ڪتاب ادب جي ڳولا جو مختصر احوال ؟/عاجز انور لاشاري



مان ادب جي ڳولاء لا۽ جاکوڙ اھڙي طرح ڪري رھيو آھيان ادب جي ڳولا فقط مون ھڪ جي جاکوڙ يا ڪاوش نه بلڪه سنڌ جي ھر شھر ۾ ادب جي سڃاڻ رکندڙ ادبي دوستن لا۽ پڻ ھڪ عاجزانه پيغام آھي مون ادب جي ڳولا ڪتاب لکڻ شروع ڪيو آھي پنھجي نالي کي مشھور ڪرڻ لا۽ نه ۽ نه ئي پنھجي نالي کي سنڌ ۽ دنيا ۾ سرخرو ڪري پيش ڪرڻ لا۽ نه ۽ نه ئي مان ھي ڪتاب ادب جي ڳولا مڪمل ڪري سنڌ جي ادبي نالن ۾ شمار ٿيڻ  جي چاھت رکي آھي مون پنھجي پاڻ سان ھڪ وچن ڪيو اھو وچن ٻارآڻو پنھجي مفاد منافي لا۽ نه آ منھجي ادب جي ڳولاء جو حقيقي اصل مقصد فقط ايترو آھي ته مان پنھجي شھر ۽ آس پاس جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پاڻ لھي ادب ڳولي پنھجي ڪتاب ادب جي ڳولا ۾ اھي ادبي دوست شامل ڪري انھن کي ڪتاب جي سونھن بڻائي سنڌ ۾ پيش ڪري سگھان مان خودغرض نٿو ٿي سگھان ڪو به ادبي ايترو پٿر دل به نٿو ٿي سگھي ادب سان وابسته دوست حساس دل نازڪ مزاج نرم دل جو مالڪ ٿي سگھي ٿو جذبات جو درياء سمنڊ ھوندي به پنھجي ڪاوڙ ۽ غلطين تي زار روئي لڙڪ لاڙي سگھي ٿو ھا ھا مان اھو ئي ادبي ٿيڻ ٿو چاھيان جيڪو ادبي دوستن جي ڳولاء ۾ پنھجو وقت بي شڪ رقم ڪري به انھن جي لکيل ادب کي ڪتابن ۾ قيد ڪرائي انھن جي حوصلاء افزائي ڪري سگھان ٿو پر مان اڪيلو ھڪ ڪتاب لکي امر نٿو ٿيڻ چاھيان مان اڪيلو پنھجي شھر جي اڻپوري تاريخ لکي ادبي نٿو بڻجي سگھان مان محنت ڪش فقط پنھجي فائدي لا۽ سوچي نٿو سگھان مان پنھجي اڪيلي جي شاعري اخبارن ۾ موڪلي وري پاڻ پڙھي نٿو سگھان مان شعور ھمت جرت دلچسپي سوين دلن ۾ پيدا ڪرائڻ چاھيان ٿو ادب جي ڳولا چاھي ٿو ادب جي ڳولا جو اصل مقصد اھو ئي آ ته پنھجي شھر جي ڪنڊ ڪرڇ اتر ڏکڻ اوڀر اولھ جو رخ ڪجي چارئي پاسا پاڻ پند ڪري وڃي پڇا ڪجي ته ڪٿي ڪنھن شھر يا ڪنھن ڳوٺ ۾ اھو ادبي دوست ادب سان وابسته ھوندي به ڪٿي تنھا ته ناھي يا ڪنھن راھ ۾ اڪيلو ته رھجي نه ويو آ يا وري ڪنھن جا لکيل غزل چوسٽا سڙيل پيتين ۾ قيد زنگجي ته نه رھيا آھن يا وري ڪو ادبي مالي سائتا حال نه ھئڻ جي ڪري ادب کان پري نه ٿي ويو ھجي مان انھن جو ٻانھن ٻيلي ٿيڻ چاھيان ٿو انھن ادبي دوستن جا لکيل غزل ڪويتا ڏوئيڙا مان پنھجي قلم سان انھن جي ئي نانء سان سنواري سھڻو ڪري ڪتاب ادب جي ڳولا ۾ شامل ڪرائڻ جي ذري ڪوشش ڪرڻ چاھيان ٿو مان ھڪ اڪيلو نه مونسان سارو ادبي لوڪ گڏ ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ھلڻ چاھيان ٿو اھڙو ڪتاب آھي منھجو ادب جي ڳولاء جنھن ۾ اھي ادبي دوست شامل ھوندا جيڪي ادب کي پنھجو ساھ زندگي سرمايو سمجھن ٿا پر ادبي رستي تان ڀٽڪي ويا آھن ڇو ۽ ڪئين ڀٽڪيا آھن انھن جي تعارفي احوال سميت انھن جي درد کان ويندي خوشحالي لکڻ ٿو چاھيان ھو ادب سان بي پناھ پيار ڪن ٿا پر انھن جو ادب ڪتابن اخبارن کان اڄ تائين محروم رھيو آھي يا رکيو ويو آھي اھو لکڻ ٿو چاھيان پنھجي ادب سان مشڪلن ۾ گذاريندڙ دور لکڻ ٿو چاھيان مان انھن جون ڪمزوريون ۽ خاموش قلم جو حقيقي داستان لکڻ ٿو چاھيان ھي ادب جي ڳولاء فقط ھڪ تلھار ۾ رھي اھو نٿو چاھيان، مان چاھيان ٿو ھر ادبي دوست پنھجي شھر ۾ ھڪ اھڙي جاکوڙ ڪري ڪنھن مسڪين غريب حال اديب جو ادب ڳولي انھن جون ادھوريون حسترتون پوريون ڪرڻ ۾ انھن جي مدد ڪجي اھڙو ڪتاب آھي منھجو ادب جي ڳولا مان ھڪ پنھجي نه سمورن ادبي دوستن جي واھ واھ ڪرائڻ چاھيان ٿو مان ھر انسان مان ادب ڳولڻ چاھيان ٿو مان پرايا خيال پرائي سوچ پرايو احساس ارمان کي محسوس ڪري سمورن جو سھارو ٿيڻ چاھيان ٿو مان زندگي ڪمائڻ چاھيان ٿو مان جيجل جو پيار ۽ پيرسن پيء جي اکين جو ٺار ۽ نه ملندڙ واٽ جون آسانيون ٿيڻ چاھيان ٿو مان ھر ڀينر جي ڀاء جو ادھورو خواب پورو ڪرڻ چاھيان ٿو مان ديوارن ۾ بند قيد لڪل غضب جي ادب کي آزاد ڪرائڻ چاھيان ٿو مان ڀڳل بيواھ جي چورين کان وٺي ھر ھڪ يتيم ٻار جو قصو بي انتھا لکڻ ٿو چاھيان مان اھڙو ئي ھڪ ڪتاب ادب جي ڳولا لکي دنيا آڏو پيش ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ شروع کان آخر تائين اھي محروم زماني جا ستايل ادبي دوست شامل ٿو ڪرائڻ چاھيان جيڪي چاھين ٿا اسين به ماڻھن جي اکين سان ڏٺا وڃون اسان جي نالن کي به زماني جي زبان ٻوليندي رھي اسان جو ادب به زماني جا ڪوڙا ڪن ٻدي ته وٺن اھڙو ئي ڪتاب تخليق ڪرڻ جي جرت ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ فرمائيشي نه بلڪه چتيون لڳل ليڙون لٽن وارو ئي سھي پر ادب جو ڪورو ڪاغذ ھجي ۽ اھو قلم جنھن جي مس سڪي وئي ھجي مان انھي ڪوري ڪاغذ کي ڀريل سونو ھار ڪرڻ چاھيان ٿو مان انھن جي قلم جي اڻ کٽ تيز ڪلر واري مس بڻجي انھن جو ادب ڏينھن رات ھڪ ڪري لکڻ چاھيان ٿو مان انھن جي کسيل مرڪ خوشيون خريد ڪري ڪتاب جي شڪل ۾ تحفو بڻائي انھن اڳيان پيش ڪرڻ چاھيان ٿو ادب رڳو بند ڪمرو نٿو چاھي ادب لڪائي رکڻ کي اديب نه چوندا آھن ادب ڪنھن ھڪ جي جاڳير به نه آھي ادب ھر شھر ۾ رھندڙ  خوبصورت ڪنول جو گل گلاب جون خوشبوءدار پتيون موتيء جئيان ھرڪ بڻائي زماني ۾ پيش ڪرڻ چاھيان ٿو مان اڪيلو نه پر پورو شھر ادبي بڻائڻ چاھيان ٿو ڪتاب ادب جي ڳولا مون ھڪ جو نه بلڪه انھن سمورن جي نانء آھي جيڪي ادب لکي ته سگھيا پر ڪٿي به پيش نه ڪري سگھيا انھن جا لکيل موتيء مان پنھجي قلم سان لکي قيد مان آزاد ڪرڻ چاھيان ٿو ھا انھن جي مان ضرورت بڻجڻ چاھيان ٿو ڪا ڪمزوري نه مان اڪيلي سر پنھجي نالي کي ڪيترو زماني ۾ نروار ڪندس جڏھن ته اھا خبر به اٿم ته نالو ھڪ رھندو سو ھو مالڪ جھان آھي جي مان رھان ته اڪيلو ڇو انھن دوستن کي به پاڻ سان گڏ پنھجي ٺاھيل ٻيڙي ۾ سوار ڪري انھن کي انھن جي منزل تائين پھچائڻ جو واحد ھڪ رستو بڻجڻ چاھيان ٿو اھڙو آھي منھجو ڪتاب ادب جي ڳولا جنھن ۾ شامل ھوندو ھر اھو ادبي دوست جنھن جي سالن کان حسرت رھي ته ھجي پر پوري نه ڪري سگھيو ھجي مان انھن جي پوري ٿيندڙ حسرت بڻجڻ چاھيان ٿو ادب کي پنھجي ڪتاب جي بقايا ڪمرن ۾ رھڻ جي دلي اجازت ڏيندي تاعمر انھن کي ڪتاب ادب جي ڳولا جو مالڪ ڪرڻ چاھيان ٿو ھڪ مان رھان اھو ضروري نه آ مان سمورو شھر ڳوٺ سميٽي پرکڻ چاھيان ٿو مان محنت ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ سوين محرومن جون محنتون به شامل ھجن اداس شامون بي رحم راتيون لکڻ چاھيان ٿو مان انھن جو رھجي ويل وڃائجي ويل ادب ڳولي ڪتاب ادب جي ڳولا ۾ تاعمر قيد ڪرڻ چاھيان ٿو مان انھن جي آخري اميد ۽ پورو ٿيندڙ خواب ٿيڻ چاھيان ٿو مان انھن جو ادبي رنگ بڻجي انھن کي خوبصورت رنگن ۾ گلن چٽن سان سنوارڻ چاھيان ٿو مان انھن بي يارو مددگار ادبي دوستن جي اڪيلي مدد ساٿ سھارو بڻجڻ چاھيان ٿو بس اھو ئي آ ڪتاب منھجو بس اھا ئي آ سوچ منھجي بس اھڙو ئي ڪتاب ادب جي ڳولا ٺاھڻ جي جستجو جاري رکڻ چاھيان ٿو جنھن ۾ رنگين جملن جو رڪس ۽ آزاد سٽن جي سونھن ۽ نه مرندڙ زندگي خريد ڪري انھن جي حوالي ڪرڻ چاھيان ٿو بس اھو ئي آ مقصد بس ايتري ئي چاھت پالي پوسي تنھن کي وڏو وڻ بڻائڻ چاھيان ٿو مان ۽ منھجو ادب بس اھو ئي آ ادب جي ڳولا جنھن جا مھمان ۽ ميزبان ادب جي ڳولا ۾ شامل ڪرائي دنيا ۾ پيش ڪرائڻ ٿو چاھيان بس ايترو ئي آ ادب منھجو بس ايترو ئي آ مقصد منھجو جنھن کي حقيقي نالو ڪتاب ادب جي ڳولا بڻائي اوھان جي ھٿن تائين پھچائڻ جي ڪوشش چاھيان ٿو،،،،،،،،،،،
anwarhussainlashari@gmail.com

No comments:

Post a Comment