اڄ ۽ ڪالهه جي اخبارن ۾ ولي عهد سعودي حڪومت شهزادي محمد بن سلمان جو
بيان ڇپيو آهي ته اسان حڪومت سعودي وارن اولهه جي ملڪن جي چوڻ تي اسلام جي اندر
وهابيت کي پکيڙيو ۽ مختلف ملڪن ۾ مسجدن ۽ مدرسن ۾ سوويت يونين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ
فنڊ ڏناسون ۽ سعودي رياست ۾ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ هر حڪمران مغربي ملڪن جي انهيءَ
گمراهه ڪندڙ فرمانن پٺيان ڀٽڪي ويون. هاڻي اڳتي جي لاءِ اسان کي وري موٽ کائڻي آهي
ان لاءِ قدامت پسند مذهبي اڳواڻن کي وڏي مشڪل سان راضي ڪيو آهي. پڙهندڙن کي
ڄاڻ هوندي ته وهابيت نالو سعودي حڪومت جي شيخ الاسلام محمد بن عبدالوهاب جي نالي
جي مناسبت سان مشهور ڪيل آهي جيڪو سعودين جو اهو مذهبي تعارف وهابيت ۽ حنبلي فقه
جو مڪسچر آهي ۽ امام احمد بن حنبل ائمه اربعه اهل سنت جو چوٿون امام آهي ۽ انهن
چئن امامن جو وڏو امام ابو حنيفو آهي ۽ اهل سنت جا اهي چارئي امام زيدي شيعه طور تاريخ
۾ سڃاتا وڃن ٿا اميد آهي ته پڙهندڙن کي ڄاڻ هوندي ته وهابيت جو ٻيو نالو “اهل حديث”
به آهي. هونئن ته مسلم امت جي اندر علم حدي کي سرڪاري طور علمي نصاب لاءِ بنو عباس
جي خلافت قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو نصاب نافذ ڪيو ويو آهي ۽ جناب خاتم الانبياءَ عليه
السلام کان وٺي قريش خلافت جي پڄاڻي هڪ سئو ٻٽيهه هجري تائين امت جي اندر دين
اسلام جا قانون سمجهڻ ۽ هلائڻ لاءِ صرف ۽ صرف ڪتاب قرآن جا اصول ۽ باءِ لاز نصاب
تعليم جو حصو هو. پوءِ ان خلافت قريش خلاف ان کي بنو اميه جي گار سان آل رسول جي
استحقاق جي نعري تي انهن خلاف تحريڪ هلائي وئي جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ بنو عباس
جيئن ئي حڪمران بڻيا ته انهن امت مسلمه لاءِ نئون نصاب تعليم علم حديث جي نالي سان
امامي روايات تي مشتمل آندائون جيڪو انهن ڪجهه قريش خلافت واري دور ۾ انڊر گرائونڊ
جيلن سان جوڙيو هو ۽ ڪجهه ٻين ٽين ۽ چوٿين صدين تائين حديثون ۽ فقه جوڙيندا رهيا
جيڪي اڄ پندرهين صدي هجريءَ تائين مذهبي ۽ عربي مدرسن ۾ پڙهايا پيا وڃن مطلب ته
قرآن منجهان قانون جو علم سکڻ ٻين صدي هجري جي ٻئي ٽهاڙ کان وٺي اڄ تائين بند آهي.
مطلب ته اڄ اندازن چوڏهن سئو ست سال گذري گذري وڃڻ تائين قرآن حڪيم تي عدالتن لاءِ
قانون طور حوالا ۽ رفرنس ڏيڻ تي بندش آهي. قرآني قانون سازيءَ جي عمل کي تالا
چڙهيل آهن. زندهه الله جو قرآن صرف مئل ماڻهن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ آهي ۽
جيئرن ماڻهن لاءِ مئل فقه ساز دانشورن جون روايتون آهن عباسي اصل ۾ ڪير هو انهيءَ
سوال جو جواب تمام ڊگهو آهي پر ڪير هن ٿوري ڳالهه منجهان پاڻ اندازو لڳائي ته
عباسي دور جي آخري خليفي جو وزيراعظم ۽ عباسي حڪومت کي ڊاهڻ واري عيسائي بادشاهه
هلاڪو جو وزيراعظم اهي ٻئي ملڪ فارس جا اسماعيلي باطني مذهب وارا هيا جيڪي پاڻ ۾
گهرا دوست به هيا مصر ۽ آفريڪا مٿان فاطمي خلافت قائم ڪرڻ وارو عبيدالله به فارسي
النسل ماڻهو آهي بغداد جي عباسي خلافت جڏهن ترڪي ۽ فارس ۾ ورهائجي وڃي ٿي تڏهن به
انهن سڀن مسلم ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ امامي علمن جون غير قرآني رواياتي علمن جو
نصاب تعليم هلي ٿو. پندرهين سورهين صدي عيسوي ۾ انگريز جڏهن برصغير ۾ اچي واپار
جون ڪوٺيون کولين ٿا پوءِ هوريان هوريان سياسي مالڪي به قائم ڪري وڃن ٿا ته انهن
خلاف 1857ع تائين مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي سرپرستي هيٺ وڏي بغاوت کڙي ٿئي ٿي
ان جنگ ۾ شامليءَ جي محاذ تي هندستان جوهڪ وڏو عالم دين مولانا محمد قاسم نانوتوي
ويڙهه ڪندي شڪست کائي ٿو. انگريزن وٽ انهيءَ جنگ ۾ هر وڙهندڙ باغيءَ جي سزا سر قلم
ڪرڻ ۽ ڦاسي هئي ايترو جو خود مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي به انگريزن لال قلعي
مان سندس ٻن پٽن سميت پهريائين گرفتار ڪري رنگون ۾ وڃي قيد ۾ رکيو پوءِ اتي سڀن
جون منڍيون ڪپي انهن کي قتل ڪيو ويو. انگريزن لاءِ هي مشهور آهي ته هو سئو سال
لاءِ اڳي سوچيندو آهي سو ان هتي ننڍي کنڊ ۾ رهندي مسلمانن جي هتي حاڪم ٿي رهڻ ڪري
انهن جي ذهني وڏائيءَ جو اندازو ڪري ڇڏيو هئو وري ان جو عملي مظاهرو 1857ع جي بغات
جي شڪل ۾ به ڏٺائون پوءِ انهن اهو به سوچيو ته مسلمانن جي مذهبي ديني مدرسن جي درس
نظامي واري سليبسن ۾ علم حديث جي موضوع منجهان خاص ۽ اهم خلاف قرآن ڪتاب ته نصاب ۾
آهن ئي ڪو نه سو انهن مولانا محمد قاسم نانوتويءَ سان ڳالهايو ته اوهان ڏسي رهيا
آهيو ته اسان پنهجي باغين جو سر قلم ڪري کين موت جي سزا ڏئي رهيا آهيون سو جيڪڏهن
اوهان اسان جا ٻه شرط قبول ڪندا ته پوءِ اوهان اسان جا دوست آهيو. جيڪڏهن اهي شرط
قبول نه ڪندا ته پوءِ توهان جي به سزا ٻين وانگر موت جي سزا آهي. نانوتوي صاحب اهي
ٻه شرط پڇيا ته ڪهڙا آهن انگريز سرڪار ٻڌايا ته هڪ ته اوهان هڪڙو ديني تعليم جو
مدرسو کوليو جنهن ۾ علم حديث جا ڇهه ڪتاب بخاري، مسلم، ابو دائود، ترمذي، نسائي
ابن ماجه، صحاح سته جي نالي سان پڙهائي اهڙا ته عالم پيدا ڪيو جو هو سڄي هندستان
جي ديني مدرسن ۾ وڃي انهن ڪتابن جي تعليم ڏين. ٻيو شرط هي آهي ته اوهان هڪڙي فتويٰ
جاري ڪيو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص پاڻ کي نبي سڏائڻ جي دعويٰ ڪري ته محمد عليه السلام
جي ختم نبوت کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي. نانوتويءَ صاحب انگريز حڪومت جا اهي ٻئي شرط
قبول ڪيا پوءِ ديوبند شهر ۾ مدرسو کولي هي به مشهور ڪيو ويو ته نبي سائين جن خواب
۾ اچي نانوتوي صاحب کي هڪ لڪڻ سان ديوبند شهر جي اندر موجوده مدرسه جي پلاٽ واري
زمين تي ليڪو ڪڍي ڏنو ته هن جاءِ تي اوهان مدرسو کوليو ۽ انهيءَ مدرسي منجهان ئي
سڄي هندستان جي مدرسن ديوبندين، بريلوين سڀن کي علم حديث جا استاد اتاهون تيار ڪري
سپلاءِ ڪيا ويا ۽ اڳتي هلي اهل حديث فرقي نالي سان ماڻهو به خود ديوبند جي شاگردن
منجهان ئي بڻيا ۽ انگريزن جي ٻئي شرط لاءِ به مولانا نانوتوي صاحب هڪ ڪتاب
تحذيرالناس جي نالي سان لکيو جنهن ۾ هڪڙو هي ڪوڙ لکيائون ته ستن آسمانن وانگر
زمينون به ست آهن هر زمين ۾ مٿين زمين جي آدم وانگر آدم آهي نوح وانگر نوح آهي،
ابراهيم وانگر ابراهيم آهي موسيٰ ۽ عيسيٰ وانگر موسيٰ ۽ عيسيٰ به آهن ۽ محمد وانگر
به محمد آهي ۽ اهي هيٺين زمينن وارا به مٿين وانگر سڀ نبي آهن مطلب ته ڪل ست عدد
محمد عليه السلام آهن ۽ ست ئي خاتم الانبياءَ آهن. مطلب ته نانوتوي صاحب اسان جي
آخري خاتم الانبياءَ عليه السلام اڪيلي جي ختم نبوت ڇهه عدد ٻين کي به نبي بنائي
ڇڏيو سو به اهڙو جو مٿين زمينن واري محمد عليه السلام جي ختم نبوت کي ڪو به لهر
لوڏو نه آيو ۽ ٻيا ڇهه عدد نبي به ٺاهي ڏنائين سي به نه رڳو صرف نبي نه پر انهن کي
به خاتم النبين به ٺاهي ڏنائين ۽ اها سڄي ڳالهه حديث جي ڪتاب ترمذي جي هڪڙي حديث
جي حوالي سان لکي ڏنائين. نانوتوي صاحب جو اهو ڪتاب اردو بازر ڪراچي جي مڪتبه
دارالاشاعت وارن جو ڇپرايل مارڪيٽ ۾ موجود آهي. بهرحال انگريز ايتري ته راضي ٿي
ويا جو ٿوري عرصي کان پوءِ پنجاب جي ضعي گورداسپور جي شهر قاديان منجهان مرزا غلام
احمد قادياني کي آخري نبي محمد عليه السلام جو ظلي بروزي “شيڊو” نبي بنايائون جنهن
جو بزنس اڃا تائين پيو هلي. انگريزن اهو ڪم ان ڪري ڪيو ته انهن جو ٺاهيل نئون نبي
اسلام ۾ مسلمانن ۾ حڪومت برطانيه سان وفادار ٿي هلڻ ۽ رهڻ لاءِ مسلمان امت منجهه
ايترو ته ڪم ڪري جو هو وري ٻيو ڀيرو 1857 جهڙي بغاوت ۾ ٻيو ڀيرو وري نه ڪو ڪردار
ادا ڪن پوءِ جڏهن مولانا محمد قاسم نانوتوي ديوبند ۾ دارالعلوم جي نالي سان علم
حديث کي عام ڪرڻ لاءِ مدرسو قائم ڪيو ته ان لاءِ هي مشهور ڪيائون ته مون جيڪا
شامليءَ جي محاذ تي انگريزن کان ميدان جنگ ۾ شڪست کاڌي هئي هاڻي مون ساڳي جنگ کي
علم جي چادر اوڙهي مدرسي جي آڙ ۾ اهو ڪم شروع ڪيو آهي سندس انهيءَ پڌرائي منجهان
ان جو هڪڙو شاگرد شيخ الهند محمودالحسن کي ته فڪري طور مولانا ابوالڪلام آزاد
انگريزن جي باغي ڪئمپ ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان تي انگريزن اکيون کوليون ته هي ڇا
پيو ٿئي جو مدرسو ته اسان جي ڳجهن فنڊن تي قائم ٿيو آهي ۽ اتي تيار ٿيندڙ ماڻهو
وري مخالف ڪئمپ ۾ پيا وڃن پوءِ انهن نانوتوي صاحب جي پٽ ۽ جاءِ نشين مهتمم مولانا
محمد احمد کي شمس العلماءِ هند جو لقب ڏنو جنهن اهڙي لقب ۾ هڪ جاگير بطور مالي مدد
جي شامل هئي انگريزن جي اهڙي امداد سان مولانا شبير احمد عثماني، مولانا اشرف علي
ٿانوي به پنهنجي استاد شيخ الهند محمود الحسن جي آزاري واري نظرئي جي خلاف ٿي پيا
۽ انگريزن جو ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ يو پي جي گورنر جيمس مسٽن
کي مدرسي دارالعلوم ديوبند ۾ دعوت ڏئي ان کي سپاس نامون پيش ڪيائون ته اسان سڀ
اوهان جا وفادارا آهيون ۽ يورآنر جي ترقي لاءِ دعاگو آهيون. نه صرف ايترو پر
نانوتوي صاحب جي فرزند جانشين وقت بوقت انگريز سرڪار کي شيخ الهند جي انگر دشمن
سرگرمين، ڪارگذارين ۽ عبيدالله سنڌي جي سرگرمين لاءِ خبرون پئي پهچايون ۽ مولانا
اشرف علي ٿانوي جي ڀاءَ جيڪو انگريز حڪومت ۾ سي آءِ ڊي انسپيڪٽر هئو انهي مولانا
شيخ الهند جي حج تي وڃڻ کان پوءِ حڪومت کي ٻڌايو ته مولانا حج جي بهاني شهر مڪي ۾
جڏهن ترڪي خليفي جو نائب نور پاشا به اتي ايندو ته ان کي هن ڳالهه لاءِ تيار ڪندو
ته اوهان جي خلافت بچائڻ ۽ هندستان کي آزادي وٺي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان
هندستان مٿان حملو ڪيو ته جيئن برطانيه منجهان جان ڇڏايون. پوءِ انگريز مڪي ۾ ترڪن
جي غدار عرب گورنر شريف هٿان مڪي شهر منجهان شيخ الهند کي گرفتار ڪرائين پهريائين
ملڪ مصر جي جيل ۾ موڪليو پوءِ وري مالٽا جي جيل ۾ موڪلي قيد ڪيو ۽ مولانا اشرف علي
ٿانوي جي ڀاءَ کي اهڙي خبر پهچائڻ ڪري انسپيڪٽر منجهان ترقي ڏئي ڊي ايس پي ڪري
ڇڏيو ۽ نانوتوي جي جاءِ نشين فرزند پنهنجي ٽولي سميت مدرسي منجهان شيخ الهند جي
گروپ وارن خلاف انهن جي انگريز دشمن سرگرمين جون هر وقت خبرون سرڪار کي پئي
پهچايون. پوءِ جڏهن 1917ع ۾ لينن سوويت يونين نالي يورپ ۾ مارڪس ازم جي فڪر تي
انقلاب آندو ته برطانيه وارن سعودي ولي عهد جي چوڻ مطابق جيئن مڪي مديني ۾ وهابي
اهل حديثن کي مسجدون ۽ مدرسا ٺاهي انهن کان سوويت انقلاب کي ڊاهڻ لاءِ ڪم آندو اهڙي
طرح انگريز سرڪار مدرسي ديوبند ۾ درس نظامي ۾ حديثن جو موضوع شامل ڪرائڻ جو فائدو
وٺندي ان علم جي عالمن کان به اهل حديث وهابي فرقو تيار ڪرايو جيڪو سڄي هندستان ۾
سعودي وهابين سان گڏ عالمي سامراج جا ٻانهن ٻيلي ٿي سوويت انقلاب خلاف ڪم ڪرڻ لڳا
۽ اڳتي هلي پاڪستان ۾ سوويت انقلاب خلاف ديوبندي عالمن جي اثر هيٺ حلقي وارن کان
طالبان جي نالي تي افغانستان ۾ نور محمد ترهه ڪي جي انقلاب کي ڪافر سڏي جهاد ڪرڻ
