آئندا پنجاب ۽ وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي ؟ تحرير. شيرمحمد سولنگي


پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميدوارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، هن جو چوڻ هو ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندس ،  چوڌري سرور جو چوڻ هو ته هاڻ اسان پنجاب ۾ ۽ مرڪز ۾ به وفاقي حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين ۽  آئندا پنجاب سان گڏوگڏ مرڪز ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، هن جو چوڻ هو ته عمران خان اسان جو وزيراعظم هوندو ۽ اسان پاڪستان کي نئون پاڪستان بڻائينداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيتري ڪرپشن سنڌ ۾ آهي اُتري ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ناهي، هر شيءَ تي ڪميشن وٺي پئسو دبئي منتقل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي هر سال 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ ڪڏانهن وڃي ٿي.؟ نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي ملڪ کي لٽيو آهي، پاڪستان کي هن صورتحال ۾ پهچائڻ جا ذميوار به نواز شريف ۽ آصف زرداري آهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته حيدرآباد وارو جلسو ڪامياب رهيو، هُو ڀرپور شرڪت تي عوام جو شڪريو ادا ڪري ٿو، هُو هاڻي سمورو ڌيان سنڌ تي ڏيندو، محرم الحرام کانپوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ جلسا ڪيا ويندا، ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته جيتري ڪرپشن سنڌ ۾ آهي اُتري ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ناهي، لاڙڪاڻي لاءِ 90 ارب روپيا جاري ڪيا ويا، پر ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ويو، سنڌ ۾ هر شيءَ تي ڪميشن وٺي پئسو دبئي منتقل ڪيو پيو وڃي، هُو پڇي ٿو ته سنڌ جي هر سال 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ ڪڏانهن وڃي ٿي؟ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي ملڪ کي لُٽيو آهي، قوم قرضي ٿي وئي آهي، پر هي ڪرپٽ ٽولو ارب پتي ٿي ويو آهي، پاڪستان کي هن صورتحال تائين پهچائڻ جا ذميوار به نواز شريف ۽ آصف زرداري آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ خورشيد شاهه ساڳئي ڳالهه آهن، چوڌري نثار چيو هو ته حڪومت خورشيد شاهه کي اربين روپين جا فنڊ ڏنا آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته هيءَ اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي نه پر نواز شريف ۽ آصف زرداري جي اليڪشن ڪميشن آهي، ن ليگ ۽ پ پ پاڻ ۾ مليل آهن. پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته عمران خان حيدرآباد جي ناڪام جلسي کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، عمران خان جلسي جي ناڪامي جي ڪاوڙ پ پ قيادت مٿان لاٿي. قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاھ تي پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻن پارٽين جي خواهش آهي ته هو سنڌ کي فتح ڪن پر انهن کي صرف ناڪامي نصيب ۾ ملي ٿي. مولا بخش چانڊيو چيو ته خان صاحب سياست ۾ تجربي جي ڳالھ ڪري ٿو، خان صاحب توهان کي وزيراعظم ٿيڻ جو وڏو شوق آهي توهان ٻڌايو ته توهان کي پهريان وزير اعظم جو تجربو آهي.  مولا بخش چانديو ته خان صاحب توهان سياست ۾ تلخي وارو لهجو پيدا نه ڪيو، ڪالھ توهان واري تقرير تي جيالين وڏو غصو آهي، توهان ٽوپي نه پائي سنڌ جي ثقافت جي به توهين ڪئي آهي. مولا بخش چانڊيو ته سنڌ جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سڄي سنڌ مان 4 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگھيا آهيو. هن چوي ته لياقت جتوئي پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دبئي ياترا به ڪئي هئي پر آصف زرداري هن کي چيو ته توهان جي ساک سٺي نه آهي ان ڪري توهان کي پارٽي ۾ شامل نه ڪبو.  پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ نصرت واحد چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ صحافين جو وڏو ڪرادر آهي. صحافت کانسواءِ سياست اڻپوري آهي. هن اهڙو اظهار حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي هار پارائڻ واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه هڪ سچو اڳواڻ آهي، جنهن خيبرپختون خواهه صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جنهن کان پوءِ ۳۰ سالن ۽ ۳ سالن جي ڪارڪردگي جو فرق صاف نظر اچي ٿو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نزهت پٺاڻ چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ٻين صوبن جيان سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪرپشن خلاف شعور پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو به ڪرپشن خلاف پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. هن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ کان خوفزده نظر اچي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ روڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان لاءِ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار جا دروازا بند ڪري بوکلاهٽ جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نه فقط پي ٽي آءِ سربراهه لاءِ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار جا درواز بند ڪيا پر هر ان ماڻهن لاءِ درگاهه جا دروازا بند ڪيا ويا جن جي گاڏين تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا لڳل هئا. ان موقعي تي صدر پريس ڪلب خالد چانڊيو، جنرل سيڪريٽري امجد اسلام، لالارحمان سمون، اعجاز لغاري، ارشد جبار، الياس وارثي، سردار احمد، شيرازڀٽي ۽ ٻيا موجود هئا. تحريڪ انصاف جي اليڪشني حڪمت عملي جي ڪمزورين ۽ ناڪامين کي به ظاهر ڪيو آهي، سڀ کان وڏي ڳالھ ته لوڌران ۽ ان کان اڳ ۾ لاھور ۾ ٿيل ضمني چونڊن جي نتيجن پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي ڪمزور پوزيشن کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ھڪ انگريزي اخبار پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ناڪامي پٺيان سڀ کان اهم محرڪ ان تي ڪرپشن جا لڳندڙ الزام آهن، جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ پارٽي جو روايتي جيالو به متحرڪ نظر نه آيو، جنهن جو سبب پارٽي ۾ ٻاھرين ماڻھن کي داخل ڪرڻ ۽ اھم حيثيت ڏيڻ ڄاڻايو ويو آهي، پارٽي جي صوبائي قيادت جي اھا ڳالھ به سامھون آئي آهي ته چونڊن ۾ ڪارڪنن جي حمايت کان سواءِ ڪاميابي ممڪن نه آهي ۽ پنجاب ۾ پارٽي جا ڪارڪن پاسيرا آهن، ھوڏانھن تحريڪ انصاف به لوڌران واري شڪست کان پوءِ وضاحتون پيش ڪري رھي آھي ۽ عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي مايوسي گھٽائڻ لاءِ مختلف سبب ڄاڻائي رهيو آهي، پر ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته سياسي جلسن جي واري سياست الڳ پر چونڊن واري ڏينهن تي پولنگ اسٽيشنن تي ڪاميابي واري سياست الڳ ھوندي آھي، يقيني طور تي چونڊون کٽڻ ھڪ ھنر به آهي ۽ اھڙو تجربو به آهي جيڪو گھر ويٺي حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، تحريڪ انصاف جي ناڪامي ۾ سڀ کان وڏو محرڪ اھو ئي رھيو آھي، نواز ليگ جي لوڌران ۾ ڪاميابي کانپوءِ اخلاقي برتري واري صورتحال بھتر ٿي رهي آهي ۽ انھن جي قيادت جي گفتگو مان به اعتماد جي جھلڪ نظر اچي رھي آھي، سياسي مبصرن به پنھنجي تبصرن جو رخ موڙي ڇڏيو آهي، جيڪي ھاڻي ان راءِ جا آهن ته ايندڙ عام چونڊن جي نتيجن ۾ ڪنهن به پارٽي کي مڪمل طور تي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي، ۽ نتيجن مان ڪا به توقع ڪري سگهجي ٿي، جھڙي ريت پاناما ليڪس واري معاملي تي عدالتي فيصلي کان پوءِ اھو تاثر ڏنو پئي ويو ته نواز ليگ ھاڻي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي واري ڊوڙ مان ٻاهر نڪري وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف کي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، پر لوڌران واري نتيجي ان تاثر کي به غلط ثابت ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي جي پنجاب ۾ سرگرمي کان پوءِ جيڪي دعوائون ٿي رھيون ھيون ته اھا پنجاب ۾ ٻيھر مقبول ٿي رھي آھي ان تاثر کي به بري طرح سان رد ملي آهي، يقيني طور تي ضمني چونڊن جي ڪجهه نتيجن جي بنياد تي ايندڙ چونڊن جي باري ۾ ڪا به راءِ قائم نه ٿي ڪري سگھجي، پر گھٽ ۾ گھٽ اھو ضرور چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجن جي باري ۾ سمورا وقتي تجزيا في الحال پنھنجو وزن گھٽائي چڪا آهن

’’پاڻي جي کوٽ آخر ڪيستائين’’ تحرير راجا تنوير خاصخيلي ٺٽو

ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جي اوسيڙي ۾ ڀوتارن پڪيون ناليون ٺهرائڻ شروع ڪيو پر ڌير سان جنهن ڪري سڄي سنڌ سميت ضلعي ٺٽي جي شهر سميت ضلعي اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي آهي ضلعي ٺٽي جي مختلف واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ جي بهاني آبپاشي کاتي پاران اڻ اعلانيه طور اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي مسلسل ٻن هفتن کان بند هجڻ ڪري زراعت جي سخت متاثر ٿيڻ کانپوء پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پڻ شدت اختيار ڪرڻ لڳي آهي ساحلي پٽي سميت ضلعي جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ پيئڻ لاء به پاڻي اڻلڀ، عوام پريشان کي منهن ڏيڻ ۾ پئجي ويئي آهي سنڌ جي انتهائي پوڇڙ واري لاڙ واري خطي جي ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل کوٽ تيزي سان وڌي شدت اختيار ڪرڻ لڳي آهي، جنهن سبب تاريخي شهر ٺٽو سميت ضلعي جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويئي آهي، ۽ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان بڻجي ويا آهن، ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل رپورٽن موجب آبپاشي کاتي پاران بنا ڪنهن منصوبابندي جي هڪ ئي وقت تي ٺٽي ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ خاطر گذريل هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصي کان اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بند ڪري شاخن کي پڪو ڪرڻ لاء سُست رفتاري سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪلري بگهاڙ واهه مان نڪرندڙ اڪثر شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي فراهمي بدستور بند آهي، جن ۾ اله کئي مائنر، ٻائو پرنداس نالي ۽ اڏيرو برانچ مان نڪرندڙ گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ کي پاڻي فراهم ڪندڙ نصير واھ غلا ماللہ واھ ۽ کانٽي واھ ۽ ٻيون  شاخون شامل آهن، جن ۾ آبپاشي کاتي جي انتظاميه مڪمل طور تي پاڻي جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي ۽ متبادل طور تي پاڻي جي فراهمي لاء منظور ٿيل ڪروڙين روپين جي اسڪيمن ۾ فنڊ مخصوص هجڻ باوجود بندوبست نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي اندر ربيع جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي، پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري زرعي فصل تباهه ٿيڻ لڳا آهن، ۽ اڪثر علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي تباهه ٿي رهي آهي، جنهن سبب آبادگار طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ٺٽي ضلعي اندر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند هجڻ ۽ مڪاني ادارن پاران شهري علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي برقرار رکڻ خاطر واٽر سپلاء جي تلائن ۾ پاڻي زخيرو نه ٿيڻ توڙي ٺٽو ميونسپل ڪميٽي جي بدانتظامي سبب ٺٽو شهر سميت اڪثر شهري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، جنهن سبب ٽينڪر مافيا ۽ پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جا جاوا ٿي ويا آهن ضلعي ٺٽي جي اڪثر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند هجڻ ۽ واهن کي پڪو ڪرڻ لاء شروع ڪرايل آبپاشي کاتي جي اڪثر اسڪيمن ۾ غير معياري مٽيريل جي استعمال ۽ سُست رفتاري سان ڪم هلائڻ جون شڪايتون پڻ عام ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي جي ساحلي علائقن سميت پوري ضلعي اندر جرح جو پاڻي به ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٻهراڙين جا رهواسي توڙي چوپايو مال به پيئڻ جي پاڻي لاء سِڪي رهيو آهي، اهڙي صورتحال جي باوجود آبپاشي کاتي جي اعلئ انتظاميه توڙي حڪومتي سياسي ڌرين پاران معاملي جو نوٽيس نه وٺڻ ۽ پاڻي جي بهتر تقسيم نه ٿيڻ سبب ٺٽي ضلعي جو عوام ٻٽي عذاب جو شڪار ٿي ويو آهي، هڪ طرف زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي ته ٻئي طرف پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري انسان توڙي چوپايو مال غير معياري پاڻي واپرائڻ سبب خطرناڪ قسم جي موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳو آهي ٻئي طرف وفاق جي ناانصافيون به شروع ٿي ويون آهن سموري سنڌ جيان ٺٽي ضلعي جي ساحلي توڙي ڪوهستاني علائقنتوڙي هڪ سئو کان مٿي ڳوٺن ۾ بجلي بند هجڻ ڪري ڪارنهوار ٺپ ٿيڻ لڳو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي گرمي ايندي ئي شرط بجلي گذريل هڪ مهيني کان وٺي حيسڪو انتظاميه بلاجواز ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ فيڊر جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انهن علائقن جا شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهن، بجلي بند هجڻ ڪري يوسيز جنگشاهي گجو ڪلري ۽ ڪوهستان جي شهري توڙي ٻهراڙي جي هڪ سئو کان مٿي ڳوٺن جا رهواسي بجلي جي عدم فراهمي سبب سخت متاثر زندگي گهارڻ تي مجبور آهن ۽ علائقن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي پر شهرين پاران بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود حيسڪو عملو هٿ وٺي بجلي چوري ڪرائي عام شهرين ۽ بجلي ادا ڪندڙ صارفين تي بجلي چوري جا الزام هڻي سندن بجلي بار بار ڪاٽي ڇڏين ٿا پر بد مست حيسڪو انتظاميه بلاجواز ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي تنگ ڪري رهي آهي ڳوٺاڻن توڙي شهرين جا سندن مطالبو جائز آهن بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي ويئي آهي هوڏانهن ضلعي ٺٽي جي سياسي سماجي علمي ادبي ڌرين سميت ڪوهستاني توڙي ساحلي پٽي جي رهواسين وفاقي حڪومت کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

سنڌ جي وسيلن تي مقامي ماڻهو نظرانداز ڇو ..؟ (راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن)



