پي ايم اي جو احتجاج ۽ دربدر مريض..!!/ درياءُ خان جهتيال



سنڌ ۾ ڪا بہ تنظيم جڏهن ٺهندي آهي تہ ان وقت اهو لڳندو آهي تہ ڪو ڀلائي جو رستو جُڙي رهيو آهي ۽ پڪ ٿيندي آهي تہ اها ٺهندڙ تنظيم هر ان ماڻهو جو سهارو ٿيندي جيڪي بي پهچ هوندا آهن يا جنهن جي دانهن ڪير ٻڌڻ وارو نہ هوندو آهي، پر آهسي آهستي وقت ثابت ڪري ڇڏيندو آهي تہ تنظيمون مفادن لاءِ ٺهنديون آهن، انهن تنظيمن جا اڳواڻ ئي نہ رڳو پر ميمبر بہ پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ هر اهو قدم کڻندا آهن جنهن سان بي پهچ ۽ عذابيل ماڻهن کي اڃا وڌيڪ عذاب ڏسڻو پئجي ويندو آهي، هن وقت ٻين تنظيمن جيان اهڙي ئي هڪ تنظيم آهي جنهن جون روز اخبارن ۾ خبرون پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو آهي، ان تنظيم جو نالو آهي پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي)، ان تنظيم اهڙو تہ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان نہ رڳو غريب ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي پر بيماري ۾ مبتلا ماڻهو کي بہ وڌيڪ عذاب ڏسڻو پئجي رهيو آهي، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ ڊاڪٽرس سميت هيٺيون اسٽاف هوندو آهي جيڪو اسپتالن ۾ اندر ڪم ڪندو آهي، اهي سڀ ان تنظيم جي پليٽ فارم تان احتجاج بہ ڪندا آهن تہ مطالبا مڃائڻ لاءِ حڪومت خلاف احتجاجن اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائڪاٽ يا اسپتالن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ مريض ڀلي تڙپي، تڙپي راهہ رباني ٿي وڃي پر ان جو علاج ڪرڻ ۾ کين هٿ ڏڪندا آهن، مون ڪجهہ وقت اڳ هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ دادو سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ هڪ ڊاڪٽر سان ٿيل مسئلو بيان ڪيو هو، ان ۾ مون لکيو هو تہ ڊاڪٽر مسيحا پيشو آهن انهن سان خراب رويو اختيار ڪرڻ انتهائي غلط عمل آهي ۽ اهڙي معاملي جو ڪورٽون نوٽيس وٺن، پر هاڻي اهي ئي مسيحائي پيشو سڏنجندڙ ڊاڪٽر ''احتجاج'' جي روپ ۾ ڏسي ايئن چوڻ ۾ ڪا گهٽتائي نہ چئبي تہ مسيحائي شعبي وارا بہ انسانن کي تڙپائي سگهن ٿا، انهن عذابيل مريضن کي رحم واري نظر سان بہ ڏسي نٿا سگهن، هن وقت انهن مسيحائي وارن ڊاڪٽرن پاران اهو ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ گذريل ڪجهہ ڏينهن کان پيرا ميڊيڪل ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اسپتالن جو بائڪاٽ روز جو معمول بڻيل آهي، ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو سنڌ جي مختلف اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪري حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جا مطالبا اهي آهن تہ ملازمن کي سروس اسٽريڪچر، هيلٿ الائونس، رسڪ الائونس، سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا سميت ٻيون مراعتون ڏنيون وڃن، الميو تہ ڏسو تہ انسانيت جي ڳالهہ ڪرڻ وارن جي انهن سمورن مطالبن ۾ ڪٿي بہ اهو مطالبو ناهي تہ سنڌ جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جو تعداد وڌايو وڃي، انهن اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي تہ جيئن ايندڙ مريضن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو نہ پوي، پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي پيلٽ فارم تان احتجاج ڪندڙن جو اهو مطالبو تہ هرگز ناهي تہ اسپتالن ۾ صاف پاڻي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳايا وڃن تہ جيئن بيمار مريض پاڻي صاف پي سگهن، بس مطالبا آهن تہ ''پاڻ ڀريو، پاڻ کائو'' وارا! اُن ڳالهہ تي بہ پاڻ کي بہ ڪاوڙ لڳي هئي تہ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي ملازمن تي ڪجهہ ڏينهن اڳ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻ تي تشدد ڪيو ويو هو پر اهو احتجاج بہ انهن مطالبن لاءِ هو نڪي ڪنهن اسپتال جي بهتري لاءِ ۽ اهو احتجاج بہ صحت مرڪزن ۾ ڪم ڇڏ هڙتال بعد ڪيو ويو، هاڻي ان ڳالهہ بعد مسيحائي پيشي لاءِ ٻيون ڳالهيون بہ نظر اچي ويون آهن تہ جنهن کي اسان مسيحا چئون ٿا پر اُن ۾ بہ انسانيت جي ڀلائي لاءِ جهول آهن ۽ اهي جهول بي پهچ ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهيا آهن، بيمار ماڻهن کي تڪليف ڏئي رهيا آهن، سڄي سنڌ ۾ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سڏ تي احتجاج جاري آهي، جنهن سبب سنڌ جي اسپتالن ۾ پري پري کان ايندڙ مريضن کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، اهي مريض پنهنجا درد کڻي دربدر ٿي رهيا آهن، پر پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ جي آڙ ۾ مريضن تي رحم کائڻ لاءِ تيار ناهي، انهيءَ احتجاج بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ تازو اهو بيان ڏنو آهي تہ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جا مطالبا منظور ڪنداسين تہ اسان مٿان 10 ارب روپين جو اضافي بار اچي ويندو، حڪومت وٽ ايڏو بار سهڻ جي سگهہ ناهي، ناڻي کاتي جي ذريعي سڄي سنڌ کي هلائڻو پوي ٿو، مطلب تہ هاڻي وڏي وزير وٽ ڪو اهڙو جواز ئي ناهي جنهن سان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن پنهنجو احتجاج وارو رينگٽ ختم ڪري ۽ سڪون سان ڊيوٽيون ڪري جيئن اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي دربدر ٿيڻو نہ پوي، سنڌ جي وڏي وزير کي بہ مريضن تي شايد رحم ناهي، آخر اهي تنظيمون عام ماڻهو جي ڀلي لاءِ ڇو ناهن؟ انهن تنظيمن ۾ اهڙي بيهڪ ڇو ناهي جنهن سان بي پهچ ماڻهو کي ڪو سهارو ملي سگهي، ڪو رستو ملي سگهي، حڪومت جا تہ گوڏا هر ڪنهنجي اڳيان کوڙيل آهن، انهن وٽ ڪاروائي رڳو ''لَٺ'' واري آهي جنهن سان فرق تہ ناهي پوڻو پر اڃا بہ ماحول خراب ٿيندو رهندو، ان ڳالهہ کان انڪار ناهي تہ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ هر ماڻهو حق گهري ٿو پر اها ڳالهہ بہ بلڪل غلط آهي تہ پنهنجي حقن جي خاطر غريب ماڻهن کي پريشانين ۾ ڌڪيو وڃي، انهن بيمار ماڻهن کي وڌيڪ عذاب ڏنا وڃن، سنڌ حڪومت پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن جا مطالبا منظور ڪري يا انهن جو ڪو حل ڪڍي پر غريب مريضن کي دربدر ڪرڻ انسانيت سا کيڏڻ برابر آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن جي حالت تي رحم تہ کائي، ڇو جو سنڌ ۾ صحت کاتي جو ٻيڙو تہ پهريان ئي ٻڏل آهي پر اڃا بہ اهڙا عمل جاري رهيا انهن تنظيمن جي آڙ ۾ تہ سنڌ جا بي پهچ ماڻهو بيمارين سبب تڙپندا رهندا، انهن غريب ماڻهن جي ٻي ڪا واهہ ناهي، اهي ئي سرڪاري اسپتالون آهن پر انهن ۾ بہ انهن غريبن کي دربدري کانسواءِ ڪجهہ نٿو ملي، سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کي اپيل آهي تہ سنڌ حڪومت ۽ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن ۾ هلندڙ معاملن جي حل لاءِ نوٽيس وٺي اسپتالن ۾ پري پري کان علاج لاءِ ايندڙ مريضن جون زندگيون بچايون وڃن.

No comments:

Post a Comment