اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون
دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 2018ع جي اٺين ميچ ۾ اڄ ڪراچي ڪنگز جو لاهور قلندرز سان مقابلو ٿيندو. ايونٽ ۾ هينئر تائين ناقابل شڪست ڪراچي جي ٽيم پنهنجي ٽئين ميچ ۾ لاهور قلندرز کي هارائي پنهنجين ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي اتي ئي مخالف ٽيم بسه خت محنت سان ان ميچ ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيندي. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ اڄوڪي ميچ پاڪستاني وقت موجب رات جو 9 وڳي کيڏي ويندي. ايونٽ ۾ ڪراچي ڪنگز هينئر تائين 2 ميچون کيڏيون آهن، جنهن ۾ هن دفاعي چيمپئن پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي شڪست ڏني. لاهور قلندرز جي ڳالهه ڪئي وڃي ته بيٽنگ لائن ۾ سُٺي تصور ڪئي ويندڙ لاهور قلندرز جي ٽيم تي هينئر تائين قلندر مهربان نه ٿيو آهي ۽ هو هينئر تائين ڪنهن به ميچ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھي. ٻنهي ٽيمن تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته ڪراچي ڪنگز کي بوم بوم آفريدي، عماد وسيم، بابر اعظم ۽ محمد عامر جهڙن مشهور رانديگرن جون خدمتون حاصل آهن اتي ئي لاهور قلندرز ۾ برينڊن ميڪولم، عمر اڪمل، فخر زمان ۽ سنيل نارائڻ جهڙا رانديگر موجود آهن. هاڻي ڏِسڻو اهو آهي ته اڄوڪي ميچ ۾ ڪهڙي ٽيم ڪامياب ٿيندي ۽ ڪنهن کي شڪست ٿيندي.
No comments:
Post a Comment