امن جي ڌرتيءَ طور سڃاتي ويندڙ سنڌ ڌرتي پاڻ جڏهن تاريخ جي ڪتابن جا ورق ورائي ڏسنداسين ته اها حقيقت اکين ڳيان عيان ٿي ويندي آهي. امن پسند ڌرتيءَ تي ظالمن غاصبن يلغار ڪري ڌرتيءَ کي حملا ڪندڙ ڌارين ڌرتي ڌڻين کي فريو لٽيو آهي. امن پسند قوم ۽ امن پسند ڌرتيءَ کي جنگ جو ميدان بنايو ويو آهي. پوءِ به صدين کان قائم دائم آهي اسان سنڌي قوم کي صحيح معنيٰ ۾ مضبوط ۽ منظم ٿيڻو پوندو تيستائين اسان کي  پنهنجا جائز حق ملي نه سگھندا جيستائين اسان جا جائز حق سمجهي تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين اسان کي پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي ھن وقت دنيا ترقي واري دور ۾ دنيا جيڪا ترقي ڪئي آھي ان بابت ڪڏھن سوچي به نه ٿو سگھجي سنڌ ۾ موجوده وسيلن جو حساب لڳائجي ته ان حساب سان سنڌ جي ماڻھن جو خوشحال ھجڻ تمام ضروري آھي سنڌ ٽن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ ساڍا 38 کرب ٽيڪس آمدني ڏئي ٿي باقي سڄي ملڪ مان 67 کرب 90 ارب 86 ڪروڙ 90 لک روپين جي ٽيڪس آمدني ٿي جنھن ۾ 56 سيڪڙو حصو سنڌ جو آھي سنڌ توڙي جو وسيلن ۾ خود ڪفيل صوبو آھي پوءِ به سنڌ جا وسيلا به سنڌ جي قسمت کي بدلائي ناھن سگھيا جڏھن ته ملڪي گيس پيداوار ۾ 72 سيڪڙو حصو ڏيندڙ سنڌ 43.66 آبادي محرومي ۾ مبتلا 43 سيڪڙو غربت ڏھن سالن ۾ غربت جي شرح 55 سيڪڙو تائين پھچي وئي آھي ان غريب گند مان رزق پيا ڳولن 375 ارب ڊالر ملڪ کان ٻاھر آھن. روز 1200 اربن جي ڪرپشن ٿئي ٿي ملڪ 18 ھزار اربن روپين جو قرضي ٿي ويو آھي. سنڌ مان کربن ڊالرن جو تيل ۽ گيس ڪڍڻ باوجود تيل ڪمپنيون مقرر ۽ مخصوص رقم نه علائقن جي ترقي تي خرچ ڪن ٿيون نه ئي وري مقامي ماڻھن کي روزگار فراھم ڪرڻ لاءِ تيار آھن سنڌ جا ماڻھون اھڙي رويي ۽ روش خلاف مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا رھيا آھن. پر انهن جي احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. انهن تيل ڪمپنين جي نا انصافين جي چٽي تصوير پيش ڪئي وئي آهي. پيٽروليم بابت قومي پيداوار لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري اداري او جي ڊي سي ايل سميت 32 سرڪاري توڙي نجي تيل ڪمپنيون سنڌ جي لاڳاپيل علائقن لاءِ مخص رقم جو 60 سيڪڙو حصو استعمال نه ڪري سگهيون آهن. تيل ڪمپنين تي سنڌ اندر تيل گئس فيلڊن ۾ ڌارين جي ڀرتيءَ تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. سنڌ مان تيل ۽ گئس ڪڍيا پيا وڃن پر تيل ڪمپنيون نه مخصوص رقم علائقن جي ترقيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ڌاريا ۽ غير مقامي ماڻهن کي ڪمپنين ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جي نوڪريون ڏيندا ته مقامي ماڻهن نوڪريون نالي ماتر ڀرتي ڪيا ويندا آهن. ته اهي به ڪچا ڪيا ويندا ته جيئن انهن کي داٻي ۽ دهمان ۾ رکي سگھجي. تيل ڪمپنين وارا جڏهن چاهين ته انهن کي نوڪرين مان جواب ڏيئي ڇڏين. حڪومت انهن ڪمپنين جي ڀرجھلي ٿي بيٺي هوندي آهي. ٻيو ته اڪثر ڪمپنيون تر جي وڏيرن ۽ ڀوتارن کي خراج نما رقم سيڪيورٽي نالي پهچائينديون آهن. باقي عام ماڻهو کي ڪير ٿو پڇي ۽ پوءِ احتجاج جي صورت ۾ هڪ پاسي رياستي مشنري احتجاجًا تي ئي ڪڙڪندي  آهي ته ٻئي پاسي ڀوتارن جا لاٺڙيا هوندا آهن. اسان سمجھون ٿا ته جيڪڏهن اها مخصوص رقم ئي علائقن جي ترقيءَ لاءِ خرچ ٿئي ته به گھڻي بهتري اچي سگھي ٿي ۽ مقامي ماڻهن کي انهن تيل ڪمپنين ۾ نوڪريون ملڻ سان بيروزگاريءَ ۾ گھٽتائي اچي سگھي ٿي. سنڌ ۽ سنڌين ماڻهن سان نا انصافيون پيون ٿين. اهو رياستي حڪومت جو ڪم آهي. پر حڪومت عمل نٿي ڪرائي تڏهن ته انهن بيقاعدگي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. ڇا انهن تيل گئس ڪمپنين خلاف ڪو قدم کڄي سگھندو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تيل، گئس ڪمپنين کي مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئڻ ۽ مخصوص رقم جو 60 سيڪڙو علائقن جي ترقيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي ۽ انهن جي احتساب لاءِ ضروري قانون سازي به ٿيڻ گھرجي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ هڪ عجيب رواج پيدا ٿيل آهي جڏهن به ڪنهن سياسي شخصيت ۽ حڪمران تي ڪرپشن جوالزام لڳندو آهي. يا ڪنهن به آمريڪي کي ملڪ سان غداري ڪرڻ ملڪ جي ڪنهن به ڪورٽ م پيش پوڻ لاءِ نوٽيس جاري ٿيندا آهن. ته انهن کي ڪئي مرحن لاحق ٿي ويندا آهن. هو فورن پنهنجي علاج  خاطر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا بهانا ٺاهي ڀڃندا آهن.اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ڇا انهن سياستدانن جن کربن اربن جي ڪرپشن ڪئي ۽ ملڪ سان غداري ڪئي انهن جي بيمارين جو علاج پنهنجي ملڪ ۾ ممڪن ناهي ڇا جيڪڏهن ممڪن ناهي به ته ڇو ناهي.اسان جي ملڪ ۾ نهترين پرائيوٽ اسپتالون به موجود آهن جر نهترين علاج جون سهولتون موجود آهن پاڪستان ۾ سيٺون سرڪاري اسپتالون موجود هجڻ يقينن انهيءِ جا ذميواري به اهي سياستدانن ئي خود پاڻ آهن جن پنهنجي اقتدار جي دور م پنهنجي ملڪ ۾ اهڙيون اسپتالون ئي ناهن ٺهرايون جن ۾ هنن جو بهترکان بهتر علاج ٿي سگهي پر افسوس انهيءِ تي آهي ته سياستدانن جون جوڙيل پاليسين جو غلط هجڻ آهي.جيڪي عوام جي فائدي م ناهن جوڙيندا پر سياستدانن جون پنهنجي لاءِ جوڙيل پاليسيون مطابق هنن جو حق آهي. ته انهن سياستدانن ۽ بيروڪريسي مان ڪير به بيمار ٿي پوي ٿو ته انهن کي فورن علاج خاطر ملڪ جي خزاني مان  سرڪاري خرچ تي ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو.۽ عوام صرف پنهنجي خرچ تي ملڪ کان ٻاهر وڃي ٿو.علاج ڪرائي سگهي ٿو منهنجو اهو مطلب ناهي ته عام ماڻهوکي به سرڪاري تي ملڪ کان ٻاهر جي سهولت ڏني وڃي ۽ نه منهنجو صرف سياسي ۽ بيروڪريسي شخصيتن کي ايتري اپيل آهي.ته پنهنجي ملڪ هر هر سرڪاري اسپتالن م اهڙيون سهولتون ممڪن بڻايون وڃن.ته جيئن توهان کي ٻاهر علاج خاطر وڃڻو نه پوي  ۽ توهان جي صدقي عام ماڻهو کي به پنهنجي ملڪ ۾ علاج جي سٺس سهولت ملي سگهي. باقي ملڪ جا حڪمران ملڪ ۾ ترقي ڪندڙ پنھنجي ملڪ جي ڪنھن به قسم جي ڪا ھڪ به اھڙي اسپتال نه جوڙي سگھيا آھن جن ۾ انھي جو سٺو علاج ٿي سگھي گھٽ ۾ گھٽ عوام لاءَ نه ته پنھنجي لاءِ اھڙيون ڪي سٺيون اسپتالون جوڙايون ھان جن ۾ صرف وي آئي پي جو علاج ٿي سگھي ھان اھي سڀ ٺڳي جي ٺاھن جا بھاني ٻازون ڪري ڪورٽن آڏو پيش نه ٿئي جڏھن انھن ڪرپٽ ھڪمرانن جي بيروڪريسي کي عوام آڏو پيش نه ٿيڻو پوي جڏھن انھن سياسي حڪمرانن وٽ اقتدار ھوندو اٿن ته اھي پوءِ ڪھڙي به حالت ۾ملڪ ۾ رھن پسند ڪندا آھن وڏين وڏين گاڏين ۾ وڏي سڪيورٽي پروٽوڪول ۾ ھلندا آھن جڏھن سنڌين کان اقتدار ڦرجي ويندو اٿن ته پوءِ اھي سمورا مزا ماڻڻ کان محروم ٿي ويندا آھن. تنھن ڪري انھن کي نه ته ھتي علاج جون سھولتون موجود آھن ۽ انھن کي ڪورٽ تي اعتبار به ناھي ھوندو پر ڇا اسان جي حڪمرانن اڃا به اھون اندازو نه ٿي سگھيو آھي ته جنھن ملڪ ۾ اھي پاڻ علاج ڪرائڻ جي قابل نه آھن لڳي ٿي ته ھتي علاج جون ڪي به سھولتون ميسر نه آھن. ته پوءِ انهيءِ عوام جي حالت ڪهڙي هوندي جيڪو اڄ به انهيءِسرڪاري اسپتالن حوالي آهي. جنهن انهيءِ مسڪينن کي غير معياري ڪمپني جو مدي خارج دوائون ملي رهيون آهن. انهيءِ کي مٿي سور جي گوري به ڊيٽ اسپائر ٿي ملي تازوئي اسان جي ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجو علاج ڪرائڻ پرڏيهه ويو هئو ڇو ته کيس کي دل جي تڪليف هئي هو دل جي تڪليف جو علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن ويو هئو . ڇو ته هن دل جي تڪليف جو علاج ڪرائڻ لنڊن مان ڪرائڻ بهتر سمهجيو انهيءِ مان اهو مطلب نڪتو ۽ عوام کي به اهائي ڄاڻ ملي ته ملڪ ۾ دل جا ڊاڪٽر ڪونه آهن ۽ نه ئي ڪنهن اسپتال ۾ دل جي چڪاس واريون مشينون موجود ڪونه هيون ۽ هتي علاج بهتر نماني ٿيڻ جون سرڪاري توڙي پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڪابه سهولت موجود  هئي انهءِ مان اهو معلوم ٿيو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جي ڪابه ڪارڪردگي عوام آڏو واضح ٿي پئي هئي. ته سنڌ جي اقتدار ۾ ملڪ ۾ پيو ته ٺهيو به جنهن مرضن جو هو خود مريض هئو لنڊن اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ تي ڪيو ملڪ جي خزاني تي ڪيڏو بار هوندو اسان جي ملڪ جي حڪمرانن هميشه ٿوري ٿوري تڪليف ۾ به  ملڪ جا خزاني مان علاج جي بجيٽ پاس ڪرائي لنڊن يا آمريڪا ۾ علاج ڪرائڻ پسند ڪندا آهن. باقي غير ضروري عوام ته گهڻو آهي انهن جو علاج سٺو علاج ٿئي يا نه ٿئي انهيءِ ۾ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.هن وقت ملڪ ۾ شور لڳو پيو آهي ڪرپشن جو ملڪ جي عوام جون حالتون سڌارڻ لاءِ هر سال اربن رپين جي بجيٽ رکي وڇي ٿي پوءِ به ملڪ مان غربت نه ٿي ختم ٿئي. ملڪ ۾ وڌيون اسپتالون هوندي به سهولتن جي کوٽ کان علاوه دوائون به نه ٿيون ملن. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊوٽيون ڪندڙ ڊاڪٽر پنهنجي پرائيوٽ اسپتالن کي وقت گهڻو ڏين ٿا.  انهن گوسڙو ڊاڪٽرن جي به بائيوميٽرڪ ڏينهن ۾ ٽي دفعا هجڻ گهرجي. ملڪ جا ڀوتار سياسي وڏيرو ۽ ڪامورو ڏينهون ڏينهن ڪرپشن ۾ ترقي ڪرق رهيو آهي. ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مهانگا بنگلا ٻاهرين ملڪن ۾ آف شوز ڪمپينيون موجود آهن.ووٽ وٺي نوٽ ڪمائيندڙ سياستدانن اقتدار جي ڪرسي تي ويهندا آهن ته انهن کان اهي سڀ واعدا وسري ويندا آهن. جيڪي هو عوام سان ڪندا آهن. تڏهن ته هن وقت تائين ملڪ اها ترقي ناهي ڪري سگهيو. ملڪڳ کي هلائڻ لاءِ انسان دوست ايماندار ۽ مخلص حڪمران نه مليا آهن. خراب حڪمراني وارو دور آهي. اسان جا حڪمران ڪرپشن جي ڪيسن ۾ عوام ۽ دنيا آڏو بينقاب ٿي چڪا آهن. پوءِ به اسان پنهنجي دل جي دنيا ۾ پنهنجي اميدن کي نارن تي قائم ڪيو ويٺا آهيون.

سنڌ حڪومت صحت کاتي تي ڌيان ڏئي (اعجاز ممنائي)



تازو وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي خاص هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين ٻن شفٽن ۾ بنا ساهيءَ جي ٻارن جي تڪڙي علاج لاءِ او پي ڊيون شروع ڪيون وڃن ۽ ٻارن ۾ وڌندڙ بيمارين خاص طور تي ساھہ جي بيمارين ۾ ورتل ٻارڙن جي علاج معالج تي خصوصي توجہ ڏيئي نئين نسل جي واڌ ويجھہ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ ھن سيڪريٽري صحت کي خاص هدايت ڪئي ته جيڪي ڇهه هزار نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويا آهن، انهن مان ڊاڪٽرن تي ٻڌل او پي ڊيز  ٺاهي هر هڪ ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ تعلقي اسپتالن ۾ ٻارن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ جديد ترين نظام قائم ڪيو وڃي تہ جيئن ٻارڙن جي نشوونما بھتر نموني سان ٿي سگھي پر جيڪڏھن ھتي نون ڊاڪٽرن سان گڏ سينئر ڊاڪٽرن کان بہ ان سلسلي ۾ ڪم ورتو وڃي ھان تہ ڏاڍو بھتر ٿئي ھان ڇوتہ ڪوبہ جونيئر ڊاڪٽر  اسپيشل ڪيڊر ۾ نہ آيو آھي جنھن کي ٻارڙن جھڙي حساس وارڊن ۾ ڊيوٽين جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن اسپيشل ڪيڊر وارن سينئر ڊاڪٽرن وٽ ايترو وقت بہ نہ آھي جو انھن جي ٽريننگ ڪري سگھن اھو ڪم بہ جيڪڏھن حڪومت پنھنجي ذمي کڻي ھان تہ ھوند بھتر نتيجا ملي سگھن ھان وزير اعليٰ جو چوڻ ھو ته ان واسطي نجي شعبي کي پڻ اوليت جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي ته جيئن معياري خدمت، انتظام ۽ او پي ڊي جي سروس کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو سندس اھا سوچ بہ ڪافي بھتر آھي پر ان بابت ڪيترائي خدشا سامھون آھن تہ ڪٿي نجي شعبي مان مراد اين جي اوز تہ نہ آھي جيڪڏھن سڀ ڪم اين جي اوز جي حوالي ڪرڻا آھن تہ پوءِ حڪومت جو ڪھڙو ڪم آھي ڇوتہ انھن اين جي اوز اسپتالن جو اڳواٽ ئي ستياس ناس ڪري ڇڏيو آھي جيڪڏھن پي پي ايڇ آئي جي ڪارڪردگيءَ تي ٿوري نظر وجھجي تہ نھايت ڏکوئيندڙ صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي جتي ماضيءَ وانگي نہ دوائون موجود آھن ۽ نہ ئي ڊاڪٽر موجود آھي جو مريضن جو چيڪ اپ ڪري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھہ واري پاليسي رائج آھي بھرحال سنڌ جي وڏي وزير صحت کاتي کي اها به هدايت ڪئي ته تاريخ، وقت ۽ نالي جي حساب سان او پي ڊي رڪارڊ رکڻ لاءِ هڪ سافٽ ويئر قائم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ايمرجنسي ۽ داخل مريضن ۽ انهن کي ملندڙ دوائون، لئب چڪاسون ۽ ٻين سهولتن جو رڪارڊ پڻ هئڻ گهرجي. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ اسپتال اندر جڏھن توھان ڪوبہ وارڊ تشڪيل ڏيو ٿا تہ سڀ کان اڳ بجليءَ جو مڪمل انتظام ڪرڻ حڪومت جي ذميواريءَ ۾ شامل آھي وڏي وزير جي اٿلان تي سڄو صحت کاتو ميدان عمل ۾ آيو ھوندو ۽ ٻارڙن لاءِ وارڊ بہ ٺھي ويا ھوندا پر بجلي نہ ھئڻ ڪري لئب ڪيئن ڪم ڪندي دم جي بيماريءَ ۾ ورتل ٻارڙن لاءِ نبولائيز مشين ڇا تي ھلندي جڏھن جنريٽر جي سھولت اڳ ئي اسپتال کي موجود نہ آھي تہ ھن حڪم صادر ٿيڻ کان پوءِ ڪم ڪيئن ھلندو وزير اعليٰ اھو بہ چيو ته سنڌ ۾ صحت جي مسئلن سمجهڻ ۽ ان آهر خدمتون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان گڏ لئبارٽرين ۽ دوائن جي غلط استعمال تي به ضابطو آندو ويندو. وڏي وزير چيو ته هُو ذاتي طور تي ٻارن جي صحت وارين خدمتن کي توجهه ڏيندو ۽ وقت بوقت ان بابت جائزي جا اجلاس گهرائيندو رهندو ھن وقت تائين سنڌ جي مڙني ضلعن جي ڊي ايڇ اوز جو اجلاس نہ گهرائي سگھيو آھي تہ کيس ڄاڻ ڪيئن ملندي ۽ ڪھڙن چيلنجن سان ايم ايس يا ڊي ايڇ اوز منھن ڏيئي رھيا آھن انھن جو جائزو وٺڻ بہ سندس زميواريءَ ۾ شامل آھي باقي چائيلڊ لائيف فائونڊيشن جي اجلاس ۾ ويھي اھو چوڻ ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته هر ٻار صحتمند هجي، هُو ٻارن جي صحت جي حوالي سان گهڻو فڪرمند رهندو آهي، ٻار امير جا هجن يا غريب جا؛ انهن جي صحت اسانجي پهرين ذميواري آهي وغيرہ تي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ٻئي تي ڀاڙڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي پوک پوکجي ۽ ان جي سار سنڀال ڪجي چائلڊ لائف فائونڊيشن موٽ ۾ وڏي وزير کي اھو بہ ٻُڌايو ته اپريل 2018 جي آخر تائين ڪراچي ۾ سمورين ٽيچنگ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ الڳ سان چائلڊ هيلٿ سروس جون سهولتون دستياب ٿي وينديون، اهڙي طرح جون سهولتون لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون پر سڄي سنڌ ۾ اھي سھولتون مھيا ٿيڻ ۾ ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگھي ٿو ھن وقت حڪومت جا پويان پساھہ آھن ۽ ڪجھہ مھينن کان پوءِ عام چونڊون ٿيڻيون آھن ائين نہ ٿئي تہ حڪومت وڃڻ کان پوءِ سڄو نظام ڊانواڊول ٿي وڃي ۽ چند اسپتالون قائم ڪري پنھنجي مٿي جو سور ختم سمجھيو وڃي ھن وقت بہ روزانو ٿر ۾ ڪيترن ئي ٻارڙن جي موت جون خبرون ميڊيا تي اچي رھيون آھن ماضيءَ ۾ تہ ان کي غذائي کوٽ جو چئي خاموشي اختيار ڪئي ويئي ھئي پر ھاڻي جڏھن ان طرف حڪومت جو خيال ويو آھي تہ اھڙن ضلعن ۾ ھنگامي طور ٻارن جي بچاءَ لاءِ حڪمت عملي ٺاھي وڃي ھڪ تحقيقي جائزي موجب ھن وقت بہ سنڌ ۾ روزانو 5 ورهين کان گهٽ ڄمار جا 250 ٻار حياتي تان هٿ ڌوئن ٿا. سروي ۾ اھا بہ ڳالھہ سامھون آئي آھي تہ سڄي سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ هر روز 21 هزار ٻار داخل ٿين ٿا جن مان 43 سيڪڙو ٻار غريب نه پر غربت جي لائين کان به هيٺ سان واسطو رکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ سرڪار تڪڙا اپاءَ ورتا ته انگن اکرن موجب انهن مرندڙ ٻارن مان 150 ٻار بچائي سگهجن ٿا. ان حساب سان هر سال مرندڙ 91250 ٻارن مان رڳو 36500 ٻار ئي زندگي وڃائي سگهندا. سنڌ سرڪار کي ان حوالي سان ڪيل ڪمن جي باري ۾ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ٿيندڙ ڪم جي جاچ کي پڻ مسلسل بنيادن تي جاري رکڻو پوندو جيڪڏھن رڳو ڳالھين جو ڳوٺ بڻجي ڦوٽو سيڪشن ۽ پريس رليز جاري ڪرڻ تائين رھجي وياسين تہ اسان جو ايندڙ نسل تباھہ ٿي ويندو ۽ جيڪي بچيا سي بيمار معاشري جو حصو بڻجي ويندا ۽ ان جي ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي

سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي تعليم(اعتزاز احمد چانگ)



وڏي مشھور چوڻي آھي ته ڪنهن قوم کي اگر اوهان تباھ ڪرڻ چاهيو ٿا ته انهي کان تعليم کسي ڇڏيو ۽ انهي جي تاريخ ميساري ڇڏيو ته اها قوم خود بخود تباھ ٿي ويندي, اهو ئي سبب آھي جو جڏھن ڪنهن به ملڪ يا رياست تي ڪا به ٻاهرين قوت حملا آور ٿيندي هئي ۽ فتح حاصل ڪرڻ شرط سڀ کان پهرين انهي جا قُطب خانا ساڙيا ويندا ھئا ته جئين انهي قوم جي ايندڙ نسل تعليم ۽ تاريخ کان اڻ ڄاڻ بنجي هميشه لاء انهي سامراجي قوت جي غلام بڻجي وڃي.چيو وڃي ٿو ته 6 آگسٽ 1945۾ آمريڪا طرفان پھريون ڀيرو ايٽمي طاقت جو مظاهرو ڪندي هيرو شيما تي لٽل بوائي نامي بم اڇلايو ويو ته ان وقت جي جاپاني حڪومت هسپتالن ۾ سڀ کان پهرين استادن جون جانيون بچائڻ جو حڪم ڏنو, ان جو سبب صرف ان ملڪ جي تعليمي بقا هئي, اهو ئي سبب آھي جو اڄ دنيا اندر جاپان ٽيڪنالوجي جي ڊوڙ سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو پر اسان جي ملڪ جا استاد پنهنجي حقن جي حاصلات لاء سراپا احتجاج نظر اچن ٿا ۽ اسان جي خلفاء راشدين جي پيروڪار سڏائيندڙ ۽ علم روشني جو نعرو لڳائيندڙ حڪمران جماعت انهن استادن مٿان تشدد ڪندي نظر اچي ٿي.هڪ طرف اهي قومون ۽ اھي حڪمران آھن جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائن ٿا ۽ ٻئي طرف اسان جا حڪمران جيڪي پارلياماني اجلاسن ۾ يا ته شرڪت ئي ڪون ڪن يا ڪرسي تي ننڊون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ اسان جي بي ضمير عوام خيراتي ڪارڊ هٿ ۾ کڻي انهن اڱوٺي ڇاپ حڪمرانن اڳيان ڪُڏندي نظر اچي ٿي. ڇا هي قوم ترقي ڪري سگهندي?? هرگز نه.ڪنهن به علائقي يا ڪنهن به اداري اندر جڏھن ڪي اهڙا اڻ وڻندڙ يا نقصان پهچائيندڙ واقعات پيش اچي ويندا هجن جن کي منهن ڏيڻ ۽ حل ڪرڻ تمام ضروري ٿي پوندو هجي ته ان علائقي يا اداري اندر ايمرجنسي نافذ ڪئي ويندي آھي ته جئين ترت اپاءُ وٺي حالات کي قابو ۾ آڻي وڏي نقصان کان بچي سگهجي, پر سنڌ حڪومت طرفان تعليم کاتي اندر نافذ ڪيل ايمرجنسي کي سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي پر تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو پيو وڃي,ان جو سبب معلوم ڪرڻ کان بحرحال آئون قاصر آھيان.
هن وقت صوبي اندر پنج هزار جي لڳ ڀڳ اسڪول بند پيل آھن, سيمس(SEMIS) جي گذريل رپورٽ مطابق صوبي ۾ تقريبن 41131 پرائمري, 2329 مڊل, 1696 سيڪنڊري ۽ 128 جي لڳ ڀڳ هائر سيڪنڊري ادارا موجود آھن, انهن منجهان ڪنهن کي ديوارون ناهن,ڪن کي ڇت ناهي, ڪي زبون حال ۾ آھن ته ڪن اسڪولن کي بلڊنگ ئي ناهي, جيڪي آھن انهن منجهان تقريبن 98 سيڪڙو ادارا ته بجلي کان ئي سهولت کان ئي محروم آھن.
گزريل مالي سال کان هن سال تعليم جي بجيٽ 144.5 بلين منجهان وڌائي 160.7 بلين ڪئي وئي, جيڪو تقريبن 11.2 سيڪڙو جو واڌارو ٿئي ٿو, انهي ڪُل بجيٽ جو اگر 50 سيڪڙو به ايمانداري سان تعليمي بهتري لاء خرچ ڪيو وڃي ته يقينن سنڌ جي تعليمي شرح ۾ 48 سيڪڙو کان ڪجھ نه ڪجھ واڌ ضرور اچي سگهي ٿي.
ٻي هر ڳالھ کان هٽي ڪري ڏٺو وڃي اسان جو تعليمي نصاب سالن کان تبديل نه ٿي سگهيو آھي, اهو ئي نصاب جيڪو اسان جا استاد پڙهيا, اهو ئي اسان کي پڙهايائون ۽ آئون سمجهان ٿو ته اگر اهڙا ئي نا اهل حڪمران رهيا ته اهيو نصاب اڃان 7 کان8 پيڙهين تائين پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو,ڇا انهي حال سان اسين انهي دنيا جو مقابلو ڪري سگهون ٿا جيڪا چنڊ تي آباد ٿيڻ جا خواب پئي ڏسي ۽ يقينن ڪامياب ٿيندي, پر اسين سنڌي مادي جون اهي ئي ٽي حالتون نهرو,پٽڙو ۽ گئس پڙھندا رهنداسين ۽ اسان جو وزير اعلي صاحب هڪ دفعو وري اجلاس ۾ اعلان ڪندي نظر ايندو ته تعليم ترقي جي ڪُنجي آھي

نئين ٽھي جو نوجوان ليکڪ درياخان جهتيال (حميدشڪيل/ڪي اين شاھ)



انسان پنهنجي  عقل ,دماغ ۽ڏاھپ ذريعي ساروڻيون سٽن ۾ سٽيندو آھي جيڪي تاريخ بڻجي دنيا تائين ڦھلجي وڃن ٿا انهن مان ڪي ماڻھون مزاحمتي ۽ انقلابي طور تي ظاهر ٿين ٿا, اهڙي طرح درياھ جي ساڄي ڪنڌي ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ سوشل ورڪر دريا خان جهتيال نئين ٽھي جو نوجوان قلمڪار پنهنجي قلمي فن ذريعي سنڌ جي حال ۽ مسقبل جو اڀرندڙ نئون سج بڻجي رهيو آھي دريا خان پنهنجا ڏک سور,درد, پيڙائو سيني ۾ دفن ڪري سنڌ ڌرتي واسين لاء دردن جو درمان بنجي سور سختين پريشانين جي پرواھ نه ڪندي اوجاڳيل اکين مان وهندڙ رتاون ڳوڙھن کي قلم جو مس بڻائي سونن ورڪن مٿان مسڪين اٻوجھ ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين لاءجڏھن مضمون, خط آرٽيڪل ۽ ڪالم لکي ٿو ته ان مهل سندس لڱن ۾ ٿڌاڻ پيدا ٿيندي آھي کڻي ايئن چئجي ته هن جي روح کي سرور ملي وڃي ٿو جنهن وقت اعلي ايوانن تائين قلم وسيلي مسڪين ماروئڙون جو آواز پهچي ٿو جيڪي ڳاڙھن ماڙين جي ديوران ۽ حويلين ۾ گونجن ٿا  کاهوڙي ۽ جاکوڙي ڪردار درياھ خان جهتيال جون لکڻيون هميشه ساراھ جوڳيون ۽ قابل تعريف رهيون آھن  هن  جي لکڻين ۾ سگھ ھوندي آھي  پنهنجي تجزيي کي اهڙي نموني پيش ڪري لکي ٿو جو عام ماڻھون به ان جي درد ڀري ڪهاڻي سمجهي سگهي ٿو هن جي لکڻ جو انداز سڀ ڪنهن  کان مختلف ۽  نرالو هوندو آھي هر روز نئين موضوع ,حق سچ تي  ٻڌل نون خيالن سان پڙھڻدڙن کي اخباري دنيا ۾ ملي ويندو آھي چاهي اهو پوليس جي بيواجبين خلاف هجي يا ڪرپٽ ڪامورا, ڪرپشن, پٺ تي پيل علمي تعليمي ادارا, زراعت جو پاڻي وقت سر تي نه ملڻ خلاف, عوام کي سرڪاري اسپتالن مان لاڀ حاصل نه ٿيڻ , ترقياتي ڪمن ۾ مسڪين ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ, ڌرتي ڌڻين کي زندگي جون  سهولتون مهيا نه ٿيڻ, سنڌ ۾ دهشتگردي ,ظلم ,جبر ڏاڍ ,سماجي بُرائن سميت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙن ۽ پنهنجي جنم ڀومي جي معدني وسيلن سان هٿ چراند ڪندڙن خلاف پنهنجي قلم کي حق سچ تي هلڻ لکڻ جو  عادي بڻائي ڇڏيو , مسڪين , اٻوجھ ۽ بي سهارا ماڻهن جو آواز بڻجي عوام جون دليون کٽي ورتيون,  جنهن جي لکڻين مان عام ماڻھون سبق حاصل ڪندو رهي ٿو  ۽ ھن جا لکيل آرٽيڪل چاهي اخباري هجن يا سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيل  ھجن ٿا ته انهن ۾ وڏي سمجهاڻي سان گڏ مظلوم ماڻھن جو  درد ڀريو آواز سمايل هوندو آھي, هن هلندڙسماج ۾  ريتن ,رسمن, رواجن ,سوچن, خيالن ۽ سماجي قدرن جو عڪس آھن جيڪي هڪ اهم حيثيت رکن ٿا انکان علاوه ڪچهري جو مور ۽ محبتن جا محفل مچائي کل خوشين سان دوستن  سان روح رهاڻيون ڪرڻ  ھڪ محبوب دوست سان گڏ سچو انسان قول فعل تي پورو لهڻ سڪ چاھ محبت سان پيش ايندڙ درياھ دل هر ماڻھون جو مرڪز رهي ٿو  انساذات جي خدمت ڪرڻ وقت ڪڏھن به نه ڪيٻايو آھي, هن جو قلم ۽ لکڻ سان ايڏو ته چاھ ھوندو آھي جيئن ساھ ۽ جسم جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي وري ايئن ئي ناليوارن اديبن, شاعرن , محققن, ليکڪن  ۽ اديبن جا ڪتاب مطالعو ڪري پنهنجي سيني ۾ سانڍي خوب خوش ٿيندو آھي, هوئن به چوڻي ۾ آھي ته سچ يا حق جو ڦڙو مسلسل فڪر ۽ تجربي  کانپوء علم پرائڻ نفس ۽ اخلاق جي درستي بعد اچي ٿو جنهن سبب ماڻھون ڪامياب ٿيئي ٿو دريا خان جي ڪاميابي انهن اهم جزن جي ڪري ٿي اها ڪاميابي هر ڏکيائي ۽ للڪار کي قبول ڪري سڀني ۾ آزار جا عنوا رکڻ جي باوجود کلي آڌر ڀاءُ ڪري منهن تي هر وقت مرڪ آڻي مرڪندو رهي ٿو سچائي،ايمانداري،انسانيت ڌيانتداري هر انسان جي وجود ۾ ناهي هوندي ڪنهن ڪنهن ماڻھون جي اندر ۾ اهڙيون ڪيفتيون جنم وٺنديون آھن جيڪي کيس تخليڪاريء ۾ مختلف انداز ۾ ظاهر ٿينديون آھن فقير منش, سادي طبيعت کندڙ ۽ انسانذات جي خدمت ڪندڙ محترم غونس جهتيال جو فرزند دريا خان جهتيال  اهڙن سچن سپوتن مان هڪ آهي جنهن ۾ ڪيترائي گڻ ۽ خاصيتون آھن هڪ باصلاحيت جاکوڙي ڪردار  انسان دوست، ھمدرد، ايماندار،محبتون ونڊڻ ۽ جنهن جي مرڪڻ سان گلابن جا گل ٽڙي مهڪي  پوندا آھن هن جا پرستار ته سون جي تعداد ۾  آھن پر مان به ان ۾ شامل آھيان, هر وقت پنهنجن دوستن سميت سڀني ماڻھن کي سٺن ڪمن لاء اتساهيو آھي ۽ ڪيترائي نوجوان پنهنجا شاگرد ٺاهيا جيڪي پنهنجي حصو جو ڪم ڪري رهيا آھن

تباهي جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ (نادر ڀٽي)




      علم انسان جي ٽئين اک آھي، انسان ٻن اکين جي نور کان محروم ٿي وڃي ٿو، پر ان جي شعوري اک ھميشه علمي بصيرت سان روشن ٿيندي آھي، سنڌ ۾ تعليم کي واپار بڻايو ويو آهي ۽ ڪا سائين به پنهنجي اصل ڪرت ڇڏي خانگي اسڪول کولي ڇڏيا آهن ، جنهن مان اهي ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن ، هي هڪ ڪڙو سچ آهي ، جيڪو اسان جي من اندر کي وڍي ڪپي ٽڪي رهيو آهي ، سنڌ جي تعليم کي جيڪڏهن مڪمل طور تباهه شده قرار ڏجي ته اهو غلط نه هوندو ، سرڪاري ادارا گهڻي ڀاڱي غير فعال آهن نه صرف انهن ادارن ۾ معياري تعليم موجود ناهي ، پر انهن جون عمارتون به ڀوت بنگلا بڻيل آهن ،  اسان ڳالهه پنهنجي سنڌ جي تعليمي نظام جي پوئين دور جي جائزي وٺڻ جي ڪري رهيا هئاسون ، انهيءَ جائزي لاءِ ڪا ڊگهي ڪاوش ڪرڻ جي ضرورت اسان کي ان ڪري به محسوس نٿي ٿئي جو موجوده تعليمي حالت جي حوالي سان ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي ، سنڌي سماج جي سڀني طبقن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته هينئر اسان جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي ، بلڪه ان کان اڳتي هي به تاثر آهي ته تباهي اهڙي پڌ تي پهچي وئي آهي جو موجوده حالتن ۾ ان جو هئڻ يا نه هئڻ برابر جي ڳالهه آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ان تعليم جو موجوده نظام اسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ، هن مختصر نشست ۾ تعليمي نظام جي موجوده تباهيءَ جي منظر کي پيش ڪرڻ کان وڌيڪ اهميت هن ڳالهه کي ٿا ڏيون ته ان جا ڪارڻ جاچيون . جڏهن اسان ڪارڻن تي ٿا اچون ته گهڻ رخا ڪارڻ اسان سامهون ڪر کڻي بيهڻ ٿا . انهن مان هڪڙا ته سڌا سنوان ڪارڻ آهن ۽ ٻيا پڻ اڻ سڌا ،  هو ان سان سماج ۾ سوجهرو ڦهلائيندو رهي ٿو، مون چڱي ريت ياد آھي ته اهي خواب يادگيريون جيڪي مون پنجون پاس ڪري پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول طرف روزانو 4 چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اسڪول پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي نراشي نه پر خوشي محسوس ڪندو هئس، اهي تمام گهڻين خوشين جا ڏينهن هئا، جڏهن پنجون پاس ڪري ڇهين درجي ۾ پڙھڻ وياسين ته استاد صاحبان انگريزي ۽ سنڌي کي ملائي پڙھائيندا هيا، انهي دور ۾ استادن جو دٻدٻو ٻيو هيو، اهي ڏينهن جڏھن تعليمي ادارن کي اڃا خانگي اسڪولن جي اڏوهي ڪين کاڌو هيو، اهي ڏينهن ڪجه اھڙن ڏينهن مان هيا، جڏھن استاد صاحب ڪوچنگ سينٽر يا ٽيوشن جي وڻ ويڙھي ۾ ڪين ويڙھيو، هر استاد صاحب بنا لالچ لوڀ جي پڙهائيندو هيو، شاگرد پنهنجي استاد کي تخيلقي طور هيرو بڻائي پنهنجي سوچن کي علم جي مها ساگر ۾ لاهيندو هيو، اصل علم آھي جو دل دماغ تي اثر ڪري توهان کي هر شيءَ جي قدر ۽ شناس بخشي توهان ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ حوصلو پيدا ڪري توهان کي متفق ڳالهه جي سمجهائڻ ۽ مڃائڻ جو فن سيکاري علم ۽ قابليت کي سنواريندو آھي، ان مان خوبصورتي پيدا ڪندو آھي، علم ماڻھو ۾ اها سگھه پيدا ڪندو آھي، جنهن سان هو پنهنجي ڪٽنب، پنهنجي علائقي ۽ پوري انسان ذات جي ڀلائي جو هڪ وسيلو بڻجي ويندو آھي، جن ملڪن ۾ علم عقل جو اهڙو ثمر کاڌو آھي، اهي اڄ ترقي طرف آھن، جن علم کي صرف ڊگري تائين محدود رکيو آهي، اهي اڄ ڏينهن تائين ڌڪن ٿاٻن ۾ آهن ۽ انهن مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي، ڏکن جي ماريل هن ڏيھه سنڌ مان تعليم جو وکر جڏھن کان بازار جو وکر ٿيو آھي ته علم مان اهو مان مرتبو ختم ٿي ويو، جئين ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي آھي، استاد پنهنجي اعلي پيغمبري ڪرت کي چند ٽڪن عيوض وڪڻي ڇڏيو آھي، اسان جي سماج ۾ هن وقت استاد جي عزت وڌيڪ ناهي رهي، ڏسندي ڏسندي سنڌ جي تعليم ائين تباهي طرف وڌي پئي آهي، هٿ وٺي پرائمري ۽ هاءِ اسڪولن کي تباهه ڪيو ويو، ڪاليجن ۾ هڪ عجيب قسم جي صورتحال پيدا ڪئي وئي، جتي تقريري مقابلا ٿيندا هيا، بحث مباحثا پيا ٿين، اتي صرف اج داخلا جا فارم ملن پيا، باقي سڄي صورتحال اوهان جي اکين آڏو آھي، ڪاليج جا استاد پنهنجا پنهنجا ٽيوشن سينٽر کولي ويٺل آهن، بحرحال جتي اڳ شاگرد علمي اڃ اجهائيدو هيو ۽ لائبريري تي ڪتب خانه هيا، پاڻ هر ماڻھو سروي ڪري ڏسي جتي اسڪول ڪاليج جن ۾ ڪتب خانن جا تالا زنگ کائي ويا آھن، ڪتابن ۾ اڏوهي پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا آھن، جڏھن کان تعيلم۾ خانگي اسڪولن جو اضافو ٿيو آهي، تڏھن کان اهم آدرشي استاد ۽ علمي استاد شاگرد اڻلڀ ٿي ويا آهن، جئين ڪاڇو ۾ مينهن جي وسڪاري کان پوءِ کنڀيون هڪ ئي رات ۾ ڦٽي پونديون آھن، اسان وٽ خانگي اسڪول به ائين ڦٽي پيا آھن، تعيلم کي هڪ وکر بڻايو ويو آهي، هر ننڍي وڏي پاڙي ۾ اسڪول کوليو ويو آهي، هر شھر جي سڃاڻپ خانگي اسڪول ٿي رهيا آھن، اهڙي ريت اهڙن اسڪولن کي تعليمي ادارو چوڻ سان انصاف ڪونه ٿيندو، جڏھن کان سرڪار تعيلم کان ڌيان هٽايو آهي، تڏھن کان هي گروه منظم ٿي ويا آهن، هاڻي خانگي اسڪول ۽ ٻيا تعيلمي ادارا مافيا جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، مان پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي لکان پيو ته جيتري ڳاٽي ٽوڙ فيس ٻارن کان ورتي پئي وڃي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ انهن ادارن جي استادن، ملازمن کي ملندڙ اجورو تمام گهڻو گهٽ آهي، جيڪڏهن اهي خانگي ادار نه هجن ها ته اڄ تعيلم جو اهڙو حشر نه ٿئي ها، سنڌي ٻولي سان اهڙو حشر ڪيو اٿن جو اوهان ڪنهن به خانگي اسڪول ۾ وڃو، پهرين ڳالهه ته اتي اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌي مضمون سبجيٽ پڙهايو ويندو آهن  اسان سنڌي تعليم جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن کان اڳتي هياسين، پر اج ڀلي ڪير ڇا به چوي پر اسان سنڌي تعيلم ۾ پوئتي آھيون، ان جو سبب سنڌ سرڪار جي نااهلي آھي، سرڪار کي اپيل آھي ته هي سڀ ادارا سرڪاري ڪيا وڃن، اج خانگي اسڪولن جا ٻار اوهان اخبار کڻي وڃو پڙھي نه سگهندا، هي وائيٽ ڪالر ڪرائم هاڻ بند ٿيڻ گهرجي سنڌ سرڪار کي پنهنجي تعيلمي ادارن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنهنجي عروج کي بحال ڪرائي جيڪو ڪڏھن شاندار ماضي هيو، خانگي اداران کان فيس جي روش گھٽائڻ گهرجي، انهن اسڪولن ۾ استاد مردن ۽ عورتن کي خيرات جي نالي پگهار ڏيڻ بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن نظر ڦيرائينداسين ته اهڙا انگ اکر وڏي مقدار ۾ ملندا، اسڪولن جي فيس جائز هجي انهن ۾ اضافو جهڙي ريت سال ۾ 5 سيڪڙو ڪيو وڃي ٿو، خانگي اسڪولن ۾ يونيفارم ڪاپين اسٽيشنري جي نالي غريب ٻارن جي والدين کان لٽ مار بند ٿيڻ گهرجي، ان ۾ ئي تعليم جي بهتري ٿيندي ۽ ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته اسان ۾ هاڻي ايتري سهپ نه رهي آهي، جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا ڪجهه وقت جاري رهيو ته بيشڪ سنڌ جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي ويندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار کي اک کولڻ گهرجي

ڇا لکجي...؟؟؟ (غلام مصطفيٰ جمالي)



ڇا لکجي ڪنهن تي لکجي.ڪنهن لاءِ لکجي.اسان جو هانُ هاڻ سڙي پيو آهي،ڇوته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي ڄُنڊا پٽ واري سياست مان فهرست ئي نه ئي پئي ملي،عمران خان چوي پيو ته نواز شريف خراب آهي ۽ نواز شريف عمران جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ پورو آهي،سنڌ حڪومت چئي ٿي ته اسانکي حق نه ملي رهيا آهن ۽ عوام جون به اهڙيون ئي آهن ته سندس حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي،پاڪستان جي سينٽ جي چونڊ جي نئي فشري ملڪ جي سياست اندر وڏي هاءِ گهوڙا مچائي ڇڏي آهي،انهي سموري صروتحال اندر رڳو ڏسڻو اهو آهي ته حڪومتون ڇا پيون،ڇا حڪمران عوام جي حقن جو تحفظ ڪري رهيا آهي ڇا اهي عوام جي رليف مهيا ڪري رهيا آهن،ڇا عوام سان انصاف ٿي رهيو آهي يا انصاف جي سمورا در بند آهن،سنڌي قوم جو ڪجهه نصيب ئي اهڙو آهي،اڄ جا نوجوان نواز شرييف ۽ عمران جي جهيڙي جي لکڻ جي فخر محسوس ڪندا آهن ۽ وڏي حام هڻي چوندا آهن ته اسان ڪرنٽ اشوز تي لکي رهيا آهيون،پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته انهن جي اڳيان سموري سنڌ جا ڪروڙين مسئلا سامهون آهن،جن تي هوُ لکڻ لاءِ تيار ناهن،،سنڌ ۾ وڌندڙ مارا ماري ڪارو ڪاري جهڙيون ڪنيون رسمون اڃان به ختم ناهن ٿيون.جن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ اڃان اونڌاهين واري دور ۽ پٿرن واري دور مان گذري پئي،جڏهن ته اڄ جا سياستدان انهي دور جي جديد دور چئي ڪري الائي ڇا ثابت ڪرڻ ڪرڻ ٿا چاهين،سنڌ جي مقدر ۾ رڳو لاش آهن، پر اهو ضروري ناهي ته جن جي مقدر ۾ لاشا هجن اهي فتح ناهن ماڻي سگهندا...!  پر اهو به سچ آهي ته فتح هميشه لاشن ۾ لڪل هوندي آهي، جڏهن ڌرتي جي ڪونڌر ڪسبا آهن، جڏهن ڪربلا جون يادون تازيون ٿينديون آهن، جڏهن ڀيڻ جا پلو لڙڪن جي موتين سان مالائون ٺاهيندا آهن، جڏهن جهوني  پيءُ جا ڪنڌ نوجوان پٽن جي لاشن جا بار کڻڻ لاءِ  خوشي مان اڳ ٿيندا آهن، جيڪي مائرو پٽن جا لاش مرڪندي  گهر مان الوداع ڪن ٿيون، انهي ڌرتي تي فتح جي صبح جا آثار ،صبح جي ڪرڻن وانگر مرڪندي ڀرندا آهن، اهڙي ئي ڌرتي آهي جتي جون مائرون اڄ به پنهنجون جهوليون خالي ٿيندي ڏسي رهيون آهن جتي جا پوڙها پيءُ اڄ به ڪونڌر ڪلهن تي کڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو اچن..جت ڀينريون ڀائرن جون ساٿي بڻجي گهر مان گهوٽ سمجهي لاشن کي روانيون ڪن ٿيون.... ها اها ڌرتي “سنڌ” ڌرتي آهي ،جتي ماني جي ڳڀي گهرڻ لاءِ موت ملي رهيو، جتي انڌن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جون حڪمرانيون هجن،سنڌ جي معصوم عوام جي حقن جو آواز سنڌ ۾ ڇو پيو دٻايو وڃي..ڇو..؟ ڇا پنهنجو حق وٺڻ ڏوهه آهي...؟پنهنجي ديس واسين جي دردن جو بار حلقو ڪرڻ لاءِ حق وٺڻ مان سمجهان ٿو ته ڪو جرم ناهي..؟اسان کي ڪهڙا ته سک مليا آهن.؟ هن ڌرتي تي ڪير ٻڌائيندو...؟ اسان جي حقن تي ڌاڙا ڪنهن کان ڳجها آهن..؟ پر افسوس آهي جو ڪير اسان جو ناهي جيڪو اسانجي دردن جو  ڪتاب پڙهي انهي جي ورق ورق جو حساب ڪير ڪري، مظلوم ماڻهن جي مالڪي ڪير ڪري..! ڪير آهي جيڪي روئندل اکين جا ڳوڙها اگهي.. ڪير آهي جنهن کي ترس اچي. اسان زندگي جي الاءِ ڪهڙي موڙ تي اچي پهتا آهيون خبر ناهي اسان جي منزل ڪٿي آهي ۽ اها به خبر ناهي ته اسين ڪهڙي راهه جا مسافر آهيون اسان جي اکين مان ننڊون رسي چڪيون آهن اسانجي رهبرن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي اسان وسنڌين ۾ هوندي به رڻن جا راهي آهيون اهي رڻ جيڪي سفرن جي لائيڪ ئي ناهن اسان پنهنجي اکين اڳيان موت جا هزارين منظر پنهنجي اکين جي آرسي ۾ بند ڪري ڇڏيا آهن اسان پنهنجي معصومن جي تن جا  بنا ڪپڙن جي ڪاڙهن کي ڪڙِيل زّخم ناسور ٿيندي ڏٺا آهن .اسان جي همت اسان جا حوصلا پست ٿي چڪا آهن اسان جيڪي تنهائن جي سفرن جي نڪتل هئاسين سي هاڻي اڌ راهه رلي ويا آهيون اسان پنهجون منزلون وڃائي ويٺا آهيون اکين جو نور هوندي به پاڻ کي انڌا محسوس ڪري رهيا آهيون ڪنن جي پڙلاُاو هوندي به ڪنن کان ٻوڙا آهيون اسان کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته اسين ڇا ڪريون اسان ڪيڏانهن وڃون. اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن.وڌندڙ دهشتگردي،ماراماري،ڦرُ،ڌاڙا،ڪارو ڪاري،بم حملا هر طرف غربت آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ آهي. تعليم هجي يا تجارت ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو. اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. سنڌي قوم سنڌ ڌرتي تي جيڪا اڄ ڌڻي هوندي به بي ڌڻي بڻيل آهي .جتي اڄ ڪو به محفوظ ناهي رهيو. جت ماڻهو مارڻ آسان ۽ ماني ڳڀو ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جت ڀوتار شاهي مظلومن جون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ بجاءِ ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏي، جتي جي نياڻِين جي چولن کي چتيون لڳل هجن ۽  سامراجن جا ڪتا به ڪڪڙ کائن.. انهي ڌرتي جي عوام رت نه روئيندي ته ٻيو ڇا ڪندي. پر انهن رڙين ۽ ڪوڪن جو اثر ڪنهن تي ڇو نه ٿو ٿئي..!ڇا.؟هت واقعي انڌن ٻوڙن جي حڪومت آهي پر نظرياتي طور ڏسجي ته جيڪو حق قومن جو آهي اهو سڀ حق هڪ جهڙو آهي. پوءِ اهو چاهي سنڌي هجي پنجابي هجي پٺاڻ هجي يا مهاجر هجي بلوچي هجي پر ڏسڻ ۾  اهي پيو اچي ته اقتدار جون واڳون سنڀاليندڙن جي نظر صرف سنڌين تي نه ٿي پوي.. يا انهن جي اکين جي نقشي مان سنڌ ۽ سنڌي لفظ جي نقش کي مٽايو ويو آهي. هي وقت صبر جو آهي هن وقت سنڌ تي هڪ  وڏو امتحان آهي جنهن ۾ گذرڻ ڏکيو ضرور آهي پر صبر به ضروري آهي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ تي سورن جي سج جي شام ٿيندي خوشين جي نئون سج اڀرندو. جنهن ۾ ڪا به اک لاهي نه هوندي جنهن لڙڪ جون قطارون نه هونديون. جنهن ۾ پوڙهي پيءُ جا درد نه هوندا، جنهن ۾ ماءُ جيجل جو جهول ماتم سان نه ڀربو، پر اهو وقت ضرور ايندو بس اکين کي آس ضرور آهي ۽ دعا آهي ته اهي سفر جي آخري مرحلي ۾ هجن جئين سنڌ مرڪي پوي