پاڪستان
۾ مارشلا وارو نخسو ڪيئي دفعا استعمال ٿيو پر رياست جي لاءِ سٺا نتيجا ڏيئي نه
سگهيو رياست مختلف مسلن ۾ فاسندي رهي آهي. جهموري نخسو بي سٺا نتيجا ڏيئي نه سگهيو
ڇو ته جهموريت اصولن تي نه هلايو ويو حڪمران عوام جي ووٽن جو ميڊت حاصل ڪري بادشاھ
ٿيا جن جهموريت جي ٻن بنياد اصولن آئين جي حڪمراني ۽ گڊگورننس کي نظرانداز ڪندا
رهيا آهن.جنهن جي نتيجي ۾ عوام پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رهي آهي. ملڪ جا
رياستي ادارا غير فعال زوال طرف ٿيندا رهيا امن امان قائم جو بنيادي ادارو پوليس
سياسي مداخلت سبب ناڪاري ٿي چڪو آهي.رياست جا معاون ۽ عوام جا خادم ٿيڻ بجائي
رياست جي بار ٿيڻ لڳا آهن.پاڪسان جا مقدس اعليٰ طاقتور ادارا آئين نخسو آزمائڻ جو
فيصلو ڪيو آهي.جيئن ملڪ کي مڪمل بربادي کان بچايو وڃي انهيءِ نخسي جي مطابق
جهموريت جو تسلسل به قائم ٿي سگهي ٿو. چونڊيل نمائيندن تي آئين رٿ به قائم ڪئي
ويندي جيئن رياست جي مقدس ادارن ۾ گڊگورننس آئين حڪمراني هڪ جهڙو شفاش احتساب ۽
جهموريت جو تسلسل کي قيمتي بڻايو وڃي. جن ماڻهن تي عوام جو اعتماد ڪن ٿا. انهن جو
به آئين فرض هوندو آهي.ته هو عوام جا بنيادي حق ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪن ڪرپشن جي
پئسن مان پنهنجا گهر ڀرڻ کي اهميت نه ڏين ڪجهه عوام جي خدمت ڪن اهوئي آئين فرض
آهي.پر هئي آئين شڪن مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياستدان جهموريت سان وفاداري وارو
ساٿ نٿا نڀائين تڏهن ته گڊگورننس ۽ آئين جو حڪمراني ڪمزور ڪندڙ حڪمران آهن.تڏهن
جهموريت جو فائدو عوام کي نٿو ملي پاڪستان ۾ خراب حڪمراني ڪرپشن بدامني لاقانونيت
نظر اچي رهي آهي.مڪلي عوام بنيادي سهولت کان محروم اهي جنهن ۾ صاف پاڻي جو مسئلو
معياري تعليم صحت جون سٺيون سهولتون موجود ناهن جلد انصاف ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
لکن جي تعداد نوجوان بيروزگار موجود آهن. غريب عوام کي جان مال جو تهفظ حاصل ناهي
عوام پنهنجي ضروري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ ادارن سان عوام گڏيل آهي.آئين نخسو
تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن عوام ووٽ صادق ۽ امين کي ڏيندو. جيڪو 62.23 تي پورو لهي
رياست صحت مند تڏهن ٿيندي انهيءِ نخسي سان جهموريت به هلندي رهندي هن وقت پاڪستان
۾ روزاني ورز وڌنڌڙ مسئلا عام ماڻهو جڳ جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.وري هوڏانهن
حڪمرانن جو اقتدار جي جنگ عام کي الڳ پريشان ڪيو آهي.نااهل حڪمرانن جي ڪري عوام
رڳو سوچيندو رهي ٿو.اسان جيڪڏهن چوءِ طرف پنهنجي نظر فرائينداسين ته قدم قدم تي
عام ماڻهو ظلم ستم جا شڪار ٿيندي نظر ايندو.عام جو پنهنجو وجود پنهنجي ذات تائين
محدود رکڻ ٿو چاهي.اڄ به ماڻهو ماڻهو سان جهڙي ۾ مصروف آهي.اڄ به محنت ڪرڻ وارن
کان وڌيڪ محنت ڪرڻ وارا عياشين واري زندگي گذاري رهيا آهن.اڄ هن ڌرتي تي حق ڇنبڻ
واري جي گهٽ تائين ناهي رهي اڄ به مائين جا ڌرپٽ ڀنگ جي بدلي اغوا ڪيا وڃن ٿا.انهن
امڙين جون سسڪيون دانهون ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي اڄ به ڪيترن مائن جا لال دهشتگردي
جي نشاني تي اچي شهيد ٿين ٿا.انهن بي ڏوهي قتل ٿيل جو ڪوبه حساب وٺڻ وارو ناهي
رهيو.اڄ به نوجوان نسل تعليمي ادارن ۾ غير محفوظ آهن.انهن جي حقن ڪوبه آواز اٿارڻ وارو
ناهي رهيو اڄ به پوڙهو پيءُ ماءُ نوجوان اولاد جا لاش ڏسي رهيا آهن. لٺ جو سهارو
وٺي ضعيف جهور پوڙهو انصاف جي خيرات وٺڻ لاءِ عدالتن جا چڪر ڪٽيندي نظر اچن ٿا. پر
اڄ انهن کي موت جون ڌمڪيون ڏيندڙ ن جي گهٽتائي ناهي اڄ به والدين ڀائرن جي عزت
آبرو جي لڄ رکڻ واريون نياڻيون بي آبرو ٿي رهيون آهن. ڪوبه انهن جي سر تي هٿ رکي
سرپرست ٿيڻ لاءِ تيار ناهي اڄ به انهن سال جا سال عدالتن جا چڪر کائيندي ڏسو
ٿا.اهو وطن جنهن جي بنياد مضبوط تي مستقبل تي رکي ويئي هئي.اڄ کان وطن جو بنياد
دوکو کليون ڪرڻ وارا ان جا پنهنجا ئي سپوٽ آهن.پوءِ اهي ڪهڙي ڳالهه جا آزاد نعرا
