پي آءِ اي وٺندڙ کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان/ شيرمحمد سولنگي



حڪومت پي آءِ اي وٺڻ وارن کي اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ ۽ موجوده خسارو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت ٻن وڏن مسئلن جو شڪار آهي. اسٽيل مل بند پئي آهي، جيڪو به اسٽيل مل ۽ پي آءِ اي (پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز) جا قرض ادا ڪندو. ان کي اهي ٻئي ملڪي ادارا مفت ۾ ڏينداسين. خبر موجب هن چيو ته حڪومت پي آءِ اي کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان به ساڳي ڪوشش ۾ آهيون. معاشي ماهر حيرت انگيز بيان ڏيندي چيو آهي ته جيڪو به اسٽيل مل جو قرض ادا ڪندو کيس مل مفت ۾ ڏني ويندي. ياد رهي ته ان کان اڳ مشرف دور ۾ اسٽيل مل جي نجڪاري خلاف ٻنهي ن ليگ ۽ پ پ سخت مخالفت ڪندي، ان کي ملڪ دشمن قرار ڏنو. هوڏانهن وزيراعظم جي ناڻي بابت مشير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ جي حوالي سان سموري ڪارروائي مقرر ڪيل نظام ۽ وقت اندر مڪمل ڪئي ويندي. ناڻي وزارت، ٻيون وزارتون ۽ کاتا ان سلسلي ۾ گڏيل سهڪار سان بجيٽ جي تياريءَ ۾ مصروف آهن. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن سال 19-2018ع جي بجيٽ جي تيارين جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ناڻي وزارت جي مختلف شعبن جي سربراهن طرفان کيس بجيٽ تياريءَ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. مفتاح اسماعيل کي ٻُڌايو ويو ته بجيٽ جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ تفصيلي اجلاس رکيو ويو آهي. ان موقعي تي مفتاح اسماعيل چيو ته مختلف شراڪتدارن طرفان وصول ٿيندڙ تجويزن کي بجيٽ جي تياريءَ دوران ان تي نظر رکڻ گهرجي. هن بجيٽ متعلق مختلف پيپرز جي بروقت پرنٽنگ کي يقيني بنائڻ تي به زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ سان حڪومت جي جٽادار اقتصادي ترقيءَ جي حوالي سان کنيل قدمن جي عڪاسي ظاهر ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته ناڻي وارو صلاحڪار اڳ ئي چئي چڪو آهي ته بجيٽ 27 اپريل تي پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ناڻي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي 659 ملازمن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هوابازي واري انچارج لکت ۾ جواب ڏنو جنهن موجب قومي هوائي ڪمپني جي 659 ملازمن جون ڊگريون ڪوڙيون ثابت ٿيون، جن مان 391 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي، 251 ملازمن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته 17 ملازمن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي هوابازي ڊويزن واري انچارج پي آءِ اي جي خساري جي تفصيل به ايوان ۾ پيش ڪئي. جنهن موجب 2009 ع ۾ قومي ايئر لائين کي 13 ارب 13 ڪروڙ، 2010ع ۾ 8 ارب 58 ڪروڙ، 2011ع ۾ 28 ارب 3 ڪروڙ، 2012ع ۾ 29 ارب 76 ڪروڙ، 2013ع ۾ 42 ارب 98 ڪروڙ جڏهن ته 2017ع ۾ قومي ايئر لائين کي 43 ارب 65 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو. جڏهن  ته نيب حڪومت کي 40 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ آمريڪا ۾ نامزد پاڪستاني سفير علي جهانگير صديقي کي طلب ڪري ورتو آهي . رپورٽ مطابق نيب لاهور آمريڪا لاءِ نامزد سفير علي جهانگير صديقي کي ڪرپشن ڪيس ۾ 22 مارچ تي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. مٿس پنهنجي ئي ڪمپني جي شيئر جي ان سائيڊ ٽريڊنگ جو الزام آهي جنهن تي علي جهانگير پنهنجي ڪمپني ايگري ٽيڪس جا 11 رپين وارا شيئرز حڪومتي ادارن کي 35 رپين ۾ وڪرو ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي ادارن کي 40 ارب رپين جو نقصان پهتو. ذريعن ٻڌايو ته ان حوالي سان ايس اي سي پي جاچ ڪئي آهي، نيب ايس اي سي پي جي اها جاچ رپورٽ حاصل ڪري نيب چيئرمين کي اماڻي جنهن جي منظوري کانپوءِ نيب لاهور علي جهانگير کي جاچ لاءِ 22 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي ميمبر جمشيد دستي چيو آهي ته اسان کي تعصب، صوبائيت ۽ لسانيت کان مٿانهون ٿي ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي، هي ڊيم ٺهي ويو ته پاڪستان دنيا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو، جيڪو به ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو اهو غدار آهي، اهڙو قانون ٺاهيو وڃي ته ڪو به پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرائت نه ڪري سگهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي جمشيد دستي چيو ته ڪنهن کي ڪا مشڪل پيش اچي ٿي ته اهو ملڪ کي برو ڀلو نه چئي هي اسان جي سرزمين آهي، اسان کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اسان کي برما ۽ فلسطين جي مسلمانن جي مثال پنهنجي سامهون رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا دشمن مودي ۽ آمريڪا اسان کي ورهائڻ چاهن ٿا، جيڪو به ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪري ٿو اهو غدار آهي، اهڙو قانون ٺاهڻ گهرجي ته جيئن ڪو به پاڪستان جي خلاف ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي، هن چيو ته دريا خشڪ ٿي رهيا آهن، ملڪ کي پاڻي جي گهٽتائي جو مسئلو درپيش آهي، ملڪ ڏڪار طرف وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ڪيوسڪ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ويندو آهي، اسان کي ننڍا وڏا ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، ڪالاباغ ڊيم ٺهي ها ته سنڌ کي پاڻي ملي ها، انهن ڊيمن جي خلاف غير ملڪي ايجنڊآ آهي، اسان کي تعصب، صوبائيت ۽ لسانيت کان مٿانهون ٿي ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ گهرجي، هي ڊيم بڻجي ويو ته پاڪستان دنيا جو ترقي يافته ملڪ بڻجي ويندو.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي سياست جو مقصد عوام کي دوکو ڏيڻ آهي جڏهن ته اهي ماڻهو هميشه کان ئي چور دروازي مان اقتدار ۾ اچڻ جا خواهشمند آهن. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عدالتي سڌارا اسان جي ايندڙ اليڪشن منشور جو حصو هوندا، سڌارا وقت ۽ قوم جي ضرورت آهن. تحريڪ عدل لاءِ ڪنهن انٽرنيشنل فرم جون خدمتون نه ورتيون آهن، اسان وٽ پنهنجو مواد گهڻو آهي، اسان ڪو نيب ته ناهيون جو عالمي فرم جون خدمتون وٺون جڏهن ته سڌارن جو دروازو هر وقت کليل رهڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته عام حالتن ۾ کوڙ ساريون شيون سامهون نه اينديون آهن پر امتحان جي دور ۾ کوڙ ساريون شيون واضح ٿي وڃن ٿيون، مون کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو پر اسان شفاف چونڊن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جو هڪ چونڊيل صوبائي حڪومت کي هٽايو ويو، ڪير آهي هي سنجراڻي، سندس پٺيان جيڪي آهن انهن جي سڀني کي خبر آهي، 6 ماڻهن جي گروپ کيس نامزد ڪيو ۽ هو ايندي ئي سينيٽ جو چيئرمين بڻجي ويو.گهرو معاملن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ لاپته ماڻهن بابت پنهنجو لکت ۾ جواب ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.  رپورٽ مطابق وفاقي گهرو وزير احسن اقبال طرفان لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاپته ماڻهن جو ڪل تعداد 1640 آهي جن ۾ سنڌ جا 142 ماڻهو لاپته آهن جن مان گهڻن جو تعلق ڪراچي سان آهي. احسن اقبال ٻڌايو ته جبري گمشدگين بابت ڪميشن آف انڪوائري جي آخري ماهوار رپورٽ 28 فيبروري تي آئي، ڪميشن سنڌ جي 1217 مان 1075 ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن

No comments:

Post a Comment