سنڌ
جيڪا ھر دور ۾ خاص طور تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوء مسلسل ھٺ ٺوڪين مسئلن جي
ور چڙھندي رھي آھي.ڪڏھن ھن جي سربزي ۽ شادابي کي ختم ڪرڻ جي لاء ھن ڌرتي رھواسين
کي اڄي بکيئي مرڻ جي لاء ڪالاباغ ڊيم جھڙي موتمار منصوبي کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي
پئي وئي آھي ت ڪڏھن سنڌ جي عوام کي پنھنجن وڏن شھرن کان بيدخل ڪرڻ جي لاء لساني
گروپن کي ھٿي ڏئي سنڌ جي اندر نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو آھي ت ڪڏھن اين ايف سي جي اندر
مسلسل ڪٽوتي ڪندي سنڌ کي ان
جي اصلي حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي آھي ت ڪڏھن سنڌ جي آدم شماري کي ڄاڻي
واڻي گھٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آھي.انھن سموين ناڪامين جو منھن ڏسڻ کانپوء وري سنڌ جي اندر رھندڙ 20 لک بنگالين 3
برمين پٺاڻن ۽ پنجيابين کي مستقل طور سنڌ جي اندر آباد ڪرڻ جي لاء کين کي سنڌ جا
شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي شازش عروج تي رسي چڪي آھي. ۽ ان ڪم جي لاء نادرا جي
چيئرمين کي خصوصي ٽاسڪ ڏئي ڪراچي ۾ آندو ويو آھي. جيڪا ڪالھ سنڌ جي حقيقي وارثن جي
لاء ڳڻتي جو سبب بڻجي وئي آھي. ت نيٺ سنڌ جي گادي واري ھنڌ تي ڇو ڌارين کي قابض
بڻايو پيو وڃي.ون يونٽ جي اوٽ وٺي ان وقت جي نام نھاد صدر ايوب خان سنڌ جي اندر
نسوارين جي لوڌ کي سنڌ مٿان مڙھي سنڌين جي مالڪي وارن حقن تي ڌاڙو ھينو ۽ وقت ب
وقت پنجاب حڪمران پنجابي لوڌ کي سنڌ مٿان مڙھيندا رھن ٿا. شايد ان ڪري ت اھي سنڌ
کي پنھنجي پر ۾ ملڪ جو يتيم خانو سمجھيون ويٺاآھن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوء ھتان
جي اصل وارثن ھندن کي بيدخل ڪري ھندستان جي رولاڪن ڦوٽ پاٿين ريڙھن ھلائيندڙ
پيناگن کي ھتي آڻي ملڪ جي ٻين صوبن جي اندر رھائش ڏيڻ بدران سنڌ جي مٿان مڙھڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان وقت سنڌ جا ماڻھو پنھنجي صوفياڻي سوچ تي عمل ڪندي انھن تڙلين
يعني مھاجرن جو ن
صرف آڌر ڀاء ڪيو بلڪ بلڪ انھن نمڪ حرامن کي پنھنجا اجھا رھڻ لاء ڏنا ۽ کائڻ پيئڻ
جون سموريون سھوليتون ب ميسر ڪري ڏنيون.پر انھن جي موٽ ڪھڙي ملي ت انھن سنڌي ھندن
جي ڇڏي ويل ملڪيتن تي قبضا ڪيا سنڌ جي شھ رڳ واري حيثيت رکندڙ ڪراچي شھر تي اڇي
ڪاري تي مالڪ ٿي ويا ۽ ھاڻي ت اھي ڪالھو گدڙ اڄ جا شينھن ٿي ۽ نمڪ حرامي جا جوھر
ڏيکارييندي سنڌ جي وحدت خلاف وقت ب وصت
زھر اوڳاڇيندا رُن ٿا ڪڏھن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ جا اعلان ڪن ٿا ڪڏھن سنڌي ٻولي
کان نفرت جو کليل طوري اظھار ڪن ٿا ۽ اُھڙي عمل ۾ انھن جي پرپردھ سنڌ دشمن قوتون
ساٿ ڏين ٿيون ڇوت سنڌ سياسي شعوري قوت کان اھي قوتون مسلسل خوفزدھ آھن ۽ اھي نٿيون
چاھين ت سنڌ جي شعوري سگھ طاقتور رھي.ان ڪري انھن لساني قوت جو ھر دور ۾ ساٿ ڏنو
آھي.اڃان انھن نمڪ حرام ڌارين نمڪ ئي ن ملھايو آھي ت وري سنڌ جي لکن جي انگ ۾
رھندڙ برمين ۽ بنگالين ۽ افغانين کي مسقل سنڌ جي اندر رھائڻ جي کين مصوبي جي تحت
سند جا شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ سن جي لاء نادارا جي چيئرمين
کي اسلام آباد کان ٽاسڪ ڏئي ڪراچي موڪليو ويو آھي.سنڌجي شھ رڳ ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي
انھي ڌاري آبادي جي ڪري انيڪ مسئلا جنم وٺندا رھيا آھن دھشتگردي اقربا پروري.لسانيت
۽ سنڌ جي اصلي وارثن سنڌي جي لاء پنھنجي شھر اجنبي بڻجي ويو آھي ۽ وقت ب وقتااھا
ڌاري آبادي سنڌين خلاف زھر اوڳاڇيندي رھي ٿي. سنڌ ب پاڪستان جي يونثي آھي ھن يونثي
جي مٿان مسلسل بار ڇو ٿو وڌو وڃي ٻيا ب ت پاڪستان جا ٽي صوبا آھن اتي انھن ڌارين
کي ايڊجسٽ ڇو ن پيو ڪيو وڃي .سنڌ دشمن قوتن کي اھا ڳالھ ذھن نشين ڪرڻ کپي ت اسان
سنڌي ماڻھو ھر قسم جو ظلم ڏاڍ ۽ جبر ت برداشت ڪري سگھون ٿا پر پنھنجي ڌرتي ۽ ٻولي
جي خلاف ڪنھن ب قسم جي سازش کي برداشت نٿا ڪري سگھون ۽ اسان ڪالاباغ ڊيم
توڙي سنڌ جي اندر ڌارين ماڻھن کي مسقل رھائش ڏئي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ
اسان سنڌي پنھنجو اجتمائي موت سمجھون ٿا. جيڪي ڏريون ۽ قوتون
اھي ھوش کان ڪم وٺن ڇوت سنڌ
اڳ ۾ ئي مسئلن جي دلدل ۾ ڦاٿل آھي ۽ وڌيڪ ڪنھن جي بار کڻڻ جي متحمل نٿي بڻجي سگھي
روهڙي جي ڇوهارا منڊي ۾ قيامت برپا..!!/ درياءُ خان جهتيال / دادو
سنڌ ڌري جا نصيب خبر ناهي ته اڃا
ڪهڙا لکيل آهن جو هتي هر آءِ ڏينهن ڪا نه ڪا آفت ڪري ٿي، جيڪا آفت آسمان جيڏيون
اُڀ ڏاريندڙ دانهون اسانکان ڪڍي ٿي، هن ڌرتي الاءِ ته ڪيترا سور سٺا آهن پر اڃا به
شايد سنڌ جو نصيب ڪو ڏُکارو آهي جو هر ڏينهن رت وانگر ٿو گذري، هر ڏينهن سنڌ جي
ٻچڙن جي زندگي جا ڏيئا وقت کان اڳ ئي اجهامي ٿا وڃن، سنڌ ۾ واقعا، حادثا روز جو
معمول بڻجي ويا آهن انهن واقعن سبب ڪيترن ئي مائرن جون جهلويون خالي ٿي ويون، اهڙو
ئي هڪ واقعو روهڙي ۾ پيش آيو آهي، جنهن دردناڪ واقعي 13 انساني جانيون ختم ڪري
ڇڏيون، روهڙي شهر جي ڇوهارا منڊي ۾ ڪرپال ٽريڊرس جي گدام جي ڇت ڪرڻ سبب پيش آيل
واقعي سنڌ جي دردن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي، ڇوهارا منڊي ۾ ڇت جي مٿان ڇوهارن سان ڀريل
ٻوريون پيل هيون جنهن جو وزن ايترو ته هو جو ڇت پورهيتن مٿان ڪري پئي، جنهن سبب
ڇوهارا صاف ڪندڙ 13 پورهيت ڇت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، حادثو شام جي وقت پيش آيو
جنهن وقت پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ پورهيت پورهيو ڪري رهيا هئا، هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته
پيٽ جي بُک کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان هميشہ ختم ٿي وينداسين، ان المناڪ حادثي سبب فوت ٿيندڙن ۾ 5 ٻارڙا ۽ 5
عورتون به شامل هيون، جڏهن ته 3 مرد پورهيت شامل آهن، 13 انساني جانيون ايئن ختم
ٿي ويون ڄڻ ته انهن جو جيون هيو ئي نه!، سنڌ جي نصيب ۾ اهڙا درد به لکيل آهن جنهن
سان آسمان به روئي ٿو، جڏهن پورهيتن جي مٿان ڇت ڪري ته ان وقت منڊي ۾ موجود ٻين
پورهيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇت ۽ ڇوهارن جون ٻوريون دٻجي ويلن جي مٿان هٽايون بعد
۾ ٻي انتظاميا پهتي، پر الميو هي به رهيو ته اهڙو حادثو ڏسي ٽريڊرس انتظاميا اتان
فرار ٿي وئي، هُنن کي معصوم ٻارن جي لاشن جو ڪو احساس نه ٿيو، هُنن کي پورهيو ڪندڙ
مردن ۽ عورتن جو ڪو احساس نه ٿيو، بس جڏهن اهي پورهيو ڪن پيا ته سهي جيڪر انهن مٿا
ائين ڪا آفت اچي ڪري سو به سندس ئي غير ذميواري سبب ته پاڻ اتان فرار ٿي ويا،
انتظاميا جي بيڌياني اها به ه.ي ته جنهن جاءِ تي پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا ان جي ڇت
مٿان ڇوهارن جون ٻوريون تمام گڻيون هينو ۽ ڇت آڳاٽي هئي جنهن جي ڪري وزن گهڻو هجھڻ
سبب ڪري پئ، جنهن سبب بيگناهہ انساني جانيون ضايع ٿي ويون، هن المناڪ واقعي ۾ هڪ جيجل امڙ
پنهنجي پُٽ سميت فوت ٿي وئي، ڇت ڪرڻ سبب جيجل امڙ شائستا سندس پُٽ عبدالحميد،
روزان، مختياران، 15 سالا علي جان، بشيران، 22 سالا عباس علي، حضوران، 27 ورهين جو
ممتاز علي، ڏيڍ سالا معصوم صنم، 35 ورهين جو بهادر، لالا ٻائي، 14 سالا ٻالڪ سجاول
به هن حادثي جو شڪار ٿي ويا، قيامت جا منظر هوندا جڏهن انهن سڀني جا ڪيهاٽ حادثي
جي زخمين ٻڌا هوندا، اها شام سنڌ ڌرتي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه چئبي، جنهن شام
معصوم جانين سميت 13 انساني جانيون ختم ڪري ڇڏيون، ان المناڪ حادثي سبب 9 ڄڻا زخمي
پڻ ٿيا جن کي مقامي ماڻهن زخمي حالت ۾ مختلف اسپتالن ڏانهن علاج لاءِ پهچايو، جيڪي
فوت ٿي ويا انهن جا لاش پنهنجا وارث کڻائي ويا، ان درد سان ته، ''مار پوئي موت تون
اڻمندائتو آئين، گهائيي اهڙا گهوٽ مُند نه هئي جن جي مرڻ جي''، بس ان ئي آس سان
اهي 13 انساني جانين کي وارثن سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو، ان حادثي جي
ذميواري ڪرپال ٽريڊرس جي آهي، جنهن جي غير ذميواري سبب اهڙو دردناڪ ۽ المناڪ حادثو
پيش آيو، انهن اهڙو ته ظلم ڪيو جو زبون ڇت تي ڇوهارن جون ٻوريون رکي ڇڏيون ۽ ڇت
ڇوهارن جو وزن برداشت نه ڪرڻ سبب ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن ڪري قيامت بربا ٿي ۽ وري
ايڏي بي حسي جو پاڻ واقعي واري هنڌ تان به فرار ٿي ويا، هاڻي هنن جي سزا به المناڪ
هجڻ گهرجي، سنڌ ۾ غريب ماڻهو پيٽ جي بُک کي پورو ڪرڻ لاءِ پورهيا ڪن ٿا ۽ پورهيو
ڪندي ڪندي ايئن موت جي مُنهن ۾ هليا وڃن ٿا، سکر ضلعي انتظاميا کي اپيل آهي ته
فوتين جي وارثن ۽ زخمين جي فوري طور تي مالي مدد ڪيو، انهن جو پيٽ پالڻ به تمام
ڏکيو آهي، ڪرپال ٽريڊرس جي انتظاميا جي ذميوارن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي ته
جيئن سڀاڻي اهڙو غير ذميواري وارو عمل ڪو ٻيو نه ڪري، انهن خلاف سزا جزا جو عمل
جلد شروع ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته سنڌ ۾ پورهيو ڪندڙ مرد توڻي عورتن کي
روزگار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهن، سنڌ جي ماڻهن
کان هاڻي تڪليفون، ڏُک ۽ اهڙا قيامت جا منظر برداشت نٿا ٿين.
ڇا چين ۽ آمريڪا جو ٺڪراءُ ٿيندو...؟؟؟/غلام مصطفيٰ جمالي
هن وقت پوري ملڪ جي سياست جو ماحول اهڙو ته گرم ٿي ويو آهي
جنهن جي ڪري ملڪ جي سموري پرنٽ توڙي ايڪٽرونڪ ميڊيا توڙي ملڪ جي سياسي ماحول جون
خبرون ڇانيل رهنديون اچن.ڇو ته ڪجهه ڪجهه وقت پهرين پانامه لڪيس معاملي اهڙو ته اچي ممڙ مچايو جو ائين پئي لڳو ڄڻ حڪومت
وئي.! جنهن نيٺ ميان نواز شريف جي گهر ڀيڙو ڪيو،جنهن کان پوءِ وري ايم ڪيو ايم وارو سياسي اشوز به ڪنهن کان گهٽ نه هو،جنهن اشو پوري ميڊيا
جو نظرون پنهنجي طرف ڇڪي ورتيون هنيون،ايم ڪيو ايم وارو اهم اشو هو ۽ اهڙو اشو
جنهن تان نظرون هٽائي به نه ٿيون سگهجن.! پر اتي ڳالهه هن وقت ٻن سپر طاقت ملڪن جي
ڪجي جن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي ڪشمڪش هلندڙ آهي جيڪا هن وقت تمام گهڻي شدت اختيار ڪري
هئي آهي.ڇو ته بحيره جنوبي چين جي معاملي تي هن وقت جيڪا ڪشمڪش آهي انهي جي ڪڏهن
به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. انهي ڪشمڪش جي باري ۾ آمريڪا جي (تهنڪ ٽنڪ)“رينڊ“جي
تازي رپورٽ مطابق ته هن وقت جيڪا بحيره ڏکڻ چين جي مسئلي تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾
ڪشمڪش هلندڙ آهي اها ڪشمڪش جنگ ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته گذريل مهيني ۾ هالينڊ جي شهر “بيگ“ ۾ قائم ڪيل عالمي عدالت بحيره ڏکڻ چين تي چين پاران
داخل ڪرايل درخواست کي رد ڪندي فلپائن جي موقف جي صحيح قرار ڏنو آهي ته چين انهي
عالمي عدالت جي ڪيل فيصلي کي واضع طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.پر اهو معاملو هن وقت
وڌيڪ سنگيني اختيار ڪري ويو، چين جي دفاع واري وزير (چانگ وينڪوان) پنهنجي هڪ بيان
اندر اهو سري عام چئي ڏنو آهي ته بحيره ڏکڻ چين جي معاملي تي جيڪڏهن چين کي چين
ڪرڻي پئي ته هوُ جنگ ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندو.!جڏهن ته دفاع واري وزير چيني فوج ۽
عوام کي اها پڻ اپيل ڪئي ته هوُ چين جي علائقي سلامتي ۽ سندس تحفط لاءِ تيار
رهن.جڏهن ته چين جي دفاع واري وزير جي اهڙي بيان کان پوءِ آمريڪا پاران سندس
علائقي ۾ فوجي مشقون تيز ڪري ڇڏيون آهن.جڏهن ته هاڻ آمريڪي حڪمران طبقي جي ترجمان
(تنهڪ ٽينڪ“رينڊ“ به بحيره ڏکڻ چين جي معاملي تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جنگ جي خدشن
جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي..بحيره ڏکڻ چين اندر پاڻي واري علائقن جي هلندڙ ڇڪتاڻ جي
تاريخ به تمام گهڻي پراڻي آهي.جڏهن ته انهي معاملي تي شدت هن وقت اختيار ڪري وئي
آهي،جنهن ۾ چين“فلپائن،تائيوان،ملائيشا، ويٽنام،بيرونائي سميت بحيره ڏکڻ چين
جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا موقف آهن،سمونڊ جي علائقن سان گڏوگڏ هڪ ٻه وڏا جزيرا
آهن جن جا نالا “پراسليز” ۽ “اسپرٽليس” آهن جڏهن ته انهي ٻنهي جزيرن تي چين سميت
ڪيترن ئي ملڪن جون دعوائون آهن جيڪي غير آباد آهن،پر ٻنهي جزيرن جي باري ۾ اهو چيو
پيو وڃي ته اهي ٻئي جزيرا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن پر اڃان تائين انهي قدرتي
وسيلن بابت ڪنهن به قسم جي ڳولا نه ڪئي وئي آهي،ان ڪري انهي ڳالهه تي به پورو يقين
نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي ٻئي جزيرا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن به يا نه.؟چين جو
صوبي هبيان ڪيترائي سئو ميلن تائين بحيره ڏکڻ چين سان مليو پيو آهي.جڏهن ته چين
پاران اهو به چيو پيو وڃي ته اها ٻئي جزيرا صدين کان چين جو حصو رهيا آهن،ان حوالي
سان چين جو 1947ع ۾ نڪتل نقشو وري اهميت رکندڙ آهي جنهن ۾ انهن ٻنهي جزيزن کي چين
جو حصو ڄاڻايو ويو آهي،جڏهن ته ويٽنام ۽ تائيوان جو اهو بيان آهي ته 1940 اندر جي
ڏهاڙي اندر ٻئي جزيرا انهن جي ماتحت رهيا آهن،جڏهن ته ٻنهي ملڪن جو اهو به بيان
آهي ته انهي بابت ٻنهي ملڪن وٽ انهي جا دستاويز به انهن وٽ موجود آهن،جڏهن ته
فلپائن جو اهو دعويٰ آهي ته اسپرائلس جزيرو جي جغرافيائي لحاظ کان سندس حصو هوُ.پر
ڏکڻ چين جي علائقي بحيره ڏکڻ چين جي علائقي جي معاشي زونز جي بابت اقوامي متحده
جي(يونائيٽيڊ نيشنل ڪنويشن آن دي لا آف دي سي)جي مطابق انهن علائقن جي انهن جو
اختيار آهي،تنهن جي ڪري اهوُ مسئلو هن وقت تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري
ويو آهي.جنهن جي ڪري آمريڪا فلپائن،ويٽنام،تائيوان،۽ ٻين ملڪن کي پاڻ سان ملهائي
ڪري انهي علائقن تي پنهنجي بالادستي ڪرڻ جي سوچي رهيو آهي. هاڻ آسٽريليا پاران به
اهو بيان اچي چڪو آهي ته هوُ بحيره ڏکڻ چين جي متعلق هوُ انهي معاملي تي آمريڪا جي
مدد ڪندو،ان ڪري چين لاءِ اها ڳالهه تشويشناڪ آهي ته هن وقت آمريڪا جا بحري جهاز
گشت ڪندي نظر اچي رهيا آهن. چين جو اهو موفق آهي ته آمريڪا اجازت کان بغير سندس
علائقن ۾ فوجي مشقون ڪري رهيون آهي. آمريڪا چين جي قانون سان گڏو گڏ بين اقوامي
قانون جي به خلاف ورزي ڪري رهيو آهي.آمريڪا جي اهڙي رد عمل تي چين پاران پنهجي
فوجن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.2001ع اندر انهي علائقن اندر آمريڪي (اي پي 3)جهاز
۽ چيني جهاز(ايف 8 فائٽر)جي وچ ۾ هڪ حادثو به ٿيو هوُ.ڏکڻ بحيره چين ۾ آمريڪا ۽
چين جي وچ 2009ع ۾ آبدوزن ۾ به حادثو پيش آيو هوُ.جڏهن ته ٻنهي حادثن
اندر چين تمام گهڻو ردعمل ڏيکاريو هوُ.چين جي دفاع واري وزير پاران اهڙو به بيان
سامهون آيو هوُ ته وٺس انهي باري ۾ ثبوت پڻ آهن.بحيره ڏکڻ چين کي هڪ نظر معاشي
اعتبار سان ڏسجي ته هوُ سر سال.5.3ٽريلين ڊالز جو واپار ڪندو آهي پر هن وقت آمريڪا
پراڻي روايت جيڪا هن ڪڏهن ايشاءُ جي ملڪن ۾ آمريڪا داعش جو صورت ۾ ته ڪڏهن طالبان
جي صورت ۾ اهڙيون تنظيمون قائم ڪري ڪتيرن ئي ملڪن جي وسيلن جي قبضو ڪيو آهي،شايد
اها سوچ رکي ڪري هوُ چين سان هٿ چراند ڪري رهيو آهي،پر انهي جا تنيجا ڪهڙا نڪرندا
انهي کان آمريڪا بلڪل بي خبر آهي.جڏهن ته پاڪستان به انهي معاملي تي ڏکڻ جنوبي چين
جي معاملي تي چين سان ملڪمل سهڪار ۽ حمايت جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ همدرد انسان دوست جو وڇوڙو..!/صدام جمالي (بکرجمالي موري)
دنيا ۾ کوڙ اهڙا ماڻھو آھن. جيڪي پنهنجي
مثبت سوچ ۽ سٺي ڪردار سبب هميشه ماڻهن جي دلين ۾ گهُر ڪري جاء ٺاهي وٺندا آهن ۽
اهڙن ڪردارن کي موت به مات ناهي ڏئي سگهندو. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي لازوال جدوجهد ۽
اڻکٽ محنتن سبب هميشه ماڻھن جي دلين ۾ زنده رهندا آهن. ۽ پوءِ اهي ماڻھو وساري به
وسري ناهن سگهندا. اهڙن
ئي ڪردارن منجهان ضلعي شھيد بينظير آباد سان واسطو رکندڙ هر دل عزيز شخصيت ۽ همدرد
انسان دوست محتسب اعلي گهوٽڪي احمد خان جمالي پڻ هڪ هو. احمد خان جمالي سڪرنڊ
تعلقي جي ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ سال 1960ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو علي محمد
جمالي هو. سندس پيءُ علي محمد جمالي تعليم کاتي ۾ سپروائيزر هو.مسڪين ۽ بي پهچ
ماڻھن جو همدرد هڏ ڏوکي احمد خان جمالي بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل
ڪئي. هي ننڍپڻ کان ئي تمام ذھين ۽ هوشيار هو. هن ايم اي جي تعليم سنڌ يونيورسٽي
مان حاصل ڪرڻ بعد ڊسپينسري ۾ داخلا ورتي ۽ بعد ۾ محنت ڪري ڊسپينسر ٿي ويو. انکانپوءِ
هن پنهنجي ڳوٺ مهرعلي جمالي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪلينڪ کولي مسيحائي ڪردار ادا ڪيو. هي هڪ
ڊسپينسر هئڻ سان گڏو گڏو سماجي ڪارڪن پڻ هو. انڪري کيس سڀ ڊاڪٽر احمد خان جمالي جي
نالي سان پڪاريندا هئا. هڪ
دفعي بااثر وڏيري جو همراھ چوري ڪندي ڀاڳيئي جي فائرنگ ۾ زخمي پيو ته کيس هن وٽ
علاج لاءِ رات جو کڻي آيا ته هن کين اهو چئي علاج ڪرڻ کان کُٿو جواب ڏيئي ڇڏيو ته
”اهو پوليس ڪيس آھي“ پوليس کان رپورٽ وٺي اچو. تنهن تي بااثر وڏيري جا همراه مٿس
باھ ٿي ويا ۽ ان
ڏينهن کان پوءِ بااثر ڀوتارن پاران احمد خان جمالي کي مختلف حُربن سان سندس زندگي
تنگ ڪيو ويو ۽ موتمار ڌمڪيون به ڏنيون ويون. نيٺ تنگ ٿي احمد خان جمالي اهو فيصلو
ڪيو ته کيس ھر حالت ۾ وڌيڪ
تعليم حاصل ڪري وڪيل ٿيڻو آھي. ۽ اهڙن ڀوتارن کان سنڌ جي جان آجي ڪرائڻي آھي. اهڙو
اظھار خيال سندس پُٽ فهيم الزمان جمالي سندس پيُ جي وفات کان ٻئي ڏينهن مونسان
گفتگو ڪندي ڪيو. انکانپوءِ
هن لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي ۽ سال 1999ع ۾ وڪيل ٿيو. ۽ سنڌ جي مختلف ڪورٽن جن ۾ هن
سول، سيشن ۽ هائي ڪورٽ
وڪالت ڪري ڪيترائي ڪيس کٽيا. ۽ ھي هيومن رائيٽس جو ميمبر پڻ رهيو. ڊاڪٽر احمد خان
جمالي سال 2012ع ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي بڻيو. ۽ کيس گهوٽڪي ضلعي ۾ مقرر ڪيو
ويو. هن وقت تائين هو گهوٽڪي ضلعي ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيو. محتسب اعلي احمد خان جمالي جو نالو فرض
شناس آفيسرن ۾ سرفهرست هو. هو پروفيشنل حوالي سان هڪ آفيسر طبقي سان تعلق رکندڙ
هو. پر ان جي باوجود هن پنهنجي علائقي واسين جي خدمت واري جذبي کي ڪڏهن به نه
وساريو، ڏٺو وڃي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري هن جديد دور ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به شعور جي وڏي کوٽ
آھي. پرمحتسب اعلي احمد خان جمالي پنهنجي ڳوٺ
جو اهو واحد شخص هو. جنهن 1988 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسي جو بنياد
رکڻ سميت ان وقت نوجوانن جي تنظيم پڻ ٺاهي. جنهن جي پليٽ فارم تان هن علائقي واسين
جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سماجي ڀلائي وارو جذبو پڻ پيدا ڪيو. هي
مانجهي مڙس جڏھن به ڊيوٽي کان فارغ تي پنهنجي ڳوٺ مهرعلي جمالي پهچندو هو ته
ڪيترائي مسڪين ڳوٺاڻا توڙي مختلف مسئلن جو شڪار علائقي واسي اڳ ئي سندس انتظار ۾
بيٺل هوندا هئا ۽ هو گهر وڃڻ کان پهرين سندن مسئلا ٻُڌي کين حل ڪرائڻ جي خاطري
ڪرائيندو هو. هر ڪنهن ماڻھو سان پيار ۽ پاٻوھ سان پيش اچڻ سندس زندگي جي وڏي خاصيت
هوندي هئي. هي هميشه سچ ڳالھائيندڙ سچو کرو انسان هو. هن هميشه نيڪي ۽ ڀلائي جي
ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪڏھن به ڏوڪڙ پئسي کي اهميت نه ڏني. ڪوڙ ٺڳي ۽ دوکي دولاب سان
کيس سخت نفرت هو. سچ پڇو ته احمد خان جمالي اهڙو شخص هو جنهن علائقي واسين کي
انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هي ڪافي عرصي کان شوگر جي مرض ۾ مبتلا
هو ۽ 3 مهينا پهرين سندس گڙدا فيل ٿي ويا. مس مس گڙدن جو ڪامياب آپريشن ٿيو ته وري
ڪئنسر جي موذي مرض پنهنجي ليپٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ۽ ائين ساڻس زندگي بيوفائي ڪري ڇڏي. 4
ڏينهن اڳ 25 مارچ تي شام ڌاري ساھ جي تند ٽُٽي پئي، ائين هو هميشه لاءِ اسان کان
وڇڙي ويو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...