لڳائين ٿا. آخر ڪار اهو ڪيستائين تماشو هلندو رهندو ڪيستائين انهن جو ناٽڪ هلندو
رهندو انهن کي ووٽ انهن ۾ اميدون رکڻ اسان جي بيوقوفي هوندي اها ڳالهه اسان جي
لاءِ وڏي سوچڻ جي هوندي ڇو ته هن وقت اسان جو سماج اليڪٽرانڪ ميڊيا پرنٽ ميڊيا ۽
انٽرنيٽ جو دور هيٺ هلي رهيا آهن جيڪو عام
جي استعمال هيٺ آهي.انهن انساني زندگيءَ ۾ هم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت به ظلم ڪرڻ وارا به پنهنجي ملڪي شهري آهن.۽ ظلم
سهڻ وارا به پنهنجي ملڪ جا شهري آهن. اهڙيون غلط راهون ڇو اختيار ڪيو ويون
آهن.اسان جي حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهي ادارن جي ٽڪراءُ واري سياست نه ڪن ادارن جي
ٽڪراءَ واري جنگ ۾ ملڪ جي عوام جو وڏو نقصان ٿيندو.ملڪي ادارن کي سياسي ادارن جو
بحرانن جو شڪار نه بڻايو هلندڙ سال ۾ عالمي بئنڪ اعلان ڪيو آهي ته مالي سال 2018 ۾
پاڪستان جي جي ڊي پي 5.2 سيڪڙو رهندي جيڪا گذريل 9 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.ورلڊ
بئنڪ اهو به چيو آهي ته اها انهيءِ هلندڙ مالي سال ۾ اها شرح 5.5 سيڪڙو ٿي سگهي
ٿي.ايندڙ سال 2019ع ۾ انهيءِ جو 5.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جيڪو
پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ هر مهيني ۾ اضافو ڪندي نظر اچي ٿي.پيٽروليم جي اسمن ۾
اضافو ڪرڻ سان عوام کي جهڙي طرح مهانگائي لي منهن ڏيڻو پوي ٿو.ڇوته حڪومت جي طرف
کان چيڪ اينڊ بيلنس نه هجڻ جي صورت ۾ ٽرانسپورٽرز کان وٺي ذخيرا فروش تائين ڪرائين
۽ قيمتي من مان ۾ اضافو ٿيندي ڏسون ٿا. بهانو اهو ٺاهين ٿا ته پيٽرو جي قيمتي ۾
اضافو ٻڌايو وڃي ٿو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمتن ۾ اضافي جو اثر ٽرانسپورٽ ۽ عوام
تي پوي ٿو.پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان عوام جا عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ به
اثر پوي ٿو.جن جي قيمت وڌي وڃي ٿو. وڏو افسوس ان وقت ٿيندو آهي.ته پيٽرول جي قيمتن
گهٽ ٿيڻ سان عوام جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي وڌيل قيمتن ۾ گهٽ تائين ناهي
ٿيندي.اها هالت ٽرانسپورٽ جي هوندي آهي انهيءِ سان مهانگائي جو گراف وڏو نظر اچي
ٿو.پر حڪومت انهيءِ تي ڪنٽرول جو ناهي سوچيندي اهڙي مهانگائي واري مسئلي تي ناڪام
ٿيندي نظر ايندي آهي.وفاقي گھڪومت جي اهڙن غلط فيصلن جي ڪري سزا عوام کي ملندي
آهي. هن وقت حد کان وڌيڪ مهانگائي ۽ ٽيڪسن جا بار عوم پٺيان آهن.عوام جي احتجاج
بعد پيٽرول جا قيمتن ۾ به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي.هر مهيني پيٽرول جي قيمت وڌڻ وفاقي
حڪومت پنهنجي شهنشاهي ۽ بادشاهت وارا فيصلا ڏيندي نظر اچي ٿي.اهو ڏاڍ مڙسي وارو شيڊول
ڪيستائين عوام تي مڙهيو ويندو سياستدان حقيقت کي به چشم پوشي ڪندي نظر اچن
ٿا.اوگرا جي طرف کان جاري ٿيل پيٽرول جون قيمتون هر مهني وڌڻ وارو سلسلو جاري
آهي.جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 3.56 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾
6.28 في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 2.62 في ليٽر ۾ اضافو
ٿيو آهي.لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت هڪ روپيو في ليٽر ۾ اضافو ڪيو ويوآهي. وفاقي حڪومت
ملڪ جي ادارن کي هاڻي انهيءِ ڳالهه يقيني مڃڻو پوندو ته پيٽرول جي اسمن جي قيمت ۾
اضافو ٿيل سان عوام لاءِ وڌيڪ مهانگائي ٿي سگهي ٿي.۽ ٽرانسپورٽرن جو مني سستيون
وڌي وينديون جن جي ڏاڍ مڙسي کي روڪڻ حڪومت لاءِ به چئلينج هوندو. ٽرانسپورٽرن جي
ايڏي تي وڏي ڏاڍ مڙسي ٿيندي آهي جو هو في ماڻهو تي 10 روپيه ڪرايو وڌائي ڇڏيندا
آهن.جيڪڏهن ننڍو سفر آهي. ته وڏي سفر تي 50 روپيه في ماڻهو تي ڪرايو وڌايو ويندو
آهي.جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽ ٿين ٿيون ته مجال آهي ڪرايو گهٽ ڪن ٽرانسپورٽرن جون
اهي ماشيون هلنديون رهنديون آهن.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment