انسان
عمر جي لحاظ کان به بدلبو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان حالات جي هٿان مجبور ٿي به بدلبو
آهي،اها انسان جي فطرت آهي ته هُو غلطي ڪري،ڇو ته انسان انسان آهي غلطيون انسان
کان ئي ٿينديون آهن،پر اهو انسان سڀ کان بهتر ۽ افضل آهي جيڪو غلطي ڪري وري ان
غلطي کي تسيلم ڪري ۽ ان جي معافي وٺي،اهڙا انسان عظيم ۽ قابل تعريف هوندا آهن.پر
ڪو انسان اکين ڏٺي غلطي به ڪري ۽ انهي غلطي کي تسليم ڪرڻ مڃڻ ته پري جي ڳالهه آهي،
پر جيڪڏهن اهو انسان غلطين مٿان غليطيون ڪندو رهي ته پوءِ انهي انسان کي ڇا
ڪجي..انهي انسان کي سندس حال تي ڇڏي ڏني يا کيس پنهنجي غلطي جو احساس ڏيارجي،جئين
جو پنهنجي غليطين مان سبق سکي ڪري وري اڳيان غلطيون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.. ڪالهه
ڪراچي شهر اندر ڊائويونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فهيم عارف اهو چئي انهي يونيورسٽي ۾
موجودهه ڊاڪٽرياڻي رابعا بيبي کي شوڪاز نوٽيس موڪيلو ته هن مريضن سان سنڌي ۾
ڳالهيون مونکي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته فهيم عارف کي ڪهڙو نالو ڏيان جيڪڏهن هن وقت
مان کيس غدار چوان سنڌي ٻولي دشمن چوان يا ديس دشمن چوان ته سمورين ڳالهين مان
ڪجهه به غلط نه ٿيندو خبر ناهي فهيم عارف ڪهڙي سوچ ۽ نظريي جو انسان آهي.اهڙي خوار
اسان جي بابت
سندس ذاتي زندگي تي جيڪڏهن ويهي حقيقتون
لڪجن ته ته مان سمجهان ٿو ڪيترا ڏينهن لڳي وڃن پر پوءِ به اوهان کي فهيم عارف بابت
ڪجهه حقيقتون ضرور ٻڌائيندو هلان،هوُ انهي پارٽي جو مميبر آهي جنهن جو اڳواڻ الطاف
پنهنجي ڪيل تقرير تي ڪڏهن ناهي بيٺو،سندس پارٽي جي ڪرپشن کان ويندي ،ڀتا
خوري،ٽارگيٽ ڪلنگ جا الزام هجن پر الطاف مڃڻ لاءِ تيار ناهي،پارٽي جي انهن ماڻهن
کان لاتعلقي ڪندي دير ناهي ڪندو جنهن تي حڪومت پاڪستان اندر اکين ڏٺو مجرم ثابت
ٿيو هجي،پاڻ سنڌ جو پٽ سڏرايئيندي فخر محسوس ڪندو آهي،۽ انهي سنڌ کي ٻن ٽڪرن ۾
ورهائڻ لاءِ مطالبا به ڪندو آهي،ڪراچي اندر امن جي بحالي لاءِ تقريرون ڪندو آهي ته
ڪراچي تي سرزمين کي ٽاندو ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندو آهي،ڪڏهن ڪارڪنن جي قتل ٿيڻ تي
انڇارون ڏيندو آهي ته وقت ۽ حالات اهي ڪارڪنن جا قتل سندس لڪايت ٿيلهي مان ڪڍندا
آهن،پارٽي تي لڳل “را“ کان فنڊنگ جا الزام رد به ڪندو آهي ته ٻئي طرف انهي کان
مدد جي اپيل به گهرندو آهي،ڪڏهن پارٽي جو سچو سربراه ٿي پارٽي جون واڳون سنڀاليندو
آهي ته ڪڏهن انهي پارٽي مان بيرار ٿي پوندو آهي،ڪڏهن پارٽي جي حق ۾ ويهي نعرا
هڻندو آهي ته ڪڏهن پارٽي تان استيفيٰ ڏئي ڇڏيندو آهي،ڪڏهن سياست جي ميدان کي راند
جو ميدان سمجهي راند کيڏڻ جي لائق سمجندو آهي ته انهي سياسي ميدان اندر پنهنجي
مخالف سياسي پارٽين جي عهديدران تي ويهي ڇهه ڇنديندو آهي،ملڪ جو ڪو اهڙو
سياستدان ناهي جيڪو انهي کان بچي سهگيو هجي سياست جي راند ۾ هن اسلامي پارٽين جي
به بخش ناهي ڪيو،اهڙي پارٽي سان تعلق رکندڙ آهي هي فهيم عارف ڊائو ميڊيڪل
يونيورسٽي انتظاميا ميڊيڪل آفيسر رابعا بيبي کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان روڪيندي کيس
اردو يا انگريزي زبان ۾ ڳالهائڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو، سنڌي ڳالهائڻ تي کيس شوڪاز
نوٽيس جاري، صحت کاتي نوٽيس ورتو،جاچ جو حڪم تفصيل موجب سنڌ جي
گادي واري شھر ڪراچي جي ڊائو ميڍيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي رابعه بيبي کي سنڌي ۾ ڳالھائڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري
ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر رابعا بيبي سي سي يو ۾ رائونڊ دوران مريضن سان سنڌي ۾
ڳالھايو جنھن تي ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر مٿس مڇرجي پيو ته سنڌي ۾ ڇو ڳالھايو؟
ان بعد ڊائو
يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل قاسم جي صحيح
سان ڊاڪٽر رابعا بيبي کي ليٽر جاري ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي
وضاحت طلب ڪئي وئي، هوڏانهن صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي معاملي جو
نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فضل الله پيچوهو جو
چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي ڪا به
حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين
ڊاڪٽر سهراب سرڪي به ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان روڪڻ
واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر کي طلب ڪري ورتو آهي، ڊاڪٽر سهراب
سرڪي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اهڙي حرڪت ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف
قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ڊائو يونيورسٽي ۾
ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو اهو
معاملو وڏي وزير آڏو کڻندو، صوبائي
وزير سردار شاهه ميڊيا
سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪو چريو ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي
پابندي برداشت نه ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جو ڊاڪٽر رابعا کي
سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج، تفصيل موجب ڊائو ميڊيڪل
يونيورسٽي جي ملازمن ڊاڪٽر رابعا کي نوٽيس ملڻ واري معاملي تي يونيورسٽي ۾ گڏ ٿي
احتجاج ڪيو ان موقعي تي ملازمن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع
ڪندڙ اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان عمل سان تعصب وڌندو ۽ يونيورسٽي جي ساک
کي نقصان پهچندو. ڪراچي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سعيد قريشي ڊاڪٽر
رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي
جوڙي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وائيس چانسلر پروفيسرسعيد قريشي چيو ته ڊاڪٽر انوار
جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن کي 3 ڏينهن ۾رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي
آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي ۾ سنڌي
يا ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي نه هوندي آهي، هن چيو ته ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر
فھيم عامر کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو ڪنهن ڊاڪٽر کي مريض سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ
کان منع ڪري.انهي ڪري هن وقت جيڪو فهيم عارف ڳالهيو آهي انهي تي پوري سنڌ ناراض
آهي ۽ پوري سنڌ اندر ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي،انڪري حڪومت سنڌ کي انهي معاملي جو
جلد کان جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي جهڙي ريت فهيم عارف رابعا بيبي کي شوڪاز نوٽيس موڪليو
آهي اهڙي ئي ريت سندس خلاف نوٽيس موڪلي ڪري کيس پنهنجي عهدي تان جلد کان جلد فارغ
ڪيو وڃي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment