وادي
مهراڻ جي مٽي کي اهو مٿانهون مان ۽ مرتبو حاصل آهي جو هي ڌرتي سڄڻن ۽ ساڻيهه جي سڪ
سان سينگاريل آهي، هن سر زمين
سنڌ ڪيترن ئي نالي وارين شخصيتن کي پنهنجي هنج ۾ جنم ڏنو آهي جنهن ۾ صوفين شاعرن ،
عالمن، بزرگن اهل قلم،
لطيف
شناس شخصيتون قابل ذڪر آهن جنهن منجهان نالي وارو محقق،
لطيف شناس، علم ادب
جو ڏاهو عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر 10 مئيجمعي جي ڀلاري
ڏينهن سال 1940ع جهولن جي گرم موسم ۾ وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف (فيض محمد
سوڍر ) اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر
شروع ڪيو ، هن ننڍن پڻ ۾ شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي ملا مڪتب مان قرآن
ڪريم ناظره پنهنجي سٻاجهڙي ڏاڏي محمد خان سوڍر کان حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم اديب
سنڌي مئٽرڪ ، انٽر، ۽ بي اي جي
تعليم لاڙڪاڻي منجهان خانگي طور حاصل ڪيائين پاڻ ننڍي وهي کان وٺي لطيف شناس هو لطيف سائين جو پارکو هو پاڻ لطيف
سرڪار جي سر ڪاپائتي جي وندر ۾ وارهه شهر ۾ اچي درزڪو دوڪان کوليائين، جوان ٿيو
سندس والد صاحب ڳوٺ جي چگي مڙس ۽ معزز شخصيت محترم مرحوم علي بخش سوڍر جي نياڻي
سان نڪاح ڪرايو تنهن بعد 1963 ڌاري
هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کانپوءِ 1979ع ۾ هن
وڌيڪ تعليم (ايم اي سنڌي ادب) سنڌ
يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي تنهن بعد هن شوق سان بي ايڊ ۽
انٽر نيشنل رليشن جي پڻ ڊگري ڪيائين 1973 جي زماني ۾ ٺٽي ڊگري ڪاليج ۾سنڌي ادب جو (شعبي
) ۾ ليڪچرار مقرٿيو پرفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هي
پهريون لطيف سائين جو پارکو هو جنهن
سنڌ يونيورسٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي جيد ۽، ڏاهي
عالم علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جي رهنمائي ۾ سڀني کان اول (سنڌي ثقافت ۽ شاهه
جي شاعري ) جي عنوان تي هڪ زبردست تحقيقي مقالو لکي 1988ع ۾ (ڊاڪٽريٽ )
پي _ ايڇ _ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رح تي سندس هي پهرين
ٿيسز آهي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
صاحب جي محنت ۽ جستجو سبب سنڌيونيورسٽي کي پڻ لطيف سرڪار تي پهرين لکيل ٿيسز جو
اعزاز پڻ مليو ، جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد هي مقالو ڪتاب
جي صورت 1991ع ۾ شايع ڪرايو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب پنهنجي زندگي جو تمام گهڻو
حصو لطيف سرڪار جي جي ڪلام ۽ سندس جي زندگي متعلق تحقيق ۾ وقف ڪيو ،
ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍر صاحب تحقيق کان علاوه شاعري پڻ ڪندو هو ۽ ڪهاڻين لکڻ جو ڪوڏيو هو پاڻ
پنهنجي قلم جي نب سان ڪيترائي
ڊراما پڻ لکيا ، شروع شروع ۾ ڊاڪٽر
شاهنواز سوڍر صاحب کي ڊرامن لکڻ ڏانهن گهڻو لاڙو هوندو هيس جڏهن ته ان زماني سندس
لکيل ٻن سنڌي ڊرامن (ڏاڏاڻي ڏيهه۾
) (19985)۽ هڪ ٻيو سنڌي ڊرامو (نصيب) 1986)۾ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) تان نشر
پڻ ٿيا.، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪٿي به ڪا ادبي ۽ تعليمي ڪانفرنس
ٿيندي هئي اتي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
صاحب ضرور وڃي شرڪت ڪري تحقيقي مقالو پڙهندو هو خاص طور تي لطيف ڪانفرنس يا سچل
ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو ان کان علاوه ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر صاحب
ڪيترائي
ڪالم، سفر نامه به لکيا سندس جا ڪيترائي علمي ، ادبي، تحقيقي مختلف موضوعن تي لکيل مواد
رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيل
ملي ٿو ڊاڪٽر پروفيسر شاهنواز سوڍر صاحب ڪافي عرصو سرڪاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾
سنڌي جو پروفيسر جا فرض سرانجام ڏيندي نظر آيو ۽ آخرڪار
سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد ۾
نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو زندگي جي آخري حصي ۾ سوڍر
صاحب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو مڃتا طور کيس
ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا آخر دنيا فاني آ زندگي جون (61) بهارون ڏسي 15
مارچ 2001ع خميس ڏينهن ڌاري
چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ 4 (چئن) پٽن ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر ذوالفقار علي سوڍر،
مختار احمد سوڍر ۽ وسيم احمد سوڍر ۽ ٻن نياڻين مٽن مائٽن سوين دوستن کان موڪلائي
وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس آخري آرام گاهه وارهه لڳ (سليمان شاهه قبرستان ) ۾ موجود
آهي وادي مهراڻ جي هن لطيف پارکو جي اڄ 17 ورسي 15
مارچ 2018 ع تي وارهه لڳ سندس ڳوٺ ۾ وڏي عقيدت سان ملهائي ويندي.
اڄ جو نوجوان ۽ اسان جو سماج/ اعتزاز احمد چانگ
ڪنهن به قوم جو نوجوان طبقو انهي قوم جي وڏي طاقت هوندو آھي, اهو
نوجوان طبقو اگر چاهي ته پنهنجي جدوجهد, علمي شعور ذريعي ۽ پنهنجي غلامانا سوچ کان
اڳتي نڪري سندس قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿو,نوجوان طبقو قوم يا ملڪ اندر انهي
پيادي جو ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن کان سواء وڏي ۾ وڏي فوج به ميدان جنگ ۾ ناڪارا
هوندي آھي يا سطرنج ۾ به اهو پيادو ئي هوندو آھي جيڪو اڳتي هلي وزير به بڻجي سگهي
ٿو. پر ان لاء اڄ جي نوجوان ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آھي, ۽ اھا
تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن نوجوانن ۾ تعليمي رجهان ۽ تناسب وڌ کان وڌ ھجي. پاڪستان جو
ڳاڻيٽو دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن جي آبادي جو گهڻو حصو نوجوان طبقي تي
ٻڌل آھي, ھن وقت اسان جي ڪُل آبادي جو تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو نوجوانن جو آھي, اهڙو
زبردست تناسب برطانيا جهڙا ترقي يافته ملڪ به نٿا رکن, پر انهي ڪُل نوجوان طبقي
منجهان تقريبن 25 سيڪڙو اهڙا آھن جن کي لکڻ ۽ پڙھڻ نٿو اچي,ان جا سبب ته صرف
ماهرين ٻڌائي سگهن ٿا پر اهڙو انگ يقينن اسان جي قومي سالميت تي گهرا اثر ڇڏي ٿو. ڇاڪاڻ
ته قومي بقا ۾ تعليم هڪ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي, انهي ڳالھ کي نظر ۾ رکندي ئي تموچن
جهڙي خانه بدوش,وحشي ۽ اڻ پڙهيل ماڻھو (جنهن کي اڄ دنيا چنگيز خان جي نالي سان
سڃاڻي) پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاء استادن جو بندوبست ڪيو, ۽ سندس موت کانپوء پُٽ
اوغدائي خان تخت تي ويهندي ئي پندرهن لک چيني قيدي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ منگول
قوم (اڄوڪي مغل قوم) جي ٻارن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاء باقائده اسڪول کولرايا, اهو ئي
سبب آھي جو اها خانه بدوش قوم جيڪا تيرهين صدي جي وحشي قوم سمجهي ويندي هئي سا
اڳتي هلي هڪ با شعور قوم بڻجي وئي. تاريخ اهڙن انيڪ واقعن سان ڀري پئي آھي, پر
انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسان جي صورتحال ٿوري مختلف نظر اچي ٿي. اسان جو مثال انهي ھاٿي وانگر آھي جيڪو اهڙي رسي سان ٻڌل آھي جنهن
کي هو اگر چاهي ته هڪ ئي جهٽڪي سان ٽوڙي سگهي ٿو, پر هو ائين نٿو ڪري, ان جو سبب
هي آھي ته اهو هاٿي تڏھن کان وٺي رسي سان ٻڌو وڃي ٿو جڏھن ھو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي
طاقت نه پيو رکي, انهي عمر ۾ ڪجھ وقت تائين اهو هاٿي انهي رسي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش
ڪندو رهي ٿو پر پوء جڏھن هُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس جي ڳالھ
نه آھي ته پوء ھو ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو, پر جڏھن هو انهي رسي کي ٽوڙڻ جي قابل ٿي
وڃي ٿو تڏھن به اهو انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي ته اها رسي ٽوڙڻ سندس وس
کان ٻاھر آھي ته ھو انهي کي ٽوڙڻ
جي ڪوشش ئي نٿو ڪري, اسان جو اڄ جو نوجوان به اهڙي ئي ذھني غلامي جي انڌيري قيد ۾
جڪڙيل آھي جنهن ۾ هو اهڙي ئي عمر ۾ اڇلايو ويو هو جڏھن هو انهي منجهان نڪرڻ جو
حوصلو نه پيو رکي,پر اڄ جڏھن هو اها طاقت رکي ٿو ته هو انهي قيد مان نڪري اڳتي وڌي
سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل بدلائي سگهي ٿو پر هو ائين نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اڄ به هو
انهي ٻالڪپڻ واري ڳالھ کي ذھن ۾ رکندي بنا ڪنهن جدوجهد جي ۽ بنا ڪنهن مقصد حاصل
ڪرڻ جي فقط زندگي جا ڏينهن گهاريندو وڃي ٿو. هو اهيا ڳالھ نٿو سمجهي ته جنهن ماڻھو
منجھ اڪيلي هلڻ جا حوصلا هوندا آھن هڪ ڏينهن انهن پٺيان ئي قافلا هلندا آھن. اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سماجي برائين ۾ واڌ اچي ٿي, اهو ڪجھ حد تائين
بيروزگاري ۾ واڌ جي ڪري به ٿيو آهي, ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ڪيترن ئي سماجي برائين کي
