اسانجي
ٻولي تي هر دور ۾ حملا ٿيندا رهيا آهن هاڻي ته حد ٿي ويئي آهي اسين جيڪڏهن نه
جاڳياسين ته پر اهڙا ڪلوڙ روز ٿيندا ۽ اسان ڪجھھ نه ڪري سگهنداسين فيس بڪ تي خالي
پوسٽ رکڻ سان ڪجھھ نه ٿيندو ڪو عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي . ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي
انتظاميا ميڊيڪل آفيسر رابعا بيبي کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان روڪيندي کيس اردو يا
انگريزي زبان ۾ ڳالهائڻ لاءِ پابند بڻائي ڇڏيو، سنڌي ڳالهائڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس
جاري، صحت کاتي نوٽيس ورتو،جاچ جو حڪم تفصيل موجب سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي
ڊائو ميڍيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي رابعه بيبي کي سنڌي ۾ ڳالھائڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر
رابعا بيبي سي سي يو ۾ رائونڊ دوران مريضن سان سنڌي ۾ ڳالھايو جنھن تي ڪارڊ
يولاجسٽ ڊاڪٽر فھيم عامر مٿس مڇرجي پيو ته سنڌي ۾ ڇو ڳالھايو؟ ان بعد ڊائو يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افضل
قاسم جي صحيح
سان ڊاڪٽر رابعا بيبي کي ليٽر جاري ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ سنڌي
ڳالهائڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي، هوڏانهن صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فضل الله
پيچوهي معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فضل
الله پيچوهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ قانون جي ڀڃڪڙي
آهي، اهڙي ڪا به حرڪت برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ
ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر سهراب سرڪي به ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ۾
ڳالهائڻ کان روڪڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر محمد فهيم عامر کي طلب ڪري ورتو
آهي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اهڙي حرڪت ڪندڙ
ڊاڪٽر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽرياڻي کي سنڌي ڳالهائڻ
کان روڪڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو اهو معاملو وڏي وزير آڏو کڻندو، صوبائي
وزير سردار شاهه ميڊيا
سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪو چريو ئي ڪري سگهي ٿو، اهڙي
پابندي برداشت نه ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جو ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪرڻ
واري عمل خلاف احتجاج، تفصيل موجب ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن ڊاڪٽر رابعا کي
نوٽيس ملڻ واري معاملي تي يونيورسٽي ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ملازمن مطالبو
ڪيو ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪندڙ اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ان
عمل سان تعصب وڌندو ۽ يونيورسٽي جي ساک کي نقصان پهچندو. ڪراچي ڊائو ميڊيڪل
يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سعيد قريشي ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ کان منع
ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عوامي
آواز سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسرسعيد قريشي چيو ته ڊاڪٽر انوار جي
سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن کي 3 ڏينهن ۾رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي
آهي، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي ۾ سنڌي
يا ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي نه هوندي آهي، هن چيو ته ڪارڊ يولاجسٽ ڊاڪٽر
فھيم عامر کي ڪو به اختيار نه آهي ته هو ڪنهن ڊاڪٽر کي مريض سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ
کان منع ڪري. جيڪڏهن
ڊاڪٽر
فھيم عامر ايترو نوڪري سان چاھ رکندڙ آهي ته ان جي شهر ڪراچي جي جناح اسپتال مان
گرفتار ٿيل جعلي ڊاڪٽرياڻي طرفان ٻن سالن کان سوشل ميڊيا تي ڪلينڪ هلائڻ جو انڪشاف
ٿيو آهي. پوليس ذرين موجب ڊاڪٽرياڻي جا هڪ مشهور گائنو لوجسٽس سميت ڪيترن ئي
سرڪاري ڊاڪٽرن سان رابطا هئا.
ذريعن
موجب ڊاڪٽرياڻي وٽان هٿ ڪيل ٽن مان ٻن موبائل فونز جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪئي وئي آهي
جڏهن ته هڪ موبائيل فون خراب هئي. موبائل فون جي فارنزڪ ٽيسٽ موجب عورت 2016ع کان
ڊاڪٽر علي سان رابطي ۾ هئي جڏهن ته جناح اسپتال جي هڪ گائنو لجسٽ سان به سندس
رابطو هو. پوليس
موجب جعلساز عورت ڊاڪٽرن کي ميسيج ڪري بيماريون ٻڌائيندي هئي جنهن تي ڊاڪٽر کيس
نسخا ٻڌائيندا هئا جيڪا ڊاڪٽرياني مريضن کي ميسيج ڪندي هئي. پوليس جي جاچ آفيسر
جناح اسپتال جي ڊاڪٽر ثمرين، اسٽاف آفيسر ۽ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار کي بيان قلمبند
ڪرائڻ لاءِ نوٽيس به موڪليو ويو پر هوءَ ويمن ٿاڻي نه پهتي، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو
ڏاڍا مهمان نواز آهن، پاڪستاني عوام ڪڏهن به دهشتگردي کي قبول ناهي ڪيو، پاڪستاني
فوج قربانيون ڏئي پوري
پاڪستان ۾ امن ڪرايو. آمريڪي ڊپٽي ڪونسل جرنل جان رابسن اهڙن خيالن
جواظهار ڄام نوازعلي ۾ ڄام فاروق علي پاران ڏنل مانجهائيندي جي دعوت تقريب بعد
صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي نئين حڪومت ۽ پاڪستان جي تعلق کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، برابري
جي بنياد تي تعلقات بهتر ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف اسان جا سياسي ماڻهو صرف خالي کوکلا
بيان ڏئي رهيا آهن پر هنن ڪو به عملي ڪم نه ڪيو آهي. ورڪس ۽
سروسز جي صوبائي وزير امداد پتافي ٽنڊوڄام ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو.
انهي سلسلي ۾ ڊوڪجي روڊ ڪمپني پاران
“گو
گرين پاڪستان” جي نالي
سان شروع ڪيل وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ کيسانو موري ويجهو ڊوڪجي جي ريسٽ ايريا بلڊنگ
۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل
ڪمشنر معمر مرزا، ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار آفتاب
احمد نظاماڻي، ضلعي چيئرمين حيدرآباد بدر احمد ميمڻ، چيف ڪنزرويٽور اعجاز نظاماڻي،
ڊي ايف او رضوان ميمڻ، ذيشان ميمڻ، شاهد عباسي، مير عادل جمالي سميت مختلف سياسي
سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير امداد پتافي چيو ته اڄ جي
دور ۾ سڀني کي وڻن ۽ وڻڪاري جي اهميت جو احساس ٿي ويو آهي. سنڌ سرڪار وڌ کان وڌ وڻ
پوکڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ گهربل قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي ترقياتي منصوبن
دوران به وڻن ۽ ماحوليات کي نقصان پهچڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته
ڊوڪجي ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران تعمير ڪيل حيدرآباد ميرپور خاص روڊ هڪ مثالي منصوبو
آهي. جڏهن ته ڪمپني پاران گذريل ٽن سالن کان ڪيل وڻڪاري روڊ جي حسن ۾ اضافو آندو
آهي. هن چيو ته اسان کي هن اداري پاران وڻڪاري جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ
گهرجي ۽ پوکيل ٻوٽن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. ڊوڪجي روڊ ڪمپني جي سي اي او انتصارالدين
تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد ميرپور خاص روڊ ۽ آسپاس جي علائقي کي سرسبز ۽
وڻڪاري وارو بنائڻ لاءِ گذريل ٽن سالن کان ڪوششون وٺي رهيا آهيون. گذريل ٽن سالن
دوران هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائي چڪا آهيون ۽ انهن جي محنت سان سنڀال ڪندا رهيا
آهيون پر مختلف زميني حالت سبب اڪثر ٻوٽا ضايع ٿي پيئي ويا. پر هاڻي حڪمت عملي
تبديل ڪري وڻڪاري جي پائيداري ۽ ٻوٽن جي بهتر سنڀال لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. تقريب
کي ڪمپني جي جنرل مينيجر ڪرنل احمد رضا خطاب ڪندي چيو ته هن منصوبي ۾ ٽي سو مقامي
ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. جڏهن ته ڪمپني پاران ڊسپينسري، ايمبولينس سروس،
دسترخوان، شاگردن لاءِ اسڪالرشپ سميت مختلف فلاحي ڪم پڻ جاري آهن. انهي کان اڳ
صوبائي وزير امداد پتافي ڏيٿا اسٽاپ ٽول پلازا وٽ ڊوڪجي روڊ ڪمپني پاران نصب ڪيل
جديد سي سي ٽي وي سسٽم جو افتتاح پڻ ڪيو. تقريب ۾ ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين
مهمانن پڻ ٻوٽا لڳايا. تقريب ۾ ضلعي ڪائونسلر فقير اقبال پهوڙ، جاني ٻرهام، حاجي
شاهد جوڻيجو، فرمان کٽياڻ، رٽائرڊ ايئر ڪموڊور خواجه نيئر، نور محمد خان، جعفر علي
نقوي، نفيس سپيو، نثار خان کٽياڻ، علي نواز ڏاهري سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن
جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو
آهي ته پ پ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غير جمهوري روين سنڌ کي معاشي تباهي ۽ انارڪي
کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي. هن چيو ته پ پ حڪمرانن جي اقتدار جا 10 سال سنڌي
ماڻهن لاءِ بک بدحالي ۽ تذليل جو سبب بڻيا آهن، جمهوريت ۽ شهيدن جي نالي تي ووٽ
وٺي عوام سان ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عوام کان ووٽ وٺندڙ پ پ حڪمران
اڄ سنڌ جي ڪنهن به بنيادي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته ڪرپشن ڪري سمورن ادارن کي تباهه
ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته سنڌ
جي نجات موجوده جاگردار حڪمرانن کان چوٽڪاري ۾ آهي، جيستائين هي حڪمران هوندا سنڌ
۾ خوشحالي نه ايندي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻھو هنن حڪمرانن کي ووٽ ڏيڻ بند ڪن، ڇو ته
هي عوام جي ووٽ تي اقتدار ۾ اچي عوام کي وساري صرف پنهنجي مال ملڪيت ٺاهڻ ۾ مصروف
آهن. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي قوميتن ۽ سنڌ جي دوست اميدوارن کي عوام
پارليامنٽ ۾ آڻي جيئن سنڌ جو مقدر تبديل ٿي سگهي. هي ڪوعام مسئلو نه آهي جي هاڻي
به اسين سنڌي نه جاڳياسين ته پوءَ اسان کي سنڌي ۾ ڳالهائڻ کان به روڪيو
ويندو.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment