صادق سنجراڻي لاءِ وقتي صدر بڻجڻ ۾ آئيني رڪاوٽ..؟؟غلام مصطفيٰ جمالي



پاڪستان جي سينٽ جي چونڊ ٿي ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ صادق سنجراڻي سينٽ الڪيشن کٽي ڪري سينٽ چيئرمين ٿي ويو جڏهن ته صادق سنجراڻي پاڪستان جو ننڍي عمر جي سنيٽ چيئرمين آهي.صادق سنجراڻي جو تعلق بلوچستان سان آهي ۽ سندس والد جو نالو محمد آصف سنجراڻي آهي ۽ هوُ ضلع ڪاونسل چاغي جي رهندڙ آهي صادق سنجراڻي جو هڪ ڀاءُ رزاق سنجراڻي سنيڊيڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي ۽ ٻيو ڀاءُ مير محمد سنجراڻي سابق وزيراعليٰ ثناالله زهري جو صلاحڪار رهي چڪو آهي جڏهن ته اها ڳالهه پڙهي ڪري اوهانکي حيرت ٿيندي ته صادق سنجراڻي جو عوامي سياست سان ڪو به تعلق نه هوُ ڇو ته سندس سڃاڻپ هيشه هڪ ڪاروباري طبقي جي ڪري ٿي ۽ بلوچستان اندر سندس وڏو ڪاروبار هلندڙ آهي ۽ سندس ڪاروبار بلوچستان کان اعلاوا دبئي ۾ به آهي صادق سنجراڻي 1998۾ ميان نواز شريف جو ميڊيا ڪوآئڊينيٽر رهي چڪو آهي ان بعد هو مڪمل ڏهه سال حڪومت کان الڳ رهيو ۽ 2008ع اندر جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺهي ته کيس ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو ميڊياڪوآئينيٽر مقرر ڪيو ويو انهي عهدي تي هو پنج سالن تائين رهيو ۽ هن وقت سينٽ جي چونڊن اندر به بلوچستان جي وزيراعليٰ عبدالقدوس بزنچو سندس نالو ڏنو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اها نالو پيش ڪيو ته  صادق سنجراڻي کي سينٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي جنهن تي پاڪستان پيپپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري سندس نالو منظور ڪري ورتو ۽ کيس سنيٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ عهديدار قرار ڏنو جڏهن ته اها ڳالهه به ياد ڪرڻ جهڙي آهي ته صادق سنجراڻي ۽ آصف علي زرداي جا پاڻ ۾ ويجها تعلقات رهيا آهن ۽ ڳالهه به عام آهي ته جڏهن 2008ع اندر پاڪستان پيپلزپارٽي الڪيشن کٽي ته ان وقت به آصف علي زرداي جي چوڻ تي کيس وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآئڊينيٽر مقرر ڪيو ويو هو،۽ هن وقت صادق سنجراڻي سينٽ جو چيئرمين مقرر ٿي ويو آهي ۽ سندس عمر 39سال ڪجهه ميهنا آهي ۽  پاڪستان جي سنيٽ جي چيئرمين جي عمر وڌ کان 45سال هجڻ لازمي آهي، هن وقت صادق سنجراڻي وٽ اهو اعزاز آهي ته هو ُ پاڪستان جي ننڍي عمر وارو سينٽ چيئرمين آهي جتي صادق سنجراڻي جي عمر ننڍي آهي اتي صادق سنجرائي جي اها ننڍي عمر آئيني طور تي سندس وقتي صدر جي عهدي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي وئي آهي.هن وقت صادق سنجراڻي جي عمر کي وٺي ملڪ اندر اهو بحث ڪيو پيو وڃِي ۽ پاڪستان اندر قانوني ماهر به اهو چئي رهيا آهي ته صادق سنجراڻي وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهجي ڇوته وقتي سندس هجڻ جي وچ ۾ سندس عمر وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي انڪري سندس ننڍي عمر جي ڪري هو آئيني طور تي سنيٽ جو صدر نه ٿو سگهي.صادق سنجراڻي 14اپريل 1978۾ پيدا ٿيو جنهن ريت سندس عمر39سال 11ميهنا ٿئي ٿي  ۽ وقتي صدر جي عهدي لاءِ اها عمر ٿوري آهي ڇو ته صدر جي عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد45سال هجڻ لازمي آهي جيڪا پاڪستان جي آئين مطابق هوندي آهي.انهي ڪري آئني طور تي سينٽ جي صدر لاءِ صادق سنجراڻي اهل ناهي، ڇو ته سندس عمر 45سال کان گهٽ آهي پاڪستان اندر آئين 61(1)جي تحت سنيٽ جي صدر جي عمر 45سال هجڻ لازمي آهي جڏهن ته آرٽيڪل62(1)جي تحت پاڪستان جي سينٽ جي صدر جي عمر 30 سال کان گهٽ نه هجي.جڏهن ته آئين اندر اسپيڪر قومي اسمبلي ۽ سنيٽ چيرمين جي عمر جي ڪابه حد مقرر ناهي،اسيمبلي ميمبر ۽ سنيٽ جا ميمبر جنهن کي چاهين سنٽيٽ جو چيئرمين مقرر ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان جي آئين اندر اها شرط  آهي ته انهي عهديدار جي عمر 45سال هجڻ لازمي آهي جڏهن ته 45سال کان گهٽ عمر جي عهديدار سيينٽ جو وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهي انڪري هن وقت صادق سنجراڻي جي عمر به 45سال ناهي جنهن تي بحث هلندڙ آهن ته هوُ سينٽ جو وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهي، پاڪستان جي آئين آرٽيڪل 41(2)جي اهو به چيو ويو آهي ته اهو ماڻهو وقتي صدر جي لاءِ اهل ئي ناهي جنهن جي عمر 45سال نه هجي جڏهن ته عمر 45سال هجڻ لازمي آهي،اهو هڪ طعه شده آئين آهي جنهن کي تبديل ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو ڪري سگهجي، انهي آئين اندر 41(2)آرٽيڪل ۾ 45سال عمر هجڻ سان گڏ اهو به شرط رکيل آهي ته سنيٽ جو وقتي صدر عمر سان مسلمان هجڻ به لازمي آهي،جڏهن ته پاڪستان اسلامي ملڪ آهي انڪري سنيٽ جا چيئرمين اڪثر مسلمان ئي هوندا آهن ۽ آئين به انهي ملسم ملڪ کي سامهون رکي ڪري ٺاهيو ويو هوُ انڪري صادق سنجراڻي جي عمر سندس  عهدي ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي،هاڻي آئيني صورتحال ڪهڙي ٿي ٺهي انهي تي سوچڻو پوندو ۽ انتظار ڪرڻو پوندو ته آئيندا جو رد عمل ڪهڙو ٿو سامهون اچي،انهي ڪري هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته ڇا سنيٽ چيئرمين خالي سينٽ چيئرمين هوندو ۽ آئيني طور تي وٺس ڪو به وقتي صدر وارو عهدو نه هوندو ڇو ته آئيني طور تي ڏسجي ته صادق سنجراڻي ڪهڙي به صورت ۾ سنيٽ جو صدر نه ٿو ٿئي سگهي،پر ايندڙ مهيني هوُ چاليهه سالن جو ٿي ويندو ۽ ايندڙ ٽن سالن لاءِ هوُ سينٽ جو چيئرمين ٿي ويندو ۽ انهي ٽن سال جي عهدي دوران سندس عمر 43سال ٿي ويندي ۽ انهي عمر دوران به  هوُ پنهنجي سنيٽ جو چيئرمين هوندي به وقتي صدر نه ٿو ٿئي سگهي آئين جي آرٽيڪل49جي مطابق صدر جو عهدو صدر جي وفات ۽ سندس استيفيٰ سان خالي ٿي ويندو آهي انهي سان گڏ آرٽيڪل 49(1) اندر به اهو چيو ويو آهي ته چيئرمين سينيٽ جي صدر جي مقرري کي انجام ڏيڻ جي قابل نه آهي، پر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر صدر جي حيثيت سان ڪم ڪري سگهي ٿو.اهڙِي ريت آرٽيڪل 49(2)جي تحت چيو ويو آهي ته پاڪستان جي صدر جي غيرموجوگي ۾ قومي اسميبلي جو اسپيڪر قائم مقام صدر جي عهدي تي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ صدر جي عهدي جون زميواريون به سنڀالي سگهي ٿو،۽ قومي اسميبلي جو اسپيڪر ان وقت تائين اهو عهدو سنڀاليندو رهندو جنهن وقت تائين اهو صدر واپس نه ٿو اچي يا مستقبل ۾ ٻيو صدر نه ٿو ٿئي، جڏهن ته هاڻي آئيني طور تي سينٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي وقتي صدر جو عهدو سنڀالڻ لاءِ اهل ناهي انڪري هاڻ  سنيٽ اندر قائم مقام صدر جي ضرورت پوندي ته مٿين آئين ۽ آرٽيڪل جي موجب اهي زميورايون قومي اسميمبلي جي اسپيڪر جي سنڀاليڻون پونديون.انهي ڪري هن وقت صادق سنجراڻي ۽ نئي سنيٽ چيئرمين  جي لاءِ وقتي صدر ٿيڻ جي راه ۾ آئيني رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آهن جيڪي سڀني جي سامهون آهن ڇو ته سندس ڄمار بابت وڏا بحث هلندڙ آهن ته سندس ڄمار اها ناهي جو هو وقتي صدر ٿي سگهي

No comments:

Post a Comment