جنم ڏئي ٿي. هڪ نوجوان جيڪو ان لاء محنت ڪري ٿو ته پنهنجو مستقبل بهتر کان بهتر
بڻائي سگهي, پر بيروزگاري جي وڌندڙ شرح سبب هو ائين نٿو ڪري سگهي, انهي ذھني دٻاءُ
۾ اچي ڪري هو سماج کان باغي ٿي وڃي ٿو ۽ مختلف قسم جون سماجي برايون ڪندو رهي ٿو. ڪڏھن
ڪڏھن اهو ذھني دٻاءُ ان حد تائين وڌي وڃي ٿو جو هو مرڻ ۽ مارڻ لاء به هر وقت تيار
رهي ٿو, خودڪشي ۽ قتل جهڙا ڏوھ ڪرڻ کان به باز نٿو اچي. اڄ اسان اهڙي پهاڙي تي بيٺا آھيون جتان هڪڙي راه باھ طرف وڃي ٿي ۽
ٻي سمنڊ طرف, فيصلو اسان کي ڪرڻو آھي ته اسين ڪهڙي راھ اپنايون ٿا, يقينن اسان کي
اھا راھ اپنائڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي بقا جو گهڻي ڀاڱي چانس هجي. اسان کي سمجهڻ
گهرجي ته اسان جي قومي ۽ انفرادي بقا يقينن تعليم ۾ آھي, والدين کي گهرجي ته
پنهنجو قومي فرض سمجهندي ٻارن کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏيارن ۽ پنهنجي قوم جي نوجوان طبقي
۾ شعور پيدا ڪن ته جئين سماجي برائين کان بچي سگهجي
صادق سنجراڻي لاءِ وقتي صدر بڻجڻ ۾ آئيني رڪاوٽ..؟؟غلام مصطفيٰ جمالي
پاڪستان جي سينٽ جي چونڊ ٿي ته بلوچستان سان
تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي سينٽ الڪيشن کٽي ڪري سينٽ چيئرمين ٿي ويو جڏهن ته صادق
سنجراڻي پاڪستان جو ننڍي عمر جي سنيٽ چيئرمين آهي.صادق سنجراڻي جو تعلق بلوچستان
سان آهي ۽ سندس والد جو نالو محمد آصف سنجراڻي آهي ۽ هوُ ضلع ڪاونسل چاغي جي رهندڙ
آهي صادق سنجراڻي جو هڪ ڀاءُ رزاق سنجراڻي سنيڊيڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي ۽ ٻيو ڀاءُ مير
محمد سنجراڻي سابق وزيراعليٰ ثناالله زهري جو صلاحڪار رهي چڪو آهي جڏهن ته اها
ڳالهه پڙهي ڪري اوهانکي حيرت ٿيندي ته صادق سنجراڻي جو عوامي سياست سان ڪو به تعلق
نه هوُ ڇو ته سندس سڃاڻپ هيشه هڪ ڪاروباري طبقي جي ڪري ٿي ۽ بلوچستان اندر سندس
وڏو ڪاروبار هلندڙ آهي ۽ سندس ڪاروبار بلوچستان کان اعلاوا دبئي ۾ به آهي صادق
سنجراڻي 1998۾ ميان نواز شريف جو ميڊيا ڪوآئڊينيٽر رهي چڪو آهي ان بعد هو مڪمل ڏهه
سال حڪومت کان الڳ رهيو ۽ 2008ع اندر جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺهي ته کيس
ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو ميڊياڪوآئينيٽر مقرر ڪيو ويو انهي عهدي تي
هو پنج سالن تائين رهيو ۽ هن وقت سينٽ جي چونڊن اندر به بلوچستان جي وزيراعليٰ
عبدالقدوس بزنچو سندس نالو ڏنو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اها نالو پيش ڪيو ته صادق سنجراڻي کي سينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو
وڃي جنهن تي پاڪستان پيپپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري سندس نالو منظور ڪري
ورتو ۽ کيس سنيٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ عهديدار قرار ڏنو جڏهن ته اها ڳالهه به
ياد ڪرڻ جهڙي آهي ته صادق سنجراڻي ۽ آصف علي زرداي جا پاڻ ۾ ويجها تعلقات رهيا آهن
۽ ڳالهه به عام آهي ته جڏهن 2008ع اندر پاڪستان پيپلزپارٽي الڪيشن کٽي ته ان وقت
به آصف علي زرداي جي چوڻ تي کيس وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآئڊينيٽر مقرر ڪيو ويو هو،۽
هن وقت صادق سنجراڻي سينٽ جو چيئرمين مقرر ٿي ويو آهي ۽ سندس عمر 39سال ڪجهه ميهنا
آهي ۽ پاڪستان
جي سنيٽ جي چيئرمين جي عمر وڌ کان 45سال هجڻ لازمي آهي، هن وقت صادق سنجراڻي وٽ اهو اعزاز آهي
ته هو ُ پاڪستان جي ننڍي عمر وارو سينٽ چيئرمين آهي جتي صادق سنجراڻي جي عمر ننڍي
آهي اتي صادق سنجرائي جي اها ننڍي عمر آئيني طور تي سندس وقتي صدر جي عهدي ۾ وڏي
رڪاوٽ بڻجي وئي آهي.هن وقت صادق سنجراڻي جي عمر کي وٺي ملڪ اندر اهو بحث ڪيو پيو
وڃِي ۽ پاڪستان اندر قانوني ماهر به اهو چئي رهيا آهي ته صادق سنجراڻي وقتي صدر نه
ٿو ٿئي سگهجي ڇوته وقتي سندس هجڻ جي وچ ۾ سندس عمر وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي انڪري
سندس ننڍي عمر جي ڪري هو آئيني طور تي سنيٽ جو صدر نه ٿو سگهي.صادق سنجراڻي
14اپريل 1978۾ پيدا ٿيو جنهن ريت سندس عمر39سال 11ميهنا ٿئي ٿي ۽ وقتي صدر جي عهدي لاءِ اها عمر ٿوري آهي ڇو
ته صدر جي عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد45سال هجڻ لازمي آهي جيڪا پاڪستان جي آئين
مطابق هوندي آهي.انهي ڪري آئني طور تي سينٽ جي صدر لاءِ صادق سنجراڻي اهل ناهي، ڇو
ته سندس عمر 45سال کان گهٽ آهي پاڪستان اندر آئين 61(1)جي تحت سنيٽ جي صدر جي عمر
45سال هجڻ لازمي آهي جڏهن ته آرٽيڪل62(1)جي تحت پاڪستان جي سينٽ جي صدر جي عمر 30
سال کان گهٽ نه هجي.جڏهن ته آئين اندر اسپيڪر قومي اسمبلي ۽ سنيٽ چيرمين جي عمر جي
ڪابه حد مقرر ناهي،اسيمبلي ميمبر ۽ سنيٽ جا ميمبر جنهن کي چاهين سنٽيٽ جو چيئرمين
مقرر ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان جي آئين اندر اها شرط آهي ته انهي عهديدار جي عمر 45سال هجڻ لازمي
آهي جڏهن ته 45سال کان گهٽ عمر جي عهديدار سيينٽ جو وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهي انڪري
هن وقت صادق سنجراڻي جي عمر به 45سال ناهي جنهن تي بحث هلندڙ آهن ته هوُ سينٽ جو
وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهي، پاڪستان جي آئين آرٽيڪل 41(2)جي اهو به چيو ويو آهي ته
اهو ماڻهو وقتي صدر جي لاءِ اهل ئي ناهي جنهن جي عمر 45سال نه هجي جڏهن ته عمر
45سال هجڻ لازمي آهي،اهو هڪ طعه شده آئين آهي جنهن کي تبديل ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو
ڪري سگهجي، انهي آئين اندر 41(2)آرٽيڪل ۾ 45سال عمر هجڻ سان گڏ اهو به شرط رکيل
آهي ته سنيٽ جو وقتي صدر عمر سان مسلمان هجڻ به لازمي آهي،جڏهن ته پاڪستان اسلامي
ملڪ آهي انڪري سنيٽ جا چيئرمين اڪثر مسلمان ئي هوندا آهن ۽ آئين به انهي ملسم ملڪ
کي سامهون رکي ڪري ٺاهيو ويو هوُ انڪري صادق سنجراڻي جي عمر سندس عهدي ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي،هاڻي آئيني
صورتحال ڪهڙي ٿي ٺهي انهي تي سوچڻو پوندو ۽ انتظار ڪرڻو پوندو ته آئيندا جو رد عمل
ڪهڙو ٿو سامهون اچي،انهي ڪري هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته ڇا سنيٽ چيئرمين خالي سينٽ
چيئرمين هوندو ۽ آئيني طور تي وٺس ڪو به وقتي صدر وارو عهدو نه هوندو ڇو ته آئيني
طور تي ڏسجي ته صادق سنجراڻي ڪهڙي به صورت ۾ سنيٽ جو صدر نه ٿو ٿئي سگهي،پر ايندڙ
مهيني هوُ چاليهه سالن جو ٿي ويندو ۽ ايندڙ ٽن سالن لاءِ هوُ سينٽ جو چيئرمين ٿي
ويندو ۽ انهي ٽن سال جي عهدي دوران سندس عمر 43سال ٿي ويندي ۽ انهي عمر دوران به هوُ پنهنجي سنيٽ جو چيئرمين هوندي به وقتي
صدر نه ٿو ٿئي سگهي آئين جي آرٽيڪل49جي مطابق صدر جو عهدو صدر جي وفات ۽ سندس
استيفيٰ سان خالي ٿي ويندو آهي انهي سان گڏ آرٽيڪل 49(1) اندر به اهو چيو ويو آهي
ته چيئرمين سينيٽ جي صدر جي مقرري کي انجام ڏيڻ جي قابل نه آهي، پر قومي اسيمبلي
جو اسپيڪر صدر جي حيثيت سان ڪم ڪري سگهي ٿو.اهڙِي ريت آرٽيڪل 49(2)جي تحت چيو ويو
آهي ته پاڪستان جي صدر جي غيرموجوگي ۾ قومي اسميبلي جو اسپيڪر قائم مقام صدر جي عهدي
تي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ صدر جي عهدي جون زميواريون به سنڀالي سگهي ٿو،۽ قومي اسميبلي
جو اسپيڪر ان وقت تائين اهو عهدو سنڀاليندو رهندو جنهن وقت تائين اهو صدر واپس نه
ٿو اچي يا مستقبل ۾ ٻيو صدر نه ٿو ٿئي، جڏهن ته هاڻي آئيني طور تي سينٽ جو چيئرمين
صادق سنجراڻي وقتي صدر جو عهدو سنڀالڻ لاءِ اهل ناهي انڪري هاڻ سنيٽ اندر قائم مقام صدر جي ضرورت پوندي ته
مٿين آئين ۽ آرٽيڪل جي موجب اهي زميورايون قومي اسميمبلي جي اسپيڪر جي سنڀاليڻون
پونديون.انهي ڪري هن وقت صادق سنجراڻي ۽ نئي سنيٽ چيئرمين جي لاءِ وقتي صدر ٿيڻ جي راه ۾ آئيني رڪاوٽون
پيدا ٿي ويون آهن جيڪي سڀني جي سامهون آهن ڇو ته سندس ڄمار بابت وڏا بحث هلندڙ آهن
ته سندس ڄمار اها ناهي جو هو وقتي صدر ٿي سگهي
هاف ۽ فل فرائي ونگاري پوليس ڇا پئي ڪري/سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان
۾ هونء ته ڪئي
قتل ٿيا
پر ڪجهه ثبوٿ نه هئڻ ڪري مختلف عدالتن هلندڙ مقدمه ختم ٿيا ته ڪي اڃان به هلي رهيا
آهن پر جنهن طرح سان سنڌ پوليس پنهنجا ڪارنامه ظاهر ڪري اهو ثابت ڪري رهي آهي ته
