خوني تڪرارن ۾ بدلجندڙ زمينن تي قبضا/عقيل وفا ڦل



هونئن ته سنڌ سونهاري تي قبضاگيرن، داداگيرن جو سدائين راڄ رهيو آهي سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو سميت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قبضا مافيا ڪيتري عرصي کان سرگرم عمل رهي آهي جن جي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جي ڪري ڪيترائي خوني جهڳڙا، واقعا ٿي چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون بيگناهه پنهنجي حق جي حاصلات خاطر ماريا ويا آهن. سنڌ سرڪار، روينيو کاتو جي سدائين ڪن لاٽار جي ڪري ۽ “ڏنو پٽ ڇُٽي جو” جي چوڻي وسيلي قبضاخورن ۽ متاثرين مالڪان کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ ۾ پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي جيڪر روينيو کاتو حق ۽ سچ جي راهه تي هلي، کاتن جي هيراڦيري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت دوران سموري رڪارڊ سڙي وڃڻ جو بهانو نه بڻائي ته هي قبضاگير، لينڊ مافيا گروپ ڪنهن جو حق نه ڦٻائي سگهندا. روينيو کاتي جي ڪري پوليس به بيوس هوندي آهي ته هي ميٽر روينيو جو آهي اسان ڇا ڪيون؟ جو جواب ڏئي ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ حقدار کي پنهنجو حق ملڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي پوندو آهي ۽ وري ڪورٽ سڳوري ۾ وڃبو ته اتي به سول سوٽ يا سول ڪيسن ۾ سالن جا سال لڳي وڃن ٿا پيڙهيون توڙي عرضدار فوت ٿيو وڃن مگر پوءِ به فيصلو جلد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته ڪورٽ سڳوري ديهه جي تپيدار، روينيو کان وٺي مختيارڪار، ڊي سي، اي سي سميت سڀني ڌرين کي طلب ڪندي آهي ۽ پوءِ لازمي آهي ته جڏهن ڪيسن ۾ صحيح نموني سان متاثر ڌر جو حل نڪري اچي. اهڙو ئي هڪ داستان سنڌ جي نامياري ليکڪ وفا ولي محمد ڦل ۽ سندس ڀيڻوي سان به هلي رهيو آهي ابڙاهو جيڪو وفا ڦل جو اباڻو ڳوٺ آهي ان جي سروي نمبر ڇهه ديهه شجاع محمد ڦل ۾ هڪ ايڪڙ زمين سندس والد عبدالڪبير ڦل ستون فارم تي لکي ڪمپيوٽرائيزڊ کاتي سان ڏني وئي آهي ٻن مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي انهيءَ زمين تي ڳوٺ جي ٻن نام نهاد فسادن، قبضاگيرن، شدت پسند مولوي عبدالاحد ڦل ۽ مُلو محمد علي شامل آهن جيڪي ملي ڀڳت ڪري زمين تي پهريائين ٽريڪٽر وهائي ڇڏيو وفا ولي محمد ڦل پاران منع ڪرڻ تي مولوي احد ڦل ۽ محمد علي ڦل پسٽل تاڻي موتمار ڌمڪيون ڏنيون اهڙو اطلاع ڦل پوليس کي به ڏنو ويو پر پوليس روينيو مسئلو هجڻ جو چئي ڪجهه به نه ڪيو. ٻن ڏينهن بعد ملو احد ڦل ايس ايس پي نوشهروفيروز سان ملي اُبتو اين سي وري به وفا ڦل خلاف ڪٽرائي آيو جنهن ۾ موقف ڏنائين ته وفا ڦل فيس بوڪ تي لکيو آهي ته هڪ دين جو ٿنڀ ضلعي صدر سڏائيندڙ مولوي احد ڦل وفا ڦل ۽ موسيٰ ڦل جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا منهنجي توهين آهي مون کي انصاف کپي ڦل پوليس اسان کي گهرائي گرفتار ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ليڪن صوبيدار اسلم سومرو جنهن ڪوڙن ۽ مڪار فراڊين کي پرکي ورتو. جنهن بعد وري به ملان ماٺ ڪري نه ويٺا ۽ وفا ڦل به پنهنجي حقيقي زمين جي قبضِ ڇڏائڻ لاءِ آواز بلند ڪيو. ڦل برادري جي چيف سردار، يوسي ڦل جي چيئرمين فهدالله ڦل نيڪ مرد وڏيرو طيب ڦل وٽ فيصلو رکيو ويو پر عين موقعي تي مُلان اتان ڀڄي ويا جنهن بعد نوشهروفيروز جي ڊي ايس پي سلطان احمد چانڊيو وٽ فيصلو رکيو ويو جتي پڻ هو ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ ساخ کڻڻ لاءِ آماده نه ٿيا ۽ ڪوڙ هنيائون ته اسان ڪورٽ ڪئي آهي ۽ ڊي ايس پي مُلن کي ڪاغذ اڇلائي ڏنا ته پوءِ مان ڪهڙو فيصلو ڪيان. وفا ولي محمد ڦل وڪيل جي معرفت سيشن جج نوشهروفيروز کي درخواست ڏني جنهن جي جواب ۾ مُلن وفا ڦل ۽ سندن عزيزن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي نتيجي ۾ ڪيس وٿ ڊراءِ ٿي ويو ۽ وري ملن اي ڊي سي ٽو وٽ وفا خلاف سندس زمين جي سلسلي ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ ٻيهر ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفا ڦل ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اسان خلاف ميڊيا ٽرائل ڪري بدنام ڪري رهيو آهي. سيشن جج وٽ حاضر ٿيڻ تي وفا ڦل جي وڪيل بهترين ڪيس وڙهندي جج صاحب کي اصل حقيقت ٻڌائي جج صاحب پنهنجي ريمارڪس ۾ مُلي احد کي چيو ته جڏهن توهان جو مسئلو زمين جو آهي ۽ اي ڊي سي وٽ ڪيس هلي رهيو آهي پوءِ ملان توهان ڪوڙا ڪيس ڇو داخل ڪرايا  آهن جج صاحب جا اهڙا بهترين ريمارڪس ٻڌي ملو احد ڪورٽ کان ٻاهر ائين ڀڳو جيئن ڪا پنجاب واري ماکي ان جي پويان هجي. وري به ملان احد ۽ محمد علي ماٺ نه ڪئي پڊعيدن پريس ڪلب ۾ وفا خلاف ڪوڙيون من گهڙت خبرون هلائي مظاهرا ڪرايا. بهرحال ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچ، الله جي ڪلام الله ۾ به چٽو واضح آهي ته “لعنت الله علي اللکاذبين” يعني ڪوڙن تي مون الله جي به لنعت آهي. ملو عبدالاحد ڦل پهريان به ڳوٺ جي نيڪ مرد جي ماسٽر ڪاپي رڪارڊ تي چڙهيل زمين تي به ڪوڙو ڪيس ڪيو هو جتان به هو ناڪام ويو وري حاجي بلاول چانڊيو جي زمين تي به ڦڏو ڪيو جتان به هو ناڪام ويو هاڻي وري وفا ڦل ۽ سندس عزيز جي زمين تي قبضو ڪيو ويٺو آهي ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي.  مولوي احد ڦل اهڙو ته شدت پسند شخص آهي جو 8 سال اڳ ڦل شهر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخ خاقن شايع ڪرڻ خلاف سڀني جماعتن جي اتحادي ريلي ڪڍي وئي. اُتي به هڪ مولوي پنهنجي رهبر امام خميني جي نالي سان تقرير جو آغاز ڪيو ته شدت پسند مولوي احمد ۽ سندس واٺا امام خميني ۽ اهل تشيع خلاف غليظ زبان ۽ نعريبازي شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهلسنت ۽ اهل تشيع ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ ملوُن احد پاڻ اتان لڪي ڀڄي هليو ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي شدت پسند مُلي عبدالاحد ڦل کي جيڪو دستاربندي ذريعي عالم هجڻ جو تاج پهريو ويو اهو مولوي ڪهڙا منحوس ڪم ڪري  پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن خلاف فساد، جهيڙا، قبضا، ڪوڙ هڻي پنهنجي عزت ناموس کي ڇيهو رسائي رهيو آهي ۽ پنهنجي برادري جي ماڻهن سان ظلم ڪري رهيو آهي. ڇا هاڻي هن مولوي کي دين جو دعويدار مولوي چئجي يا فسادي مُلو؟؟؟ سوره عصر جو ترجمو آهي ته ؛ سواءِ انهن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ چڱا ڪم ڪيا، ۽ هڪ ٻئي کي حق سچ جي وصيعت ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيعت ڪيائون. جيڪر هي ملو احد حقيقي عالم سڳورو هجي ها ته انهيءَ سوره سڳوري مان سبق هدايت حاصل ڪري ها. اهوئي مولوي احمد، محمد علي جڏهن اي ڊي سي ٽو وٽ وفا خلاف ڪيس ڪيو ۽ شنوائي ختم ٿيڻ بعد ٻاهر تپيدار جيڪو خود ڪيترن ئي اخبارن جي ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي ان کي دانهن ڏنائين ته سائين وفا ڦل مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو آهي مون خلاف بيان هلايا آهن. اتي موجود وفا ڦل چيو ته کيس مون ذليل نه ڪيو آهي خدا خود کيس بقول هن آيت مبارڪ جي ته “ وَتُعذ مَنَ تشاءُ وَ تُذِل من تَشَاءَ” يعني الله جنهن کي چاهي عزت بخشي ۽ جنهن کي چاهي ذليل ڪري اهو هر شيءِ تي قادر آهي. وفا ڦل پريس ڪانفرنس ڪندي اهو به ٻڌايو ته ملان احد جو والد سدائين اسان جي اوطاق تي ترسند هئا سندن اوطاق جا دروازا 24 ئي ڪلاڪ هن مهل تائين به هر مسڪين، مسافر دوست لاءِ کليل رهندا آهن پر اڄ اهي هئي ماڻهو وفا جي زمين تي قبضو ڪري چڪا آهن ڳوٺ جو ٻچو ٻچو، پوڙهو پڪو، سڀني کي خبر آهي ته اها زمين سندن جي آهي ۽ سندن حق ۾ جسقم، سگا، صحافي تنظيمن پاران به مظاهرا هلي رهيا آهن، ڦل، کرڙاهه، پڊعيدن، نوشهروفيروز، درياخان مري، مورو سميت سڄي سنڌ جا ليکڪ، اديب به سراپا احتجاج آهن جيڪي سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت سميت هر واسطيدار اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته مُلان احد ڦل جيڪو ظالم، داداگير، فراڊي، ٺڳ آهي هڪ عالم سڏائيندڙ مولوي احد ڦل ۽ ملان محمد علي ڦل سراسر نسورو ڪوڙ آهن انهن کي ظلم ۽ زيادتين جي سزا ڏيڻ سان گڏ اصلي حقدار وفا ڦل کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.

No comments:

Post a Comment