سنڌ ۾ جيڪي مسئلا هوندا آهن انهن جي نشاندهي يا حل ان وقت تائين ممڪن
ناهي هوندو جسيتائين ان مسئلن جا شڪار ماڻهو احتجاج ۽ دانهون نہ ڪن، ايئن ڪيترائي معاملا آهن جن جو حل احتجاجن کان سواءِ ممڪن نٿو
بڻجي، پر هن معاشري ۾ انهن ماڻهو کي اهڙي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ معاشري جي ماڻهن
کي لڳندو آهي تہ هي خوام خواهہ احتجاج ڪن پيا ۽ ايئن کڻي چئجي تہ هنن جو ڪم ئي اهو آ، ٻيو تہ وري احتجاج ڪندڙن جي دانهن اعلي ايوانن تائين پهچائڻ وارا صحافي
هوندا آهن، صحافت عبادت آهي پر ڪجهہ صحافي هاڻي اهو ڪم ڪن ٿا جنهن سان نہ رڳو احتجاج ڪندڙ مايوس ٿين ٿا پر انهن کي ڏُک بہ ٿئي ٿو تہ اسان جي مسئلي کي اڳيان پهچائڻ ۾ بہ صجافي ''پنهنجي ڳالهہ'' پهريان ڪن ٿا بعد ۾ اسانجي ڳالهہ لکن ٿا، معاشري ۾ مسئلن جي شڪار ماڻهن جي احتجاج کي مزاق سمجهيو وڃي
ٿو پر انهن جي حقيقت ڪير نٿو سجهي، پر معاشري کي ڇڏي ڪري هڪ صحافي کي ڏسجي تہ اهو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنهنجي قلم کي ڪهڙي رنگ سان ٿو استعمال ڪري، ڪٿي
اهو رنگ تہ نہ جيڪو احتجاج ڪندڙن جي لاءِ ڪو بہ فائدو نہ هجي، هڪڙا احتجاج هوندا آهن چوريون ٿيڻ خلاف، هڪڙا هوندا آهن سرڪاري
طور تي علاج ڪرائڻ يا نوڪري ڏيارڻ لاءِ، هڪڙا وري اهڙا مسئلا هوندا آهن جنهن ۾
ڪنهن گهٽي، پاڙي يا شهر جي بنيادي مسئلن جي دانهن هوندي آهي، اهي احتجاج ۽ اها
دانهن ايوانن تائين پهچائڻ ۾ صحافي جو وڏو ڪردار هوندو آهي پر جيڪڏهن ڪو صحافي ان
ڪردار تي پاڻ ئي آڱريو کڻي تہ ان کي ڇا ڪجي؟ ان کي اصلاح ئي ڪري سگهجي ٿي، اڄ هن خط ذريعي انهن کي
اصلاح ڪجي ٿي، گهڻا احتجاج اخبارن ۾ نظر ايندا آهن جن ۾ دانهن هوندي آهي، انهن
دانهين ماڻهن کي اخباري ۽ چينل رپورٽرن ۾ اميد هوندي آهي تہ اهي اسانجي دانهن ايوانن تائين پهچائيندا، ايئن آهي بہ، پر ڪي صحافي صحافت جي آڙ ۾ اهو ظلم ڪري رهيا آهن جنهن سان دانهون
ڪندڙن جي دل آزاري ٿئي ٿي، صحافت جو پيشو بہ هڪ عبادت آهي پر ان جي آڙ ۾ اهڙو ظلم ڪرڻ ان صحافي کي بلڪل بہ نٿو جُڳائي، الميو هي بہ آهي تہ صحافت جي ''ص'' کان بہ ڪير واقف نہ هجي ۽ اهو بہ صحافي ٿي وڃي تہ پڪ ڄاڻو تہ معاشري جي ڀلائي تہ نہ ٿيندي پر رهندو ئي معاشرو پوئتي ڌڪجي ويندو، ڇو جو ان ماڻهو کي نہ ڪا ڄاڻ هجي نہ سڃاڻ هجي تہ اهو ماڻهو ڪيئن ٿو ڪنهنجو ڀرجهلو ٿي سگهي؟ لازمي آهي ان جي ذهن ۾
صرف ۽ صرف ''ڪمائي'' وارو لفظ گردش ڪندو هوندو ۽ ان جي ڪري ئي پيشي واري صحافين تي
آڱريون کڄنديون آهن، فرض ڪيو جيڪڏهن هڪ گهر جا ڀاتي جنهن ۾ عورتون ٻارڙا بہ شامل هجن، اهي ڪنهن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪن ۽ انهن جي هٿن ۾ پاڪ
ڪتاب هجي جيڪڏهن صحافي ان کان رپورٽنگ عيوض ڪجهہ رقم گهرن تہ سمجهو تہ اهو معاشري جي تباهي جو پهريون ڏاڪو آهي، ٻيو وري ڪو احتجاج ٿئي ۽
احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هجي تہ اسانجي گهر ۾ ڌاڙو لڳو آهي اسانجو الهہ تلهہ چوري ٿي ويو آهي ۽ ان کان بہ صحافي رپورٽنگ عيوض رقم گهري تہ مڪمل طور تي اسان اهو ئي سمجهون تہ هاڻي ڀلائي جو رستو سڙي چڪو آهي، اڳيان وڌڻ لاءِ تمام گهڻي اوندهہ آهي جنهن ڪري اسان اڳيان وڌي نٿا سگهون، اڄ هي اصلاحي خط انهن
صحافين لاءِ آهي جيڪي اخبارن جي آڙ ۾ انهن پريشان ماڻهن، دردن ۾ وڪوڙيل ماڻهن، ظلم
جي متاثرن، بيمار ماڻهن، تڪليفن جي ستايل ماڻهن کي وڌيڪ ستائن ٿا، اهي ماڻهو جيڪي
پريس ڪلبن کي پنهجي دانهن جو دڳ سمجهن ٿا پر جيڪڏهن صحافي انهن کي انهن مسئلن جي
دانهن اڳيان پهچائڻ ۾ ئي مدد گار ثابت نہ ٿين ۽ انهن سان ''پنهجي ڳالهہ'' پهريان ڪن تہ پوءِ انهن دانهين کي ڪهڙي اميد هوندي ان صحافي مان، ڪهڙو پيغام
ويندو ان جي ذهن ۾ تہ اسان غريب آهيون دانهن ڪيون ٿا وس وارن لاءِ پر هتي تہ هيٺيان ماڻهو ئي اسانجي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهيا آهن جيڪي ڳالهہ ڏاڍي تڪليف واري آهي، صحافين کي هر ان عمل کي نندڻ گهرجي جيڪو هن
معاشري کي خراب ڪري ٿو، جيئن صحافي ڪرپشن جون خبرون هلائن ٿا تيئن پاڻ کي بہ صاف رکن، اُهو عمل نہ ڪن جنهن سان ڪنهن غريب جي دل آزاري ٿئي ۽ ان دل مان ''آهہ غريبا قهر خدائي'' جهڙا لفظ نڪرن.
افغان پناهگيرن جي واپسي وارو سوال..!! (غلام مصطفي ٰجمالي )
هن وقت پاڪستان اندر جتي سياسي
صورتحال تي وڏا بحث هلي رهيا آهن.اُتي حڪمرانن کان ملڪ جا اهم ۽ وڏا مسئلا ڄڻ ذهن
تان هلي ويا آهن.انهن مسئلن مان افغان پناهگيرن جو مسئلو به هڪ اهم مسئلو
آهي،افغان پناهگيرن جي پاڪستان اندر رهائش کي جتي ڌارين ٻولين وارا صوبا رد ڪري
چڪا آهن اُتي ڪي پي ڪي جي عوام جيڪا
افغان پناهگيرن جي ئي زبان ڳالهائيندڙ عوام آهي
انهي عوام خد افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ واري ڳالهه کي رد ڪندي نه رڳو انهن
خلاف احتجاج ڪيو پر اتي اهڙا به بيان ڏنا آهن ته افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان
جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي.ڪي پي ڪي صوبي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر به پشتو
ڳالهيندڙ پڻ ڪيتري عوام رهي ٿي اتي بلوچستان جي حڪومت پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو ته
جيڪڏهن پاڪستان مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي نه ڏني وئي ته کين ڌڪا ڏئي ملڪ بدر
ڪيو ويندو. بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته حساس ادارن
ڪارروائي ڪندي افغان انٽليجنس جي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڪيترين
ئي وارداتن ۾ ملوث جو اعتراف ڪري ورتو پڻ ڪيو آهي. جڏهن ته سرفراز بگٽي چيو هوُ ته گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ محبو خان ۽ عصمت
الله ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا ۽ انهن جو تعلق هلمند سان هو، جڏهن ته سرفراز بگٽي اهو
به چيو هوُ ته دهشتگرد افغان ڪيمپ ۾ رهيا ۽
اتي ئي وڏا ٿيا ۽ اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو، هاڻ گهڻو ٿيو ويو آهي افغانين کي هاڻ
وڃڻو ئي پوندو،پر جتي سوال ٻين صوبن جو آهي ته اهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف
نه رڳو احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن مان بيزاري ظاهر ڪري کين ڌڪا ڏيڻ جي بيان پڻ
سامهون اچي آهن جن ۾ نه رڳو صوبن جي عوام شامل آهي پر انهي صوبن جا وزير عوام سان
گڏ احتجاج ڪندڙن جي وڏي ۾ انگ شامل آهي.پر سنڌ صوبي جي عوام انهي افغان پناهگيرن
جي واپسي خلاف خاموشي وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي،جڏهن ته سنڌ جي گادي واري
ڪراچي اندر وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير
رهن پيا. جيڪي نه رڳو هتي جي شهريت حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن
اندر افغاني ملڪ جي نالي سان لڳل پوسٽرن سان پنهنجا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن،جڏهن
ته ڪراچي جي ڪيترن ئي وسندين تي هن وقت به انهن جو مڪمل قبضو آهي،سنڌ جون قوم پرست
پارٽيون انهي افغان پناهگيرن واري معاملي تي مڪمل خاموشي وارو ماحول ٺاهيو اچن
جنهن سان نه رڳو ڪراچي اندر افغان پناهگير پنهجون رهائش گاهون مظبوط ڪري رهيا آهن
پر نادرا جي سفارشي عملي سان ملي ڪري پاڪستاني شهريت حاصل ڪري هميشه لاءِ پاڪستان
۾ رهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن،جيڪي سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت
ٿيندا، جتي افغان پناهگيرن جو مئسلو آهي ته پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف
پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد پناهه وٺي
رهيا آهن،۽ افغانين جي صدر کي گهرجي ته هاڻ افغان پناهگيرن کي واپسي گهرائي. جڏهن
ته افغان پناهگيرن جي صورت ۾ هڪ وڏي لنڪ موجود آهي .ان ڪري انهي خواجه آصف واري
ڳالهه اندر ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اندر افغان پناهگيرن جي صورت اندر دهشتگردن جو
هڪ وڏو ٽولو وجود آهي جيڪو نه
رڳو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيل آهي پر انهي سان گڏ صوبن جي عوام جا به
حق کائي رهيو آهي ..هڪ ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهي
آهي اُتي ملڪ جو وزيراعظم خد انهي افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر اڃان به ڇهه
مهينا رهڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ اندر حمڪرانن پنهنجي عوام جي سور
حلقا ڪرڻ بجاءِ انهي عوام کي ٽيڪس کان ويندي لوڊشينگ،منهگائي،جهڙيون اذيتون ڏئي
عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن اتي مٿان وري افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه
ڏئي ڪري خد پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀاڻ ڏئي رهيا آهن،جيڪي عوام ۽ ملڪ لاءِ هڪ
وڏو الميو آهي، ته بلوچستان جي حڪومت چيو آهي ته عالمي برادري افغان پناهگيرن جي وڃڻ جي لاءِ انتظام ڪري ۽ عزت سان هتان هليا وڃن نه ته قوم بي عزت ڪري ۽ ڌڪا ڏئي انهن کي
ٻاهر ڪڍندي. اها به ڳالهه سچ آهي ته بلوچستان مان جيڪي سمورا دهشتگردن
گرفتار ڪيا هئا انهن چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو
هو. جڏهن ته بلوچستان حڪومت اهو به چيو ته نادرا هنن کي 20 هزارن عيوض شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا هئا .جڏهن ته
ڳالهه رڳو بلوچستان جي ناهي جيڪي افغان پناهگيرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر خد
خيبرپختون خواهه سرڪار به افغان شهرين جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري رهي آهي . صوبائي
وزير شاهه فرمان پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو هو ته ملڪ کي محفوظ بنائڻ لاءِ وفاق
معتبر فيصلا ڪري دهشت گردي ۾ افغان شهري ملوث آهن.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر صوبي سنڌ
۾ به افغان پناهگيرن جو تعداد 20لک کان مٿي جو آهي جيڪي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن
ئي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ رهائش پزير آهن،ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته افغان
پناهگيرن جي معاملي کي سنجيدگي سان ويهي سوچي ۽ سنڌ اندر رهندڙ افغان پناهگيرن جا
انگ اکر جوڙي ڪري وفاق کي موڪلي ۽ وفاق کان اهو مطالبو ڪري ته انهن افغان پناهگيرن
کي جلد کان جلد سنڌ ۾ ٻاهر ڪڍيو وڃِي،ڇو ته افغان پناهگيرن جو اصل هنڌ سندس ملڪ
افغانستان آهي ان ڪري کين اتي ئي رهڻ گهرجي.جڏهن ته پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي(يو اين
ايڇ سي آر) پڻ اهو کليل لفظن ۾ چيو هوته پاڪستان پناهگيرن جو ڳڙه بڻجي ويو آهي.پر
اها به حيقيت آهي ته هن وقت پاڪستان اندر پناهگيرن جو تعداد جنهن کي پاڪستان جي
نادار رجسٽرڊ ڪيو آهي اهو به سورهن لک کان مٿي جو آهي.جن جي حڪومت ڪيترن ئي سالن
کان وٺي باعزت واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو چئي رهي آهي پر انهي چوڻي اندر به ڪا
سنيجدگي سڏڻ ۾ نه پئي اچي،جڏهن ته هي اهي پناهگير آهن جيڪي پاڪستان جي نادرا وٽ
رجسٽرڊ آهي جڏهن ته ڪيترائي پناهگير بنا رجسٽرڊ جي به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.جڏهن
ته سنڌ صوبي اندر رجسٽرڊ پناهگيرن جو تعداد به66هزار کان مٿي جو آهي.جيڪي ڪيترن ئي
سالن کان وٺِي سنڌ ۾ رهيا پيا آهن،. جڏهن ته سڄي پاڪستان۾ اڻ رجسٽرڊ ٿيل افغان
پناهگيرن جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي،
نه اسان وٽ ۽ نه حڪومت وٽ، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو انگ
ڪي پي ڪي ۾
آهي، جڏهن ته ساڍا 4 لک بلوچستان ۽ باقي پناهگير سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ فاٽا جي علائقن
۾ آهن، ، 1980ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪوبه تصور نه
هو. ۽ نه ڪو يو اين يا حڪومت پاڪستان وٽ ڪو رڪارڊ هو، 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان جي
سهڪار سان اسان جي هڪ ادري (يو اين ايڇ سي آر) افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي،
جنهن تي 70 لک ڊالر خرچ آيو هو، ، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو
ڪم شروع ٿيو، ۽ 20 لک 4 هزار افغانين
کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، پاڪستان اندر هن وقت هاڻ افغان پناهگيرن جي رهائش جي گنجائش
ناهي رهي ۽ هاڻ ته افغانستان اندر به 1980ع جي ڀيٽ ۾ حالتون ڪافي بهتر آهن، 2014ع ۾ آمريڪا افغانستان
مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، ۽ ان وقت کان افغانستان اندر امن قائم جنهن جي ڪري هاڻ
افغاني پناهگيرن کي واپس وڃڻ گرجهي،
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...