نشو هڪ ناسور/انور علي ڊومڪي


سماجي برائي هي معاشري لاءِ ناسور برابر هوندي آهي جنهن جا ڪيترائي خوف ناڪ روپ آهن جنهن ۾ فحاشي ، وياج ، رشوت ۽ منشيات وغيره منشيات جو ڪاروبار ڪوئي نئون ناهي بلڪ تمام پراڻو آهي جيڪو هڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جي دور ۾ شروع ٿيو افغاني هيروئن ۽ اسلحو ضياءَالحق جو دين هيو منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار لاءِ اديب ۽ شاعرن سان گڏ سماج سڌارڪ ماڻهن بار بار حڪومت کي اهڙي قسم جي آگاهي ڏني آهي پر حڪومت ڪڏهن به ان قسم جي ڳالهه تي توجهه نه ڏني آهي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هيروئن جهڙو قاتل ۽ مٺو زهر هڪ ڪاروباري شڪل اختيار ڪري ويو آهي هاڻي ته اهي به اطلاع آهن ته ڪراچي سميت باقي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪڙا اهڙا ٽولا تيار ڪيا ويا آهن جن ۾ مرد ۽ عورتون به شامل آهن جيڪي گهرن سميت مختلف قومي ادارن ۾ وڃي ماڻهن کي سگريٽ جا مفت ۾ ڪش هڻائي کين هيروئن جو عادي بڻايو وڃي ٿو جن ۾ خاص طور تعليمي ادارا آهن يونيورسٽي ۽ ڪاليجن مان به اهڙي قسم جا اطلاع آهن جتي نوجوان ڇوڪريون ۽ نوجوان ڇوڪرا اهڙو گندو عمل ڪندي ڏٺا ويا آهن انهي کان علاوه امير گهراڻي جا بگڙيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به اهڙو نشو ڪندي ڏٺا ويا آهن ۽ منشيات فروش ٽولو کين اهڙي قسم جو نشو پيڪٽن جي شڪل ۾ سندن گهرن تائين پهچائين ٿا وڏي ڳالهه اها آهي ته اهڙي قسم جي سپلائي موبائل فون ذريعي ڪئي وڃي ٿي اميرن جا ٻار اهڙي قسم جي نشي جي قيمت باآساني سان ادا ڪري وڃن ٿا جڏهن ته غريب جا ماڻهو اهڙي قسم نشي جي حاصلات لاء گهر جي سامان وڪڻڻ سميت چوريون چڪاريون ڪندي نظر ايندا آهن منشيات واپرائڻ وارا ذهني ۽ جسماني سگهه وڃائي ويهندا آهن منشايت جو عادي ماڻهون معاشري کان علاوه پنهنجي گهر کان به ڪٽيل رهندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ هو هن سماج جو حصو ئي نه هجي سندس اهڙي سوچ ۽ اهڙي غليظ عمل ڪري کيس گهرڀاتي وڏي تڪليف کي منهن ڏيندا رهندا آهن سوين گهر هزارين خاندان اهڙي نشي جي ڪري اڄ ڏينهن تائين فاڪاڪشي واري زندگي بصر ڪرڻ تي مجبور آهن پر ان جي ابتڙ اعليٰ عهدن تي فائز حڪمران ۽ سندس اتحادي خاموش لڳا ويٺا آهن ۽ سندس واتان سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي وارو لفظ هر وقت ٻڌڻ ۾ اچي ٿو نئون نسل ۽ سندن خاندان تباهه ٿي رهيا آهن پرحاڪمي وقت کي ڪو احساس ئي نٿو ٿي پوليس ڪو ڪردار وڏيرڪي ڪمداري کان علاوه ٻيو ڪو به ڪم نه آهي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جوا وياج فحاشي جا اڏا سري عام هلي رهيا آهن کين گرفتار ڪرڻ بجاءِ هنن کان رقم وٺي هنن کي اهڙي ڪم جي کلي عام اجازت ڏني وڃي ٿي هيروئن واپرائيندڙ اڪثر موالي قسم جا ماڻهو هيروئن اتي واپرائيندي ڏٺا ويندا آهن جتي پبلڪ جي اٿ ويهه هوندي آهي مسئلن ريلوي اسٽيشن ، پارڪون ، بس اسٽاپ ، اسپتالون وغيره هنن کي اها تربيت ڏني ويندي آهي ته توهان کلي عام وڃي اهڙي قسم جي حرڪت ڪيو ته جئين ٻيا ماڻهون به اهڙي وبا ۾ وڪوڙجي وڃن پر افسوس پنهنجي معاشرتي ڪارڪردگيءَ تي به ٿي ٿو پراڻي زماني ۾ ماڻهو پنهنجي نوجوانن جي تربيت ڪندا هئا سڀ کان پهريان هنن کي اخلاقيات ، مهمان ، نوازي ، شناس ، ننڍي وڏي ، نياڻي سياڻي سان ڪئين ۽ ڪهڙي طرح پيش اچجي ۽ آس پاس ۾ ڀلجندڙ معاشراتي سماجي براين کي ڪهڙي طرح ختم ڪجي ۽ هنن جو حل ڪهڙي طرح ڪڍجي . اهڙي طرح هنن جي هر طرح جي تربيت ڪئي ويندي هئي ، پر افسوس اڄ ائين هر گذ نه آهي . اڄ جا ماڻهو پنهنجي اولاد پاڙي واري سان گڏ سماجي برايون ڪندي نظر ايندا آهن پوءِ جڏهن وڏا هي اهڙي عمل جا حمايتي هجن ۽ پنهنجو اخلاق سان ڀريل ماضي وساري ويهن ته پوءِ ننڍن جو ڪهڙو ڏوهه . ان لاءِ سڀ کان پهريان هنن ماڻهن کي رول پلي ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سڀ کان پهريان والدين استاد اديب دانشور ۽ سماج سڌارڪ ماڻهون اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اهڙا ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جو حقيقي منزل سندن قدمن ۾ هوندي ۽ انشاءَالله اسان جي سوڀ ٿيندي ..

No comments:

Post a Comment