ويندو آهي. اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ساريالو فصل به جڏهن لهندو آهي. ته ان جو في مڻ 650 ۽ 700 روپيه ڏنو ويندو آهي هارين ۽ آبادگارن سان جيڪو ظلم ٿيندو آهي انهيءِ ظلم ۾ سنڌي طرح سان حڪومت ملوث هوندي آهي. جيڪا ڏکئي مهل غريب هارين ۽ آبادگارن جي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي رائس ملن جا واپاري هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا اسان ججو زراعت جو وزير ۽ زراعت سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهائيندي رائيس ملن جي واپارين ۽ شگر ملن جي مالڪن لاءِ هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيارڻ جو بگليو وڄائيندي نظر ايندا آهن. اهي جملا سارين ۽ ڪمند جي سيزن ۾ ناهن ٿڪبا جڏهن ته اهڙو حشر ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين سان ڪيو ويندو آهي جنهن جي ذميواري خوراڪ لاتي جي هوندي آهي هر سال مارچ ۽ اپريل م هن قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ڪڻڪ لهڻ سان بارداڻو هڪ دم غم ڪيو ويندو آهي. حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائيدن جي سرپرستي سان هارين ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ جي واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو آهي. اهڙي کي آبادگار ۽ هاري پاڻ سمجهي سگهي ٿو. فصل ڪيتري محنت سان تيار ٿئي ٿو. ان فصل لهڻ هاري جي خاندان جا ڪيترا سچا خواب سلهاڙيل هوندا آهن. خوراڪ کاتي طرفان ايمانداري سان ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي بارداڻو ڏيئي ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وڃي. هر سفارشي ۽ رشوت وارو نظام بند ڪيو وڃي. خوراڪ کيتي جي ايمانداريءَ سان هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهه ملي پوندو اڃي ٿيڻ سان انهن جي گهر ۾ خوشحالي وارو ماحول پيدا پوندو سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پنهنجي بنيادي حقن لاءِ پريشان آهن. ۽ انهن جي لاءِ ظلم جي بازار گرم ڪئي ويندي آهي. اسن جي سنڌ ۾ في ايڪڙ ڪڻڪ جي پيداوار 30 مڻ آهي حڪومت صرف 15 مڻ ڪڻڪ جي في مڻ ايڪڙ خريد ڪئي ويندي آهي 100 ڪلو وزن واري ٻوري مان 2 ڪلو ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. ايتري وڌيڪ ڪڻڪ جي ڪٽوتي ڇو ٿي ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڪٽوتي جا پئسا ڪنهن جيپ ۾ وڃن ٿا.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو جون ادب لاءِ خدمتون/ابرهيم لاشاري


سونهاري سنڌ جو اڳوڻو شهر شڪارپور پنهنجي ڌرتي جو اهو علائقو آهي جنهن سنڌي ادب ۾ وڏن وڏن اديبن ،شاعرن محققن کي هر دور ۾ جنم ڏئي پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪرائڻ ۾ ڪڏهن ۾ڪا ڪمي محسوس ناهي ڪرائي انهن اديبن پنهنجي فن ڪردار سان اهڙو ته نالو ڪمايو آهي جو سندس نالو سڄي جڳ ۾ اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي اهڙن ناليوارن اديبن منجهان .نوجوان اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي جو اصل نالو محمدانورپٽ محمد صديق هڪڙو آهي.اڄ کان ستونجهاهه سال (57) اڳ  هن پهرين اپريل ڇنڇر ڏينهن سال1961ع تي شڪارپور ۾ اکيون کوليون، پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پهريائين پرائمري استاد ٿيو، پڙهائڻ جي دوران بي ايڊ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول جو استاد بڻيو.ان دوران به محنت سان پڙهندو رهيو ۽ پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ داخلا ورتائين (رجسٽريشن ڪرايائين) سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان شڪارپور شهر جي سنڌي ادب ۾ حصو 1873 کان 1970ع تائين هو.ان مقالي جو رهبر مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هو. ميمڻ صاحب 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪري ويو.ان کان پوءِ ڊاڪٽر فگار جو ٻيو رهنماءُ ڊاڪٽر مرحوم تنوير عباسي مقرر ٿيو، جنهن جي رهنمائي ۾ مقالو (ٿيسز) مڪمل ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ۽ ساڳئي سال سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ايم. اي (سنڌي ادب ) ۽( پي. ايڇ. ڊي ) جي اعلي سند شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو موضوع ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد  طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. -انور- فگار هڪڙي، سنڌي جديد شاعريءَ جي اهم ناليواري شاعر کيئلداس ”فاني“ جي شاعري وڏي -تحقيق- بعد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنائين، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ڪرايو آهي.انکان سواءِ انور- فگار هڪڙي، ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو (سون برابر سڳڙا ) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو آهي ،انورفگار هڪڙي، شيخ اياز-جي ڪهاڻين کي (جي -تند- برابر توريان) جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ -اياز- جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”-جنم- جي جيت اياز'(جنم -جنم- جي جيت اياز-)1999ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.محترم انورفگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمون وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ علمي رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن تہ هن وقت هو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهيڊاڪٽر انور فگار لاءِ محروم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”محمد انور فگار هڪڙو جو شڪارپور جي لاءِ پيار مثالي آهي. هو شڪارپور ائين گهمائيندو آهي ڄڻ شهر ٺهرايل ئي سندس هجي.هرهڪ گهٽي ۽ گهر، ان وٽ گهڻي اهميت رکن ٿا. محمد انور فگار هڪڙو جڏهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو ته هرهڪ جي اهميت، قابليت، اصليت، شخصيت ۽ قومي خدمت جو نقشو سامهون آڻي ٿو.“ ڊاڪٽر انور فگار جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن مان ڪجهه خاص ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا.سمنڊ سمايو بوند ۾، (کيئل داس خاني جو ڪلام)سون برابر سڳڙا (عمر بن محمد دائود پوٽي جا مضمون)جنم جنم جيت، ايازپٽ جون ڳنڍيون ريشم جا ويڙها، ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز جو ڪلامشڪارپور جي صحافتي تاريخسنڌ جي شهرن جي تاريخادب، سماج ۽ زندگيسامي ساگر بوند ۾جي تند برابر نوريان (شيخ اياز جون ڪهاڻيون)     سنڌي ٻولي بابت مضمون شيخ اياز ايڪ جائزه (اردو ڪتاب)ڊاڪٽر انور فگارشڪارپور ليکڪ يادگار ڪاميٽي جو ميمبر، مهراڻ پبلشر جو پڻ ميمبر رهيو آهي. هن وقت ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي جو صدر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو سيڪريٽري پڻ آهي ۽ هن وقت پاڻ سنڌي شعبي جو چيئرمين آهي.ڊاڪٽر انور فگار نهايت ئي ڀلوڙ محقق ۽ تنقيد نگار آهي. سندس ڪيترائي مضمون، مقالا اشاعتي مخزن رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.سندس جي قلم جي نب منجهان سنڌي ادب جي خدمت نظر اچي پئي هي برجستو محقق ،اديب اڄ ڏينهن تائين ادبي خدمتن ڪندي ٿڪو ناهي ڊاڪٽر انور هڪڙو صاحب وقت به وقت ٿيندڙ علمي ،ادبي ڪانفرنس ۽ سيمينارن ۾ بهرو وٺندو رهندو آهي هن وقت مادري ملت سنڌ يونيورسٽي منجهه ڪيترن ئي شاگردن جي ايم فل ، پي ايڇ ڊي جي گائيڊ (رهنماءَ ) طور مدد ڪندو رهي ٿو منهنجي پياري دوست شفيق الرحمن ڇٽو جيڪو هن وقت سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾  پڙهندي مونکي ٻڌايو ته ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب جهڙو محسن استاد ۽ اسڪار مون اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺو جيڪو هر وقت سنڌي شعبي کي سنڌ يونيورسٽي جي ٻين شعبن کان وڌيڪ بهتر بڻائڻ واري جستجو واري عمل سان لاڳيتو فڪر مند نظر ايندو رهيو آهي سندس سنڌي ٻولي ۽ ٻين ادبي خوبين جي ڇا ڳالهه ڪجي ،سنڌ جي هن ڀلوڙ اديب ، محقق پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب اڄ پهرين اپريل 2018ع تي 57 سالگره جو ڪيڪ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ادبي دوستن سان گڏجي ڪاٽيندو ۽ سالگره ملهائيندو سندس کي ادبي حلقي جا سمورا ساٿي جنم ڏڻ تي مبارڪون چوندا منهنجي هن پروفسير اديب ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي ادب کي پنهنجي ڏات سان هميشه نوازيندو رهي .

ڊاڪٽر ديپڪ کي خوشيون موٽائي ڏيو‎/ گلزار ملاح


هُن اهي ٽي سال ڪهڙي اذيت ۾ گذاريا آھن، سا اذيت فقط هوء ئي ڄاڻي سگهي ٿي، هُوء سمجهي ٿي ته مڙس جي سيوا ڪرڻ سان ڀڳوان ملي ٿو وڃي، پر هوء ڀڳوان جي ويجهو وڃڻ لاء مڙس جي سيوا نه پئي ڪري، هوء ته اهڙو فرض پئي نڀائي جيڪو فرض قضا به ٿي سگهي ٿو، پر هُن ٽن سالن ۾ هڪ پل به قضا ناهي ڪيو، هُن جڏھن ديپڪ جي نالي جو منگل سوتر پاتو هو، تڏھن هُن جي حياء دار اکين ۾ ڪيترائي خواب لهي آيا هوندا،  هُن پنهنجي سينڌ ۾ ديپڪ جي نالي جو سندور هڻڻ وقت ديپڪ سان ساه جي آخري هڏڪي تائين وفا ڪرڻ جا وچن ضرور ورجايا هوندا، پر هن خواب ته خوشين جا ڏٺا هُئا، هن ته ڪڏھن خيال ۾ به  ديپڪ جي اکين ۾ ڳوڙھا نه ڏٺا هُئا، هُن ته جڏھن به ديپڪ کي تصور ۾ ڏٺو ته مسڪرائيندي ڏٺو، هُن جڏھن به تصور ڪيو ته ديپڪ کي پاڻ سان گڏ مندر جون سيڙھيون چڙھندي ڏٺو، هُن جڏھن به تصور ڪيو ته پاڻ کي ديپڪ سان گڏ علامه آء آء قاضي جي قبر تي پيار جا نينهن نڀائڻ لاء ويندي ڏٺو، هُن جڏھن به تصور ڪيو ته ديپڪ هُن جي چيچ پڪڙي المنظر تي گهمندي نظر آيو، هن ديپڪ کي رڳو پتي پرميشور نه مڃيو پر هُن کي يقين هو ته هر قدم تي ديپڪ ڏک توڻي سک ۾ مونسان ساٿ نڀائيندو، هن جڏھن ديپڪ سان پرڻجڻ کانپوء مائٽن جو گهر ڇڏيو ته هن کي ديپڪ جي صورت ۾ هڪ آٿت هڪ حوصلو مليو، هوء ڄاڻي وئي ته مان هاڻ دنيا ۾ وارث واري آھيان، ڪو ته زندگي ۾ منهنجو سهارو ٿيو، اهو رڳو سنيتا نه پر هر اها عورت سمجهندي آھي، جيڪا مائٽن جو گهر ڇڏڻ وقت مڙس تي ماڻ ڪندي آھي، سچ به مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت مڙس جي ٻل تي هر محاذ تي جنگ جوٽي سگهي ٿي، پر شايد ائين ٿيڻو نه هو، زندگي کي شايد امتحان سنيتا کان وٺڻو هو، پر اهڙو امتحان جنهن امتحان ۾ نه رڳو ديپڪ ۽ سنيتا جي آزمائش هجي پر سندن معصوم پُٽ جو مستقبل به ڄڻ ديپڪ جي گوڏي جيان اپاهج جي ٽياس تي ٽنگيل هجي، ديپڪ اپاهج ڪيئن ٿيو، ؟ هو ته سماج ۾ قانون تي عمل ڪرائيندڙن جي منهن تي چماٽ آھي، اپاهج ته هتان جو قانون آھي، اپاهج ته اهي ادارا آھن، جيڪي قانون جي هام هڻڻ کانپوء به قانون تي عمل نٿا ڪرائي سگهن، اهي اختيار هتان جي پوليس آفيسرن کي ڪنهن ڏنا آھن ته هو هڪ عام شھري سان بندوق جي ٻولي ڳالهائڻ کانپوء به شرمنده ٿيڻ بجاء چون ٿا ته هاف فراء ٿيل هتان جو پرامن شهري نه بلڪه شريف پنهور جي نالي پويان بدنام ڏوهاري هو، پوليس جي بندوق مان نڪتل گولي رڳو ديپڪ جي گوڏي جي ڍڪڻي کي نه چيريو، پر اها گولي ته سنيتا جي خوابن جو سينو به چيري وئي، اها گولي ته هنن جي معصوم پُٽ جي مستقبل جي پُٺيء ۾ به لڳل نظر ٿي اچي، پر سنيتا جهڙي بهادر عورت شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ملي، جيڪڏھن هوء بهادري سان ڪنهن ملڪ جي آزادي جي جنگ وڙهي ها، تڏھن به هُن جي حصي ۾ ايتري شجاعت نه اچي ها، سنيتا جي ڪردار کي ڏسڻ کانپوء چئي سگهجي ٿو ته عورت سنيتا جي روپ ۾ واقعي عظيم آھي، عام طور تي ڏٺو ويو آھي ته عورت ئي وارث جي سهاري جيئندي آهي، پر هتي سنيتا پنهنجي وارث جو سهارو ٿي بيٺل آھي، سنيتا هن دور جو اهڙو ڪردار آھي جنهن ڪردار تي اگر لطيف زنده هجي ها ته ضرور پنهنجي رسالي ۾ ڪنهن سر کي سنيتا جو نالو ڏئي ها، اهو پنهنجي ونيء سان ديپڪ جي پيار جو ئي اثر آھي جو سنيتا اڃان تائين هانءُ ناهي هاريو، عام طور تي اصول اهو هجڻ گهرجي ته هاف فراء ۽ فل فراء جهڙو هٿرادو قانون متعارف ڪرائيندڙ پوليس آفيسرن خلاف هتان جو ڪورٽون پاڻ مرادو نوٽيس وٺن، هاف فراء ۽ فل فراء جي شوقين آفيسرن کان گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇاڻو ڪجي ته اگر ننڍي ڏوھ جي سزا هاف فراء ۽ فل فراء سزا حد جي ايس پي کي تجويز ڪرڻي آھي ته پوء ڪورٽون ڇالاء آھن، ضرورت ان جي ڳالھ جي آھي ته نه رڳو ديپڪ جي خاندان کان خوشيون کسيندڙ پوليس آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي، پر گڏو گڏ پوليس گردي سبب هڪ ڄنگھ  وڃائيندڙ ڊاڪٽر ديپڪ راج جي ٻي ڄنگھ جو زخم به ناسور ٿيندو ٿو وڃي، ڊاڪٽر ديپڪ جا ڪل ڏھ کان ٻارهن آپريشن ٿي چُڪا آھن، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڊاڪٽر ديپڪ جي ٻي ڄنگھ بچائڻ لاء سرڪاري مد ۾ ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو ذمو کڻي، ياد رکڻ گهرجي ته هڪ سنيتا رڳو سُٺي گهر واري نه بلڪه هڪ ماءُ به آھي، ڊاڪٽر ديپڪ جي خوشين ۾ ئي سنيتا ۽ سوهن جي خوشي  آھي، اميد ته وزير اعلي سنڌ انسان دوستي جو ڪردار نڀائيندي اسان جي اميدن تي ضرور پورو لهندو،

آئي ايم ايف جو قرض ۽ ايندڙ بجيٽ..!!/غلام مصطفيٰ جمالي


موجوده حڪومت پنهنجو آخري بجيٽ اپريل جي آخري ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ واري آهي وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اخترخان هن وقت پاڪستان جي خوشخبري ٻڌائيندي ۽ پاڪستاني عوام کي بيوقوف سمجهيندي چيو آهي ته نئي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس شامل نه ويندو.! ها البته پراڻي ٽيڪسن اندر ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي ٿي يعني انهي ٽيڪس کي وڌائي ڪري عوام کي ڳڙي ٽيڪس وارو رسو ڳجهي ۾ ضرور وڌو ويندو ڪيڏا نه سڃاڻا آهن حڪمران جي عوام کي ايڏو اٻوج ۽ بيوقوف ٿا سمجهن.! هارون اختر پراڻي ٽيڪس جي حوالي سان اهو به چيو آهي ته پراڻي ٽيڪس کي وڌاڻ جو مقصد ڪرنٽ اڪائونٽ کي خساري کان بچائڻ آهي.اوهانکي ياد هوندو گذريل سال واري بجيٽ ۾ حڪومت پاڪستان اهڙي ڪا به شي نه ڇڏي هئي جنهن تي ٽيڪس نه لڳايو ويو هو هڪ رپئي واري بخار جي گوري تي به ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو.۽ هاڻ انهي ٽڪيس کي واڌئڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته ها گوري هاڻي ٻه رپين جي ٿيندي.هارون خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي پيدوار نه هجڻ ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ خسارو ٿيو آهي جنهن سان رپئي جي قيمت گهڻي قدر ڪري وئي آهي جنهن سان ملڪ ۾ مهنگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي.مهنگائي جو طوفان جيڪڏهن ايندو ته اميرن تي ڪهڙو فرق پوندو ۽ ڪهڙو فرق انهن تي پوندو جيڪو مهنگائي جو بم عوام مٿان ڪرائڻ جي تياري ۾ ڌرل آهن.هاڻ اهو به چيو پيو وڃي ته انهي جو ڪارڻ پاناما لڪيس آهي جنهن جي ڪري ميان نواز شريف نااهل ٿيو آهي ۽ اسحاق ڊار خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي حڪومت اها ڳالهه وڏي دعويٰ سان چئي رهي آهي ته اسحاق ڊار جي وڃڻ کانپوءِ ملڪ جي معيشت جي ريل پٽڙي تان لهي وئي آهي ۽ ملڪ جي ملڪيت جو ڪشڪول به خالي ٿي ويو آهي جنهن کي سهارو ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض کنيو ويندو اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم خاقان عباسي آءِ ايم ايف کان قرض کڻڻ لاءِ شروعاتي ڳالهيون به ڪري چڪو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف کان قرضِ جي پهرين قسط وٺڻ ڪري ئي رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سان غريب عوام مٿان جلد منگهائي جو طوفان اچڻ وارو آهي ۽ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر اءِ ايم ايف جي قرض هيٺ ڌبجڻ وڃي رهيو آهي ۽ موجوده حڪومت گذريل پنج سالن ۾ ملڪ جي معيشت جي ترقي جو ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته هر سال آءِ ايم ايف کان قرض وصول ڪيو ويندو آهي،هاڻي حڪومت اهو بهانو پيش ڪري ڇڏيو آهي ته پاناما ليڪس جي ڪري پاڪستان ۾ معيشت ڪمزور ٿي آهي ان ڪري مان سمجهان ٿو ته  پاناما ليڪس جي حوالي سان جيڪي مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن تي بحث ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.پراڻي انگ اکرن جي مطابق پاڪستاني ويهه ڪروڙ عوام تي به نظر وجهون ته انهن جون بنيادي ضرورتون ڪهڙيون آهن. جيڪي پنهنجي پگهر جي پسئي مان ڪروڙين رپين جو ٽيڪس جمع ڪري رهي آهي.جيڪا رقم قرضن جي صورت ۾ واپس ڪئي پئي وڃي ۽ حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ڪئي پئي وڃي.حڪومت ڪشڪول ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري قوم جي برباد ڪري  ڇڏيو آهي.چين کان قرض کڻِي پنجاب اندر اونرج ٽرين ۽ ٻيا منصوبا جوڙيندڙ ن ليگ حڪومت  سنڌ کي ڪهڙا سک ڏنا آهن، ملڪ ۾  سري عام ڪرپشن ٿي رهي آهي انهن ڪرپشن خورن جي وار جو به ڪير نالو وٺي پيو سگهي.انڪري ملڪي معيشت جا حدف ڪئين پورا ٿيندا..؟ پوءِ به ظاهر آهي ته ملڪ جي معيشت مظبوط ٿيڻ بدران بحران جو شڪار ٿيندي.؟هڪ طرف بجلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا اربين رپيا روڪي ڇڏيا آهن.۽ ٻئي پاسي انڪم ٽيڪس ،سيلز ٽيڪس جا حڪومت جي طرفان الاداري ٽينڊر ٿيا آهن. انڪري جناب اعليٰ اها راند آئي ايم ايف کي ته اکين ۾ ڌوڙ وجهي سگهي ٿي پر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي..؟ ايترو آسان ناهي ماڻهن کي روزگار،تعليم،صحت،جون سهولتون ۽ صاف پاڻي ۽ اسلامتي ڏيڻ. ميگا پرجيڪٽ،ميگا ڪڪ بيڪس ته ملي سگهن ٿا،پر اتي عوام جي حصي ۾ سواءِ غريبي مهنگائي ۽ غربت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ايندو.ماهرين اقتصادي جي مطابق جي ڊي پي ۽ ٽيڪسن جي اضافي جي متوازن حد تائين اڪانومي کي مظبوط ٻڌايو آهي.پر عدم توازن سان انسان جو ڪيتريون ئي زندگيون اجڙي ويون آهن..ڇو ته ان ۾ به هيرا ڦيري ٿي رهي آهي.حقيقي ڊي جي پي 3.5آهي جڏهن ته آئي ايم ايف کي 5.5ڏيکاريو پيو وڃي.ڀارت اندر ڊي جي شرح 7آهي جڏهن ته ٽيڪسن ۾ اضافو 11فيصد آهي سان وٽ جي ڊي پي 3.5آهي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو 19فيصد آهي.جنهن جو مطلب  چئجي ته جئين ڪمنڊ جي رس ڪڍڻ لاءِ ڪمنڊ کي چيچڙي ۾ وڌو ويندو آهي ۽ باربار وڌو ويندو آهي تئين ئي عوام کي پيسيو پيو وڃي.ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪس لاءِ  انصاف آهي جنهن جي ڪري اتي جي ملڪن جي آمدني ۾ به تمام گهڻو اضافو آهي.ان ڪري ٽيڪس مساوي ڪرڻ لاءِ نون ٽڪيس گزارن کي آڻڻ لازمي آهي..ان وقت قومي سطح تي 61000تاجر چار لک رپين کان وڌيڪ جي آمدني جمع ڪرائي رهيا آهن.جن سان 850ملين جو ٽيڪس وصول ٿيو آهي جنهن جي وضاحيت پارليامينٽ سڪيٽري ڪئي هئي534000رضاڪارنه طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ وارن اندر ڇهه لک کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ وارن جي شرح 36838۽ 77فيصد ٽيڪس ڪارپوريٽ سيڪٽر کان وصول ڪيو ويندو هو.باقي 23فيصد انفرادي ۽ اشتراڪي ڪاوربار مان وصول ڪيو ويندو هو.سيڪٽري ايڪس چينج ڪارپوريشن پاڪستان وٽ 65000ڪمپينيون رجسٽرڊ آهي،جن کان هو 25000فيصد ٽيڪس جمع ڪرائينديون آهن.جڏهن ته ان مجهان به 40فيصد ڪيمپنيون نقصان جو بهانو ڪري ٽڪيس ادا ناهن ڪنديون.جڏهن ته آفيسر طبقي مان به ڪجهه فيصد ٽيڪس ادا ڪندا آهن.انهي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته پاڪستان ترقي به ڪري رهيو آهي.اسين خد بحيثيت قوم ئي پنهنجو ڪم سرانجام نه ڏئي رهيا آهيون.پر انهي سان گڏ اهو به وڏي ۾ وڏو سبب آهي ته قوم جنهن کاتي سان ڀلائي ڪري اهو به قوم جو خيرخواه هجي اهو به ته قوم لاءِ سٺو سوچي..پر ڏوهه خالي هڪ کاتي جو نالو پاڪستان ۾ هر کاتو اهڙن ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي.انهي ڪري هن وقت پاڪستاني ۾ پنهنجو نالو چمڪائڻ لاءِ پاناما لڪيس جو ڊرامو ڪيو پيو ويو،ڇو ته هڪ ڳالهه ويهي ڪري سوچيو ته هلو پاناما لڪيس معاملي ته احستاب ٿي به ٿي ويو آهي  ته ڇا عوام جو ڦريل پسئو وري عوام تي خرچ ٿيو يا نه ..يا وري اهو پئسو ڀورتارن جون بيئڪنون ڀريندو،ڳالهه صاف پئي آهي جيستائين ملڪ جي عوام سکيُ ناهي ان وقت تائين اهڙا هزارين اشوز عوام جي تقدير نه ٿا بدلائي سگهن...هن ڪري وقت پاڪستان ۾ پاناما ليڪس تي جيڪو بحث هليو اهو به سڀني ڏٺو ان ڪري اهو به هڪ ڊرامو ئي چئبو جيڪو هن قوم جي ڏيکاري ويو.۽ هي قوم به آسرن جي عادي آهي ان ڪري آسرن تي پلجي رهي آهي.