ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جي اوسيڙي ۾ ڀوتارن پڪيون ناليون ٺهرائڻ شروع ڪيو پر ڌير سان جنهن ڪري سڄي سنڌ سميت ضلعي ٺٽي جي شهر سميت ضلعي اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي آهي ضلعي ٺٽي جي مختلف واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ جي بهاني آبپاشي کاتي پاران اڻ اعلانيه طور اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي مسلسل ٻن هفتن کان بند هجڻ ڪري زراعت جي سخت متاثر ٿيڻ کانپوء پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پڻ شدت اختيار ڪرڻ لڳي آهي ساحلي پٽي سميت ضلعي جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ پيئڻ لاء به پاڻي اڻلڀ، عوام پريشان کي منهن ڏيڻ ۾ پئجي ويئي آهي سنڌ جي انتهائي پوڇڙ واري لاڙ واري خطي جي ضلعي ٺٽي اندر پاڻي جي پيدا ٿيل کوٽ تيزي سان وڌي شدت اختيار ڪرڻ لڳي آهي، جنهن سبب تاريخي شهر ٺٽو سميت ضلعي جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويئي آهي، ۽ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان بڻجي ويا آهن، ان سلسلي ۾ حاصل ڪيل رپورٽن موجب آبپاشي کاتي پاران بنا ڪنهن منصوبابندي جي هڪ ئي وقت تي ٺٽي ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ خاطر گذريل هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصي کان اڪثر شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بند ڪري شاخن کي پڪو ڪرڻ لاء سُست رفتاري سان ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڪلري بگهاڙ واهه مان نڪرندڙ اڪثر شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي فراهمي بدستور بند آهي، جن ۾ اله کئي مائنر، ٻائو پرنداس نالي ۽ اڏيرو برانچ مان نڪرندڙ گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ کي پاڻي فراهم ڪندڙ نصير واھ غلا ماللہ واھ ۽ کانٽي واھ ۽ ٻيون شاخون شامل آهن، جن ۾ آبپاشي کاتي جي انتظاميه مڪمل طور تي پاڻي جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي ۽ متبادل طور تي پاڻي جي فراهمي لاء منظور ٿيل ڪروڙين روپين جي اسڪيمن ۾ فنڊ مخصوص هجڻ باوجود بندوبست نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي اندر ربيع جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي، پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري زرعي فصل تباهه ٿيڻ لڳا آهن، ۽ اڪثر علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي تباهه ٿي رهي آهي، جنهن سبب آبادگار طبقو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ٺٽي ضلعي اندر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند هجڻ ۽ مڪاني ادارن پاران شهري علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي برقرار رکڻ خاطر واٽر سپلاء جي تلائن ۾ پاڻي زخيرو نه ٿيڻ توڙي ٺٽو ميونسپل ڪميٽي جي بدانتظامي سبب ٺٽو شهر سميت اڪثر شهري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سنگين صورت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، جنهن سبب ٽينڪر مافيا ۽ پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا جا جاوا ٿي ويا آهن ضلعي ٺٽي جي اڪثر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند هجڻ ۽ واهن کي پڪو ڪرڻ لاء شروع ڪرايل آبپاشي کاتي جي اڪثر اسڪيمن ۾ غير معياري مٽيريل جي استعمال ۽ سُست رفتاري سان ڪم هلائڻ جون شڪايتون پڻ عام ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي جي ساحلي علائقن سميت پوري ضلعي اندر جرح جو پاڻي به ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ٻهراڙين جا رهواسي توڙي چوپايو مال به پيئڻ جي پاڻي لاء سِڪي رهيو آهي، اهڙي صورتحال جي باوجود آبپاشي کاتي جي اعلئ انتظاميه توڙي حڪومتي سياسي ڌرين پاران معاملي جو نوٽيس نه وٺڻ ۽ پاڻي جي بهتر تقسيم نه ٿيڻ سبب ٺٽي ضلعي جو عوام ٻٽي عذاب جو شڪار ٿي ويو آهي، هڪ طرف زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي ته ٻئي طرف پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري انسان توڙي چوپايو مال غير معياري پاڻي واپرائڻ سبب خطرناڪ قسم جي موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳو آهي ٻئي طرف وفاق جي ناانصافيون به شروع ٿي ويون آهن سموري سنڌ جيان ٺٽي ضلعي جي ساحلي توڙي ڪوهستاني علائقنتوڙي هڪ سئو کان مٿي ڳوٺن ۾ بجلي بند هجڻ ڪري ڪارنهوار ٺپ ٿيڻ لڳو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي گرمي ايندي ئي شرط بجلي گذريل هڪ مهيني کان وٺي حيسڪو انتظاميه بلاجواز ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ فيڊر جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انهن علائقن جا شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيئي رهيا آهن، بجلي بند هجڻ ڪري يوسيز جنگشاهي گجو ڪلري ۽ ڪوهستان جي شهري توڙي ٻهراڙي جي هڪ سئو کان مٿي ڳوٺن جا رهواسي بجلي جي عدم فراهمي سبب سخت متاثر زندگي گهارڻ تي مجبور آهن ۽ علائقن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي پر شهرين پاران بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود حيسڪو عملو هٿ وٺي بجلي چوري ڪرائي عام شهرين ۽ بجلي ادا ڪندڙ صارفين تي بجلي چوري جا الزام هڻي سندن بجلي بار بار ڪاٽي ڇڏين ٿا پر بد مست حيسڪو انتظاميه بلاجواز ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي تنگ ڪري رهي آهي ڳوٺاڻن توڙي شهرين جا سندن مطالبو جائز آهن بجلي جا بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي ويئي آهي هوڏانهن ضلعي ٺٽي جي سياسي سماجي علمي ادبي ڌرين سميت ڪوهستاني توڙي ساحلي پٽي جي رهواسين وفاقي حڪومت کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
-
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندڙ مينڌرو سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي هڪ وفد ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر شيخ اختر حسين...
-
شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه عورتن بابت ڪجهه هيئن به چيو ته عورت کي اهي تمام بنيادي حق ڏنا وڃن جن تي مردن جو حق آهي عورت کي برابري پڻ حاصل آ...
-
سونهاري سنڌ علم ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا ،ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي انهن منجهه بزرگ ، ولي ،عالم ، اديب...
-
ميرپور ماٿيلو رپورٽر افضل ڪولاچي ميرپور ماٿيلو ويجھو جروار ۾ مھراڻ پبلڪ اسڪول جي ماستر جو ھندو برادري سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي کي لو ليٽر لک...
-
ميرپورخاص ( رپوٽ خير الدين چانڊيو ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو مهم جي ڪاميابي لاڳاپيل ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سان...
-
شڪارپور کي ماضيءَ ۾سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي، وادي مهراڻ جو قديم۽ تاريخي شهر، سکر کان 24 ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ...
-
عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ، عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ ، موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ، ذڪر چپ، ۽ف...
-
پنجاب اسيمبلي مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مون کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ آزاد اميد...
No comments:
Post a Comment