جي لاءِ تيار ڪيل خاص ڪري عربي مدرسن جي طالبن ۽ مولوين کان سامراجي سپاهه جو ڪم
ورتو ويو جنهن سان لينن جي انقلاب جو خاتمو سعودين جي ريال ۽ سامراج جي عقلمندي ۽
انهن جي شو پيس اهل حديثن ۽ ٻين حديث پرست مذهبي فرقن جي تنظيمن ذريعي ڪرايو پوءِ
ڪابل ۾ ملا عمر جي حڪومت کان شايد ترت ئي پوءِ برطانيه سرڪار جي وزارت دفاع،
پاڪستان جي سڀن مذهبي فرقن جي ديني مدرسن جي تنظيمن جي سربراهن کي لنڊن اچڻ جي
سرڪاري خرچ تي دعوت ڏني ۽ اتي انهن سان ميزبان سرڪار ڪيئي اجلاس ڪيا جن سڀن ۾ کين
طالبان سازي جي نصاب تعليمي ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ نرمي، رواداري ۽ هڪ ٻئي کي برداشت جي
سکيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. لنڊين ۾ مولوين سان ڪيل اهڙان اجلاسن جي سموري رپورٽ
هتي هڪ ملڪي اخبار ۾ ڇپي هئي جيڪامون وٽ اڄ به محفوظ آهي. وري ان کان پوءِ آمريڪي
حڪومت وڏي داٻ ڌڙڪي سان پاڪستان سرڪار کي حڪم ڏنو ته سوويت يونين جي خاتمي کان
پوءِ هاڻي اوهان به پنهنجي ديني مدرسن جي نصاب تعليم منجهان جهادي حديثون ڪڍي
ڇڏيو. سو غور ڪيو وڃي ته تازو جيڪو سعودي حڪومت جي ولي عهد پاڻ قبول داري ڪئي آهي
ته مغربي ملڪن اسان کي لينن انقلاب جي ختم ڪرڻ لاءِ وهابيت کي جنم ڏيڻ، مولوي
پالڻ، مسجدن جي هٿان فنڊ ۽ بجيٽون خرچ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هيو جيڪو هاڻي سوويت
يونين انقلاب جي خاتمي کان پوءِ ضروري ناهي سو هاڻ اسان سعودي حڪومت جي مذهبي
پيشوائيت کي وڏي جفاڪشي سان مڃائي ويا آهيون ته هينئر پراڻيون سوچون ختم ڪيو. پڙهندڙ
مهربان غور ڪن ته قريش خلافت جي 132 هجري ۾ خاتمي کان پوءِ جيڪو عباسي دور خلافت ۾
غير قرآني نصاب تعليم اسان کي ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين امت مسلم جي مدرسن ۾ پڙهايو
پيو وڃي انجون اصل واڳون ڪنهن وٽ آهن؟ ۽ اهي پنهنجي مفادن لاءِ مسلم مذهبي
پيشوائيت کي ڪيئن پيا ٿا ميدان تي آڻين پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اطلاع آهي ته جڏهن
سعودي حڪومت شهر مديني ۽ علم حديث جي تعليم لاءِ مدينه يونيورسٽي قائم ڪئي هئي ته
پاڪستان منجهان مولانا مودوديءَ کي ان يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جو ممبر بنايو ويو هئو
۽ پاڪستان ۾ جڏهن افغانستان ذريعي نور محمد ترهه ڪي جي حڪومت جي خاتمي سان سوويت
يونين انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽي کي هٽائي جنرل ضياءُالحق کي هتي صدر
بنايو ويو هئو ته جامعه مدينه يونيورسٽي جي سڀن پاڪستاني شاگردن کي موڪل ڏئي
سرڪاري خرچ تي هت پاڪستان موڪليو ويو هو ته هو ملڪ جي عوام ۾ هي پروپيگنڊا ڪن ته
ضياءُ الحق جي حڪومت الله جي طرفان پاڪستان سرڪار لاءِ وڏي نعمت ۽ رحمت آهي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment