“شفاف احتساب ۽ جهموريت جي تسلسل کي حقيقي بڻايو/راهب علي سولنگي



پاڪستان ۾ مارشلا وارو نخسو ڪيئي دفعا استعمال ٿيو پر رياست جي لاءِ سٺا نتيجا ڏيئي نه سگهيو رياست مختلف مسلن ۾ فاسندي رهي آهي. جهموري نخسو بي سٺا نتيجا ڏيئي نه سگهيو ڇو ته جهموريت اصولن تي نه هلايو ويو حڪمران عوام جي ووٽن جو ميڊت حاصل ڪري بادشاھ ٿيا جن جهموريت جي ٻن بنياد اصولن آئين جي حڪمراني ۽ گڊگورننس کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن.جنهن جي نتيجي ۾ عوام پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رهي آهي. ملڪ جا رياستي ادارا غير فعال زوال طرف ٿيندا رهيا امن امان قائم جو بنيادي ادارو پوليس سياسي مداخلت سبب ناڪاري ٿي چڪو آهي.رياست جا معاون ۽ عوام جا خادم ٿيڻ بجائي رياست جي بار ٿيڻ لڳا آهن.پاڪسان جا مقدس اعليٰ طاقتور ادارا آئين نخسو آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جيئن ملڪ کي مڪمل بربادي کان بچايو وڃي انهيءِ نخسي جي مطابق جهموريت جو تسلسل به قائم ٿي سگهي ٿو. چونڊيل نمائيندن تي آئين رٿ به قائم ڪئي ويندي جيئن رياست جي مقدس ادارن ۾ گڊگورننس آئين حڪمراني هڪ جهڙو شفاش احتساب ۽ جهموريت جو تسلسل کي قيمتي بڻايو وڃي. جن ماڻهن تي عوام جو اعتماد ڪن ٿا. انهن جو به آئين فرض هوندو آهي.ته هو عوام جا بنيادي حق ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪن ڪرپشن جي پئسن مان پنهنجا گهر ڀرڻ کي اهميت نه ڏين ڪجهه عوام جي خدمت ڪن اهوئي آئين فرض آهي.پر هئي آئين شڪن مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياستدان جهموريت سان وفاداري وارو ساٿ نٿا نڀائين تڏهن ته گڊگورننس ۽ آئين جو حڪمراني ڪمزور ڪندڙ حڪمران آهن.تڏهن جهموريت جو فائدو عوام کي نٿو ملي پاڪستان ۾ خراب حڪمراني ڪرپشن بدامني لاقانونيت نظر اچي رهي آهي.مڪلي عوام بنيادي سهولت کان محروم اهي جنهن ۾ صاف پاڻي جو مسئلو معياري تعليم صحت جون سٺيون سهولتون موجود ناهن جلد انصاف ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. لکن جي تعداد نوجوان بيروزگار موجود آهن. غريب عوام کي جان مال جو تهفظ حاصل ناهي عوام پنهنجي ضروري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ ادارن سان عوام گڏيل آهي.آئين نخسو تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن عوام ووٽ صادق ۽ امين کي ڏيندو. جيڪو 62.23 تي پورو لهي رياست صحت مند تڏهن ٿيندي انهيءِ نخسي سان جهموريت به هلندي رهندي هن وقت پاڪستان ۾ روزاني ورز وڌنڌڙ مسئلا عام ماڻهو جڳ جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.وري هوڏانهن حڪمرانن جو اقتدار جي جنگ عام کي الڳ پريشان ڪيو آهي.نااهل حڪمرانن جي ڪري عوام رڳو سوچيندو رهي ٿو.اسان جيڪڏهن چوءِ طرف پنهنجي نظر فرائينداسين ته قدم قدم تي عام ماڻهو ظلم ستم جا شڪار ٿيندي نظر ايندو.عام جو پنهنجو وجود پنهنجي ذات تائين محدود رکڻ ٿو چاهي.اڄ به ماڻهو ماڻهو سان جهڙي ۾ مصروف آهي.اڄ به محنت ڪرڻ وارن کان وڌيڪ محنت ڪرڻ وارا عياشين واري زندگي گذاري رهيا آهن.اڄ هن ڌرتي تي حق ڇنبڻ واري جي گهٽ تائين ناهي رهي اڄ به مائين جا ڌرپٽ ڀنگ جي بدلي اغوا ڪيا وڃن ٿا.انهن امڙين جون سسڪيون دانهون ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي اڄ به ڪيترن مائن جا لال دهشتگردي جي نشاني تي اچي شهيد ٿين ٿا.انهن بي ڏوهي قتل ٿيل جو ڪوبه حساب وٺڻ وارو ناهي رهيو.اڄ به نوجوان نسل تعليمي ادارن ۾ غير محفوظ آهن.انهن جي حقن ڪوبه آواز اٿارڻ وارو ناهي رهيو اڄ به پوڙهو پيءُ ماءُ نوجوان اولاد جا لاش ڏسي رهيا آهن. لٺ جو سهارو وٺي ضعيف جهور پوڙهو انصاف جي خيرات وٺڻ لاءِ عدالتن جا چڪر ڪٽيندي نظر اچن ٿا. پر اڄ انهن کي موت جون ڌمڪيون ڏيندڙ ن جي گهٽتائي ناهي اڄ به والدين ڀائرن جي عزت آبرو جي لڄ رکڻ واريون نياڻيون بي آبرو ٿي رهيون آهن. ڪوبه انهن جي سر تي هٿ رکي سرپرست ٿيڻ لاءِ تيار ناهي اڄ به انهن سال جا سال عدالتن جا چڪر کائيندي ڏسو ٿا.اهو وطن جنهن جي بنياد مضبوط تي مستقبل تي رکي ويئي هئي.اڄ کان وطن جو بنياد دوکو کليون ڪرڻ وارا ان جا پنهنجا ئي سپوٽ آهن.پوءِ اهي ڪهڙي ڳالهه جا آزاد نعرا لڳائين ٿا. آخر ڪار اهو ڪيستائين تماشو هلندو رهندو ڪيستائين انهن جو ناٽڪ هلندو رهندو انهن کي ووٽ انهن ۾ اميدون رکڻ اسان جي بيوقوفي هوندي اها ڳالهه اسان جي لاءِ وڏي سوچڻ جي هوندي ڇو ته هن وقت اسان جو سماج اليڪٽرانڪ ميڊيا پرنٽ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جو دور هيٺ هلي رهيا آهن  جيڪو عام جي استعمال هيٺ آهي.انهن انساني زندگيءَ ۾ هم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت  به ظلم ڪرڻ وارا به پنهنجي ملڪي شهري آهن.۽ ظلم سهڻ وارا به پنهنجي ملڪ جا شهري آهن. اهڙيون غلط راهون ڇو اختيار ڪيو ويون آهن.اسان جي حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهي ادارن جي ٽڪراءُ واري سياست نه ڪن ادارن جي ٽڪراءَ واري جنگ ۾ ملڪ جي عوام جو وڏو نقصان ٿيندو.ملڪي ادارن کي سياسي ادارن جو بحرانن جو شڪار نه بڻايو هلندڙ سال ۾ عالمي بئنڪ اعلان ڪيو آهي ته مالي سال 2018 ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي 5.2 سيڪڙو رهندي جيڪا گذريل 9 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.ورلڊ بئنڪ اهو به چيو آهي ته اها انهيءِ هلندڙ مالي سال ۾ اها شرح 5.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي.ايندڙ سال 2019ع ۾ انهيءِ جو 5.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جيڪو پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ هر مهيني ۾ اضافو ڪندي نظر اچي ٿي.پيٽروليم جي اسمن ۾ اضافو ڪرڻ سان عوام کي جهڙي طرح مهانگائي لي منهن ڏيڻو پوي ٿو.ڇوته حڪومت جي طرف کان چيڪ اينڊ بيلنس نه هجڻ جي صورت ۾ ٽرانسپورٽرز کان وٺي ذخيرا فروش تائين ڪرائين ۽ قيمتي من مان ۾ اضافو ٿيندي ڏسون ٿا. بهانو اهو ٺاهين ٿا ته پيٽرو جي قيمتي ۾ اضافو ٻڌايو وڃي ٿو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمتن ۾ اضافي جو اثر ٽرانسپورٽ ۽ عوام تي پوي ٿو.پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان عوام جا عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ به اثر پوي ٿو.جن جي قيمت وڌي وڃي ٿو. وڏو افسوس ان وقت ٿيندو آهي.ته پيٽرول جي قيمتن گهٽ ٿيڻ سان عوام جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي وڌيل قيمتن ۾ گهٽ تائين ناهي ٿيندي.اها هالت ٽرانسپورٽ جي هوندي آهي انهيءِ سان مهانگائي جو گراف وڏو نظر اچي ٿو.پر حڪومت انهيءِ تي ڪنٽرول جو ناهي سوچيندي اهڙي مهانگائي واري مسئلي تي ناڪام ٿيندي نظر ايندي آهي.وفاقي گھڪومت جي اهڙن غلط فيصلن جي ڪري سزا عوام کي ملندي آهي. هن وقت حد کان وڌيڪ مهانگائي ۽ ٽيڪسن جا بار عوم پٺيان آهن.عوام جي احتجاج بعد پيٽرول جا قيمتن ۾ به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي.هر مهيني پيٽرول جي قيمت وڌڻ وفاقي حڪومت پنهنجي شهنشاهي ۽ بادشاهت وارا فيصلا ڏيندي نظر اچي ٿي.اهو ڏاڍ مڙسي وارو شيڊول ڪيستائين عوام تي مڙهيو ويندو سياستدان حقيقت کي به چشم پوشي ڪندي نظر اچن ٿا.اوگرا جي طرف کان جاري ٿيل پيٽرول جون قيمتون هر مهني وڌڻ وارو سلسلو جاري آهي.جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 3.56 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 6.28 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 2.62 في ليٽر ۾ اضافو ٿيو آهي.لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت هڪ روپيو في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويوآهي. وفاقي حڪومت ملڪ جي ادارن کي هاڻي انهيءِ ڳالهه يقيني مڃڻو پوندو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمت ۾ اضافو ٿيل سان عوام لاءِ وڌيڪ مهانگائي ٿي سگهي ٿي.۽ ٽرانسپورٽرن جو مني سستيون وڌي وينديون جن جي ڏاڍ مڙسي کي روڪڻ حڪومت لاءِ به چئلينج هوندو. ٽرانسپورٽرن جي ايڏي تي وڏي ڏاڍ مڙسي ٿيندي آهي جو هو في ماڻهو تي 10 روپيه ڪرايو وڌائي ڇڏيندا آهن.جيڪڏهن ننڍو سفر آهي. ته وڏي سفر تي 50 روپيه في ماڻهو تي ڪرايو وڌايو ويندو آهي.جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽ ٿين ٿيون ته مجال آهي ڪرايو گهٽ ڪن ٽرانسپورٽرن جون اهي ماشيون هلنديون رهنديون آهن.

نيب ڪاروايون تيز سياستدانن خلاف جانچ فيصلو/سيد زوار حسين شاه

پاڪستان اندر رياست عوام جي ڀلائي لاء ڪم ڪري رهي آهي  ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ رياست جي رٽ کي چيلنج ڪيو ويو هو  ته ڪٿي رياست جي رٽ قائم آهي ته ڪٿي رٽ قائم ناهي جيڪو بلڪل ڪڙو سچ هو پاڪستان جي معيشيت مڪمل تباه ٿي چڪي هئي ڪو ڪنهن کان پڇڻ لاء تيار نه هو پاڪستان اندر هڪ طرف ڪرپشن ڪندڙن ۽ ٻئي طرف دهشتگردن ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان سان گڏ  قانون جي ڀڃڪڙيون ٿينديون رهيون عدالتي فيصلن کي سري عام تسليم ڪرڻ کان انڪر ٿيندو رهيو هو  جنهن تي پوري پاڪستان اندر باشعور عوام اديب دانشور پاڪستان سان پيار ڪندڙ ملڪ جي بقا  سلامتي ۾ پنهنجو هٿ ونڊائيندڙ احتجاج رڪارڊ پڻ ڪرائيندا رهيا آهن پر اهو به سچ آهي ته جن آواز بلند ڪيو انهن مٿان ڪوڙا ڪيس جڙتو مقابلا ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي چپ ڪرائڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي هئي اسان جي  ادارن ۾ سياسي مداخلت تباهه ڪري ڇڏيو پوليس هجي روينيو هجي تعليم هجي صحت هجي پي آئي اي هجي پاڪستان اسٽيل مل هجي ريلوي هجي  اينٽي ڪرپشن هجي يا وري نيب ، برحال اهي ادارا ڪجهه سال اڳ پنهنجي شناخت مڪمل طور وڃائي ويٺا هيا جنهن کان پوء پاڪستان سان پيار ڪندڙ اهو محسوس ڪيو ته ائين نه ٿئي جو پاڪستان اسان جي هٿن کان هليو وڃين اهڙي ته صورت حال پيدا ڪئي وئي جو ڪو نماز پڙهڻ لاء تيار نه هو ڪو سفر ڪرڻ لاء تيار نه هو ڪنهن کي انصاف نه پيو ملي  جنهن کان پوء پاڪستاني عوام  پنهنجي پياري ملڪ جي سلامتي لاء پنهنجي جان قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني جيئن هي ملڪ بچائي سگهجي اسان جي تمام سيڪيورٽي ادارن هڪ مفصل پلان تشڪيل ڏنو جنهن ۾ ان وقت جي جنرل رٽائرڊ راحيل شريف وڏي حڪمت عملي اختيار ڪري سول حڪومت سان گڏجي هڪ نييشنل اڪشن پلان تشڪيل ڏنو ۽ ضرب عضب آپريشن جو پڻ اعلان ڪيو  ان سان گڏ نيشنل ايڪشن پلان  ۾ معتبر شخصيتن سمت ادارن جي ڪئي اهم آفيسرن کي شامل ڪري ملڪ ۾ هلندڙ اقراپروري دهشتگردي معيشت کي ڌڪ هڻائيندڙن خلاف ايڪشن کڻن جو حتمي فيصلو ڪيو جنهن ۾ ڪجهه عمل ٿيو ڪجهه نه پر اهو سچ اهي ته ملڪ مان دهشتگردي مڪمل ختم ڪرائي وئي ان سان گڏ پاڪستان کي بدنام ڪندڙ ڪجهه سياسي شخصيتن کي اسان جي  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، پاڪستان جي آئين کي مدي نظر رکندي اهڙا ته تاريخي فيصلا ڪيا جنهن کان پوء عوام کي اهو يقين ٿيو ته پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو ، پاڪستان اندر دهشتگردن جي سهولتڪارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو  نيب اندر هڪ اهڙي شخصيت جيڪا چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  پنهنجا فرائض انجام ڏنا رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء پاڪستان جي تمام سياسي پارٽين متفق راء سان  رٽائرڊ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جناب جاويد اقبال کي نيب لاء چيئرمين منتخب ڪرڻ لاء تجويزون پيش ڪيون ويون جنهن کان پوء نيب چيئرمين  جي عهدي تي قانون مطابق مقرر ڪيو ويو پوري ملڪ ۾ مٺايون ورهايون ويون هڪ اميد جاڳي ته هاڻي پاڪستان اندر جنهن جنهن ڪرپشن ڪئي آهي ان کي ضرور قانون جي پڪڙ هيٺ آندو ويندو ، حقيقت اها آهي ته پاڪستان جا تقريبن اڪثر سياستدانن آفيسرن عام ڀوتار جاگيردار ٺيڪيدارن ايتري ته ڪرپشن ڪئي جو ڇا ڳالهه ڪجي برحال الله سائين وٽ انصاف آهي هو جڏهن چاهي  جيڪو ڪڌن ڪمن ۾ ملوث هوندو ان کي بي نقاب ڪري سگهي ٿو اهو ئي ٿيو پاڪستان اندر ڪئي اهڙا انڪشافات ٿيا جنهن ۾ سياستدانن ٽي وي پروگرامن سوشل ميڊيا تي اچي هڪ ٻئي جي مٽي پليت ڪئي هڪ ٻيئي تي ڪرپشن جا الزام هڻندا رهيا اداره نوٽ ڪندا رهيا ، مان اهو چوندس ته جيڪڏهن رياست حرڪت ۾ اچي ته پاڪستان جي آئين کان ڪو به بالاتر ناهي پر پر اسان جي پاڪستان ۾ هڪ ته ڪنهن به مجرم مٿان ڪو گواهي نه ڏيندو اهو ان ڪري جو جيڪڏهن ڪنهن غريب گواهي ڏني ته پوء هو جيرو نه رهندو يا وري ڪنهن جڙتو پوليس مقابلي يا چوري جي الزام هيٺ ان تي ايف ائي آر ضرور ڪٽبي سچ چوڻ سچ ٻڌڻ جو حوصلو ڪن ڪن ۾ هوندو آهي                            
پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙن جي وڏي لسٽ آهي جنهن تي پڻ آيف آئي اي  نيب ۽ ٻين ادارن کي ڪم ڪرڻ گهرجي عوام جو اهو ديرينه مطالبو آهي ته عام ماڻهون سميت سياستدانن آفيسرن خواه ڪهڙي به اداري يا سياسي پارٽي  سان تعلق هجي ان جي تمام اثاثن جي جانچ پڙتال ٿيڻ گهرجي قانون کان ڪو به بالاتر ناهي ، پر الله ڪري ائين ٿئي . پاڪستان اندر ڪئي اهڙا ماڻهون به هيا  جن وٽ ڪرائي جا به پيسا نه هيا هاڻي هو شاپنگ به هر هفتي لنڊن برطانه مان ڪن ٿا ، انهن جي تمام اثاٿن کي عوام جي سامهون ڪيو وڃين ، پوء ڏسو ته ڪو ڪرپشن ڪري ٿو ڊاڪٽر عاصم شرجيل ميڻ ، مشتاق رئيساني خالد لانگاهه  اهي ته صرف پردي جي سامهون ايندڙ صرف ڪجهه نالا آهن پر سچ اهو اهي ته اڃان به ڪيئ ادارن ۾ سياسي طاقت هئڻ ڪري اعلي منصب تي ويٺا آهن جيڪي سياسي واببسطيگي استعمال ڪري رهيا آهن  انهن خلاف پڻ ايڪشن ٿيڻ گهرجي ، ان سان گڏ وڏو ظلم اهو به ٿيو ته جڏهن عوام جي فلاح بهبود جا فنڊ ڊائريڪٽ صوبائي ميمبر قومي اسيمبلي سينٽ جي ميمبر کي ملندا هيا ته بس اهي ڪجهه عوام جي ڀلائي لاء ڪم ڪندا هيا ٻيا هڙپ سنڌ اوهان جي سامهون آهي ته ڇا پيو ٿئي پر جڏهن وري هيٺين سطح تي ٽائون يوسي کي فنڊ ڏنا ويا جتي ٽائون آفيسر  ٽي ايم او ناظم چيئرمين مقرر ڪيا ويا ته سياستدانن پڻ پنهنجي مٽ مائٽ جيالن ڪارڪنن کي انهن جائين تي پوسٽنگ ڪرائي وري سنڌ کي يوسي ٽائون ليول تي ٻنهي هٿن سان لٽيو اسان صرف نعرن هڻڻ ۾ پورا ، برحال پاڪستاني عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پاڪستان سميت سنڌ جي ننڊن شهرن وڏن شهرن تائين نيب جي رسائي آساني سان آهي عوام سماجي تنظيمن پاران ڏنل درخواستون پڻ نظر ثاني هيٺ آهن پر ڪيس ڪافي آهن ماڻهون گهٽ آهن آهسته آهسته انهن جو به نالو جانچ هيٺ ايندو ۽ جن سدائين پيسا ڏئي وري معافي نامه قبول ڪرايا آهن انهن جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي جمهوريت جي آڙ ۾ عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيندڙ ضرور قانون جي پڪڙ ۾ ايندا مرد مجاهد هاڻي تيار آهن ڪرپشن ڪندڙن جا تمام دڳ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اهڙا به قانون جوڙيا ويا آهن ته جيڪو گواهي ڏيئي ٿو ان کي پاڪستان جي رياست مڪمل تحفظ مهيا ڪري ان سان گڏ جيڪو بيان ڏيڻ چاهي ٿو يا درخواست ڏيئي ٿو ان جو نالو پڻ سيگائي راز ۾ رکيو ويندو ،                                         
نيب چيئرمين  رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدرت ۾ ڪئي اهم اجلاس ٿيا آهن جنهن ۾ تمام نيب ميمبران کي اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيڪي به ڪيس آهن انهن کي جلد مڪمل ڪري  ريفرنس لاء تيار ڪيو وڃين وقت گهٽ آهي ان ڪري ڪيس تمام گهڻا آهن  چيئرمين نيب  اجلاس دوران نواز شريف ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ  لاظء وزارت داخله کي خط پڻ لکيو آهي ان سان گڏ عمران خان خلاف پڻ  هيليڪاپٽر جي استعمال بابت دستاويز پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي  وفاقي وزير ريلويز سعد رفيق خلاف پڻ جانچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير امتياز شاهد قريشي خلاف جانچ جو فيصلو ڪيو ويو نيب چيئرمين بار بار اهو پنهنجي بيان ۾ چوندو رهيو آهي ته نيب هڪ خود مختيار ادارو آهي ڪنهن جي اشاري تي ڪم نه پيو ڪري جنهن خلاف ثبوت ملندا ان خلاف قانوني ڪاروائي تحقيقات پڻ ٿينديون جيڪو قانون آئين اجازت ڏيئي ٿو بس ايترو مان ضرور چوندس ته پاڪستان کي ڪافي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هاڻي هر ان کي جنهن مٿان ڪرپشن جا الزامات آهن ڪاروائي ڪري عوام کي سڌ ڏني وڃين جيئن نيب سميت ٻين ادارن مٿان ٿيل عدم اعتماد کي بحال ڪري سگهجي

پي آءِ اي وٺندڙ کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان/ شيرمحمد سولنگي



حڪومت پي آءِ اي وٺڻ وارن کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ ۽ موجوده خسارو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت ٻن وڏن مسئلن جو شڪار آهي. اسٽيل مل بند پئي آهي، جيڪو به اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز) جا قرض ادا ڪندو. ان کي اهي ٻئي ملڪي ادارا مفت ۾ ڏينداسين. خبر موجب هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان به ساڳي ڪوشش ۾ آهيون. معاشي ماهر حيرت انگيز بيان ڏيندي چيو آهي ته جيڪو به اسٽيل مل جو قرض ادا ڪندو کيس مل مفت ۾ ڏني ويندي. ياد رهي ته ان کان اڳ مشرف دور ۾ اسٽيل مل جي نجڪاري خلاف ٻنهي ن ليگ ۽ پ پ سخت مخالفت ڪندي، ان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو. هوڏانهن وزيراعظم جي ناڻي بابت مشير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ جي حوالي سان سموري ڪارروائي مقرر ڪيل نظام ۽ وقت اندر مڪمل ڪئي ويندي. ناڻي وزارت، ٻيون وزارتون ۽ کاتا ان سلسلي ۾ گڏيل سهڪار سان بجيٽ جي تياريءَ ۾ مصروف آهن. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن سال 19-2018ع جي بجيٽ جي تيارين جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ناڻي وزارت جي مختلف شعبن جي سربراهن طرفان کيس بجيٽ تياريءَ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. مفتاح اسماعيل کي ٻُڌايو ويو ته بجيٽ جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ تفصيلي اجلاس رکيو ويو آهي. ان موقعي تي مفتاح اسماعيل چيو ته مختلف شراڪتدارن طرفان وصول ٿيندڙ تجويزن کي بجيٽ جي تياريءَ دوران ان تي نظر رکڻ گهرجي. هن بجيٽ متعلق مختلف پيپرز جي بروقت پرنٽنگ کي يقيني بنائڻ تي به زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ سان حڪومت جي جٽادار اقتصادي ترقيءَ جي حوالي سان کنيل قدمن جي عڪاسي ظاهر ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته ناڻي وارو صلاحڪار اڳ ئي چئي چڪو آهي ته بجيٽ 27 اپريل تي پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي 659 ملازمن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هوابازي واري انچارج لکت ۾ جواب ڏنو جنهن موجب قومي هوائي ڪمپني جي 659 ملازمن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ٿيون، جن مان 391 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، 251 ملازمن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته 17 ملازمن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي هوابازي ڊويزن واري انچارج پي آءِ اي جي خساري جي تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪئي. جنهن موجب 2009 ع ۾ قومي ايئر لائين کي 13 ارب 13 ڪروڙ، 2010ع ۾ 8 ارب 58 ڪروڙ، 2011ع ۾ 28 ارب 3 ڪروڙ، 2012ع ۾ 29 ارب 76 ڪروڙ، 2013ع ۾ 42 ارب 98 ڪروڙ جڏهن ته 2017ع ۾ قومي ايئر لائين کي 43 ارب 65 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. جڏهن  ته نيب حڪومت کي 40 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ آمريڪا ۾ نامزد پاڪستاني سفير علي جهانگير صديقي کي طلب ڪري ورتو آهي . رپورٽ مطابق نيب لاهور آمريڪا لاءِ نامزد سفير علي جهانگير صديقي کي ڪرپشن ڪيس ۾ 22 مارچ تي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. مٿس پنهنجي ئي ڪمپني جي شيئر جي ان سائيڊ ٽريڊنگ جو الزام آهي جنهن تي علي جهانگير پنهنجي ڪمپني ايگري ٽيڪس جا 11 رپين وارا شيئرز حڪومتي ادارن کي 35 رپين ۾ وڪرو ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي ادارن کي 40 ارب رپين جو نقصان پهتو. ذريعن ٻڌايو ته ان حوالي سان ايس اي سي پي جاچ ڪئي آهي، نيب ايس اي سي پي جي اها جاچ رپورٽ حاصل ڪري نيب چيئرمين کي اماڻي جنهن جي منظوري کانپوءِ نيب لاهور علي جهانگير کي جاچ لاءِ 22 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي ميمبر جمشيد دستي چيو آهي ته اسان کي تعصب، صوبائيت ۽ لسانيت کان مٿانهون ٿي ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي، هي ڊيم ٺهي ويو ته پاڪستان دنيا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو، جيڪو به ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو اهو غدار آهي، اهڙو قانون ٺاهيو وڃي ته ڪو به پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرائت نه ڪري سگهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي جمشيد دستي چيو ته ڪنهن کي ڪا مشڪل پيش اچي ٿي ته اهو ملڪ کي برو ڀلو نه چئي هي اسان جي سرزمين آهي، اسان کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اسان کي برما ۽ فلسطين جي مسلمانن جي مثال پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا دشمن مودي ۽ آمريڪا اسان کي ورهائڻ چاهن ٿا، جيڪو به ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو اهو غدار آهي، اهڙو قانون ٺاهڻ گهرجي ته جيئن ڪو به پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، هن چيو ته دريا خشڪ ٿي رهيا آهن، ملڪ کي پاڻي جي گهٽتائي جو مسئلو درپيش آهي، ملڪ ڏڪار طرف وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ڪيوسڪ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ويندو آهي، اسان کي ننڍا وڏا ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، ڪالاباغ ڊيم ٺهي ها ته سنڌ کي پاڻي ملي ها، انهن ڊيمن جي خلاف غير ملڪي ايجنڊآ آهي، اسان کي تعصب، صوبائيت ۽ لسانيت کان مٿانهون ٿي ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي، هي ڊيم بڻجي ويو ته پاڪستان دنيا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي سياست جو مقصد عوام کي دوکو ڏيڻ آهي جڏهن ته اهي ماڻهو هميشه کان ئي چور دروازي مان اقتدار ۾ اچڻ جا خواهشمند آهن. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عدالتي سڌارا اسان جي ايندڙ اليڪشن منشور جو حصو هوندا، سڌارا وقت ۽ قوم جي ضرورت آهن. تحريڪ عدل لاءِ ڪنهن انٽرنيشنل فرم جون خدمتون نه ورتيون آهن، اسان وٽ پنهنجو مواد گهڻو آهي، اسان ڪو نيب ته ناهيون جو عالمي فرم جون خدمتون وٺون جڏهن ته سڌارن جو دروازو هر وقت کليل رهڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته عام حالتن ۾ کوڙ ساريون شيون سامهون نه اينديون آهن پر امتحان جي دور ۾ کوڙ ساريون شيون واضح ٿي وڃن ٿيون، مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو پر اسان شفاف چونڊن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جو هڪ چونڊيل صوبائي حڪومت کي هٽايو ويو، ڪير آهي هي سنجراڻي، سندس پٺيان جيڪي آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي، 6 ماڻهن جي گروپ کيس نامزد ڪيو ۽ هو ايندي ئي سينيٽ جو چيئرمين بڻجي ويو.گهرو معاملن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ لاپته ماڻهن بابت پنهنجو لکت ۾ جواب ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.  رپورٽ مطابق وفاقي گهرو وزير احسن اقبال طرفان لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاپته ماڻهن جو ڪل تعداد 1640 آهي جن ۾ سنڌ جا 142 ماڻهو لاپته آهن جن مان گهڻن جو تعلق ڪراچي سان آهي. احسن اقبال ٻڌايو ته جبري گمشدگين بابت ڪميشن آف انڪوائري جي آخري ماهوار رپورٽ 28 فيبروري تي آئي، ڪميشن سنڌ جي 1217 مان 1075 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن

فهيم عارف خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.!!!/عزيزالله ناريجو



انسان عمر جي لحاظ کان به بدلبو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان حالات جي هٿان مجبور ٿي به بدلبو آهي،اها انسان جي فطرت آهي ته هُو غلطي ڪري،ڇو ته انسان انسان آهي غلطيون انسان کان ئي ٿينديون آهن،پر اهو انسان سڀ کان بهتر ۽ افضل آهي جيڪو غلطي ڪري وري ان غلطي کي تسيلم ڪري ۽ ان جي معافي وٺي،اهڙا انسان عظيم ۽ قابل تعريف هوندا آهن.پر ڪو انسان اکين ڏٺي غلطي به ڪري ۽ انهي غلطي کي تسليم ڪرڻ مڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن اهو انسان غلطين مٿان غليطيون ڪندو رهي ته پوءِ انهي انسان کي ڇا ڪجي..انهي انسان کي سندس حال تي ڇڏي ڏني يا کيس پنهنجي غلطي جو احساس ڏيارجي،جئين جو پنهنجي غليطين مان سبق سکي ڪري وري اڳيان غلطيون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.. ڪالهه ڪراچي شهر اندر ڊائويونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فهيم عارف اهو چئي انهي يونيورسٽي ۾ موجودهه ڊاڪٽرياڻي رابعا بيبي کي شوڪاز نوٽيس موڪيلو ته هن مريضن سان سنڌي ۾ ڳالهيون مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته فهيم عارف کي ڪهڙو نالو ڏيان جيڪڏهن هن وقت مان کيس غدار چوان سنڌي ٻولي دشمن چوان يا ديس دشمن چوان ته سمورين ڳالهين مان ڪجهه به غلط نه ٿيندو خبر ناهي فهيم عارف ڪهڙي سوچ ۽ نظريي جو انسان آهي.اهڙي خوار اسان جي  بابت سندس  ذاتي زندگي تي جيڪڏهن ويهي حقيقتون لڪجن ته ته مان سمجهان ٿو ڪيترا ڏينهن لڳي وڃن پر پوءِ به اوهان کي فهيم عارف بابت ڪجهه حقيقتون ضرور ٻڌائيندو هلان،هوُ انهي پارٽي جو مميبر آهي جنهن جو اڳواڻ الطاف پنهنجي ڪيل تقرير تي ڪڏهن ناهي بيٺو،سندس پارٽي جي ڪرپشن کان ويندي ،ڀتا خوري،ٽارگيٽ ڪلنگ جا الزام هجن پر الطاف مڃڻ لاءِ تيار ناهي،پارٽي جي انهن ماڻهن کان لاتعلقي ڪندي دير ناهي ڪندو جنهن تي حڪومت پاڪستان اندر اکين ڏٺو مجرم ثابت ٿيو هجي،پاڻ سنڌ جو پٽ سڏرايئيندي فخر محسوس ڪندو آهي،۽ انهي سنڌ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ مطالبا به ڪندو آهي،ڪراچي اندر امن جي بحالي لاءِ تقريرون ڪندو آهي ته ڪراچي تي سرزمين کي ٽاندو ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندو آهي،ڪڏهن ڪارڪنن جي قتل ٿيڻ تي انڇارون ڏيندو آهي ته وقت ۽ حالات اهي ڪارڪنن جا قتل سندس لڪايت ٿيلهي مان ڪڍندا آهن،پارٽي تي لڳلراکان فنڊنگ جا الزام رد به ڪندو آهي ته ٻئي طرف انهي کان مدد جي اپيل به گهرندو آهي،ڪڏهن پارٽي جو سچو سربراه ٿي پارٽي جون واڳون سنڀاليندو آهي ته ڪڏهن انهي پارٽي مان بيرار ٿي پوندو آهي،ڪڏهن پارٽي جي حق ۾ ويهي نعرا هڻندو آهي ته ڪڏهن پارٽي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏيندو آهي،ڪڏهن سياست جي ميدان کي راند جو ميدان سمجهي راند کيڏڻ جي لائق سمجندو آهي ته انهي سياسي ميدان اندر پنهنجي مخالف سياسي پارٽين جي عهديدران  تي ويهي ڇهه ڇنديندو آهي،ملڪ جو ڪو اهڙو سياستدان ناهي جيڪو انهي کان بچي سهگيو هجي سياست جي راند ۾ هن اسلامي پارٽين جي به بخش ناهي ڪيو،اهڙي پارٽي سان تعلق رکندڙ آهي هي فهيم عارف  ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا ميڊيڪل آفيسر رابعا بيبي کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان روڪيندي کيس اردو يا انگريزي زبان ۾ ڳالهائڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو، سنڌي ڳالهائڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري، صحت کاتي نوٽيس ورتو،جاچ جو حڪم  تفصيل موجب سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي ڊائو ميڍيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي رابعه بيبي  کي  سنڌي ۾ ڳالھائڻ  تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر رابعا بيبي سي سي يو ۾ رائونڊ دوران  مريضن سان سنڌي ۾ ڳالھايو جنھن تي ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر مٿس مڇرجي پيو ته  سنڌي ۾ ڇو ڳالھايو؟  ان بعد ڊائو يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم  جي صحيح سان ڊاڪٽر رابعا بيبي کي ليٽر جاري ڪندي  24  ڪلاڪن ۾  سنڌي ڳالهائڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي، هوڏانهن صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فضل الله پيچوهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي ڪا به حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر سهراب سرڪي به ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي  ۾ ڳالهائڻ کان روڪڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر کي طلب ڪري ورتو آهي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اهڙي حرڪت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه  ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو اهو معاملو وڏي وزير آڏو کڻندو،  صوبائي وزير سردار شاهه  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪو چريو ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي پابندي برداشت نه ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جو ڊاڪٽر  رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج، تفصيل موجب ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن ڊاڪٽر رابعا کي نوٽيس ملڻ واري معاملي تي يونيورسٽي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ملازمن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪندڙ اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان عمل سان تعصب وڌندو ۽ يونيورسٽي جي ساک کي نقصان پهچندو. ڪراچي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سعيد قريشي ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وائيس چانسلر پروفيسرسعيد قريشي چيو ته ڊاڪٽر انوار جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن کي 3 ڏينهن ۾رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي ۾ سنڌي يا ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي نه هوندي آهي، هن چيو ته ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو ڪنهن ڊاڪٽر کي مريض سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪري.انهي ڪري هن وقت جيڪو فهيم عارف ڳالهيو آهي انهي تي پوري سنڌ ناراض آهي ۽ پوري سنڌ اندر ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي،انڪري حڪومت سنڌ کي انهي معاملي جو جلد کان جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي جهڙي ريت فهيم عارف رابعا بيبي کي شوڪاز نوٽيس موڪليو آهي اهڙي ئي ريت سندس خلاف نوٽيس موڪلي ڪري کيس پنهنجي عهدي تان جلد کان جلد فارغ ڪيو وڃي

واهه حڪمرانون اوهانجي نجڪاري هڪ ڏيو هڪ فري.؟/غلام مصطفيٰ جمالي



حڪومت پاڪستان پي آءِ اي وٺڻ وارن کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اهو سبب ڄاڻائيندي ۽ پنهنجي مٿان پاڪ پوتي وارا ڪک رکندي چيو آهي ته  بجيٽ ۽ موجوده خسارو وڌي رهيو آهي.پاڪستان جي معيشت هن وقت ٻن وڏن مسئلن جو شڪار آهي. اسٽيل مل بند پئي آهي،انڪري جيڪو به اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز) جا قرض ادا ڪندو. ان کي اهي ٻئي ملڪي ادارا مفت ۾ ڏينداسين.سموريون ڳالهيون سامهون رکندي سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته ڇا پاڪستان وٽ ايترو به پئسو ناهي ته صرف ٻه ادارا جيڪي مالي طور پوئتي وڃي رهيا آهن ۽ سندس ساهه سسڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ کين بچائي سگهي،ڇو اچي خوار ٿيا آهيو ڇو ٿا پاڪستان جي ويهه ڪروڙ عوام کي خوار ڪيو ڪجهه ته اکين ۾ ديد رکو.پر افسوس ته پاڪستان جي انهن حڪمرانن کي انهي ٻنهي ادارن جو ڪهڙو قدر ادارا قائم ڪرڻ ته وڃي آرامي ٿيا ۽ انهن حڪمرانن انهن ادارن کي برباد ڪري ڇڏيو.مونکي ته حيرت انهي ڳالهه تي آهي جو پاڪستان سپريم ڪورٽ انهي معاملي ٿي خاموش ڇو آهي ڇو نه ٿي وضاحت پڇي ٻنهي ادران جي تباهي جو حڪمرانن کان.؟.جڏهن ته ملڪ اندر حڪمرانن جي پويان ته ائين اچي پئي آهي جئين ماڻهو کي اڪيلو ڏسي انهي پويان جنگلي ماکي پئجي ويندي آهي.افسوس ته سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز واري نجڪاري واري معاملي تي سراسر خاموش آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز جي اهيمت کي سمجهڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پوءِ ساڳي سال قائداعظم محمد علي جناح 1947ع ۾ “اورينٽ” نالي سان پاڪستان ايئرلائن قائم ڪئي. ته جيئن پاڪستانين کي به دنيا جي تيز ترين ڊوڙ ۾ شامل ڪري سگهجي. اورينٽ ايئر لائين جي محب وطن پاڪستانين جي اڻک محنت سان اورينٽ ايئر لائين ايتري تيزي سان ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڏني . جنهن کانپوءِ سندس نالو 1955ع ۾ تبديل ڪري سندس نالو اورينٽ مان“پي آءِ اي” رکيو ويو.جڏهن ته انهي محنت ۽ ڪوششن سان 1960 واري ڏهائي ۾ پي آءِ اي دنيا جي مقبول ترين ايئرلائين بنجي وئي.جنهن جو اندازو اوهان انهي ڳالهه مان ڪري سگهون ٿا ته“جيڪولن ڪينڊِي” آمريڪي خاتون اول پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪندي هئي.جڏهن ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گارڊنر به پي آءِ اي ۾ ئي سفر ڪرڻ کي پسند ڪندو هو.ايشا جي پهرين ائير لائين جنهن ۾ “ٽي وي”سسٽم ۽ آٽوٽڪنگ ۽ ٻيون ڪيتريون سهولتون ميسر هنيون.جڏهن ته ان وقت انسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت اهڙين سهولتن لاءِ ترسندو هو.پي آءِ اي دنيا جي پهرين ائير لائين هئي. جنهن کي  1964ع  ۾ پهرين دفعا چين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي هئي.1971ع ۾ جڏهن آمريڪا ۽ چين جي دوستي ٿي ته آمريڪا جو ان وقت جي وزير خارجه پي آءِ اي جي ذريعي ئي چين پهتو هو.۽ ان وقت دنيا جنگ جي ماحول کان نڪري ڪري امن جي رستي تي پهتي هئي.۽ دنيا لاءِامن جو راهون لکي چڪيون هينون.پي آءِ اي ايمرٽ ائير لائين سعودي ايئر لائينس ۽ ٻين ڪيرن ئي ملڪن جي ائير لائين جي موجود ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سعودي ائير لانيس ايمرٽ جو پهريون جهاز پاڪستان پي آءِ اي جو عملو پاڪستان ۾ اڏاري آيو هو.پي آءِ اي ائير لائينس جي معيار جو اندازو اوهان انهي ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا. ته پاڪستان پي آءِ اي جي   ائيرهوسٽ ۽ ٻئي عملي جي ڊريس دنيا جي مشهور فيشن شو Pierre Cardin پيرس ۾ تيار ٿي اهڙِي مقبول ترين ايئر لائين کي پاڪستاني حڪمران ڀڳڙن جي مُٺ تي وڪرو ڪرڻ ٿا چاهين ۽ انهي ڪري شايد پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومتي وزير اعظم خاقان عباسي پاڪستان اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي باري ۾ شايد پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.جنهن کي هن وقت هڪ وٺو ۽ هڪ فري حاصل ڪيو جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي.حڪمرانن جا اهڙا رويا ڏسي ڪري ائين  لڳي رهيو آهي ته شايد حڪومت کي نجڪاري مان ئي ڇوٽڪارو نظر اچي رهيو آهي. جنهن ڪري حڪومت گهڻي عرصي کان نجڪاري جي مهم هلائي رهي آهي. چوي وڃي پيو ته آئي ايم ايف جي اڳيان جهيل جهول ۽ ڪجهه پئسا وجهندي حڪومت کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته نجڪاري ڪيو.!!جڏهن ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کان باربار اهو چورايو پيو وڃي ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي.!پر وزيراعظم جو ته وس ئي نه پيو هلي اگر سندس وس هلي ته پاڪستان جي هر اداري کي نجڪاري ۾ تبديل ڪري ڇڏي.جڏهن ته هي معاملو صرف خاقان عباسي جو ناهي ان کان پهرين سندس سابق وزيراعظم ميان نواز شريف  جرنل ضياءِ الحق،جرنل. پرويزمشرف،۽ ٻين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ادران اندر نجڪاري جو عمل ڪري چڪا آهن. پر سوال اهو ئي آهي ته انهي نجڪاري مان ملڪ کي ڇا مليو.سواءِ ادارن جي تباهي جي.!سڀني گڏجي ڪري مفت دل بي رحم انسانن پنهنجي من پسند ماڻهن جي حوالي اهي ادارا ڪري ڏيا جن ملڪ کي هميشه خساري ۾ ئي وڌو.زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري کان ويندي پي ٽي سي ايل جي فروخت تائين. پاڪستان کي ڇا مليو. جڏهن ته اڄ تائين اها پوري رقم به نه ملي سگهي آهي جيڪا زيل پاڪ سمينٽ فيڪٽري ۽ پي ٽي سي ايل سان ملي ڪري نجڪاري جو سودو ڪيو ويو هو.!! افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هي ڪهڙا انسان آهن جيڪي نجڪاري جو ڌندو کولي ويٺا آهن.پي ٽي سي ايل جي وڪڻڻ کان پوءِ هي حال آهي جو فون استعمال ڪندڙ کي پنهنجو نمبر چيڪ ڪرڻ لاءِ به پئسا ڀرڻا پئجي رهيا آهن.جڏهن ته حڪومت کي ايم سي بي،حبيب بنڪ،يو بي ايل،جي وڪڻڻ سان به ڇا مليو.  افسوس ٿو ٿئي ته حڪومت انهن ادارن کي هٿي ڏئي انهن کي ترقي جي راه ڏانهن گامزد ڪرڻ بجاءِ انهن ادارن جي نجڪاري ڪري انهن ادارن کي تباهي کي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.شايد هن وقت به حڪمران باهه ۽ گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن، ڇو ته ڪنهن به اهو ناهي سوچيو ته ادارن کي ترقي يافته بڻائي انهن ادارن مان ملندڙ فائدي مان آئي ايم ايف جو قرض ڏنو وڃي.پر هت ته رواج ئي ابتو آهي.فرض لاهڻ بجاءِ وڌيڪ قرض کڻڻ جي رٽ لڳائي ڇڏي آهي.۽ انهي ڪرڻ لاهڻ کي نجڪاري ۾ تبديل ڪري ادارن جو هٿ سان ٻِيڙو ٻوڙيو پيو وڃي.جڏهن ته ماهر انسان قرض کي مرض ٿا سمجهن.جيڪو تمام گهڻو خطرناڪ آهي جنهن جا نتيجا به خطرناڪ ٿا نڪرن.پرنجڪاري جي معاملي اهڙا ادارا به نجڪاري جي ور چڙهي ويا جيڪا ترقي ڪري منافو ڪمائي رهيا هئا. نجڪاري ڪميشن اڄ به پنهنجي رڪارڊ جو جائرو وٺي.ته کيس احساس ٿيندو،ته انهن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ ڪميشن ڪهڙا ڪارنام انجام ڏنا آهن.سنڌ اندر کنڊ پيدا ڪندڙ شگر ملون جيڪي ڪرڙوين رپين ۾ وڪرو ڪيو ويون.اهي ڪنهن به طرح سان قومي محاظ ۾ شامل نه هنيون.سابق صدر آصف علي زرداري کان ڪير پڇا ڪري ته ان 45ڪروڙ پين جي ماليت جي هڪ شگر مل صرف 9 ڪروڙ ۾ ڇو ورتي.ان ڪري اڪثر دارا اهڙي ئي نوتيت سان وڪرو ڪيا ويا آهن جنهن سان  قومي مال جي نقصان کان اعلا عوام ۽ مزدور طبقي کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.ڪيترائي محنت ڪندڙ مزدور ويچارا بي زوگار ٿي ويا آهن.ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي سندس معصوم ٻار بک تي گذارو ڪري رهيا آهن.جڏهن ته انهن لاءِ هاڻ ته روزگار جا دروازا به ڄڻ بند ٿي ويا آهن.هڪ دفعو ٻيهر پي آءِ اي جي نجڪاري وارو معاملو اٿيو آهي. آئي ايم ايف ته اهو نه چيو آهي ته اوهان پي آءِ اي تي ترقي لاءِ سندس نجڪاري ڪيو.!پر حڪومت ته بنا سوچڻ جي ئي نجڪاري جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي،کيس اها به خبر نه هئي ته انکان پوءِ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. آئي ايم ايف چيو ته توهان بجلي ورهائڻ واري شعبي جي نجڪاري ڪريو. انهن بنا سوچي سمجهي فيصلو ڪري ڇڏيو.حڪومت جي اها زميواري آهي ته هو عوام جي روزگار جي موقعا فرام ڪري. پر پاڪستان ۾ ان جي ريت رسم بلڪل به ابتڙ آهي. هت روزگار جا موقعا فرام ڪرڻ بجاءِ روزگار جي موقعن کي ختم ڪيو پيو وڃي. حڪومت کي گهرجي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ روزگار سميت ملڪ جي اداردن کي مظبوط ڪري انهن جي ترقي لاءِ جاکوڙ ڪري.پر هت ادارن جي واڌ ۽ ترقي ڪرڻ بجاءِ هر روز ڪنهن نه ڪنهن اداري جي وڪرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. ان ڪري اهو اهم سوال آهي ته ڇا حڪومت کي نجڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڇو ڳوليو نه ٿو ٿي.پر شايد هن وقت جي حاڪمن جي نيتن ۾ رولو آهي .جنهن جي ڪري هو قومي ادارن جي ڪروڙين رپين جي ملڪيت پنهنجي من پسند ماڻهن کي ٽڪي جي ملهه ۾ وڪڻڻ ٿا چاهين.ڇو ته هتي هر معاملي ۾ کوٽ نظر ٿي اچي.انهي ڪري انڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي گهرجي ته انهي معاملي جو جلد کان جلد نوٽيس وٺي ۽ هڪ سان گڏ هڪ فري ڏيندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪري . 

ڇا هاڻي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان به روڪيو ويندو؟ /ساگر سولنگي



اسانجي ٻولي تي هر دور ۾ حملا ٿيندا رهيا آهن هاڻي ته حد ٿي ويئي آهي اسين جيڪڏهن نه جاڳياسين ته پر اهڙا ڪلوڙ روز ٿيندا ۽ اسان ڪجھھ نه ڪري سگهنداسين فيس بڪ تي خالي پوسٽ رکڻ سان ڪجھھ نه ٿيندو ڪو عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي . ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا ميڊيڪل آفيسر رابعا بيبي کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان روڪيندي کيس اردو يا انگريزي زبان ۾ ڳالهائڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو، سنڌي ڳالهائڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري، صحت کاتي نوٽيس ورتو،جاچ جو حڪم  تفصيل موجب سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي ڊائو ميڍيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي رابعه بيبي  کي  سنڌي ۾ ڳالھائڻ  تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر رابعا بيبي سي سي يو ۾ رائونڊ دوران  مريضن سان سنڌي ۾ ڳالھايو جنھن تي ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر مٿس مڇرجي پيو ته  سنڌي ۾ ڇو ڳالھايو؟  ان بعد ڊائو يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم  جي صحيح سان ڊاڪٽر رابعا بيبي کي ليٽر جاري ڪندي  24  ڪلاڪن ۾  سنڌي ڳالهائڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي، هوڏانهن صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فضل الله پيچوهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي ڪا به حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر سهراب سرڪي به ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي  ۾ ڳالهائڻ کان روڪڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر کي طلب ڪري ورتو آهي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اهڙي حرڪت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه  ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو اهو معاملو وڏي وزير آڏو کڻندو،  صوبائي وزير سردار شاهه  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪو چريو ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي پابندي برداشت نه ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جو ڊاڪٽر  رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج، تفصيل موجب ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن ڊاڪٽر رابعا کي نوٽيس ملڻ واري معاملي تي يونيورسٽي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ملازمن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪندڙ اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان عمل سان تعصب وڌندو ۽ يونيورسٽي جي ساک کي نقصان پهچندو. ڪراچي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سعيد قريشي ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسرسعيد قريشي چيو ته ڊاڪٽر انوار جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن کي 3 ڏينهن ۾رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي ۾ سنڌي يا ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي نه هوندي آهي، هن چيو ته ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو ڪنهن ڊاڪٽر کي مريض سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪري. جيڪڏهن  ڊاڪٽر فھيم عامر ايترو نوڪري سان چاھ رکندڙ آهي ته ان جي شهر ڪراچي جي جناح اسپتال مان گرفتار ٿيل جعلي ڊاڪٽرياڻي طرفان ٻن سالن کان سوشل ميڊيا تي ڪلينڪ هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ذرين موجب ڊاڪٽرياڻي جا هڪ مشهور گائنو لوجسٽس سميت ڪيترن ئي سرڪاري ڊاڪٽرن سان رابطا هئا.  ذريعن موجب ڊاڪٽرياڻي وٽان هٿ ڪيل ٽن مان ٻن موبائل فونز جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هڪ موبائيل فون خراب هئي. موبائل فون جي فارنزڪ ٽيسٽ موجب عورت 2016ع کان ڊاڪٽر علي سان رابطي ۾ هئي جڏهن ته جناح اسپتال جي هڪ گائنو لجسٽ سان به سندس رابطو هو.  پوليس موجب جعلساز عورت ڊاڪٽرن کي ميسيج ڪري بيماريون ٻڌائيندي هئي جنهن تي ڊاڪٽر کيس نسخا ٻڌائيندا هئا جيڪا ڊاڪٽرياني مريضن کي ميسيج ڪندي هئي. پوليس جي جاچ آفيسر جناح اسپتال جي ڊاڪٽر ثمرين، اسٽاف آفيسر ۽ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ نوٽيس به موڪليو ويو پر هوءَ ويمن ٿاڻي نه پهتي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن، پاڪستاني عوام ڪڏهن به دهشتگردي کي قبول ناهي ڪيو، پاڪستاني فوج قربانيون ڏئي  پوري پاڪستان ۾ امن ڪرايو.  آمريڪي  ڊپٽي ڪونسل جرنل جان رابسن اهڙن خيالن جواظهار ڄام نوازعلي ۾ ڄام فاروق علي پاران ڏنل مانجهائيندي جي دعوت تقريب بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته  آمريڪي نئين حڪومت ۽ پاڪستان  جي تعلق کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، برابري جي بنياد تي تعلقات بهتر ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف اسان جا سياسي ماڻهو صرف خالي  کوکلا بيان ڏئي رهيا آهن پر هنن ڪو به عملي ڪم نه ڪيو آهي.  ورڪس ۽ سروسز جي صوبائي وزير امداد پتافي ٽنڊوڄام ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. انهي سلسلي ۾ ڊوڪجي روڊ ڪمپني پارانگو گرين پاڪستانجي نالي سان شروع ڪيل وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ کيسانو موري ويجهو ڊوڪجي جي ريسٽ ايريا بلڊنگ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل ڪمشنر معمر مرزا، ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار آفتاب احمد نظاماڻي، ضلعي چيئرمين حيدرآباد بدر احمد ميمڻ، چيف ڪنزرويٽور اعجاز نظاماڻي، ڊي ايف او رضوان ميمڻ، ذيشان ميمڻ، شاهد عباسي، مير عادل جمالي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير امداد پتافي چيو ته اڄ جي دور ۾ سڀني کي وڻن ۽ وڻڪاري جي اهميت جو احساس ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ گهربل قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي ترقياتي منصوبن دوران به وڻن ۽ ماحوليات کي نقصان پهچڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ڊوڪجي ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران تعمير ڪيل حيدرآباد ميرپور خاص روڊ هڪ مثالي منصوبو آهي. جڏهن ته ڪمپني پاران گذريل ٽن سالن کان ڪيل وڻڪاري روڊ جي حسن ۾ اضافو آندو آهي. هن چيو ته اسان کي هن اداري پاران وڻڪاري جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ پوکيل ٻوٽن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. ڊوڪجي روڊ ڪمپني جي سي اي او انتصارالدين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ميرپور خاص روڊ ۽ آسپاس جي علائقي کي سرسبز ۽ وڻڪاري وارو بنائڻ لاءِ گذريل ٽن سالن کان ڪوششون وٺي رهيا آهيون. گذريل ٽن سالن دوران هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائي چڪا آهيون ۽ انهن جي محنت سان سنڀال ڪندا رهيا آهيون پر مختلف زميني حالت سبب اڪثر ٻوٽا ضايع ٿي پيئي ويا. پر هاڻي حڪمت عملي تبديل ڪري وڻڪاري جي پائيداري ۽ ٻوٽن جي بهتر سنڀال لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. تقريب کي ڪمپني جي جنرل مينيجر ڪرنل احمد رضا خطاب ڪندي چيو ته هن منصوبي ۾ ٽي سو مقامي ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. جڏهن ته ڪمپني پاران ڊسپينسري، ايمبولينس سروس، دسترخوان، شاگردن لاءِ اسڪالرشپ سميت مختلف فلاحي ڪم پڻ جاري آهن. انهي کان اڳ صوبائي وزير امداد پتافي ڏيٿا اسٽاپ ٽول پلازا وٽ ڊوڪجي روڊ ڪمپني پاران نصب ڪيل جديد سي سي ٽي وي سسٽم جو افتتاح پڻ ڪيو. تقريب ۾ ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين مهمانن پڻ ٻوٽا لڳايا. تقريب ۾ ضلعي ڪائونسلر فقير اقبال پهوڙ، جاني ٻرهام، حاجي شاهد جوڻيجو، فرمان کٽياڻ، رٽائرڊ ايئر ڪموڊور خواجه نيئر، نور محمد خان، جعفر علي نقوي، نفيس سپيو، نثار خان کٽياڻ، علي نواز ڏاهري سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته پ پ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غير جمهوري روين سنڌ کي معاشي تباهي ۽ انارڪي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. هن چيو ته پ پ حڪمرانن جي اقتدار جا 10 سال سنڌي ماڻهن لاءِ بک بدحالي ۽ تذليل جو سبب بڻيا آهن، جمهوريت ۽ شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي عوام سان ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عوام کان ووٽ وٺندڙ پ پ حڪمران اڄ سنڌ جي ڪنهن به بنيادي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.  هن چيو ته ڪرپشن ڪري سمورن ادارن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته سنڌ جي نجات موجوده جاگردار حڪمرانن کان چوٽڪاري ۾ آهي، جيستائين هي حڪمران هوندا سنڌ ۾ خوشحالي نه ايندي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻھو هنن حڪمرانن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪن، ڇو ته هي عوام جي ووٽ تي اقتدار ۾ اچي عوام کي وساري صرف پنهنجي مال ملڪيت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي قوميتن ۽ سنڌ جي دوست اميدوارن کي عوام پارليامنٽ ۾ آڻي جيئن سنڌ جو مقدر تبديل ٿي سگهي. هي ڪوعام مسئلو نه آهي جي هاڻي به اسين سنڌي نه جاڳياسين ته پوءَ  اسان کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان به روڪيو ويندو.

ڇا ڪرشنا روپلي جو مان رکي سگهندي؟!/گلزار ملاح



سنڌ ۾ ڪولهي برادري سنڌ جي قديم برادري آھي، هن برادري سنڌ جو اوج به ڏٺو ته سنڌ ۾ ڪئين ڪربلائون به ڏٺيون، ڪولهي برادري جو صدين کان سنڌ جي مٽيء سان جڙيل ناتو ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ٻنيء ۾ لابارو ۽ ھارپو ڪندڙ ڪولهي جي پگهر مان وطن جي عظمت جي خوشبو ٿي اچي، سنڌ جي هيء برادري جيتري محنت ڪش آھي، اوترو مانُ هن برادري کي ڪڏھن به ناهي ملي سگهيو زمينون کيڙي ان اپائيندڙ هن برادريء جي سندس سيني جي زمين سدائين اُڃاري ئي رهندي ئي آھي، توڻي جو هنن جي محنت تي زميندار ۽ جاگيردار عيش ڪن ٿا، پر اڻ برابري ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري معاشري ۾ هيء برادري سدائين ڏاڍ ۽ ڏمر کي ڀوڳيندي رهي آھي، جيڪا  برادري زميندارن جي قرض سبب پنهنجو مستقبل زميندار وٽ گروي رکي وري ڪوڏر ڏانٽو هٿ ۾ کڻي اها ئي زمين کيڙڻ وڃي ٿي جيڪا زمين ماءُ هوندي به هن برادري جي زندگي ۾ ڪو سڻڀو گرھ کڻي اچڻ جو وسيلو ناهي ٿي سگهي، جنهن معاشري جي هوٽل تي هن برادري جو بئنچ ۽ ڪوپ به الڳ رکيل هجي، ان برادري جي نياڻي جو سينيٽ ۾ پهچڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي،  حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڪرشنا جو سينيٽ ۾ پهچڻ انهن ڌرين جي فتح آھي جيڪي ڌُريون برابري جي نظام جون قائل آھن، پ پ پ پنهنجي حڪومت جي ڏھن سالن جي عرصي ۾ جيڪي سنڌ سان ويل وهايا آھن سي ڪرشنا کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ سان سنڌ وساري نه ويهندي، سنڌ ڇا خود ڪرشنا به نه وساري سگهندي غذائي کوٽ سبب ڪرشنا جي جنم ڀومي ۾ ئي ڪيترين ئي مائرن  جون هنجون خالي ٿي ويون، سنڌ حڪومت ڪرشنا جي ديس ۾ جيڪي ڪڻڪ جي ٻورين ۾ ڪڻڪ سان گڏ مٽي ڀري امدادي طور ورهائي، ڪرشنا کي سندس ديس واسين سان ٿيل اها حڪمرانن جي جُٺ به چڱي ريت ياد هوندي، ڪرشنا اڄ اهو ضرور ڏسندي هوندي ته ڪيئن ڏُڪار سبب سندس ديس واسي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي رهيا آھن، ڪرشنا کي اهو به ياد هوندو ته ڪيئن سنڌ جو اڳوڻو وزيراعلي غذائي کوٽ سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو ذميوار مائرن کي سمجهندو هو ته ٿري ٻارن جو موت غذائي کوٽ سبب نه بلڪه  دائي کان ويم ڪرائڻ سبب ٿئي ٿو، ڪرشنا کي ان پاسي به نهارڻ گهرجي ته ٿر جي ڏورانهن علائقن ۾ اڄ به اسپتالن ۾ ميٽرنٽي هوم ناهن،  اها حقيقت آھي ته پ پ پ جو واڳ ڌڻيء آصف زرداري،  شھيد محترمه بينظير ڀُٽو کي پنهنجي سياسي ماءُ سمجهندڙ ۽ پارٽي سينئر ساٿي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني کي رڳو ان ڪري ٻيهر سينيٽ جي چيئرميني لاء قبول نه ڪيو ته  هو پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالھ ڪري ٿو، جنهن پارٽيء جي سينئر اڳواڻ کي پارٽي جي مشاورتي اجلاس کانسواء هڪ ماڻھو جي مرضي سان سينيٽ جي چيئرميني لاء  قبول نٿو ڪيو وڃي، ان پارٽيء ۾ هڪ ڏڪاريل ڏيھ جي نياڻيء کي پنهنجي اصول جي ڳالھ رکڻ جي اجازت به نه هوندي، ظاهر ڳالھ آھي ته جنهن جي مرضي سان ڪرشنا سينيٽ جي ميمبر منتخب ٿي آھي، ڪرشنا سياسي ڳالھ رکڻ لاء ان وٽ ئي جوابده هوندي، ڪرشنا ان پارٽيء جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊجي آھي، جنهن پارٽي جي خراب حڪمراني گواه سنڌ جو سمورو انفرا اسٽڪچر آھي، اهو لازمي اصول آھي ته سنڌ کي معاشي سياسي سماجي طور پوئتي ڌڪيندڙ پارٽي جي حمايت ڪندڙ يا پارٽي جي صفن ۾ ويٺل کي ماڻھو کي سنڌ جو شعور ڪڏهن به قبول نه ڪندو، پر هڪ ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته ڪرشنا کي نيٺ روپلي جي ماڳ تي واپس ورڻو آھي، ۽ ڪرشنا سينيٽ جو حلف کڻڻ وقت ئي چيو هو ته مان پاڻ کي روپلي جي ديس ۾ ٿي ڀانيان، اسان وقت اچڻ کان پهريان پنهنجا انديشا ظاهر ڪندا آھيون ۽ ڪرشنا جو حلف کڻڻ کانپوء ئي سوشل ميڊيا کان پرنٽ ميڊيا تائين اهڙو ماحول جڙيو، هر ماڻھو پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ڪرشنا کي مياري ڪري رهيو آھي، سنڌ جا  غريب ڪولهي  زميندار ۽ جاگيردارن وٽ ذھني طور باندي بڻيل هئڻ ڪري ڪولهين جي اڪثريت پ پ پ جي ووٽر رهندي آئي آھي، جيڪا برادري ملڪ ۾ ٿيندڙ پهرين اليڪشن کان وٺي 2013 جي اليڪشن تائين هڪ ئي سياسي ڌُر کي ووٽ ڏيندي اچي، اڄ جڏھن ان برادري جي نياڻي کي ملڪ جي اعلي ايوان ۾ عزت ملي آھي ته اعتراض ڇا جو؟ ڪڏھن ڪڏھن مخالف فوج مان به بغاوت جو آذانون اينديون آھن، آغا سليم جو ناول همه اوست  جنهن به پڙھيو هوندو تنهن کي خبر هوندي ته سارنگ جيڪو اقتدار پرست هو، جنهن اقتدار ۽ ذات پرستي لاء پنهنجي محبت کي به پوئتي ڇڏي وڃي مغل حڪمرانن سان گڏيو پر وقت اچڻ تي سندس اقتدار پرست ضمير جاڳي ٿو ۽ کيس هڪ موڙ تي ياد اچي ٿو ته ڪيئن مغلن هن جي پيءُ ماءُ جي سينن ۾ ڀالا هنيا هُئا، ۽ پوء پنهنجي ئي فوج تي ترار اڀي ڪري ٿو، اگر يزيد جي لشڪر مان حُر تلوار ڇڏي، حُسيني پرچم کڻي سگهي ٿو، ته پوء اهو به ممڪن آھي ته ڪرشنا به روپلي جي رت جو ڀرم رکندي ڪنهن ڏينهن بغاوت ڪري سگهي ٿي،اسان کي وقت کان پهرين پنهنجا تجزيا پنهنجون سوچون ڪنهن تي مڙھڻ نه گهرجن، ڪرشنا جي سياسي ڪردار بابت اسان کي سوچڻ نه گهرجي، اهو ته ڪرشنا کي فيصلو ڪرڻو آھي ته هوء تاريخ ۾  ڪهڙي ڪردار ۾ جيئڻ گهري ٿي، ڇا هوء تاريخ ۾ روپلي جي وارث ثابت ٿيندي يا پارٽي پاليسين سبب ايوان سان گڏ تاريخ ۾ به خاموش رهندي؟ ڪرشنا کي هيءُ موقعو مليو آھي، جيئن هن ٿري لباس پائي  پوري ايوان ۽ ميڊيائي ڪئمرائن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو،  ائين ئي هُن کي هڪ حقيقي جمهوريت پسند ۽ وطن دوستي جو ڪردار ادا ڪري، اهو ٻڌائڻو پوندو ته اصول روايتي اقتدار کان مٿانهان هجن ٿا،