اسان وڏي بهادري سان امن امان جي صورت حال تي ضابطو آندو آهي يا وري ائين چئجي سنڌ
جي عوام جي جان مال جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو مان سمجهان ٿو ته سچ
اهو آهي ته اهو سراسر غلط آهي اسان پنهنجي بزرگن جا ڪئي پهاڪا ٻڌا
آهن ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاء سو ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو آهي ، سنڌ ۾ هڪ ته ڪاروڪاري
وارا واقعا ٻيو پوليس ۾ سياسي مداخلت هن اداري کي وڏو نقصان پهچايو آهي جنهن کان
پوء سنڌ جي عوام جو سنڌ پوليس تي اعتبار ناهي ڪئي
واقعا رونما ٿيا آهن جن کي پوليس پڻ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي اسان اهو به
نه چونداسين ته سڀ آفيسر
مٿان
الزات آهن ڪجهه مان انهن جي ڪارڪردگي بهتر ناهي
رهي پر 100 مان 90 فيصد انهن جي ڪارڪردگي پڻ مشڪوڪ رهي آهي ، سنڌ پوليس جنهن ۾
سياسي مداخلت ايتري جو سچ اهو آهي ته وڏي آفيسر کان وٺي هڪ ننڊي آفيسر تائين ان
کان پوء سپاهي تائين به ڪنهن نه ڪنهن ڀوتار جي چوڻ تي ئي ان کي ڪو ٿاڻو ملي ٿو ،
ان سان گڏ جنهن طرح سان ڪو ايس ايڇ او ڪو ٿاڻو وٺي ٿو اتي پوسٽنگ ڪرائي ٿو ته ان
تي به واڪ ٿا لڳن جنهن جو واڪ ڳرو ان کي اتي مقرر ڪيو ٿو وڃين ان سان گڏ جيڪو
جيڪڏهن آواز بلند ڪري ٿو ته سائين مان ايمانداري سان ڪم ڪندس ان کي اهري تي ٿاڻي
تي مقرر ڪيو ٿو وڃين جو الله سائين ان جي زندگي جي حفاظت ڪري ٿو برحال سنڌ ۾ جنهن
طرح سان هاف فراء ۽ فل فراء جا واقعا پيش آيا آهن ڪجهه غلظ آهن ڪجهه درست هوندا پر
اڪثريت جڙتو مقابلو ڏيکاري ڪنهن معصوم جنهن کي پنهنجي گناه جي به خبر ناهي ڪجهه
ڏينهن هفتا اڳ ڪراچي ملير جي ايس ايس پي رائو انوار هڪ نوجوان نقيب الله مسعود سان گڏ ٻه ٻيا اجل جو شڪار ٿيا ڪجهه بي گناهن کي
ماريو ويو جڏهن رپورٽ ايندي ته معلوم ٿيندو پر
جڏهن مان هاف فراء فل فراء بابت پوري سنڌ جو دورو ڪيو جنهن ۾ مان هڪ
انتهائي قابل تجربي رکندڙ هيومن رائيٽس لا ڪائونسل سماجي شخصيتون ساڻ ڪري خدا کي
حاضر ناظر سمجهندي عام ماڻهڻ کان پوليس جي ڪارڪردگي بابت
معلومات ورتي سين ڪئي اهڙا انڪشافات ڪيا جن تي روئڻ ٿو اچي جيڪي مان بيان به نه ٿو
ڪري سگهان ته اسان جي سنڌ پوليس ڪهڙي ته خطرناڪ موڙ اختيار ڪري چڪي آهي ان کي
جيڪهن هاڻي ٻنڍو نه ڏنو ويو ته پوء هتي سنڌ حڪ هر روز ڪنهن شريف جي عصمت دري ٿيندي
ڪنهن غريب جي تذليل ٿيندي ، ڪنهن غريب جي نياڻي کي اغوا ڪيو ويندو ، ڪنهن غريب کي
هاف فراء يا وري فل فرائي ڪيو ويندو ، مان سمجهان ٿو ته هاڻي حد ٿي وئي نقيب الله
جي قتل کان پوء جڏهن عوام سجاڳ ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قابل احترام جناب
ثاقب نثار نوٽيس ورتو جنهن کان پوء هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن تحقيقات ڪئي جن پنهنجي
تحقيقات ۾ طاهر ڪيو ته نقيب الله مسعود کي بي گناهه شهيد ڪيو ويو آهي جنهن کان پوء
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سابق ايس ايس پي ملير رائو انوار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم
ڏنو ان سان گڏ ان جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پڻ پابندي وڌي وئي جنهن کان پوء هن وقت
تائين پوليس ڪک ٻيڻو ناهي ڪيو رائو انوار کي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيا آهن ارائو انوار
ناهي مليو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نقيب الله مسعود جي قتل ۾ نامز 24 ملزمان مان
هن وقت تائين 12 کن گار ڪيا ويا آهن باقي ٻيا اڄان به غائب آهن جن جي ڳولها جاري
آهي برحال جيڪڏهن ۾ سنڌ ۾ پوليس مقابلن تي نظر وهون 150 کان ته
مٿي هوندا جن ۾ ڪجهه ماريا وي هوندا ڪجهه هاف فرائي يا هوندا ڪجهه گرفتار پڻ ٿيا
هوندا جيڪڏهن ضلع خيرپور جي ايس ايس پي غلام شبير سيٺار جي ٽن
مهينن جي ڪارڪردگي تي نظر وجهجي ته پوليس جي دعوا آهي ته ٽي ڌاريل ماريا
ويا آهن 18 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن ڪئي موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون آهن پر
مان اهو چونندس ته ڪنب جي هڪ بهادر صحافي ڪنب همٿ تمراڻي کان پڻ موبائل چوري ٿي ڪوشش رپورٽر ڪنب
مشتاق شيخ کان اي ٽي ايم ڪارڊ پڻ چوري ٿيو جيڪو پڻ واپس نه ٿيو ان
سان گڏ راڻي پور سوبوديرو ۾ پڻ امن مان جي صورت حال بهتر ناهي رهي صحافي فاروق دايو نانڪ رام
سان پڻ انصاف نه ٿيو فاور دايو کان موٽر سائيڪل کسي وئي نانڪ رام جي ميڊيڪل اسٽور
کي ڌاڙو هڻي لٽيو ويو برحال سنڌ پوليس اٻوجهه عوام جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي
جنهن کي مارڻ چاهي ٿي ماري ٿي رشوت وٺي غريب کي ماري ڌاڙيل قرار ڏيڻ پڻ پوليس تي
شڪ پيدا ڪري ٿو پوليس تي هاڻي عوام جو اعتماد ناهي ڪ طرف نقيب
الله مسعود جي قتل جو نوٽيس ٻئي طرف هڪ هاري جيڪو برادري جي جهيڙي بعد پنهنجو ڳوٺ
ڇڏي اچي ڪچو گهر اڏي هنڊياري لڳ رهڻ لڳو جيڪڏهن اهو به تسليم ڪيون ته ڪافي حد تائين
پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورت حال بحال ٿي آهي ته ڪٿي امن امان جي صورت حال پوليس
پاڻ خراب ڪري رهي آهي مان جڏهن ڳوٺ گل محمد جامڙي جي هڪ اديب دانشور صحافي جو پڻ پوليس توهان
جو مال به ڪاهي وئي ته هن چيو ته منهنجو ڏوهه اهو آهي ته هڪ شريف انسان آهيان پنهنجي دنيا ۾ گم
آهيان ادب سان تعلق آهي پر پوليس اسان جي
ڳوٺاڻن مٿان جڙتو ڪيس داخل ڪري ڏوهن جي دنيا ڏانهن
ڌڪيو پيو وڃين اسان پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ چاهيون ٿا اسان جي مٿان پوليس گر روز
ڪاهه ڪري ٿي جيڪو عمل سٺو ناهي بي گناهه منهنجا 14
مينهون ڳئون ٻڪريون پا ڏا گابا ڪاهي وڃڻ گهرن کي نقصان پهچائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي
خيرپور پوليس جنهن ۾ خاص طور راڻي پور سوڀوديرو جنهن ۾ ڪئي ڏوهه ٿيا انصاف ڪنهن کي
نه مليو ، ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي ۾ به ضلعي خيرپور جي ڪئي ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري فنڪشنل ليگ جي هڪ
رهنما جي گهر سميت 10 گهن کان وڌيڪ ڊاهي پٽ ڪيا انهن مٿان اهو به الزام هنيو ته
گهر مان هر شي کڻي ويا اسان يا عوام پوليس جي مخالفت نه ٿا ڪن پر جنهن طرح سان
سياسي مداخلت ڪري هو انتقامي ڪاروايون ڪري رهيا آهن ان تي هن سنڌ پوليس تي اسان کي
شڪ ٿي پيو آهي جن کي هٿ ۾ موٽ جو پروانو ڏئي ڪنهن
غريب کي مارڻ لاء تيار ٿيو وڃن ، سنڌ ۾ پوليس تي شڪ ڪرڻ ان تي اعتماد نه ڪرڻ نئين
ڳالهه ناهي جنهن ماء جي جهولي جنهن پٽ جو پي جنهن ڀيڻ جو ڀاء کي ڀڄائي ڀڄائي ماريو
وڃين ان جي حالت ڪهڙي هوندي سوال اهو اهي ته جيڪڏهن ڪو مجرم به هجي ڪنهن به مٿان
ڪهڙا به سنگين الزامات هجن انهن کي ڳوليون هڻن جو ڪنهن کي به اختيار ناهي سپريم
ڪورٽ آف پاڪستان جناب ثاقب نثار نوٽيس وٺي انصاف ڏياري ان سان گڏ آئي جي
سنڌ پوليس جنهن سان حڪومت سنڌ جي قانوني انا جي جنگ جاري آهي سنڌ جو عوام عرض ڪري
ٿو ته سائين انڪوائري ڪيو جيئن نقيب ا لله کي جڙتو مقابلي ۾ ماريو ويو آهي اهڙي
ريت ئي عبدالفتاح شر کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو ويو آهي جنهن لاء پوري سنڌ جا سماجي
اڳواڻ با شعور عوام سراپا احتجاج ۾
آهن انساني حقن جن تنظيمون هيومن رائيٽس لا ڪائونسل آل پاڪستان اين جي اوز شرف
الدين تمراڻي ، حنفيف عباسي منصف علي قانوندان علي اڪبر شر راجه
الطاف شر سماجي اڳوان صحافي همٿ تمراڻي مّتيار احمد نثار شر ابوزر غفاري پروفيسر
مظهر ابڙو انور ناريجو اسد وساڻ سهيل ميمڻ ٻين پڻ ڳالهائيندي چيو باخبر تصديق سان ۽
عبدالفتاح شر جي ماء ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو ويو مان لٽجي
وئي آهيان انصاف آئي جي سنڌ ڪري انصاف سنڌ جو وڏو وزير ڪري انصاف چيف جسٽس سپريم
ڪورٽ آف پاڪستان پڻ نوٽيس وٺي ڪري پوليس کي پابند ڪيو وڃين ته هو ائينده
هاف فراء يا ڦل فراء جي واعن کان پاسو ڪن اهڙو حڪم نامو سنڌ هاء ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ آف
پاڪستان کي فوري جاري ڪرڻ گهرجي جيئن
غريبن کي انصاف ملي سگهي ۽ بي گناهن کي هاف ۽ فل فرائي کان بچائي سگهجي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ
هاري انتهائي غريب جيڪو هڪ ويلو ماني کائين ٿا هڪ ويلو انتظار ڪن ٿا بس انصاف جي ضرورت
آهي سپريم ورٽ آف پاڪستان نوٽيس وٺي غريبن سان انصاف ڪن
خوني تڪرارن ۾ بدلجندڙ زمينن تي قبضا/عقيل وفا ڦل
هونئن
ته سنڌ سونهاري تي قبضاگيرن، داداگيرن جو سدائين راڄ رهيو آهي سنڌ جي سمورن ننڍن
وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو سميت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قبضا مافيا ڪيتري عرصي
کان سرگرم عمل رهي آهي جن جي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جي ڪري ڪيترائي خوني جهڳڙا، واقعا ٿي
چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون بيگناهه پنهنجي حق جي حاصلات خاطر ماريا ويا آهن. سنڌ
سرڪار، روينيو کاتو جي سدائين ڪن لاٽار جي ڪري ۽ “ڏنو پٽ ڇُٽي جو” جي چوڻي وسيلي
قبضاخورن ۽ متاثرين مالڪان کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۾ پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي جيڪر
روينيو کاتو حق ۽ سچ جي راهه تي هلي، کاتن جي هيراڦيري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت
دوران سموري رڪارڊ سڙي وڃڻ جو بهانو نه بڻائي ته هي قبضاگير، لينڊ مافيا گروپ ڪنهن
جو حق نه ڦٻائي سگهندا. روينيو کاتي جي ڪري پوليس به بيوس هوندي آهي ته هي ميٽر
روينيو جو آهي اسان ڇا ڪيون؟ جو جواب ڏئي ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ حقدار کي پنهنجو حق
ملڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي پوندو آهي ۽ وري ڪورٽ سڳوري ۾ وڃبو ته اتي به سول سوٽ يا سول
ڪيسن ۾ سالن جا سال لڳي وڃن ٿا پيڙهيون توڙي عرضدار فوت ٿيو وڃن مگر پوءِ به فيصلو
جلد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته ڪورٽ سڳوري ديهه جي تپيدار، روينيو کان وٺي مختيارڪار، ڊي
سي، اي سي سميت سڀني ڌرين کي طلب ڪندي آهي ۽ پوءِ لازمي آهي ته جڏهن ڪيسن ۾ صحيح
نموني سان متاثر ڌر جو حل نڪري اچي. اهڙو ئي هڪ داستان سنڌ جي نامياري ليکڪ وفا
ولي محمد ڦل ۽ سندس ڀيڻوي سان به هلي رهيو آهي ابڙاهو جيڪو وفا ڦل جو اباڻو ڳوٺ
آهي ان جي سروي نمبر ڇهه ديهه شجاع محمد ڦل ۾ هڪ ايڪڙ زمين سندس والد عبدالڪبير ڦل
ستون فارم تي لکي ڪمپيوٽرائيزڊ کاتي سان ڏني وئي آهي ٻن مهينن کان مٿي عرصو گذري
چڪو آهي انهيءَ زمين تي ڳوٺ جي ٻن نام نهاد فسادن، قبضاگيرن، شدت پسند مولوي
عبدالاحد ڦل ۽ مُلو محمد علي شامل آهن جيڪي ملي ڀڳت ڪري زمين تي پهريائين ٽريڪٽر
وهائي ڇڏيو وفا ولي محمد ڦل پاران منع ڪرڻ تي مولوي احد ڦل ۽ محمد علي ڦل پسٽل
تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏنيون اهڙو اطلاع ڦل پوليس کي به ڏنو ويو پر پوليس روينيو
مسئلو هجڻ جو چئي ڪجهه به نه ڪيو. ٻن ڏينهن بعد ملو احد ڦل ايس ايس پي نوشهروفيروز
سان ملي اُبتو اين سي وري به وفا ڦل خلاف ڪٽرائي آيو جنهن ۾ موقف ڏنائين ته وفا ڦل
فيس بوڪ تي لکيو آهي ته هڪ دين جو ٿنڀ ضلعي صدر سڏائيندڙ مولوي احد ڦل وفا ڦل ۽
موسيٰ ڦل جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا منهنجي توهين آهي مون کي انصاف کپي ڦل
پوليس اسان کي گهرائي گرفتار ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ليڪن صوبيدار اسلم سومرو جنهن ڪوڙن
۽ مڪار فراڊين کي پرکي ورتو. جنهن بعد وري به ملان ماٺ ڪري نه ويٺا ۽ وفا ڦل به
پنهنجي حقيقي زمين جي قبضِ ڇڏائڻ لاءِ آواز بلند ڪيو. ڦل برادري جي چيف سردار،
يوسي ڦل جي چيئرمين فهدالله ڦل نيڪ مرد وڏيرو طيب ڦل وٽ فيصلو رکيو ويو پر عين
موقعي تي مُلان اتان ڀڄي ويا جنهن بعد نوشهروفيروز جي ڊي ايس پي سلطان احمد چانڊيو
وٽ فيصلو رکيو ويو جتي پڻ هو ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ ساخ کڻڻ لاءِ آماده نه ٿيا ۽ ڪوڙ هنيائون
ته اسان ڪورٽ ڪئي آهي ۽ ڊي ايس پي مُلن کي ڪاغذ اڇلائي ڏنا ته پوءِ مان ڪهڙو فيصلو
ڪيان. وفا ولي محمد ڦل وڪيل جي معرفت سيشن جج نوشهروفيروز کي درخواست ڏني جنهن جي
جواب ۾ مُلن وفا ڦل ۽ سندن عزيزن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي نتيجي ۾ ڪيس وٿ
ڊراءِ ٿي ويو ۽ وري ملن اي ڊي سي ٽو وٽ وفا خلاف سندس زمين جي سلسلي ۾ درخواست
داخل ڪئي ۽ ٻيهر ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته
وفا ڦل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اسان خلاف ميڊيا ٽرائل ڪري بدنام ڪري رهيو آهي. سيشن
جج وٽ حاضر ٿيڻ تي وفا ڦل جي وڪيل بهترين ڪيس وڙهندي جج صاحب کي اصل حقيقت ٻڌائي
جج صاحب پنهنجي ريمارڪس ۾ مُلي احد کي چيو ته جڏهن توهان جو مسئلو زمين جو آهي ۽
اي ڊي سي وٽ ڪيس هلي رهيو آهي پوءِ ملان توهان ڪوڙا ڪيس ڇو داخل ڪرايا آهن جج صاحب جا اهڙا
بهترين ريمارڪس ٻڌي ملو احد ڪورٽ کان ٻاهر ائين ڀڳو جيئن ڪا پنجاب واري ماکي ان جي
پويان هجي. وري به ملان احد ۽ محمد علي ماٺ نه ڪئي پڊعيدن پريس ڪلب ۾ وفا خلاف
ڪوڙيون من گهڙت خبرون هلائي مظاهرا ڪرايا. بهرحال ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو
نچ، الله جي ڪلام الله ۾ به چٽو واضح آهي ته “لعنت الله علي اللکاذبين” يعني ڪوڙن
تي مون الله جي به لنعت آهي. ملو عبدالاحد ڦل پهريان به ڳوٺ جي نيڪ مرد جي ماسٽر
ڪاپي رڪارڊ تي چڙهيل زمين تي به ڪوڙو ڪيس ڪيو هو جتان به هو ناڪام ويو وري حاجي
بلاول چانڊيو جي زمين تي به ڦڏو ڪيو جتان به هو ناڪام ويو هاڻي وري وفا ڦل ۽ سندس
عزيز جي زمين تي قبضو ڪيو ويٺو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي. مولوي احد ڦل اهڙو ته شدت پسند شخص آهي جو 8
سال اڳ ڦل شهر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخ خاقن شايع ڪرڻ
خلاف سڀني جماعتن جي اتحادي ريلي ڪڍي وئي. اُتي به هڪ مولوي پنهنجي رهبر امام خميني
جي نالي سان تقرير جو آغاز ڪيو ته شدت پسند مولوي احمد ۽ سندس واٺا امام خميني ۽
اهل تشيع خلاف غليظ زبان ۽ نعريبازي شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهلسنت ۽ اهل
تشيع ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ملوُن احد پاڻ اتان لڪي ڀڄي هليو ويو. افسوس ان ڳالهه جو
آهي ته اهڙي شدت پسند مُلي عبدالاحد ڦل کي جيڪو دستاربندي ذريعي عالم هجڻ جو تاج
پهريو ويو اهو مولوي ڪهڙا منحوس ڪم ڪري پنهنجي
ئي مسلمان ڀائرن خلاف فساد، جهيڙا، قبضا، ڪوڙ هڻي پنهنجي عزت ناموس کي ڇيهو رسائي
رهيو آهي ۽ پنهنجي برادري جي ماڻهن سان ظلم ڪري رهيو آهي. ڇا هاڻي هن مولوي کي دين
جو دعويدار مولوي چئجي يا فسادي مُلو؟؟؟ سوره عصر جو ترجمو آهي ته ؛ سواءِ انهن جي
جن ايمان آندو ۽ نيڪ چڱا ڪم ڪيا، ۽ هڪ ٻئي کي حق سچ جي وصيعت ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي
وصيعت ڪيائون. جيڪر هي ملو احد حقيقي عالم سڳورو هجي ها ته انهيءَ سوره سڳوري مان
سبق هدايت حاصل ڪري ها. اهوئي مولوي احمد، محمد علي جڏهن اي ڊي سي ٽو وٽ وفا خلاف
ڪيس ڪيو ۽ شنوائي ختم ٿيڻ بعد ٻاهر تپيدار جيڪو خود ڪيترن ئي اخبارن جي ادارن ۾ ڪم
ڪيو آهي ان کي دانهن ڏنائين ته سائين وفا ڦل مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو آهي مون خلاف
بيان هلايا آهن. اتي موجود وفا ڦل چيو ته کيس مون ذليل نه ڪيو آهي خدا خود کيس
بقول هن آيت مبارڪ جي ته “ وَتُعذ مَنَ تشاءُ وَ تُذِل من تَشَاءَ” يعني الله جنهن
کي چاهي عزت بخشي ۽ جنهن کي چاهي ذليل ڪري اهو هر شيءِ تي قادر آهي. وفا ڦل پريس
ڪانفرنس ڪندي اهو به ٻڌايو ته ملان احد جو والد سدائين اسان جي اوطاق تي ترسند هئا
سندن اوطاق جا دروازا 24 ئي ڪلاڪ هن مهل تائين به هر مسڪين، مسافر دوست لاءِ کليل
رهندا آهن پر اڄ اهي هئي ماڻهو وفا جي زمين تي قبضو ڪري چڪا آهن ڳوٺ جو ٻچو ٻچو،
پوڙهو پڪو، سڀني کي خبر آهي ته اها زمين سندن جي آهي ۽ سندن حق ۾ جسقم، سگا، صحافي
تنظيمن پاران به مظاهرا هلي رهيا آهن، ڦل، کرڙاهه، پڊعيدن، نوشهروفيروز، درياخان
مري، مورو سميت سڄي سنڌ جا ليکڪ، اديب به سراپا احتجاج آهن جيڪي سپريم ڪورٽ، هاءِ
ڪورٽ، سنڌ حڪومت سميت هر واسطيدار اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته
مُلان احد ڦل جيڪو ظالم، داداگير، فراڊي، ٺڳ آهي هڪ عالم سڏائيندڙ مولوي احد ڦل ۽
ملان محمد علي ڦل سراسر نسورو ڪوڙ آهن انهن کي ظلم ۽ زيادتين جي سزا ڏيڻ سان گڏ
اصلي حقدار وفا ڦل کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...